سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :12

خديجه انصاري

 

عالمي معياري ڪتاب نمبر ۽ سنڌي اشاعتي ادارا

تعارف:-

وڌندڙ آبادي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ايجاد، شايع ٿيندڙ مواد جي ڀرمار، سماج جي ترقيءَ جهڙين ڳالهين تي نظر رکندي قومي ۽ بين الاقوامي  سطح تي جلد از جلد سڃاڻپ ۽ انگ اکر حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا ته جيئن مختصر۾ مختصر معلومات مان مڪمل شناخت يا سڃاڻپ ملي سگهي. ماڻهو جي سڃاڻپ لاءِ شخاختي ڪارڊ نمبر مان جلد از جلد اها معلومات ملي ٿي ته هي فرد ڪهڙي ڳوٺ، ضلعي ۽ صوبي سان تعلق رکندڙ آهي ۽ ڪيتري عمر اٿس وغيره.

        ڪتابي دنيا به هڪ وسيع دنيا آهي، اڄ ڪلهه هزارين اشاعتي ادارا پوري دنيا ۾ قائم ٿيل آهن. اهي هر سال سوين ٻولين ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪتاب ڇاپي پڌرا ڪن ٿا. انهن ڪتابن جي سڃاڻپ لاءِ قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي هڪ نظام رائج آهي. انهيءَ نظام تحت هر ڪتاب کي الڳ” عالمي معياري ڪتاب نمبر“ مخصوص ڪيو ويندو آهي، هي عربي نمبرن تي  مشتمل هڪ بين الاقوامي طريقه ڪار آهي جنهن جي ذريعي ڪنهن به جاءِ، زبان، شايع ڪندڙ ۽ ان جي ايڊيشن کي مخصوص نمبر سان سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي ۽ ان نمبر سان ان ڪتاب جي سڃاڻپ جلد ۽ آسانيءَ سان ٿي سگهندي آهي. هن سرشتي کي International Standard Book Number چئبو آهي، جنهن جو مخفف I S B N آهي. هن نمبر جي ذريعي ڪتاب جي باري ۾،ڪتاب جي ليکڪ، ڪتاب شايع ڪندڙ فرد، جماعت يا گروپ، مُلڪ جنهن مان ڪتاب شايع ٿيو آهي، ۽ ڪتاب شايع ٿيڻ جي سال جي ڄاڻ مخصوص ٿيل I S B N  نمبر جي ذريعي حاصل ٿئي ٿي. I S B N  نمبر شايع ڪندڙ ( پبلشر) کي الاٽ ڪيو ويندو آهي  نه ڪي پرنٽر کي.

تاريخي پس منظر:-

        حقيقت ۾ هن سرشتي کي سال 1960ع ۾ متعارف ڪيو ويو، جنهن وقت جي ڪتبخانن ۾ ڪتابي تجارت ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال عام ٿيڻ لڳو. ان وقت پبلشرن، ڪتاب فروشن ۽ لئبررين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ عالمي معياري ڪتاب نمبر هئڻ گهرجي. جيئن ڪتاب ۽ ان جي مخصوص ايڊيشن، ملڪ زبان، عنوان ۽ شايع ڪندڙ جي آساني سان سڃاڻپ ٿي سگهي. 1966ع ۾ برلن ۾ ڪتابن جي ڳڻپ لاءِ هڪ بين الاقوامي نظام تي غور فڪر ڪرڻ لاءِ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي. 1967ع ۾ برطانيه جي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار اسٽئنڊرڊ ان ڏسيل نظام کي بين الاقوامي طور تي استعمال ڪرڻ طور تي استعمال ڪرڻ جي امڪان جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ ٺاهيو، جنهن جي سيڪريٽرٽ برٽش اسٽيڊرڊ انسيٽيوٽ ۾ قائم ڪئي ويئي. سال 1967ع ۾ برطانيه هن عالمي معياري ڪتابي نمبر کان دنيا کي متعارف ڪرايو.

ميمبر ملڪ :-

        1972ع ۾ برلن (وفاقي جرمني) هن نظام جي بين الاقوامي عالمي ايجنسي قائم ڪئي ۽ هر ميمبر ملڪ ۾ به هن جي ايجنسي موجود هوندي آهي. هي نظام دنيا جي 97 ملڪن تائين ڦهلجي چڪو آهي ۽ اٽڪل ٻه لک اشاعتي ادارا هن نظام ۾شموليت اختيار ڪري چڪا آهن. هن نظام جي وڏي ۾ وڏي خوبي هي آهي ته هن جي ايجنسي ٿيڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي في يا چندو نٿو ورتو وڃي.

عالمي ايجنسي جا مول متا:-

هن نظام پٽاندر عالمي ايجنسي هيٺان اهم ڪم سرانجام ڏئي ٿي.

(1) هر ملڪ ۾ انهيءَ نظام جي عمل جي نگراني ڪرڻ.

