اقبال رند
غزل
ڪيئن هُٻڪار کان هٽي ماڻهو؟
ڪيترو روح کي ڦٽي ماڻهو؟
منهن مٽي جو وَيو زمانا ٿيا،
ڪاش! هن موڙ تان مٽي ماڻهو.
ڪيئن چئجي ته پيار هارائي،
پوءِ ڀي کوڙ ٿو کٽي ماڻهو!
ڪو ته آڪاش جئن به هوندو آ،
پر ته هرڪو نٿو پٽي ماڻهو.
روز ٿو انت پاڻ تي آڻي،
روز ٿو پاڻ کي لٽي ماڻهو.
رکيل مورائي
غزل
دَرَ ديوارون کڙڪيون شيشا اڻ ڄاتل
تنهنجي گهر جا سڀئي رستا اَڻ ڄاتل.
هر چهري ۾ تنهنجا نيڻ لڳن ٿا، هونئن
ساري ويڙهي جا سڀ چهرا اڻ ڄاتل.
جوبه گهمي ٿو توسان تنهنجو آهه،
مان اڻ ڄاتل مُنهنجا جذبا اڻ ڄاتل.
مون کي منهنجا دوست اڳوڻا ڄاڻن ٿا،
مون کان منهنجا دوست اڄوڪا اڻ ڄاتل.
دهل وڄن ٿا ڄڻ ته سمو آ ميلي جو،
هڪ هنڌ ڪيڏا ماڻهو گڏ ٿيا اڻ ڄاتل،
ڪير جئي ٿو ڪير مري ٿو ڪنهن جو ڇا،
ماڻهوءَ لئه ماڻهوءَ جا رشتا اڻ ڄاتل.
علي دوست عاجز
غزل
کِلڻا ماڻهو! ڳالهه ته ڪر، هي ڳوڙها ڪير ڏئي ويو ٿَئي!
ڪنولن جهڙي ڪومل دل تي ٽانڊا ڪير رکي ويو ٿئي!
چانڊوڪيءَ ۾ نهر ڪناري ويهي راتيون ڪاٽڻ وارا،
او سپنن جا سپنا ڏسندڙ، ڪهڙو روڳ وٺي ويو ٿئي!
ڪڪرن سان گڏ اُڏرڻ وارا، ڀٽڪڻ، برسڻ، ڳائڻ وارا،
پڳ پڳ خوشيون ورڇڻ وارا، ڇا جو زهر چڙهي ويو ٿئي!
ساهه مٺا ڪي سيڻ رُٺا ٿئي، يا ڌرتيءَ ڪي ويڻ ڏنا ٿئي؟
من ۾ ڪهڙي ڇيت لڳئي جو منهن ئي يار لهي ويو ٿئي!
احساسن جي تاريخن ۾ تنهنجو نانءُ به ايندو عاجز،
ڇو جو ڌرتيءَ سرتيءَ جي لئه لکندي ڏينهن لڙي ويو ٿئي!
عزيز ڪنگراڻي
گيت
او! سانول هيل ته آءُ،
ڪيون پرچاءُ،
مان ڪيئن جئان توريءَ!
جيءَ ۾ جهوريءَ جهاٽ،
ڳڙن ٿا ڳاٽ،
او! ميت مَران توريءَ!
گهنگهر گهاريم ڏينهن،
نه پلجي نينهن،
ٿو جاني جهُران توريءَ!
جيئن ڪکن ۾ باهه ،
ٻري گجگاهه ،
پيو تيئن ٻَران توريءَ!
چين نڪي آرام،
صُبح ۽ شام،
ٿو روز لُڇان توريءَ!
معصوم بخاري
وائي
چاندنيءَ جي رات ۾،
ڇت مٿان تنهنجو اچڻ وسري نٿو.
اُن جهڙالي شام جو او بانوري!
سانوري برسات ۾،
ڇت مٿان تنهنجو اچڻ وسري نٿو.
