سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :13

” هن وقت ادب جي ٻين صنفن بنسبت افساني جي وڌيڪ مقبوليت جو هڪ سبب وڏو هيءُ به آهي ته اڄ افراتفريءَ ۽ ڪشمڪش واري زماني ۾ جڏهن سائنسي ايجادون انسان کي سک ۽ آرام ڏيڻ سان گڏ مڪمل تباهيءَ جا خطرا پڻ ڏيئي رهيون آهن ۽ انسان جو دماغ موجوده حالتن جي زير اثر اهڙو تازو توانو نه رهيو آهي، جو هو خشڪ فلسفي يا اخلاقيات جي ٺلهيءَ نصيحت مان جمالياتي تسڪين حاصل ڪري سگهي. تڏهن ادب ۾ هڪ نئين صنف ايجاد ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ مختصر طور دلڪش انداز ۾ انساني زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ڪم و بيش هر موضوع پيش ڪيو وڃي ٿو. فلسفي ۾ رڳو انساني حياتيءَ جي ڪن دقيق مسئلن تي روشني وڌل هوندي آهي ۽ مذهبي ڪتابن ۾ وري آدرشي نظريه، حيات پيش ڪيل هوندو آهي پر افساني ۾ اختصار جي باوجود اسان جي حقيقي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ آسن ۽ اميدن، امنگن ۽ آرزوئن جي دل کي ڇُهندڙ انداز سان اپٽار ڪيل هوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو هر دور جي ٻين صنفن بنسبت قصن ۽ ڪهاڻين جي پڙهڻ جي شائقين جي اڪثريت رهي آهي.“

 _ ثميره زرين

 

ڪهاڻيون

 

افساني ۾ عام طرح ٻه پهلو ٿين ٿا: هڪ ’ماحول‘ ٻيو ’ڪردار‘. منهنجي سمجهه ۾ ماحول برو ٿي سگهي ٿو پرڪردار نه. ائين برابر آهي ته ظاهرً انسانيت روئي پئي ۽ حيوانيت کِلي پئي. پر ڇا اها حقيقت نه آهي ته حيوانيت جي کل کوکلي آهي. ڇا اها حقيقت نه آهي. ته انسانيت جو روئڻ ڪارنهن کي ڌوئيندو پيو وڃي، يا ائين کڻي چئجي ته انسانيت اڄ ڪلهه آويءَ ۾ آهي، جتان ضرور جرڪي نڪرندي، سڙي ڪانه ويندي. حيوانيت کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي _ انسانيت روئندي روئندي اوجل ٿي ويندي.

        پوءِ جيڪڏهن افساني ۾ ’ماحول‘ کي مقدم رکيو ٿو وڃي، ته انهيءَ لاءِ ته ڀلي کيس اٿلائي پٿلائي، چيري ڦاڙي خوب نشانو بنائجي؛ ڀلي ڏيکارجي ته کيس پنهنجو ئي گهُڻوکائي رهيو آهي. اسان جي سنڌي ادب ۾ اهڙا افسانا لکجن پيا. انهن ليکڪن بيشڪ کيرون لهڻيون _ کين مبارڪ هجي.

        جڏهن ’ڪردار‘ کي افساني ۾ مقدم رکيو ٿو وڃي، تڏهن ڄڻ ته ڪنهن بنهه نازڪ شيءَ کي ٿو هٿ لائجي. افساني ۾ جذبن جو ڊهڻ ۽ ڪرڻ، بيوس ۽ بي حس ٿيڻ، سن ٿي ٿو پوي، ڇتو چريو ٿو ٿئي يا ڌڪار ۽ نفرت ٿو ڪري ۽ بس، ته چئبو ته اهو ڪردار  به ماحول جو نشانو ٿي ويو. ان افساني ۾ به ماحول مقدم رهيو، نه ڪردار. اهڙو افسانو به پهرئين قسم جي افسانن ۾ اچي ويو. اهائي گندي ماحول جي گندگي ظاهر ڪئي وئي. پر، نيٺ ڪيستائين اسان ماحول جي شڪايت ڪندا رهنداسين؟ ڪيستائين ماحول اسان جي ڪردارن کي نشانو بنائيندو رهندو؟ ڪيستائين حيوانيت ڏند شيڪيندي رهندي؟ ڪيستائين اسان جا ڪردار مِيڪ مِيڪ ڪندا رهندا؟ ڇا اڃا اهو وقت نه آيو اهي، جو پيار۽ محبت، پورهيو ۽ محنت، ماڻهو ۽ ماڻهپو، اڳتي  وڌن ۽ ڇانئبا وڃن؟ جي اڃا نه آيو آهي،  ته ڪڏهن ايندو؟ جڏهن جنازو کڄندو؟ جنازو ته حيوانيت جو کڄندو. انسانيت زنده رهندي.

        وقت آيو آهي جڏهن اسان جا ليکڪ ڪردار کي ماحول جو نشانو نه بنائين. انسانيت کي مظلوم ۽ قابل رحم نه بنائين. اهي ڪردار چونڊين، جي ماحول کي مٽائين. دهل جي ڏونڪي تي ٻڌائين ته انسانيت ۾ اهي قوتون لڪل آهن، جي جوالا بنجي حيوانيت کي جلائي ڇڏينديون ۽ زمين جي سطح تي ماڻڪ ۽ موتي پٿاري ڇڏينديون. ٻيو نه، ته ڀلا اهو ته ٻڌائين ته انهيءَ گندي ڦيٿي ماحول جي اڍ ۾ اها باد ڀريل آهي، جا پاڻهئي سندس پيٽ ڦاڙي رکندي. من ائين ڪجهه اميد جا پيغام پهچائين.

_ جمال ابڙو


 

اڪبر سومرو

بوتيڪ کان بيڊ روم تائين

 

صنم مون کي پهريون ڀيرو هڪ مقامي هوٽل ۾ ” جنريشن بوتيڪ“ تي نمائش دوران ملي، جڏهن مان ۽ منهنجي زال سندس ڊزائين ڪيل ويس وڳا ڏسي رهيا هئاسون.