(2) پبلشرن جي گروپ جي شناخت جي منظوري ڏيڻ.

(3) پبلشرن جي گروپ کي شناختي نمبر جاري ڪرڻ.

(4) گروپ ايجنسين کي سندن حدن ۾ ايندڙ پبلشرن کي شناختي نمبر جاري ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪرڻ.

(5) عالمي سطح تي هن نظام کي عام ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ

(6) تمام پبلشرن ۽ اشاعتي ادارن جي ڊائريڪٽري شايع ڪرڻ.

 

دائره ڪار:-

” عالمي معياري ڪتاب نمبر“ گهڻو ڪري هيٺين قسم جي پڙهڻ واري مواد (Reading Material) تي لڳايو ويندو آهي.

(1) ڇپيل ڪتاب.

(ب) مائيڪرو فلمون، جن جوتعلق تعليم سان هجي.

(ت) مائڪرو ڪمپيوٽر جا سافٽ ويئر. مشين ايڊايبل پرنٽ آئوٽ (MARC) يعني مشين جي مدد کان سواءِ پڙهي نه سگهجن.

(ث) ڪتابن جون ڪيسٽون.

(ج) نابينائن جا ڪتاب

(ح) تعليمي فلمون ۽ منور تصويرون (Transparencies)

(خ) ساليانه ڪتاب، سلسله وار مونو گرافس ۽ ببليو گرافيز. پر هي نمبر ايفيمرل (Ephemeral) مواد تي نه ڏنو ويندو آهي، يعني جنهن جو مدو ٿوري وقت لاءِ هوندو آهي. انهي مواد ۾ گهڻو ڪري ڊائريون، ڪئلينڊر، اشتهاري مواد، آواز وارو مواد (Sound Recording)، تمثيلي ادب، اهي تصويرون جن جو تعلق ٿئيٽر سان هجي يا اهي تصويرون جيڪي بغير ٽائيٽل ۽ مضمون (Text) اچي وڃي ٿو.

عالمي معياري ڪتاب نمبر (I S B N) جي جوڙ جڪ:-    

        هن عالمي نمبر جي ڪوڊ نمبر جو هر هڪ انگ مقصد ۽ مفهوم رکي ٿو. هي نمبر ڪل ڏهن انگن تي مشتمل هوندو آهي،اهي ڏهه انگ وري چئن حصن ۾ ورهايل هوندا آهن ۽ انهن چئني حصن جي انگن جي وچ ۾ ٿوري وڇوٽي  هوندي آهي. هن نمبر جو پهريون حصو ڪنهن به ملڪ يا گروپ جي سڃاڻپ لاءِ هوندو آهي. ٻيو حصو پبلشرن لاءِ ٽيون حصو عنوان  لاءِ، ۽ چوٿون حصو چيڪ عدد (Checkdigit) لاءِ هوندو آهي.

        پهريون حصو، جيڪو مُلڪ يا گروپ لاءِ هوندو آهي اهو بين الاقوامي ايجنسي، جيڪا جرمني ۾ آهي ان جي طرفان ملڪ لاءِ جاري ڪيو ويندو آهي. اهي گروپ قومي، جاگرافيائي ۽ ٻولي تحت ورهايل هوندا آهن. ان کانسواءِ انهي نمبر جي انگن جو تعداد ان ملڪ مان شايع ٿيندڙ مواد جي تعداد مطابق ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ مان ڪتاب گهڻا شايع ٿين ٿا ته ان ملڪ جي سڃاڻپ واري پهرئين حصي جو نمبر ننڍو هوندو، جڏهن ته گهٽ ڪتاب شايع ڪندڙ ملڪ جي نمبر ۾ گهڻا عدد هوندا. مثال طور يورپ، ڪينيڊا، اقوم متحده کي شناختي انگ فقط ٻُڙي (0)، جڏهن ته جرمني کي (3)، انڊيا کي (81)، سري لنڪا کي (955)، ۽ پاڪستان کي (969)، نمبر مليل آهن. هي انگ هڪ کان ٽن نمبرن تي مشتمل هوندو آهي ۽ ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪندو آهي ته ڪيترا ڪتاب ڪنهن ملڪ مان شايع ٿين ٿا.