گهر ڌڻين کي ننڊ جي ٻَکَ ۾ ڇڏي،
اوچتو اڌ رات ۾،
ڇت مٿان تنهنجو اچڻ وسري نٿو.
ننڊ سان اڌ پوريل اکيون کڻي،
ها ! اڇي پرڀات ۾،
ڇت مٿان تنهنجو اچڻ وسري نٿو.
روشن گهانگهرو
گيت
رات اڃا ڏس ڪيڏي پئي آ، ڳاءِ اڃا ڪجهه ڳاءِ !
راڳي!
ڳاءِ اڃا ڪجهه ڳاءِ!
توکان وڇڙي روح رڙيو پئي،
ٽانڊن ۾ ڄڻ سنگُ سڙيو پئي.
روئندن کي ريجهاءِ
راڳي!
ڳاءِ اڃا ڪجهه ڳاءِ!
دنيا چئن گهڙين جو چٽڪو،
ساهن ۾ پو ڇا جو سهڪو؟
دل کي ڏي لجاءِ!
راڳي!
ڳاءِ اڃا ڪجهه ڳاءِ!
رڳ رڳ ۾ جو نينهن پلي ٿو،
ٻيلي ۾ ڄڻ شينهن پلي ٿو.
شينهن بکيو بهلاءِ!
راڳي!
ڳاءِ اڃا ڪجهه ڳاءِ!
دل جو دک سان لانَو لڌي آ،
غم جي اُس ڄڻ ڇانوَ ٿڌي آ.
جذبن کي جهوماءِ !
راڳي!
ڳاءِ اڃا ڪجهه ڳاءِ!
ساجن ايندي عيد به ٿيندي،
گهٽنا ويندي راحت ملندي.
لفظن کي لهراءِ!
راڳي!
ڳاءِ اڃا ڪجهه ڳاءِ!
چندرما جي چانڊوڪيءَ ۾،
مڌ ماتي مَنَ خاموشيءَ ۾،
ڇيرين کي ڇمڪاءِ !
راڳي!
ڳاءِ اڃا ڪجهه ڳاءِ!
جيسين جيون جوت نه جرڪي،
ڪويل ڪوڪي، مَنُ مَنُ مُرڪي.
تيسين تند تپاءِ!
راڳي!
ڳاءِ اڃا ڪجهه ڳاءِ!
جوهر بروهي
غزل
گل گل ۾ آ اُڻ تُڻ ڪيڏي وينديءَ ويل بهارن لئه،
منهنجو روح ويا ڪل ائين ٿو تڙپي ساٿ جي سارن لئه.
ڳوٺ ڳليءَ ۾ سارا رشتا پيرن ساڻ لتاڙيا ويا،
غيرت مند ۾ ارڏا ماڻهو جيئن ڪيئن ميارن لئه .
هاءِ ڪچهري هلندي آخر اَسُر ويل تنوار ٽٽي،
حيراني ۾ ورتل آهن سُرُ ۽ سرندو تارن لئه .
تاريخن جي ڳالهه نه ڪر جو ماضي آخر ماضي آ،
اڄ جي مارئي ڪانه ٿي روئي ٿر لئه، ٿر جي مارن لئه.
هر ڪو پنهنجي ليکي جڳ ۾ جيون گهڙيون گهاري ٿو،
خلق سموري حيرت ورتل خوشين کل کيڪارن لئه.
ڪک ڪک ميڙي، آکيرو ڪنهن جوڙيو وڻ جي ٽاري تي،
ويرانيءَ جي هر پل جوڙيو ڄارو بَرَ جي ڄارن لئه .
لفظ تي پهرو، سوچ تي پهرو، گيت تي پهرو لوڪ وڌو،
ماڻهوءِ چپ سبايا آهن، تڙپي ڄڀ پُڪارن لئه .
مايوسي جي مند ۾ جوهر !، آس جا گل مان گهوريان ٿو،
ورنه ٿا لکجن روزانو هن شهر ۾ ڪتبا مزارن لئه .
*
اختر درگاهي
غزل
ڄڻ وڏو ڪو بار آهي زندگي،
پاڻ کان بيزار آهي زندگي.