هن کي گلابي ڪپڙي مٿان سائي رنگ جي ڪٽنگس تي ڊزائين ڪيل چولو ۽ سائي رنگ جي سلوار پهريل هئي. پيرن ۾ چمڙي جو سينڊل پيل هئيس. سندس رنگ انتهائي صاف هو. بواءِ ڪٽ وارن، ڀورين چرندڙ پُرندڙ اکين  ۾ ڪجل جي گهري ڌار، اکين مٿان آءِ شيڊز، ڳلن تي بلش آن، چپن تي ڊارڪ لپ _ لائينر سان گلابي لپ _ اسٽڪ، ڀرون ٿريڊنگ ڪيل هئس ۽ هوءَ چيونگم چٻاڙي رهي هئي.

هن مون کي پهرينءَ ئي نظر ۾ متاثر ڪيو . هن جي الڳ ٿلڳ شخصيت ۾ مون کي پنهنجوڪو پراڻو خواب نظر آيو. ايئر ڪنڊيشنڊ ماحُول ۾ پنهنجين ڊزائين ڪيل ڊريسن بابت هوءَ گراهڪن سان وضاحت ڪري رهي هئي. هن جي مدد ۾ هن جي ننڍي ڪزن ڪائونٽر تي ويهي ڪيش وٺي رهي هئي.

صنم جون خوبصورت اکيون ۽ ڳالهائڻ جو بولڊ انداز ڏسي مون کانئس سندس گذريل دؤر ۾ اسٽيٽس ۾ رهائش، ڊزائننگ جي تعليم ۽ فون نمبر پڇي ورتو. ” ٻه سال پهريائين ئي هوءَ اميريڪا مان ڊزائننگ جو ڪورس ڪري آئي هئي“، هن مون کي ٻڌايو، تيستائين منهنجي زال فوزيه ڪجهه وڳا پسند ڪري مون ڏانهن آئي ته مان صنم کي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏيئي رهيو هئس. منهنجي زال اهو ڏسندي ئي منهنجين اکين ۾ نهاريو ۽ ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي مون کي اتان هٽائڻ جو بهانو ڳوليو.

” صاحب! اچو، اوهان به ڏسو ته مون ڪهڙا ڪهڙا سوٽ پسند ڪيا آهن،“، هن چيو، پر هن جي منهن تي اڃا حيراني ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جا مليل جليل تاثر هئا. پر هوءَ شايد ان مهل ظاهري طرح اهڙي situation کان avoid ڪري رهي هئي.

مان اڳتي وڌي ويس ۽ سندس پسند ڪيل سوٽ ڏٺم. فوزيه گهرا ڪلر پسند ڪندي هئي ۽ مان لائيٽ ڪلرن کي موزون سمجهندو هئس. مون کي اڇو، پيلو، هلڪو گلابي، هلڪو سائو، سليٽي ۽ ڪريم ڪلر وغيره وڻندا هئا ۽ فوزيه کي وري گهرو ڳاڙهو، ناسي، گهرو نيرو ۽ ڪارو وغيره

اسان ٻنهي جي چوائس نه رڳو رنگن ۾ مختلف هئي پر هر شيءِ ۾ مختلف هوندي هئي. مون کي کاڌي ۾ ڪڪڙ وڻندي هئي ته هن کي گوشت. مون کي ڀاڄيون وڻنديون هيون ۽ روز کائڻ تي دل ٿيندي هئي ۽ هوءَ  منهنجي کاڌي کي پسند نه ڪندي هئي. مان صبح جو بورچيءَ کي چئي ويندو هئس ته ڪڪڙ ۽ ڀينڊيون آڻجان پر مانيءَ مهل گوشت ۽ ڪوفتا ملندا هئا.

        فوزيا  ۽ مان هڪڙي ئي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيا هئاسون، پر مون ان دؤر ۾ هن ڏانهن ڪڏهن هڪ ڀرپور نظر وجهڻ به گوارا نه ڪيو هو. هن جي گول چهري جي وچ ۾ ننڍو نڪ ڦُٽل هو ۽ ان مٿان نظر جي عينڪ هن جي سمارٽ نيس کي ختم ڪري ڇڏيو هو. عينڪ اندران گهريون ڪاريون اکيون هميشه هيڏانهن هوڏانهن گهورينديون رهنديون هيون. هن جو رنگ ناسي ۽ وار ٿلها ۽ ڪارا هئا. سڄو ڏينهن ننڍيءَ ڪار ۾ يونيورسٽيءَ جي ڀڳل رستن تي ٽن چئن پاڻ جهڙين ٻين غير اهم ڇوڪرين کي وٺي هلندي رهندي هئي.

        مون کي صنم وٽان هٽائڻ جو سندس انداز بنهه نه وڻيو. هميشه جيان فوزيا منهنجو جائزو وٺندي پڇيو: ” چٻري ڊزائنر سان تنهنجي ايتري ڊيگهه جو مطلب؟“

        ” مان پنهنجي ڊائريڪٽر صاحب جي Wife مرجان لاءِ هن کي ڪجهه اسپيشل سوُٽن جو آرڊر ڏيڻ جو ارادو رکان ٿو.“ مون ڪوڙ هنيو.

        هن ٻيهر منهنجين اکين ۾ نهاريو ۽ چيائين: ” هلو، هلو... مون کي ڪوئي سوٽ پسند ڪونهي، ڊائريڪٽر جي زال وري ڪهڙا پسند ڪندي. “!  پنهنجي ان رويي سان هن مون کي قطعي حيران نه ڪيو. مون کي هن جي خبر هئي. هوءَ انتهائي شڪي ۽ اعتبار نه ڪرڻ واري شخصيت جي مالڪ هئي. هن کي هميشه منهنجي ڪٿي نه ڪٿي وڃائجي وڃڻ جو خدشو لاحق رهندو هو، تنهن ڪري هوءَ مون تي ائين نظر رکندي هئي جيئن ماءُ پنهنجي بي سمجهه ٻار تي رکي.