        ٻيو حصو اشاعتي ادارن (Publisher) جي سڃاڻپ جي علامت هوندو آهي. هي نمبر عالمي ايجنسي کان سواءِ قومي ايجنسي طرفان به جاري ڪيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ قومي ڪتبخانو (National Library) اسلام آباد قومي ايجنسي جا فرض سرانجام ڏيندو آهي. هن حصي جي نمبر جو تعداد به ڪتاب جي شايع ڪرڻ جي ڳاڻيٽي تي منحصر هوندو آهي. جيڪڏهن ادارو ٿورا ڪتاب شايع ڪري ٿو ته نمبر وڏو يا انگن جو تعداد گهڻو هوندو. سڃاڻپ نمبر جو ٽيون حصو ڪتاب جي عنوان يا ايڊيشن لاءِ جاري ڪيو ويندو آهي. هن جو تعداد به شايع ڪندڙ جي نمبر مطابق ڏنو ويندو آهي. هيءُ حصو ڪتاب جي عنوان يا خاص ايڊيشن  جي علامت هوندو آهي. اهو نمبر ٻئي ڪنهن ڪتاب جي ايڊيشن لاءِ مخصوص نه ڪري سگهبو آهي. هن حصي جي نمبر جي انگن جو تعداد جو دارومدار پهرين ۽ ٻئي حصي تي هوندو آهي. جيڪڏهن پهريان ٻئي حصا ڊگها هوندا ته هي حصو مختصر هوندو نه ته ٻي صورت ۾ انگ گهڻا هوندا. انهن ٽنهي حصن جي نمبرن جو تعداد هر صورت ۾ نون انگن تي مشتمل هوندو آهي.

        چوٿون حصو يا پرتالي عدد، جنهن کي انگريزيءَ  ۾ چيڪ ڊِجٽ (Checkdigit) چئبو آهي، عالمي معياري ڪتاب جو آخري حصو فقط هڪ عدد تي مشتمل هوندو آهي ۽ اڳين ٽنهي حصن جي دُرستي لاءِ حسابي جانچ پڙتال فراهم ڪندو آهي. هي حصو ٻڙي(0) کان ڏهن نمبرن تائين هوندو آهي هڪ انگ رکڻ لاءِ ڏهن جي عدد کي رومن انگن (X) ۾ لکيو ويندو آهي، جيئن هن نمبر جي علامت هميشه هڪ انگ تي مشتمل هوندي آهي.

ڪتاب تي هن نمبر ڇپڻ جا خاص هنڌ:-

        هي نمبر ڪتاب جي اهڙين نمايان مخصوص هنڌن تي ڇپيو ويندو آهي جيئن آسانيءَ سان نمبر جي معلومات حاصل ڪري سگهجي، جهڙوڪ .

(1) ڪتاب جي اندرئين سرورق (Title) واري صفحي جي پٺيان.

(2) ڪتاب جي آخري صفحي تي هيٺ

(ت) ڪتاب جي ڪَور (Jacket) جي پٺيان هيٺ

(ث) ڪتاب جي پٽي تي هيٺ.

پاڪستان جي قومي ايجنسي:-

عالمي معياري ڪتاب نمبر لاءِ پاڪستان ۾ قومي ايجنسي پاڪستان جو قومي ڪتبخانو اسلام آباد آهي. هن اداري هن نظام جي شروعات 16 مئي 1985ع کان ڪئي ۽ هن وقت تائين 373 پبلشرن کي عالمي معياري ڪتاب نمبر لاءِ ڪوڊ نمبر مخصوص ڪري چڪو آهي ۽ اٽڪل 7000 ڪتابن تي عالمي معياري نمبر لڳايو ويو آهي.

        ” پاڪستان ۾ هن نظام جي منصوبه بندي عالمي معيار ماڻڻ ۽ پبلشرن ۽ ڪتابي اشاعت جا انگ اکر رکڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. پاڪستاني پبلشرن کي چئن درجن A,B,C,D ۾ ورهايو ويو آهي.

        ”A“ درجي ۾ اُهي پبلشر جيڪي آئنده ڏهن سالن ۾ ڏهه هزار ڪتابن کان مٿي ڪتاب شايع ڪرائي سگهندا. انهن جو ڪوڊ نمبر (0) کان 1 نمبر تائين ٿيندو ۽ پبلشرن جي گنجائش 2 رکي ويئي آهي.

        ”B“ درجي ۾ هڪ هزار کان مٿي ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ ڪوڊ نمبر 29 کان 39 تائين، گنجائش 20 پبلشرن جي آهي.

        ”C“ درجي ۾ سوَ کان مٿي ڪتاب شايع ڪرڻ وارن جوڪوڊ نمبر 400 کان 799 ۽ گنجائش 400 پبلشرن جي آهي.

        ”D“ درجي ۾ ڏهن کان مٿي ڪتاب شايع ڪرڻ وارن جو ڪوڊ نمبر 8000 کان 9999 ۽ گنجائش 4000 رکي ويئي آهي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ ڪل پبلشرن 4422 کي ڪوڊ نمبر ڏيڻ جي گنجائش رکي ويئي آهي.