مُرڪ جي مالها اسان جنهن کي چيو،
سا ڏکن جو هارُ آهي زندگي.
حادثن جي ميڙ ۽ بازار ۾،
ڪو اڪيلو ٻارُ آهي زندگي.
ڀَل زماني جون خوشيون ساريون ملن،
تو سوا بيڪار آهي زندگي.
جي اسان سان ڪا گهڙي گهاريو ته پوءِ،
سُونهن جو سنسار آهي زندگي.
*
’ڪوثر‘ هالائي
غزل
نيڻ پئي جاڳيا دَر سان گڏ،
پل پل ۽ پهر سان گڏ.
پاڻ اڪيلو ٿو لڳيس،
هيڏي ساري گهر سان گڏ .
ڪيڏو چاهيو هئائون پر،
ويا نه ڪنارا لهر سان گڏ .
لهجي منجهه ڌڪارَ هئي،
موٽ هئي پٿر سان گڏ .
ويساهه جي جو مُٺ کوليائين،
ڀٽڪي ويو رهبر سان گڏ .
تاريخ چوي ٿي تون هئين !
هر يُگ ۾ ٿو هر سان گڏ .
*
عبدالحميد آس ٻٻر
غزل
بي فڪر درد ڏي، سهپ آهي،
تون نه ٿڪجين، اهوئي ڊپ آهي.
دل رتو رتُ کڻي هلي ويئي،
اک آ باز جي جهڙپ آهي.
سور جو ساٿ، ٻَلُ جيون جو،
مون کي سورن جي ئي ته کپ آهي.
تون چوين ٿي، اڃا گهڻي هلندي،
زندگي پر، واريءَ لَپ آهي.
پير نظرن جا چڱيءَ پر رکجان،
لوڪ جا نيڻ، راهه_ گپ آهي.
زندگاني عجيب بارش آ،
وهَڪرو عُمر، جسم ڪَپ آهي !
زاهد شيخ
غزل
دوستن سان ملئون،
دلبرن سان ملئون.
عشق ۾ ٿا اڃا،
آسرن سان ملئون.
ڪي لکي موڪليو،
من خطن سان ملئون.
جي وڃن پيار ڏي،
تن دڳن سان ملئون.
پير ساڙي هلي،
ڇانورن سان ملئون.
چاهه چئوڻو ٿئي،
ٻن ٻکن سان ملئون.
هل ته زاهد هلي،
ميڪدن سان ملئون.
*
جاويد سوز هالائي
غزل
آءٌ دردن جي ڄار ۾ آهيان،
تون چوين ٿي قرار ۾ آهيان.
تون نهارين ٿي زندگي ڏئين ٿي،
مان ته سچ پچ بهار ۾ آهيان.
زرد پتن جي مند هر پل آ،
الائي ڪهڙي ديار ۾ آهيان.
ساهه منهنجو منجهي پيو هتڙي،
ڇو مان گرد وغبار ۾ آهيان.
هن کي ڳوليندي ڳوليندي پهتو،
ڪهڙي مان ريگزار ۾ آهيان.
قيد جو تو ڪري ڇڏيو آهي،
ڏينهن ان کان مان پيار ۾ آهيان.
علي اظهار
هڪ ٻٽو نظم
(الف)
وقت جي هٿن مان ڪريل هر لمحو،
مان پنهنجي جسم تي
سُرندو محسوس ڪيان ٿو.
منهنجي وجود جي زنبيل ۾
ڪجهه به ڪونهي
نه روح،
نه جسم .
مون کي ڪنهن جي به ياد جا چڻا
چٻاڙڻا ڪونه ٿا پون.
ڇوته وقت کان اڳ ئي،
منهنجا ڏند ڀڄي پيا آهن
افسوس! منهنجي وارن ۾
چانديءَ جو فصل ڦٽي نه سگهيو.
(ب)
رات پوري ڪائنات جو منهن
ڪاروڪري وئي آهي
ڪنوار جي پيشانيءَ تي لٽڪندڙ
ٽڪو نه پر
منهنجي پنهنجي منهن تي لڳل
ماتا جو داغ آهي.