        اڪثر آفيس مان دير سان موٽڻ تي، موڪلون گهر تي نه گذارڻ تي يا شامون وي. سي آر اڳيان گذارڻ تي اسان جا سنها ٿلها جهيڙا ٿيندا رهندا هئا. فوزيا جو خيال هوندو هو ته شام جو مان کيس هڪ Duitiful مرد جيان گاڏيءَ ۾ ويهاري ڪنهن نه ڪنهن هوٽل تي وڃي ڊنر کاوان يا هر موڪل جي ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي گهمجي.

شادي ۾ هڪ ڪروڙ پتي پيءُ  مون کي سجيل ۽ ڀريل شاهي فليٽ ۽ ڪار  سان گڏ هوءَ به گفٽ ڪئي هئي ۽ مون کي هر ڀيري محسوس ٿيندو هو ته گفٽ ٿيل سمورين شين ۾ اَن_ فٽ شيءِ رڳو فوزيا ئي هوندي هئي.

اسان ٻيئي چپ چاپ هلندا قميتي فرنيچر سان سجيل هوٽل جووسيع عريض لائونج ٽپندا ميوزڪ هال کان ٿيندا شيشي جي گيٽ ڏانهن وڌياسين. ميوزڪ هال ۾ ڪافي غير ملڪي جوڙا چپ چاپ اڳيان گلاس رکي سرڪيون ڀري ۽ هڪ ٻئي ڏانهن نهاري رهيا هئا.

اسان کي ڏسندي ئي بؤ ٻڌل گيٽ ڪيپر وڌي دروازو کوليو ۽ ڪراچيءَ جي گهميل ۽ گرم هوا، جنهن ۾ ٽريفڪ جو دونهون به شامل هو، منهنجي منهن کي ساڙڻ لڳي.

شاهراهه فيصل جي ڊيوئل ڪيرج وي تان روشنين ۽ دونهين جي درياهه مان سوين گاڏيون پار ٿي رهيون هيون. شام رات ۾ بدلجي چڪي هئي، هزارين جوڙا کل خوشيءَ ۾ مگن گاڏين ۾ وڃي رهيا هئا. مون کي لڳو ته هڪ مان ئي هئس،جنهن کي اهڙي خوشي ميسر نه هئي. دنيا جون سموريون مادي گهرجون مهيا هوندي به هيڏي وڏي شهر ۾ مان ڄڻ اڪيلو ۽ اداس.

ان شام گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي ويهندي مون سوچيو ته فوزيا ۽ مان ڪڏهن به نه ٺهي سگهنداسون. اسان جي وچ ۾ اڻ بڻت جا اوچا پهاڙ قائم ٿي چڪا هئا. ڊرائيور گاڏيءَ جا دروازا بندا ڪيا ۽ پوءِ سيٽ تي ويهي ڪلچ تي زور ڏنو چاٻي سئچ ۾ ڦيرائي ززززززززززز زون زون ....... گاڏيءَ  جي انجڻ اسٽارٽ ٿي ويئي، ته هن گيئر هنيو ۽ ڪلچ تي زور ڏيڻ ۽ ايڪسيليٽر تان زور گهٽائڻ شروع ڪيو ۽ اسان جي گاڏي به ان وهڪري ۾ وهڻ لڳي. فوزيا ۽ مان بئڪ سيٽ تي ويٺي به ڳالهائڻ بجاءِ درين کان هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيا هئاسون. اسان ٻنهي کي اندر ۾ هَٺ ڀريل هو، هڪ ٻئي سان ڪا به دلچسپي نه رهي هئي. گاڏي هلندي هلندي بلوچ ڪالونيءَ ڀرسان ٿيندي ’سبزه زار‘ ٽو جي سامهون کاٻي طرف مڙي ويئي ۽ هڪ اپارٽمينٽ جي احاطي ۾ گهڙي رڪجي ويئي

اپارٽمينٽ جي ويڪري پڌر ۾ بيٺل ڪئين گاڏين ڀرسان بيٺل اسان جي گاڏيءَ مان فوزيا پنهنجو پرس کڻي لٿي ۽ مٿي وڃڻ لڳي. مان ڊرائيور کي ڪجهه هدايتون ڏيئي اچان، تيستائين فوزيا جي پينسل هيل جي ٺڙڪ ٺڙڪ مون کان ڪافي دور ٿي ويئي. بلاڪن جا ڪافي ماڻهو پنهنجين زالن ۽ ٻارن سان اچي وڃي رهيا هئا، گهماگهمي متل هئي. مان اڪيلو هلندو هلندو چاڙهيون چڙهي فليٽ ۾ پهتس ته فوزيا جون رڙيون منهنجي ڪنن سان ٽڪرايون. هوءَ بورچيءَ تي ڪاوڙ ڇنڊي رهي هئي. منهنجي نرڙ تي گهنج اچي ويا. ’هي عورت نه پاڻ سک سمهندي ۽ نه وري ٻين کي سک سان رهڻ ڏيندي!‘ مون سوچيو ۽ سڌو بيڊروم ڏانهن هليو ويس. دروازو بند ڪري مون اي-سي هلايو، ٿڌيءِ هوا جو لهرو آهستي آهستي ڪمري کي خوشگوار بنائڻ لڳو. مان باٿ روم ۾ هليو ويس. هٿ منهن ڌوئي ٽوال سان اُگهيم، ٻاهر نڪتس، الماريءَ مان وهسڪيءَ جي بوتل، سوڍا ۽ ڪرسٽل جو هڪ گلاس کڻي ٽيبل تي رکيم ۽ بيل وڄايم. بورچي آيو ته کيس برف آڻڻ لاءِ چيم. مان پيگ ڀري ڍڪ ڀريو ته احساسن جي شدت ۾ ڪمي آئي. ٽيپ رڪارڊ کي پلي ڪيم: جگجيت سنگهه ڳائي رهيو هو.