عالمي معياري ڪتاب نمبر ۽ سنڌي اشاعتي ادارا

        ننڍي کنڊ ۾ انگريزي راڄ شروع ٿيڻ سان ڪيتريون تبديليون آيون، جنهن جي پويان پرنٽنگ پريسن جو وڏو ڪردار هو، پر جيئن ته سنڌ ۾ انگريزي راڄ 1843ع ۾ شروع ٿيو، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ پريس ان کان پوءِ متعارف ٿي. پريس جي واهپي کان پوءِ سنڌ ۾ اخبارون جاري ٿيون ۽ ڪتاب ۽  رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن جي پويان سرڪاري مشينري جو وڏو هٿ هو.انگريزن جي راڄ جي ابتدا کان وٺي سندن پڄاڻي 1947ع تائين ڪيترائي سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ خانگي اشاعتي ادارا وجود ۾ آيا ۽ لاتعداد ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون شايع ٿينديون رهيون پر وقت سان گڏ اهي اشاعت گهر پنهنجي عروج تي پهچي بند ٿي ويا. پاڪستان 1947ع ۾ وجود ۾ آيو. پراڻن اشاعت گهرن جا مالڪ لڏپلاڻ ۾ ڀارت هليا ويا، جنهن ڪري اشاعتي ميدان تي اثر پيو اهو خالي ٿي ويو. انهيءَ جاءِ تي نئون ڍانچو اڏجڻ لڳو. انهيءَ ڏس ۾ سرڪاري سطح تي سنڌ سرڪار 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو، جنهن ٽماهي مهراڻ (1955ع کان ) سان گڏو گڏ ڪتابن جي هڪ جامع اشاعتي رٿا جوڙي. پاڪستان پبليڪيشن اشاعتي ادارو قائم ٿيو، جيڪو 1947ع کان ماهورا نئين زندگي ۽ ٻيا ڪتاب ڪراچي مان شايع ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ  سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي خانگي اشاعتي ادارا وجود ۾ آيا، جن انفرادي طور ڪتاب شايع ڪرڻ جون ڪوششون جاري  رکيون. خانگي  ادارن جي پويان ڪو واحد فرد هوندو هو جيڪو نه رڳو ڪتاب خود لکندو هو پر ڇپائي شايع به پاڻ ڪندو هو. اها صورتحال  مجموعي طور تي  اڄ به قائم آهي، پر انهيءَ هوندي ڪي اهڙا ادارا به آهن جيڪي وڏي ڳاڻيٽي تي مشتمل ڪتاب شايع ڪري چڪا آهن. گذريل پنجاهه ورهين دورن ڪيترائي ادارا وجود ۾ آيا ۽ بند ٿي ويا اڄ ڪلهه جيڪي نيم سرڪاري توڙي خانگي ادارا ڪتاب شايع ڪرڻ ۾ ڪو شان آهن، انهن مان ڪجهه اهم هيٺيان آهن.  

        (1) آر. ايڇ. احمد حيدرآباد، (2) آر. ايم فتح حيدرآباد، (3) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو،(4) ڀٽشاهه ڪلچرل سينٽرل ڪراچي/ حيدرآباد، (5) روشني پبليڪيشن حيدرآباد/ ڪنڊيارو، (6) سچائي اشاعت گهر دڙو، (7)  سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد، (8) سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد، (9) سنڌ گريجوئيٽش ايسوسيئشن ڪراچي، (10) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، (11) سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، (12) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، (13) سنڌي لينگوئيج اٿارٽي حيدرآباد، (14) سڳنڌ پبليڪيشن ڪراچي، (15) سنگم پبليڪيشن ڪراچي، (16) شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، (17) عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد، (18) گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، (19) محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائيٽي، (20) مڪتبئه اسحاقيه ڪراچي، (21) منصور پبليڪيشن حيدرآباد، (22) ناري پبليڪيشن حيدرآباد، (23) نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد،

        ڪافي ادارن ڪتابن جو هڪ سٺو نمبر شايع ڪرايو آهي. انهن جي اشاعتي سلسلي مان جن ادارن جا انگ اکر مليا آهن هيٺ ڏجن ٿا:

سنڌالاجي 165 ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي؛ سنڌي ادبي بورڊ 400 کان به وڌيڪ؛ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو 30؛ پاڪستان اسٽڊي سينٽر 17؛ نيو فيلڊس حيدرآباد 184؛ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 94؛ سنڌي ساهت گهر 70؛ گلشن پبليڪيشن 50؛ سچائي  اشاعت گهر دڙو 27 ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي 30 ڪتاب.

        عالمي معياري ڪتاب نمبر جي حوالي سان ڏسبو ته پاڪستان جي قومي ڪتبخاني 373 پبلشرن کي اهوڪوڊ نمبر الاٽ ڪري چڪو آهي، جن ۾ رڳو چار سنڌي ادارا آهن جن اهو نمبر حاصل ڪري پنهنجي اداري ۽ اشاعتن کي عالمي سڃاڻپ ڏياري آهي. انهيءَ ڏس ۾ چند پبلشرن سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته انهن انهيءَ ڳالهه کي مالي فائدي جي روءِ کان فائديمند نه هئڻ ڪري اهميت نه ڏيڻ جو خيال ظاهر ڪيو.  ڪن ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان حال ۾ نه ته مستقبل ۾ فائدو ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ جو ايندڙ وقت مڪمل طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ دور هوندو ۽اُنهن سهوليتن سان آسانيءَ سان مقابلو ڪري سگهبو.