چانڊوڪي راتين ۾
وڻ سمهي پوندا آهن.
۽ سندس پاڇا پرهه ڦٽيءَ تائين جاڳندا آهن
ٻڪرا پِڙي جا سڀ آواز
منهنجي آواز ۾ ملي ويا آهن.
مان پنهنجو آواز
سڃاڻي نٿو سگهان.
*
روبينه ابڙو
غزل
مُند ۾ مَنڊ آ مَنڌُ آ اَڻ مئي!
دل مٿان هاءِ ڙي بي چئي بي چئي!
هو سرءُ جي ٿڌي رات سرگوشيون،
ڇونه وسري سگهيون ڪيڏي ڪوشش ڪئي!
مان اڃان تائين تنهنجي اکين ۾ تران،
ڪيڏو تڙپيو هئين ’ياد ناهين‘ چئي!
ناصحا ناصحا، وقت ٿورو اٿم،
سڀ ٻڌل ڳالهيون ڳالهه ڪرڪا نئي!
حالتون ٿيون ڇڏن آدميءَ کي مَٽي،
تون ۽ مان ڀي نه ساڳيا رهياسي ٻئي!
چاهتون ڀي هيون همتون ڀي هيون،
هُو به اَرڏو هيو دل به هئي بي چئي!
ڪنهن اچانڪ هيو نانءُ تنهنجو کنيو،
ها، ٻڌل آ ٻڌل سوچ اُلجهي پئي!
تو پڄاڻا اسان بس گُذارو ڪيو،
نيڻ صحرا ٿيا خواب ٿيا سڀ رئَي!
انجم قاضي
وائي
روز تنهنجو پڇي،
ٿي پئي چانڊني
آءُ تون سانوري!
رنگ سارا ڇڏي،
اڄ وئي شاعري،
آءُ تون سانوري!
” الوداع الوداع“
چئي وئي هر خوشي،
آءُ تون سانوري!
ٿي لڳي ڌرتتي،
توسوا زندگي،
آءُ تون سانوري!
راس آئي نه آ،
هيکلي هيءَ وهي،
آءُ تون سانوري!
سرمد چانڊيو
غزل
اچو اچو ته ڪلائن ۾ نئون رنگ ڀريون!
خيال جو ۽ حقيقت جو سڌو دنگ ڪريون!
قدم کڻون ته سنڀالي به رکون سُرت هجي،
ڪٺور راههَ مٿان يار قدم ٺيڪ ڌريون!
خبر پوي ته ڪٿان ڪير ڇنو ڪير هٽيو،
جتان به ساٿ ڇڄي پاڻ اهو خيال ڀريون!
اُڏام لاءِ پرن جي به ضروت ٿي پوي،
اُڏام پوءِ ڪجي درست هجن پنج پريون!
ڪٿي به چار سٽون پيار ڀريون ڪوئي لکي،
اُنهيءَ ڏات ڌڻي تي به انڌو ويساهه ڪريون!
حجاب سُست مزاجن جي نشاني آ پرين!
جتي به شرم حيا آڏو اچن ڌيان ڌريون!
حيات پنهنجي بقا لاءِ سدا جنگ ڪئي،
شعور ساڻ پرين پرکي ڏسون کوٽيون کريون!
جتي جتي به هلو ماريون موملون ملنديون،
لکاههَ ڀونءَ ڄڻيون ڪيئن ڪيون چاههَ چريون!
هي سوچ جو مقام آههِ غزل مئي تي لکون؟
۽ سامهون ٿو اچي دشمن بندوق ڀريون.
گهُلي هوا جي سرمد ٿي اويڙي ته گهُلي!
مقابلو ته ڪبو بند نه ڪبيون در ۽ دريون!