فوزيا مون سان ڇهن مهينن کان وٺي ائين ڪري رهي هئي. جڏهن منهنجي Steno مس آسيا منهنجي گهر اچڻ شروع ڪيو هو. مس آسيا لياريءَ جي ڪنهن غريب گهر  رهندي هئي. هن جو نڪ ٿلهو، چپ بيڊولا، وار وٽيل، بت مضبوط ۽ رنگ شيدين جهڙو ڪارو هئس. هن ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه هئي جو هو ڪنهن جي به ڌيان جو مرڪز بڻجي.

هن جي انتهائي غريبيءَ جي خبر مون کي تڏهن پيئي جڏهن هن جو والد گذاري ويو ۽ آفيس جا ڪجهه ملازم مون وٽ آيا ۽ مون کي مس آسيا جي نه اچڻ جو سبب ٻڌائڻ کان پوءِ مون کان آفيس جي ويگن گهريائون ته جيئن اُهي آسيا جي والد جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي سگهن.

مون نه رڳو کين ويگن ڏني پاڻ به شريڪ ٿيڻ لاءِ جڏهن آسيا جي غريب وستيءَ جون گند ڀريل گهٽيون مٽيندو اتي پهتس ته مون کي خبر پئي ته آسيا انتهائي بدحاليءَ واري ماحول ۾ رهندڙ هئي. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته هن جو پيءُ مزدور هو ۽ وڏو ڀاءُ هيروئن پيئندو هو ۽ آسيا مٿان پيراسائيٽ هو. آسيا جي تمام پوڙهي ماءُ پنهنجي مڙس لاءِ ٻاڪارون ڪري روئي رهي هئي. هن جو ڀاءُ آسيا جي سڄي مهيني جي پگهار مان ڳپل حصو وٺي ويندو هو ۽ ائين هو ڪسمپرسيءَ واري حالت گذاري رهيا هئا.

مون کي خبر پيئي ته آسيا جي ڪچي گهر جي اڱڻ ۾ ڇنل کٽ تي پيل سندس پيءُ جي جنازي لاءِ ڪفن دفن جا به پئسا نه هئا ۽ سندس پاڙي جا ماڻهو چندو گڏ ڪري رهيا هئا! اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. مون آسيا کي گهرائي پنهنجي پرس مان پنج هزار روپيا ڪڍي کيس ڏنا ته هوءَ پهرين ته وائڙي ٿي ويئي ۽ مون کي پئسا واپس ڪرڻ لڳي. منهنجي زور ڀرڻ تي هن نيٺ ان مان ٻه هزار رپيا کنيا ۽ ٽي هزار موٽائي ڏنا. ڏک کان هن جون اکيون رُنل ڀنل هيون ۽ منهنجي ان مدد جي ڪري هوءَ وڌيڪ جذباتي ٿي روئڻ لڳي ۽ مون کي چيائين: ” صاب! اوهان جو هيءُ احسان مان زندگي ڀر نه وساري سگهنديس.“

مون سگريٽ دکايو ۽ ڊرائيور کي آفيس هلڻ لاءِ چيم. ’زندگي ڪيڏي نه ڏکاري آهي‘.  ان جو احساس ان ڏينهن ٿيو هئم. ’ماڻهو ڪيئن نه غربت ۾ گذارين ٿا. مون کي تعجب ٿي رهيو هو.

ان کان پوءِ آسيا هڪ ڏينهن پگهار مان پائي پائي بچائي ڪپڙن جو هڪ وڳو وٺي ان تي ڀرت ڀري شام جو گهر تي منهنجي زال لاءِ کڻي آئي. هن شايد ان طريقي سان مهنجو مٿس ڪيل احسان هلڪو ڪرڻ ٿي چاهيو. فوزيا کيس ڏسندي ئي پهرين ته حيران ٿيڻ لڳي.

Who is She”?“  هن انڪوائري ڪندي منهنجي اکين ۾ نهاريو ۽ اتي ڪجهه ڳولڻ لڳي. مون آسيا لاءِ چانهه ٺهرائي. اسان چانهه پيتي ۽ آسيا مون کي منهنجي زال لاءِ آندل گفٽ ڏني.. ” سَر! هي مون ڀاڀي لاءِ ٺاهيو آهي.“ هن جي اکين ۾ خلوص جي چمڪ هئي. مون سندس محنت جو قدر ڪندي کيس ٻه هزار ڏنا جيڪي هن نه کنيا ته مون زوريءَ سندس هٿ ۾ ڏنا. هوءَ حيران ٿي اپارٽمينٽ جون چاڙهيون لهي ويئي.

فوزيا جي نرڙ تي گهنڊ هو ۽ هن منهن سُڄائيندي چيو: ” ٺيڪ آهي، تنهنجي آفيس ۾ اسٽينو آهي، پر ان جو مطلب اهو ته ڪونهي ته هوءَ اسان جي گهر اچڻ لڳي ۽ اسان سان ايتري گهري ٿي وڃي.“

مون فوزيا جي اکين ۾ نهاريو. ان مهل هن جون نظر جو چشمو پاتل اکيون عورتاڻي خودغرضيءَ جي اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل هيون. عورت جيڪا سڀ ڪجهه آهي، تنهن پنهنجي وجود کي ڪيترو نه هيٺ ڪيرائي ڇڏيو هو. عورت جيڪا ’ميل شاونزم‘ جي وبا کان متاثر ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿي، مون کي پنهنجي ئي گند جي ڌُٻڻ ۾ ڪِريل نظر آئي. فوزيا مونتي شڪ ڪري رهي هئي. هن ان رات مون سان ڏاڍو جهيڙو ڪيو. آسيا جي محنت ۽ خلوص جو جنازو ڪڍڻ لاءِ هن کيس گفٽ ڪيل وڳو ڪچن ۾ وڃي ڪُڪنگ رينج جي مٿان رکي ساڙيو ۽ مون کي عورتن ڦاسائڻ جا الزام مڙهي آئينده سُڌري هلڻ لاءِ چيائين!