        جن سنڌي اشاعتي ادارن هي نمبر حاصل ڪري ورتو آهي، تن جو مختصرتعارف هن ريت آهي.

(1) سنڌي ادبي بورڊ .

        سنڌ جو هاڪارو علمي ۽ ادبي ادارو سنڌي ادبي بورڊ اصل 1941ع ۾ ” سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان قائم ٿيو ۽ 1951ع کان سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي موجوده ڪم شروع ڪيائين. هن اداري جو مکيه مقصد سنڌي زبان، سنڌي ادب، سنڌي ثقافت، ۽ سنڌي تاريخ تي تحقيق ڪرائڻ ۽ ڪتاب ڇپائڻ آهي. هن اداري جا 400 کان به وڌيڪ  ڪتاب سنڌي، اردو انگريزي،پارسي ۽ عربي ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن اداري جا ٽي مستقل رسالا مهراڻ، گل ڦل (ٻارن لاءِ) ۽ سرتيون( خواتين لاءِ) شايع ٿين ٿا.

        سنڌي ادبي بورڊ کي 406-969 ڪود نمبر الاٽ ڪيو ويو آهي، پر ان جي ڪتابي اشاعت تي ان نمبر جي لڳائڻ لاءِ ڪابه لکپڙهه نه ڪئي ويئي آهي، جنهن ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي ڪنهن به ڪتاب تي نمبر لڳل نه آهي. ان ڏس ۾ قومي ڪتبخاني کي فارم ڀري موڪلين ته جيئن اهو سلسلو جاري ٿئي. ناشر جي حيثيت سان هي ”C“ زمري ۾ اچي ٿو.

(2) سنڌالاجي

        سنڌي ادب جو مايه ناز ادارو سنڌالاجي 1962ع ۾ سنڌي اڪيڊميءَ جي نالي سان وجود ۾ آيو. هن اداري جو مول متو سنڌ جي تهذيب ، ٻولي، ادب تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هي ادارو پنهنجي اندر ۾ هڪ وسيع دنيا رکي ٿو، يعني هن سان لاڳو ڪيترا شعبا آهن، جيئن ته ميوزم، انڊس آرٽ گئلري، اينٿراپالاجيڪل ريسرچ شعبو آڊيو وزيوئل شعبو، ريسرچ لائبرري، ڊاڪيومينٽيشن جو شعبو، بيورو آف پراڊڪشن پبليڪيشن اينڊ ٽرانسليشن. هر شعبو پنهنجي ڪارڪردگي ۾ نمايان ڪوششون ۽ مؤثر خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. هن اداري جي بيورو آف پراڊڪشن ۽ پبليڪيشن 1964ع کان اشاعت جوڪم شروع ڪيو ۽ هيل تائين 165 ڪتاب سنڌي، اردو، انگريزي پنجابي ۽ عربي زبانن ۾ شايع ڪرائي چڪو آهي. هي ادارو ڪتابن کان علاوه سنڌي زبان ۾ ” سنڌي ادب“ ۽ انگريزي ۾ سنڌالاجيڪل اسٽڊيز(Sindhological Studies) شايع ڪندو رهيو آهي.

        سنڌالاجي سنڌي ادب جو پهريون ادارو آهي جنهن نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ ان ڏس ۾ سڀ کان اول قدم کنيو. 17 جولاءِ 1985ع ۾ قومي ايجنسي اسلام آباد کان ناشر جي حيثيت ۾ڪوڊ نمبر 405 حاصل ڪيو ۽ اٽڪل 48 ڪتابن تي عالمي معياري ڪتاب نمبر پرنٽ ڪرائي چڪو آهي،جن ۾ 41 سنڌي ادب، 2 ٻاراڻي ادب، 4 انگريزي ۽ هڪ اردو ۾ آهي. عالمي ڪتاب نمبر لڳائڻ جي سلسلي ۾ پهرين پاڪستان جو ڪود نمبر 969، پوءِ  ناشر جو ڪوڊ نمبر ڄاڻايو ويندو آهي. مثال طور سنڌالاجي جو ڪوڊ 405 پوءِ ڪتاب جي اشاعت ۽ آخر ۾ چيڪ انگ لڳايو ويندو آهي سنڌالاجي جو پهريون ڪتاب جنهن تي هي عالمي معياري نمبر1 - . . . -405- 966 پرنٽ ڪيو ويو آهي. آغا سليم جو ڪتاب ”پٺاڻ“ آهي. هي ادارو ناشر جي حيثيت سان ”C“ زمري ۾ اچي ٿو.