مهر خادم
آزاد نظم
صبح جي سج جا
پهريان ڪرڻا
۽ ٿڌڙي هير جو جهوٽو
من سان ٽڪرائي
تنهنجي ياد تازي ڪري
هليا ويا پري
تنهن پل
مون محسوس ڪيو
ڀر ۾ تون
۽ تنهنجو انڊلٺ چهرو.
ملهار سنڌي
غزل
نيڻن آڏو تنهنجو چهرو بيٺو آ،
سمجهان ٿو ڄڻ سنڌ جو نقشو بيٺو آ،
اوسيئڙي ۾ ياد جا ڏيئا ٻاري ٿو،
طوفانن ۾ هڪڙو چريو بيٺو آ.
دنيا جا دستور سڀيئي وسري ويا،
اندر ۾ بس تنهنجو الڪو بيٺو آ.
ساڀيائن جي اوسيئڙي ۾ عرصي کان،
بند اکين ۾ ڪوئي سپنو بيٺو آ.
دل ۾ هڪڙي آس اڌوري رهجي وئي،
ڪنڌ جهُڪائي هر هڪ جذبو بيٺو آ.
چانڊوڪي جو ويس ڍڪي تون آيو آن،
ماڻهن سمجهيو نور خدا جو بيٺو آ.
غيرن ڏي” ملهار“ ميارون ڪهڙيون جو،
دشمن بڻجي هر هڪ پنهنجو بيٺو آ.
*
مور علي مجبور
ڪافي
کڻ اکيون کل سهڻل سائين،
سورن کان ڏي ساهي او يار!
مشتاقن کي ماري ٿي تنهنجي
بلڪل بي پرواهي اويار!
سور سوين ڏئي پور هزارين،
ڪهڙي سبب ٿو دور گذارين؟
مونجهون ڏئي ٿو مفلس مارين،
واهر ٿي اچ واهي او يار!
جيءُ جڏو ڪيو جهوريءَ جهوري،
سڏڪن ساڙيو ساهه کي سوري،
آءُ ڇڏيان جند جان مان گهوري،
شانءُ آ تنهنجو شاهي او يار!
مور کي ويڙهي وئي مجبوري،
گهاون گهايو آس اڌوري،
ڪر ملڻ جي تون منظوري،
رول نه بيوس راهي او يار!
فهميده شرف بلوچ
وائي
هر پَل توکي ڳولهڻ وارين،
دوست! نگاهن کي:
هاڻي روڪ نه تون:
هُو ڏِسَ مون کي اُڀّ سڏي ٿو،
ويندڙ راهن کي:
هاڻي روڪ نه تون:
گيت سمورا آهون آهن،
دل جي آهُن کي:
هاڻي روڪ نه تون:
جاڏي ڀي هيِ ڊوڙون پائِن،
ها، پر دانهن کي:
هاڻي روڪ نه تون:
سيني مان ٿا سُڏڪا اُڀرن،
ٿڌڙن ساهَن کي:
هاڻي روڪ نه تون:
صابر هيسباڻي
وائي
چنڊ چڙهيو آڪاش تي،
تون به ته اُڀرين ها،
مون آڳنڌ تي سانوري!
عيد نه ڪجهه آئي کڻي، هيل به سُک الا!
مون آڳنڌ تي سانوري!
شيشي جان رشتا سڀئي، اڄ ٿيا پرزا،
مون آڳنڌ تي سانوري!
جوڀن جهڙي رُتَ ڏسي، جاڳيا ڪي جذبا،
مون آڳنڌ تي سانوري!
تو بن صابر جي ته ڄڻ، جيون ۾ ڌِڏڪا .
مون آڳنڌ تي سانوري!
معشوق ڌاريجو
وائي
بيٺا آهيون پاڻ،
وقت وڌي اڳتي پيو.
جوڀن پيريءَ واٽ تي،
توکي ناهي ڄاڻ،
وقت وڌي اڳتي پيو.
آڏو ايڪيهن صدي،
ڏسجن پيا اهڃاڻ.
وقت وڌي اڳتي پيو.
جو ڪجهه ڪرڻو آ ڪجي،
سگهو يار سڄاڻ.