هوءَ عورتن جي تنظيم جي سرگرم ڪارڪنن هئي ۽ عورتن جي حقن ۽ دلچسپين لاءِ وڙهي رهي هئي، پر ٻيءَ عورت کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي!

اُها سڄي رات مون کي ننڍ نه آئي” مون سڄي رات سگريٽ پيئندي پيئندي ۽ جاڳندي گذاريو. اسان جي شاديءَ کي چار سال ٿي ويا هئا، پر اسان کي ڪوبه ٻار وغيره نه ٿيو هو. هونئن اسان جا جنسي تعلقات به ڪي خاص ۽ مطمئن ڪندڙ نه هئا. جڏهن کان فوزيا کي اهو احساس ٿيو ته هوءَ مون منجهان ڪو ٻار پيدا ڪرڻ جي لائق ناهي يا مان کيس ٻار ڏيڻ جي قابل ناهيان ته هوءَ ان ڏينهن کان وڌيڪ جيلس ٿي ويئي هئي. ماڻهو شايد عمر گذارڻ سان وڌيڪ ساڙو ۽ سائڪوپيٿ ٿي ويندا آهن. وڌيل عمر انهن کي شايد احساسن کان عاري، خود غرض، ٿڌو ۽ يخ بڻائيندي ويندي آهي. ان جو احساس تڏهن مون کي شدت سان ٿيندو هو.

اسان جي گهر ۾ سواءِ اي _ سي جي زان زان جي ۽ سواءِ ڪچن جي Exhaust فين جي دروازن جي چيڪاٽن جي، ديڳڙين ۾ چمچن ٺڙڪڻ جي يا وري اسان جي وڙهڻ جا يا فوزيا جي دڙڪن جي، جن جو نشانو اڪثر نوڪر ٿيندا هئا، ٻيو ڪوبه آواز نه هوندو هو،جنهن سان زندگيءَ جي هجڻ جو احساس جاڳي. سڄي اپارٽمنيٽ جي تقريباً سمورن فليٽس مان ٻارن جي روئڻ، کلڻ ۽ هونگڙين جا آواز ايندا هئا، پر اسان جي گهر ۾ ڪا رونق نه هئي، ڪا چينجنگ نه هئي، ڪائي زندگي نه هئي، ڪائي نواڻ نه هئي،ڪوئي موضوع نه هو، ڪوئي ڊائيلاگ نه هو، ڪائي تفريح نه  هئي. اسين ٻه ڄڻا، اي _ سي جي ٿڌاڻ ڀريل بيڊ روم ۾ روم فريشنر جي خوشبوءِ ۾ پرفيومس لڳل اجرا ۽ مهانگا ڪپڙا پاتل، ڌوتل پوتل ٻه جسم،جيڪي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي بنيل هئا. ٻه يخ جسم، جن جو هڪ ٻئي سان ڪو ڊائيلاگ مڪمل نه ٿي سگهندو هو. فوزيا ۾ نه گرمي هئي ۽ نه حرڪت!

هڪ ڏينهن مان پنهنجي آفيس جي فائيلن ۾ گم نوٽنگ  ۽ ڊرافٽنگ ۾ مصروف هئس ۽ آسيا پنهنجي پين ۽ بڪ سان منهنجي ڊڪٽيشن جو انتظار ڪري رهي هئي ته انٽر ڪام جي رنگ وڳي. پي. اي چيو: ” سر! مِس صنم آفاق اوهان سان ڳالهائڻ چاهي ٿي.“ مون کي اهو نالو Striking ڪندڙ ته لڳو. پر ڳالهه ياد نه آئي، سو بهرحال مون کيس فون ملائڻ لاءِ چيو. صنم مون کي ياد ڏياريو ته مون سندس فون ڪرڻ لاءِ سندس مهرباني مڃي ۽ کيس ٻئي ڏينهن آفيس اچڻ لاءِ چيم.

صنم ۽ مون کي ملندي ڪافي مهينا ٿي ويا. منهنجي زندگيءَ ۾ هاڻ نواڻ اچي چڪي هئي. اسين ٻيئي شامون ۽ پوءِ اڪثر راتيون به گڏ گذارڻ لڳاسون. ٻئي طرف فوزيا ۽ منهنجا تعلقات وڌيڪ بگڙجڻ لڳا. اڪثر صبح جو مان جڏهن پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ آفيس لاءِ تيار ٿيڻ لاءِ پهچندو هئس ۽ هوءَ دروازو کوليندي ئي مون سان وڙهڻ لڳندي هئي.

هن جون اُکيون ڪاوڙ ۾ اڇيون ٿي وينديون هيون ۽ مُنهن سُڄي ويندو هو. اڪثر اسين هڪ ئي ڪمري ۾ رهندي به هفتن جا هفتا نه ڳالهائيندا هئاسون.

هڪ شام مان جڏهن پنهنجي هڪ دوست جي بنگلي تي صنم کي وٺي ويس ته هن منهنجوڪوٽ لاهي الماريءَ ۾ ٽنگيو. منهنجي ٽاءِ کوليندي هن منهنجي اکين ۾ نهاريو. ۽ نهاريندي رهي ته مون اکين ۾ ڦوڪ هنئين مانس. ٻئي ٽهڪ ڏئي کلي پياسين. هن پوءِ مون کي چيئر تي ويهاري لسيز کوليا ۽ منهنجا جوتا لاٿا ۽ پوءِ جوراب لاهي منهنجن پيرن کي زور ڏيڻ لڳي ته مون کي لڳو ته نه رڳو سڄي ڏينهن جو ٿڪ پر منهنجا مهينن بلڪ سالن جا ٿَڪَ لهي ويا. هن منهنجي ويجهو اچي مون کي اکين تي ۽ پوءِ چپن تي چميو. منهنجي لاءِ سوڍا وجهي وسِڪيءَ جو گلاس ڀريو ۽ اي _ سي هلائي آئي. ان وقت مان بيڊ تي ليٽيل هئس، سائيد ٽيبل تي هن گلاس رکيو ۽ منهنجي سگريٽ ڪيس مان ٻه سگريٽ ڪڍي پنهنجي خوبصورت گلابي ۽ سنهڙن چپن جي ٻينج ۾ ڏيئي دکايا. پوءِ هڪ مون کي ڏنو ۽ هڪ مان پاڻ ڪَش هڻڻ لڳي.