(3) پاڪستان اسٽڊي سينٽر

سنڌ يونيورسٽي سان منسلڪ هي هڪ تعليمي ۽ تحقيقي ادارو آهي، جنهن جو سڌو سنئون تعلق سنڌ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد سان آهي. هي ادارو 1974ع کان ڪم ڪري رهيو آهي. هن اداري جا اهم مقصد مٿينءَ سطح تي پاڪستان جي باري ۾ سکيا ۽ تحقيق جي همت افزائي ڪرڻ ۽ ايم، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ڊگرين جا پروگرام ڪرائڻ، ڪانفرنسون، سيمينار، ريفريش ڪورس منعقد ڪرائڻ ته جيئن پاڪستان جي باري ۾ تحقيق ۽ تعليم جو واڌارو ٿئي.هي ادارو 85-1984ع کان پاڪستان جي مطالعي ۾ ايم اي. جي تعليم ڏئي رهيو آهي. هن اداري جي نمايان ڪوششن ۾ان جو ڇپيل مواد پڻ آهي. هي ادارو 1977ع کان هڪ تحقيقي جرنل ”Grass-Roots“ شايع ڪندو آهي. انهي کانسواءِ پاڪستان ۽ سنڌ جي موضوعن تي مشتمل تقريباً 17 ڪتاب شايع ڪرائي چڪو آهي، جنن مان 7 ڪتابن تي عالمي معياري ڪتاب نمبر (ISBN) ڇپيل آهي. هن اداري مارچ 1991ع ڪوڊ نمبر 8135-969 حاصل ڪيو. ناشر جي حيثيت سان ”D“ زمري ۾ اچي ٿو.

 

 

(4) سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد

        هي ادارو 1990ع ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي يا ” سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو“ جي نالي سان قائم ڪيوويو. هن اداري جي انتظامي جوڙجڪ لاءِ 18 ميمبر آهن، هڪ چيئرمن، 5 سرڪاري ميمبر 12 غير سرڪاري ميمبر. ان کان سواءِ هڪ اڳواڻ ڪميٽي آهي جيڪا انتظامي ۽ مالي فيصلا ڪندي آهي. هن اداري جو اهم مقصد ۽ ڪم آهي سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ طريقا ۽ ذريعا سوچڻ ۽ قومي ايڪي، اتفاق ۽ لساني ترقي ۽قومي مفاهمت ۽ اتحاد وارا مقصد حاصل ڪرڻ. هي ادارو هيل تائين 30 ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي ۽ هڪ خبرنامو ”سنڌي ٻولي“ نالي سان به شايع ڪندو آهي.

        هن اداري عالمي معياري ڪتاب نمر8194-969 جولاءِ 1992ع ۾ حاصل ڪيو. پر اهو نمبر رڳو هڪ ڪتاب تي پرنٽ ڪيو ويو آهي. هي ادارو ناشر جي حيثيت سان ”D“ زمري ۾ اچي ٿو.

عالمي نمائندگي/ سڃاڻپ:-

        ” عالمي معياري ڪتاب نمبر حاصل ڪرڻ مان ڪيترائي فائدا آهن، جيئن ته پبلشر کي قومي ۽ بين الاقوامي سطحن تي ڪتابي مواد جي ڄاڻ رهي ٿي. ان کان علاوه. اڄ جو دور نمائندگي  جو دور آهي، ان لاءِ جڏهن قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي ملڪ،  اداري ۽ ڪتاب جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ سڃاڻپ جا نمبر حاصل ٿين ته اهڙي سڃاڻپ کان پري ڇو ٿجي. عالمي ايجنسي هر سال ملڪن ۽ ادارن جي عالمي سطح تي ڊاريڪٽري (Directory) ڇپائي ٿي، پوءِ ڇو نه اهڙي بين الاقوامي نمائندگي واري سڃاڻپ لاءِ به قدم اڳتي وڌجي.

مواصلاتي سهوليت:

        اڄ جو زمانو ٽيڪنالاجي ۽ مشيني دور آهي، هر شئي مشينن جي ذريعي جلد از جلد هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائي وڃي ٿي. اڳي ڪنهن خبر کي ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ لاءِ وقت درڪار هوندو هو پر هاڻي معلومات هزارين ميلن تي سيڪنڊن ۾ پهچي سگهي ٿي، جنهن ۾ سئٽيلائٽ، فئڪس مشين،ڪمپيوٽرس نيٽ ورڪس، ڪمپيوٽر آن لائن (On Line) جهڙن طريقن سان سيڪنڊن ۾ پهچائي وڃي ٿي. مشين جي استعمال سان مواصلاتي نظام، گهٽ ۾ گهٽ اکرن ۽ انگن جي ڪوڊ نمبرن ۾ فراهم ڪئي وڃي ٿي. مثلاً عالمي معياري ڪتاب نمبر جي ذريعي ملڪ، اداري ۽ ڪتاب جي معلومات ملي ٿي. اهڙن معياري انگن واري طريقي کي ڪتب هيٺ
آڻجي، جيئن اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي سان به ڪلهو ڪلهي ۾ملائي هلي سگهجي ۽ انهن سهوليتن مان فائدو وٺجي.