وقت وڌي اڳتي پيو.
*
نياز ملاح
غزل
درد هاڻي فرار چاهي ٿو،
شخص هڪڙو قرار چاهي ٿو.
هُن کي لاهي هٿن سان چنڊ ڏيان،
ها، اهوئي ٻار چاهي ٿو.
ڪيسين رهبو سرءُ ۾ جانان،
هيءُ هاڻي بهار چاهي ٿو.
عشق پنهنجو به ڪجهه ته اُجرو ٿئي،
نينهن هاڻي نکار چاهي ٿو.
جهول هن جي اڳيان جهلي ڪوئي،
ٽهڪ هڪڙو اُڌار چاهي ٿو،
هن کي جڳ جون ڏيان خوشيون آڻي،
يار اهڙو معيار چاهي ٿو،
نفرتون تون دل مان سڀ ڪڍي هاڻي.
محبتون بي شمار چاهي ٿو.
منهنجي ساجن کي ڪوئي سمجهائي،
توکي ڪيڏو يار چاهي ٿو.
*
بخت عابد
وائي
توکي آءٌ مٺي!
پنهنجي هر خوشي،
ارپڻ چاهيان ٿو.
اماس رات ۾ ڪا بڻجي روشني،
ارپڻ چاهيان ٿو.
پيار کي سمجهي مون جا ڪئي آ بندگي،
ارپڻ چاهيان ٿو.
ساهن کان به پياري اٿم جيڪا دوستي،
ارپڻ چاهيان ٿو.
منهنجو سڀ سرمايو، بس آهي شاعري،
ارپڻ چاهيان ٿو.
مون وٽ بچي جا آه باقي زندگي،
ارپڻ چاهيان ٿو.
*
سرتاج جاگيراڻي
غزل
لڙڪ اندر ۾ پي ويا آهيون،
ڪنهن جو جيئڻ جي ويا آهيون.
پنهنجا سڀ احساس مري ويا،
شايد جهونا ٿي ويا آهيون.
دروازي مان واجهائين پئين،
توکي ياد اچي ويا آهيون.
ڪهڙي هنڌ تي پاڻ هئاسين،
ڪاٿي هاڻ پڄي ويا آهيون.
*
خالد جاگيراڻي
وائي
ڏسي پنهنجي ڏيهه ۾،
هيڏو هي انياءُ،
منهنجو روح رڙي پيو.
ڀاءُ مٿان ڪسندو ڏسي،
پنهنجو سڳو ڀاءُ،
منهنجو روح رڙي پيو.
ڪائي مرهم ڪونه آ،
۽ هي هيڏو گهاءُ،
منهنجو روح رڙي پيو.
ڪيڏي چپ چپاٽ ۾،
پيڙا جو پڙلاءُ،
منهنجو روح رڙي پيو.
خالد هر هڪ شعر ۾،
سنڌڙيءَ جو سوداءُ،
منهنجو روح رڙي پيو.
*
سرويچ گل ڀٽي
ترائيل
هر هڪ من ۾ آس پلي ٿي،
مندون شل مهڪارون ماڻن.
جذبن جي پئي جوت جلي ٿي.
هر هڪ من ۾ آس پلي ٿي.
خوشبوئن جي ڳالهه کُلي ٿي،
سوچون سُرها گل ٿيون آڻن،
هر هڪ من ۾ آس پلي ٿي،
مندون شل مهڪارون ماڻن.
*
نظر محمد بڙدي
غزل
سج شفق جي ڀاڪرن ۾ ٿو لڪي!
ڄڻ ته تنهنجي وارڙن ۾ ٿو لڪي!
چاندني پنهنجي کڻي ڪيئن اُڀ تان،
چنڊ گهر جي آڳرن ۾ ٿولڪي،
درد دل ۾ ٿي هڙاپا جي مثل،
ڇو پُراڻن کنڊرن ۾ ٿو لڪي.
روز ٿر تي ڪي شڪاري ٿا ڦرن،
مور بڙ جي ڇانوري ۾ ٿو لڪي.