ساري شام مون پيئندي صنم سان گڏ گذاريو ۽ پوءِ ننڊ جي گهيرٽ ۾ الوٽ ٿي وياسين. اسان ٻنهي ڏاڍي ننڊ ڪئي ۽  پوءِ اٿي نوڪر کي سڏ ڪيو. کيس هوٽل تان ماني آڻڻ لاءِ چئي اسين باٿ روم ۾ گهڙي وياسين. هڪ ئي شاور هيٺان هڪ ٻئي کي چماٽون ۽ ڌڪ هنيا، صابڻ هنيو، باٿ روم ٽب ۾ ليٽياسين ۽ کلياسون، ٽهڪ ڏناسون، وهنجي سهنجي نڪتاسون ۽ ماني کائي ٻاهر نڪتاسون. صنم کي مون سندس گهر تي لاٿو ۽ مان پنهنجي گهر هليو ويس. هاڻ مان پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن هئس.

فوزيا مون کي سدائين جيان بيڊ تي ليٽيل ملي. مون تي نظر پوندي ئي چيائين ” هاڻ منهنجي اهڙي رهڻ مان بهتر آهي ته مان پنهنجي پيءُ جي گهر هلي وڃان!“

هوءَ راتين جون راتيون ۽ دير تائين منهنجي نه اچڻ ڪري وڌيڪ اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳي هئي.

” تون هاڻ مون کي هن گهر ۾ برداشت نٿو ڪري سگهين.“ هن مون کي چرڪو ڏنو.

” اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي جو توکي برداشت نٿو ڪري سگهجي ... تون جي مون اڳيان چُپ رهين ته پوءِ واقعي برداشت جي قابل بڻجي وينديئنءَ.“ مون به سڙندي چيو.

” يعني ته هاڻ منهنجو ڳالهائڻ به نٿو وڻئي ....  هي منهنجو مڙس ٿيو آهي ... جنهن کي زال جو ڳالهائڻ نٿو وڻي.“ .. هوءَ نڙي ڦاڙي ڦاڙي ڳالهائڻ لڳي.... ” اي منهنجا خدا! مون کي مار ته مون مان هن جي جند ڇٽي.“ هن جا ڳوڙها وهڻ لڳا.

” ظاهر آهي ته جهڙو ڳالهائين ٿي ان کان ته بهتر آهي ته نه ڳالهائين.“ مون وري چهڪ وڌومانس.

” تنهنجو ٿي کاوان نه جو مٿو خراب ٿيو اٿئي. پنهنجي پيءُ جو ٿي کاوان. تنهنجوکاوان ته الائي ڪهڙا حال ڪرينم“ هن سڏڪو ڀريو.

” تڏهن ته مغز خراب ٿيو اٿئي جو مائٽ شاديءَ کان پوءِ به تنهنجي جند نٿا ڇڏين ۽ تو منهنجي زندگيءَ ۾ زهر اوتي ڇڏيو آهي.“

رات دير تائين هوءَ روئيندي ۽ سڏڪندي رهي ۽ مان سموڪنگ ڪندو ٽهلندو رهيس ۽ پوءِ الاجي ڪيڏيءِ مهل ننڊ اچي ويم.

هڪ ڀيري فوزيا جي تنظيم طرفان مينا بازار جو انتظام ڪيو ويو ته هوءَ ان ۾ مصروف ٿي ويئي هوءَ روز هفتي کان وٺي روزانو شام جو مينا بازار جو انتظام سنڀالڻ لاءِ ويندي هئي ۽ رات دير سان ٿڪي ٽٽي ڊرائيور سان موٽندي هئي.

ان ڏينهن مينا بازار جو آخري ڏينهن هو هفتي جوبه آخري ڏينهن. شام ٿيندي ئي فوزيا معمول جيان گهر ان ويئي هلي ۽ رات دير سان اچڻ لاءِ ٻڌائي ويئي. مان شام جو ننڊ مان اٿيس ته نئين بورچيءَ کي ڪافي ٺاهڻ لاءِ چيم، جنهن کي اڃا ٻه هفتا مس ٿيا هئا. اخبار کڻي ايزي چئر تي ويٺس ته ڪجهه دير کان پوءِ صنم جو فون آيو. هن کي خبر هئي ته فوزيا منهنجي زال ليڊيز ڪلب طرفان بزي هئي ، ان ڪري هن ڊنر گڏ ڪرڻ لاءِ چيو. مان به اڪيلو ۽ واندو هئس سو صنم کي اچڻ لاءِ چيم.

ڪلاڪ کان پوءِ هوءَ پنهنجي گاڏيءَ ۾ پهتي. هوءَ مسڪرائي رهي هئي. هن جي اکين ۾ ڪامڻ هئا ۽ چهري تي خوبصورتيءَ  سان گڏ هلڪي ميڪ اپ جوتَهه به . مون بورچيءَ کي ماني ٺاهڻ لاءِ چيو ۽ اسين بيڊ روم ۾ وڃي ويٺاسون. اي _ سيءِ جي ٿڌ  ۾ اسين ڪافي وقت ڳالهائيندا رهياسون. اسان جا ٽهڪ ٿڌين ڀتين سان ٽڪرائجي ضم ٿي رهيا هئا. صنم ۽ مان تمام گهڻو خوش هئاسون. مون سوچيو ڪاش! منهنجي شادي صنم سان ٿئي ها ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها. اسان جو جوڙو ڪامياب ترين هجي ها، ۽ اسين جڏهين زندگيءَ جي بي مقصد منزلن طرف هٿ هٿ ۾ جهلي هلون ها ته ان جي تلخي نڙيءَ ۾ ڪڏهن به محسوس نه ٿئي ها.