ڪمپيوٽر جو عمل:

        ڇا زندگيءَ جو ڪو اهڙو شعبو بچيو آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر جو دخل نه هجي؟ هن ايجاد زندگيءَ جي هر شعبي تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو آهي، پوءِ اهوڪتابي دنيا سان تعلق رکندڙ ڇو نه هجي. ڪتاب جي تياري، ڇپائي، وڪري ۽ پڙهندڙ جي هٿن تائين  جلد پهچائڻ ۾ ڪمپيوٽر چڱو نڀايو آهي. ڪمپيوٽر ڪتاب جي مڪمل معلومات صرف عالمي ڪتابي نمبر سان ڏيئي سگهي ٿو ۽ جلد تلاش ڪري ٿو؛ بلڪ عالمي سطح تي ڊيٽا بيس (Data Base) جي تنظيم ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي.

تحقيق ۾:

        اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي  محققن لاءِ تحقيق جون اهڙيون ته سهوليتون ميسر ڪيون آهن جو اڳي محقق کي جتي ڪئين سال نتيجو اخذ ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا، اتي هاڻي هو آساني سان پنهنجي تحقيق کي جلد از جلد مڪمل ڪري سگهي ٿو. بشر طيڪ ان لاءِ اهي سهوليتون ميسر هجن، انهن سهوليتن ۾ ڪمپيوٽر جي ذريعي حوالاجاتي خدمتون جن ۾ ڪئٽلاگ (Catalogues) ، ڏسڻيون (Index)، ڪتابن جون فهرستون (Bibliographies)، رسالن جون داخلائون (Cardex) وغيره شامل آهن. انهن خدمتن ۾ ISBN اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. محقق وقت وڃائڻ کان سواءِ پنهنجيءَ منزل تي آساني سان پهچي وڃي ٿو.

ڪتابي تجارت:

        پبلشر هن ”عالمي معياري ڪتاب نمبر“  سان پنهنجي اداري ۽ ڪتاب جي سڃاڻپ رکي ٿو. هن نمبر جي ذريعي پبلشر ۽ ڪتابن جو وڪرو ڪندڙ جي وچ ۾ با ڪفايت ۽ قابل  فهم ڏي وٺ رهي ٿي. اڪثر Fax مشين جي ذريعي قومي ۽ بين الاقوامي  سطح تي ڪتابي تجارت جو سلسلو جاري رهي ٿو.

 

لائبرري تنظيم:

        لائبررين کي پڻ ISBN نمبر جي ڪري روزانه ڪمن جهڙوڪ ڪتابن جي چونڊ، ڪتابن جو آرڊر نمبر سان ڏيڻ، بل ٺاهڻ، اسٽاڪ تي ڪنٽرول ڪرڻ، ڪارڊ ٺاهڻ، لسٽون تيار ڪرڻ ۽ ان جي استعمال ۾ سهوليت ٿئي ٿي. انهن مقصدن ۽ فائدن کي نظر ۾ رکندي دنيا جا ڪيترائي وڏا ادارا هن نظام هيٺ پنهنجو ڪم هلائي رهيا آهن. جيئن ته نيدرلينڊ ۾ ڊچ بڪ هائوس، سويڊين ۾ مسيلنگ اينڊ ڪمپني، ڏکڻ آفريڪا ۾ نيشنل يونين ڪيٽلاگ آف مونو گرافز ۽ آسٽريليا جي نيشنل لائبريري ڪارڊ سروس جي طور تي هن نمبر کي استعمال ڪن ٿا.

        هن مضمون جي وسيلي  مان سنڌ جي سڀني اشاعتي ادارن کي گذارش ڪندس ته هو آئنده پنهنجي ڪتابن جي فهرست کي جديد طرز تي ISBN نمبر ۽ سال سان شايع ڪن، جيئن ڪتاب خريد ڪندڙ، پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ کي جلد معلومات ملي ۽ آساني رهي.

        طريقه ڪار:- جيڪڏهن ڪو پبلشر عالمي معياري ڪتاب نمبر حاصل ڪرڻ چاهي ته پهرين ان کي ”ڪوڊ نمبر“ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست فارم ڀري ” نئشنل لئبرري“ اسلام آباد  کي موڪلڻو پوندو. جڏهن کيس ڪوڊ نمبر الاٽ ڪيو ويندو ته پوءِ پبلشر کي پنهنجي هر اشاعت جي لاءِ فارم ب، جيڪو ڪتاب جي معلومات متعلق آهي، اڳين ڇپيل ڪتابن جي نمبرن حاصل ڪرڻ لاءِ فارم الف ڀري قومي ايجنسي اسلام آباد ڏانهن موڪلڻو پوندو. اهي فارم نموني طور هن مضمون ۾ ڏنا وڃن ٿا.