زندگيءَ ۾ ڀؤنر وانگر بانوري،
روح تنهنجي آسرن ۾ ٿو لڪي.
اي ” نظر“ توکي چڱي آ مفلسي،
هو ته هاڻي تاجرن ۾ ٿو لڪي .
معراج احمد سولنگي
وائي
من اڱڻ آءُ هلي،
او سکي او سکي!
اڄ ڏکڻ پار ڏي، هير ٿڌڙي گهلي،
او سکي او سکي!
ماڪ گلڙن پئي، ۽ ٽڙي هر ڪلي،
او سکي او سکي!
هو پکي ڊيل آ، مور کي ڄڻ ملي،
او سکي او سکي!
پنهنجي آ پيار جي، ڳالهه ها جاءِ هُلي.
او سکي او سکي!
مون سنواري ڇڏي، ڳوٺ جي هر ڳلي.
او سکي او سکي!
محب ”معراج“ سان، پاءِ ڀاڪر کلي.،
او سکي او سکي!
حاجن چانڊيو
غزل
ياد تنهنجيءَ ۾ وري روئي پيس،
درد دل جو ويو وڌي، روئي پيس.
هن جي مرڪڻ سان ٽڙي گل ٿا پون،
ڪين جو هوءَ آ کلي، روئي پيس!
ساٿ مشڪل ۾ ويو سڀڪو ڇڏي،
واءُ ويو اهڙو گهلي روئي پيس.
ها، سري تنهنجي وئي مون کان سوا،
آ نه پر منهنجي سري، روئي پيس.
منهنجي مقدر ۾ نه هئي حاجن لکيل،
وئي نظر کان ڏور ٿي، روئي پيس!
آڪاش بوزدار
وائي
آئين تون نه اڃان،
توکي اکيون ڳولن ٿيون.
ڇا تون ايڏو پرڀرو، هُو نيري اڀ مٿان،
توکي اکيون ڳولن ٿيون.
سَر تي سونهن ڦلاريا، منهنجي گيتن جيان،
توکي اکيون ڳولن ٿيون.
ناهين ايڏو اوڏڙو، پوءِ ڀي ڀر وٽان،
توکي اکيون ڳولن ٿيون.
ڦلڙيون ڦلڙيون کيت، خوشبو خوشبو سان،
توکي اکيون ڳولن ٿيون.
آهي سج اُلهي ويو، ڳاڙهن رنگن مان.
توکي اکيون ڳولن ٿيون.
اُداس بوزدار
ڏيڍ سٽا
ـ ڏس، رات پئي جاڳي،
ڪو گيت پيو سرجي، ها ڏات پئي جاڳي.
ـ اسرار سمايل آ،
هن جي ته نيڻن ۾، ڏس پيار سمايل آ.
ـ هوءَ يار ملي ناهين،
ٿو روز اچان آئون، هڪوار ملي ناهين.
ـ ٿي ياد اچي تنهنجي،
آئون ته پيو تڙپان، دل يار لڇي منهنجي.
ـ اڄ مينهن وٺو آهي،
آئون ته ڏسان ٿو پيو، گهر هن جو ڊٺو آهي.
*
خليل عارف سومرو
غزل
رنگ نوراني ۾ وهنتل ۽ رتَل،
من کي موهي ويا اُهي ٻئي لال ڳل.
مان ڏيان تشبيهه ڪهڙي اي سڄڻ،
حسن تنهنجي جو ڪٿي ڪونهي بدل.
تنهنجي نيڻن جي نزاڪت ڇا چوان؟
خوبصورت ٿو لڳي ڪارو ڪجل.
روپ تنهنجو رنگ تنهنجو ڇا لکان؟
ڄڻ ته ڪينجهر منجهه جهومي ٿو ڪنول.
تو سوا ڪنهن ڏي ڏسڻ چاهي نٿي،
ديد جوهي فيصلو آهي اٽل.
سڀڪو عارف کي مڃڻ شاعر لڳو،
جنهن مهل توتي لکي ويٺو غزل. |