ان مهل صنم ۽ مان تمام ويجهو هئاسين. هڪ ٻئي جي جسمن تي لڳل باڊي لوشن جي خوشبوءِ دماغ کي روشن بنائي رهي هئي. جڏهن اسان جي نئين بورچيءَ اچي ناڪ ڪيو ته اسين ٻئي چپ ٿي وياسون.

” سائين! اوهان جي ڪا مهمان آئي آهي.“ ٻاهران بورچيءَ جو آواز آيو.

” مهمان!“  مون حيران ٿيندي صنم ڏانهن ڏٺو، جيڪا هاڻ بيڊ روم جي ڪنڊ ۾ ڪمبل ويڙهي ويٺي هئي ۽ مون ڏانهن غور سان نهاري ۽ ڪجهه سوچي رهي هئي. هن جي اکين ۾ ڪا سوچ هئي.

” سائين نالو پڇي اچانس؟“

” اڙي ڄٽ نالو ته پهرين پڇبو آهي.“ مون ڪڪ ٿيندي چيو.

” مان پڇي اچانس سائين.“

” نه نه ، بس مان اچان ٿو.“ مون چيومانس ۽ قميض پائيندي صنم کي چيم، ” چوي ٿو ته ڪا ڇوڪري مهمان آئي آهي. الائجي ڪيرآهي. ڏسي ٿو اچانس ... “ صنم جي اکين ۾ سخت ڪاوڙ هئي پر تڪڙ ۾ مان صورتحال کي نه سمجهي سگهيس.

What nonsense is this“ پويان صنم خفا ٿيندي ڳالهايو.

Just coming please “ مون بنان پويان نهارڻ جي چيو ۽ دروازو کولي نڪري ويس.

هيٺ آيس ته ڊرائنگ روم ۾ منهنجي Steno مس آسيا ويٺي هئي. هن جي چهري تي اداسيءَ ۽ پريشانيءَ جا ڪڪر هئا.

” خير ته آهي مس آسيا،“ مون پڇيومانس.

” سر! مان سخت پريشان آهيان. توهان کي هن وقت تڪليف ڏيڻ لاءِ معافي. منهنجو وڏو ڀاءُ گذاري ويو آهي.“ آسيا جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ويا.

” اوهه! ويري سيڊ!“  منهنجي وات مان نڪتو.

” خميسا“! مون بورچيءَ کي سڏ ڪيو، ” مس آسيا کي چانهه پيئار.“

” نه سر! مهرباني.“ آسيا چيو. هن جي اکين مان گونگا ڳوڙها وهڻ لڳا، جيڪي هوءَ پنهنجي رَئي سان اگهڻ لڳي.

مون سوچيو ته آسيا مدد لاءِ آئي آهي ۽ ان جي مدد ڪرڻ کپي. هڪ لاوارث ڇوڪري، جيڪا سڄي گهر جي چرخي کي هلائي ٿي، ظاهر آهي ان وٽ ايتري پونجي ڪٿان هوندي جوهوءَ پنهنجي مري ويل هيروئني ڀاءُ جي لاش کي ڪفن دفن ڪرائي.

It,s very sad Miss Asia! “ مان ڏسان ٿو. “ مون چيو ۽ مُڙي دروازي مان نڪتس ته صنم کي ايندي ڏٺم

        ” ڇو ڇا ٿيو صنم؟“

        ” توهان جيڪا منهنجي بي عزتي ڪئي آهي، سا مون کي ڪڏهن به نه وسرندي. جيڪڏهن ٻيءَ کي ٽائيم ڏنوَ هُيوَ ته مون کي چوڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“ هن جي اکين مان ڪاوڙ جا شعلا نڪري رهيا هئا.

        ” صنم!  مون ڪنهن کي به ٽائيم نه ڏنو هو. تون ڪمري ۾ هل مان سڀ ٻڌايانءِ ٿو.“ مون مسڪرائيندي چيو.

        ” توهين مرد آهيوئي اهڙا. عورتن کي سمجهو الائي ڇا ٿا.“ هن منهنجي ڳالهه سمجهڻ کان انڪار ڪندي چيو.

        ” تون ٻڌ ته سهي نه!  مون ڪجهه سنجيده ٿيندي چيو.

        ” ڪائي ضرورت ناهي مون کي بيوقوف ٿيڻ جي. سڀني کي چَڪر ڏيو ويٺا آهيو. مرد جي ذات ئي اهڙي آهي .... “ هن جو اهڙو انداز مون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو.

        ” مان وڃان ٿي ۽ آئينده مون سان ڪو تعلق نه رکجو. مون کي ڪابه ضرورت ڪانهي اهڙي ماڻهوءَ سان تعلق رکڻ جي جيڪو ڏهه ڏهه ڄڻيون ڦاسائي ۽ انهن سڀني کي بيوقوف بڻايو ويٺو هجي!“ مون تي الزام هنيو ته مان اکيو ن ڦاڙي ڏانهنس ڏسڻ لڳس.

        ” توکي غلط فهمي ٿي آهي سَني؛ تون رڳو ٻه منٽ هلي منهنجو انتظار ڪر، مان توکي سڀ ڪجهه ٻڌايانءِ ٿو.“  مون پريشان ٿيندي چيومانس.

        ” مون جهڙين عورتن کي غلط فهميون نٿيون ٿي سگهن.“ هن آخري فيصلو ڪيو. ” خدا حافظ!“ هن هلندي دروازو  کوليو ۽ مون کي حيران ڪندي دروازو زور سان بند ڪندي هلي ويئي.