فارم نمبر 1- (الف)

پبلشر جو نالو ۽ مڪمل پتو. - - - - - - - -

ڪوڊ نمبر - - - - - - - - 969

(اڳئين شايع ٿيل ڪتابن لاءِ معلوماتي فارم.

مهرباني ڪري هر ڪتاب جي هر ايڊيشن لاءِ الڳ فارم استعمال ڪريو )

1. ڪتاب جومڪمل عنوان – ٽائٽل.

2. ڪتاب جي اصل مصنف جو ( يا مصنفن جا ) مڪمل نالا.

3. ڪتاب جي مترجم /مرتب/ ايڊيٽر جو مڪمل نالو.

4. سن اشاعت.

5. سائيز

6. صفحا.

7. تصويرون ۽ نقشن بابت تفصيل

9. قيمت.

9. جلد بندي /پيپر بئڪ)

10. ڪيتري تعداد ۾ ڇاپيو ويو.

11. ڪهڙي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.

12. ڇا اسٽاڪ ۾ موجود آهي.

        ايڊيشن مان مراد اهڙي اشاعت آهي جنهن ۾ ڪتاب جي مواد يا ڇپائيءَ جي طرف ۾ ڪا تبديلي ڪئي ويئي هجي.نوٽ: معلومات مڪمل نه هئڻ جي صورت ۾ نمبر جاري نه ڪيو ويندو.

جاري شده آئي ايس بي اين ISBN 969

دستخط

نالو – عهدو

تاريخ

فارم نمبر 2 (ب)

پبلشر جو نالو ۽ ايڊريس - - - - - - - - - -

ڪوڊ نمبر - - - - - - - - -969

زير طبع آئنده شايع ڪرڻ واري ڪتاب لاءِ معلوماتي فارم

(مهرباني ڪري هر ڪتاب جي لاءِ الڳ فارم استعمال ڪريو)

1. ڪتاب جومڪمل عنوان (ٽائيٽل)

2. ڪتاب جو اصل مصنف يا (گهڻا مصنف) مڪمل نالا - - - - -

3. مترجم/ مرتب/ ايڊيٽر جو نالو - - - - - - -

4. اشاعت جو سال - - - - - - - - -

5. ايڊيشن. - - - - - - - -

6. سائيز.- - - - - - -

7. صفحا. - - - - -  -

8. قيمت. - - - - - -

9. جلد بندي ( جلد سان/ پيپر بيڪ) - - - - - - -

10. ڪتاب ڪهڙي زبان ۾ لکيو ويو آهي. - - - - - - -

11. ڪيتري تعداد ۾ شايع ڪرڻ جو پروگرام آهي. - - - - - -

ايڊيشن مان مراد اهڙي اشاعت آهي جنهن ۾ ڪتاب جو مواد يا طرز طباعت ۾ ڪا تبديلي ڪئي ويئي هجي.

نوٽ:- معلومات مڪمل نه هئڻ جي صورت ۾ آئي ايس بي اين نه ڏنو ويندو.

آئي ايس بي اين نمبر ISBN 969

صحيح

نالو ۽ عهدو

تاريخ

مددي ڪتاب

(1) صحداني، رئيس عالمي معياري نمبرون ڪي نظامات، پاڪستان لائبريري بليٽن (111xx) مارچ 1992ع ص. 13.

(2) عبدالحفيظ اختر پاڪستان مين آئي ايس بي اين نظام ڪا اجراءِ اور ڪتب فروش ماهنامه ڪتاب 2-111 ستمبر 1986ع. ص. 11.

(3) عبدالڪريم کٽي: ”پاڪستان ۾ آءِ . ايس. بي اين نظام جو اجراءِ.“ سنڌي ادب 1-11.1989. ص. 239.

(4) محمد علي چراغ مترجم: عالمي نظام ڪتاب نمبر: نظام ڪتب اور گنتي ڪا ايڪ جديد نظام. ماهنامه ڪتاب 9-4 جنوري 1975. ص. 24.

(5) مفتي، سليمي اختر، آئي. ايس بي اين : ايڪ تعارف پاڪستان مين آئي. ايس بي اين ڪا اجراءِ. ڪتابي دنيا 4، 3. 17ڊسمبر و جنوري 1990.

(6) ولي رام ولڀ. ايڊيٽر. ” سنڌالاجي خبرنامو“ : ٽماهي. 1-1 جولاءِ – سپٽمبر 1993.

(7) International Book numbering system in Pakistan Islamabad: ISBN Agency Pakistan, 1989.

(8) Siddiqui, M. NaYeem: Introduction of ISBN system. Pakistan,s Books, libraries. 1-2 November 1989. P.1

(9) (1) Refered Office file Institute of Sindhology.

(2) Office File Pakistan study center.

(3) Office File Sindhi Adabi Board.

(4) Office File Sindhi language Authority.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com