        هيٺان صنم جي ڪار جي دروازي بند ٿيڻ ۽ اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز آيو. خميسو حيران هو.

        مان بيڊ روم ۾ ويس. پنهنجو پرس کڻي  آيس ۽ چند نيرا نوٽ ڪڍي آسيا جي هٿ تي رکيم. هن جي چپ چاپ  ۽ پريشان اکين ۾ پاڻيءَ سان گڏ منهنجي لاءِ شڪر گذاريءَ جوجذبو هو. ڏک ۽ جذبن جي شدت ۾ هوءَ منهنجو ٿورو به نه مڃي سگهي ۽ هلي ويئي. مان سڄو وقت سموڪنگ ڪندو ۽ صنم ۽ فوزيا بابت حيران ٿي سوچيندو رهيس. مان ڄڻ اڪيلو ٿي ويو هئس.

        دير سان فوزيا گهر موٽي. اسان سدائين جيان بنا ڳالهائڻ جي هڪ ئي ڊائننگ ٽيبل تي ويهي ماني کاڌي ۽ سمهي رهياسون. ٻيو ڏينن جمعي جو هو. موڪل هئي ۽ مان گهر ۾ هئس. چانهه پي مان لائونج ۾ اخبار پڙهي رهيو هئس. فوزيا نوڪر کان بيڊروم جي صفائي ڪرائي رهي هئي، ويڪيوم ڪلينر جو هلڪو ڪجهه دير کان پوءِ هن جو آواز آيو. پهرين ته مون سمجهيو ته هو هميشه جيان نوڪر تي وسي رهي آهي پر جڏهن هو رڙيون بيڊروم مان ٻاهر نڪتي مون کي سڏيائين ته مان حيران ٿي ويس. ” مون کي اڳي ئي شڪ هو ته  اها ڏائڻ منهنجي گهر اچي ٿي. هن خونخوار نظرن سان مون ڏانهن نهاريو.“ مان پريشانيءَ مان هن ڏانهن ڏسڻ لڳس.

        تو منهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. هيڏي آءُ ... هيڏي اچ!“ هوءَ چيٽون ڪري رهي هئي ۽ پوءِ روئڻ لڳي.

        ” مون کي خبر هئي ته اها جيڪا تنهنجي Steno آهي، سا تنهنجي پچر ڪانه ڇڏيندي. اُن نڀاڳيءَ توکي پنهنجن حربن سان ڦاسائي رکيو آهي ۽ .... ۽ تون ڪڏهن به نه سڌرندين! هن پنهنجو نڪ ۽ اکيون بيڊ تا لٿل  ۽ ٻاهر رکيل شيٽ سان صاف ڪندي چيو.

        ” ۽ هاڻ مون کي طلاق گهرجي... هاڻ مان وڌيڪ توسان نٿي گذاري سگهان.“ هن فيصلو ڪيو ” هيڏي اچ ۽ اچي ڏس پنهنجا افعال ... ’منهنجي Steno آهي‘ ... چوي ٿو. مان ڄڻ  ڪا بيوقوف آهيان . مرد جي ذات ئي ڪميني آهي.“ هن منهنجي هٿ مان اخبار کسي ۽ مون کي ٻانهن کان جهلي ايزي چيئر تان اٿارڻ لڳي.

        ” ڇا ٿيو آهي؟“ مون پريشانيءَ گاڏر حيرانيءَ مان سوال ڪيو.

        ” اڃان ٿو پڇين ته ڇا ٿيو آهي، منهنجو منهن ڪارو ٿيو آهي!“  ... هيڏي اچي ڏس. “ مان اٿيس ۽ بيڊروم ۾ ويس ته اتي هٽايل وهاڻي هيٺان سيرانديءَ کان صنم جو راتوڪو لٿل بريزيئر پيو هو. منهنجو نرڙ تي پگهر جون بوندون مڙي آيون ۽ مان جتي هئس، اتي ڄمي ويس.

        ” اوهين مرد آهيو ئي اهڙا. ثمينا جو مڙس به الاجي ڪٿان ڪٿان جون رنون ڦاسائي اچيو نڪري ۽ هي صاحب به ڏسو .. ٽڪي جي Steno کي بيڊ تي ٿو سمهاري!“  هن مون تي ٽوڪ ڪئي. ” زال ته اوهان اڳيان ڪا حيثيت ئي نٿي رکي. مون کي هاڻ طلاق کپي. مان ههڙي جهنم ۾ نٿي گذاري سگهان.“ هن روئندي لڙڪ لاڙيندي چيو ۽ الماري کولي پنهنجا ڪپڙا ڪڍڻ لڳي.

        ” ڇا ٿي ڪرين؟“ مون مئل ۽ جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو.

        ” تون ڪير ٿيندو آن اهو پڇڻ وارو؟“

        ” مان قانوني Husband آهيان.“ مون دعوى ڪئي.

        هن روئيندي روئيندي ڪپڙا پئڪ ڪيا ۽ بيگ نوڪر کي هيٺ گاڏيءَ ۾ رکڻ لاءِ ڏنائين. مان بيوس ٿي سڀ ڪجهه ڏسندو رهيس. هوءَ روئندي روئندي هيٺ لهي ويئي. ڪجهه دير کان پوءِ  گاڏي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز آيو. مان اپارٽمينٽ جي روڊ ڏانهن کلندڙ دريءَ  کان اچي بيٺس. فوزيا جي اهڙي فيصلي تي مون کي نه خوشي هئي ۽ نه ڏک. رستي تان گاڏي مڙي ۽ گهٽيءَ مان ٿيندي شاهراهه فيصل تي وڃي چڙهي ۽ ايندڙ ويندڙ  سوين گاڏين جي وهڪري ۾ گڏجي ويئي ۽ پوءِ دوُر ٿيندي ٿيندي ٽٻڪو بڻجي ويئي ته مان بيڊ تي اچي ڪريس ۽ اونڌو منهن ڪري ليٽي پيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com