سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :24

        هي ڪتاب مواد جي ترتيبي لحاظ کان اٺن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ پروفيسر عبدالله مگسي جا ٽي انٽرويو ڏنل آهن، جن جي پڙهڻ سان پروفيسر صاحب جي سوانح ۽فڪر متعلق ڪافي معلومات ملي سگهي ٿي، ٻئي ڀاڱي جي پهرئين حصي الف ۾ اٺ مقالا شامل آهن. انهن مقالن ۾ سواءِ ٽن مقالن جي ٻين سڀني جو تعلق ايران ۽ مصر جي قديم تاريخ سان آهي. ٽن مقالن: هندي آرين جون فتحون، هندي آريائي فلسفو ۽ وادي سنڌ ۽ دنيا جون قديم تهذيبون ۽ سنڌ متعلق ڪافي معلومات سمايل آهي. انهيءَ ڀاڱي جي ٻئي حصي ب ۾ يارهن مقالا آهن، جن سڀني جوتعلق سنڌ جي سياسي ۽ مذهبي تاريخ سان آهي. انهن مقالن ۾ ٻن مقالن: دادو جي ڪچي ۽ ڪاڇي  متعلق معلومات ۽ ملڪه معظمه انگلستان جو فرمان (ترجمو) کان سواءِ ٻيا سمورا مقالا سنڌ جي ڪلهوڙا دؤر سان واسطورکن ٿا.اهي مقالا درحقيقت هن ڪتابن جي جان آهن، جو انهن ۾ ڪلهوڙا دؤر متعلق قيمتي ۽ بهترين تحقيقي معلومات موجود آهي. پروفيسر  عبدالله مگسي جي ڇپيل مقالن جي پهرئين مجموعي ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ به ست مقالا اهڙا شامل آهن جن جو زياده تر تعلق ڪلهوڙا دؤر سان آهي. چڱو ائين ٿئي جو ٻنهي ڪتابن مان ڪلهوڙا دؤر متعلق سمورا مقالا علحده ڪري، هڪ ٻئي جدا ڪتاب ۾ ترتيب ڏيئي ڇپايا وڃن ته جيئن پروفيسر عبدالله مگسي جي ڪلهوڙن متعلق گڏ ڪيل سموري محنت ۽  معلومات هڪ هنڌ جمع ٿي ۽ پڙهندڙن کي به ڪلهوڙا دور متعلق اهو قيمتي احوال آساني سان هڪ ٻئي ڪتاب مان ملي وڃي.

        ڪتاب جي ٽيئن ڀاڱي ۾ موجوده سياست ۽ سماجيات تي يارهن مضمون ۽ مقالا ڏنا ويا آهن، جن ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي تمام قيمتي معلومات موجود آهي. انهن مان چند مضمون سنڌجي سماج تي تمام سٺي روشني وجهن ٿا، جهڙوڪ” سنڌي معاشري ۾ اجنبيت جو احساس ۽ عورت جي سماجي حيثيت“ وغيره مطلب ته ڪتاب جو هي حصو سنڌ ۽ پاڪستان جي جديد تاريخ لکڻ وارن لاءِ تمام سٺي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو.

        ڪتاب جي چوٿين ڀاڱي پهرئين حصي الف ۾ ادبي مضمون ۽ چند ڪتابن تي تبصرا شامل آهن. هي حصو سنڌي ادب جي تاريخ متعلق بهترين اثاثو آهي. جو انهي ۾ سنڌي ادب متعلق تمام قيمتي مواد موجود آهي. ٻئي حصي ب ۾ پروفيسر صاحب جون مختلف رسالن ۾ ڇپيل چار ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي پڻ سنڌي ادب جو قيمتي سرمايو آهن.

        ڪتاب جي پنجين ڀاڱي ۾ سنڌ جي چند سياسي ۽ ادبي شخصيتن جي زندگي متعلق يعني انهن جي سوانح تي تمام تفصيل سان روشني وڌي ويئي آهي. انهي حصي ۾ نو مضمون آهن جن ۾ خلافت تحريڪ جو هڪ ڪارڪن ”محمد سهراب مگسي، محمد امين کوسو، ابوبڪر خان مگسي، الله جڙيو انصاري، حڪيم محمد مراد، حڪيم شفيع محمد چنا، سڪندر اعظم مگسي ( جيڪو پروفيسر عبدالله مگسي جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ ضياءُ دؤر ۾ اهلڪارن هٿان شهيد ٿي ويو هو.) انيمري شمل ۽ ميان قادر بخش مگسي جي زندگي جو تفصيلي احوال شامل آهي. هن ڪتاب جوهي حصو پڻ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ جو قيمتي سرمايو آهي.

        ڪتاب جي ڇهين ڀاڱي ۾ چار مضمون آهن، جي ترجمو ٿيل آهن. اهي سڀ مضمون (سواءِ هڪ مضمون جي ) ٻارهين اديبن جا لکيل آهن، جهڙوڪ چنگيز اعتماتوف ۽ ايملڪار ڪبرال وغيره. هڪ مضمون ”فطرت کي جيئن مون ڏٺو“ قاضي فيض محمد جو لکيل آهي.

        ڪتاب جي ستين ڀاڱي ۾ آيل مواد جو عنوان ”مطالعي جي ميز تان“ آهي. هن حصي ۾ اهڙو مواد شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو پروفيسر عبدالله مگسي، مختلف ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي مطالعي دوران وقت بوقت پنهنجي پسند مطابق پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ نوٽ ڪندورهيو آهي. هي مواد به قيمتي ۽ معلوماتي آهي. انهي مواد مان هڪ مثالي ٽڪروهيٺ پيش ڪجي ٿو، جنهن جوعنوان آهي ”آمريت جي واڌ ڪيئن ٿيندي آهي.“

        ”اقتصادي بحران سياسي عدم استحڪام کي جنم ڏيندو آهي، جنهن کان گهٻرائجي سرمايدار ۽ ان جون معاون جماعتون پنهنجي منهن تان جمهوريت جو نقاب لاهي ميدان تي اينديون آهن ۽ آمريت قائم ٿيندي آهي. هر آمريت فاشزم جي جهنڊي ۽ نعري هيٺ وڌندي آهي.“

        ڪتاب جي انهي مواد ۾ ڪيترن ئي ڏاهن، مفڪرن، سياستدانن ۽ اسڪالرن جا سونهري قول به شامل ڪيا ويا آهن. اهڙي مواد مان افلاطون جوهڪ قول هيٺ ڏجي ٿو.”رياست ڪنهن وڻ يا جبل جي ٽڪري مان وجود ۾ نٿي اچي، پر اها ماڻهن جي ڪردار سان ئي جنم وٺي ٿي جيڪي ان ۾ رهن ٿا.“

        ڪتاب جي انهي حصي ۾ شامل چونڊ مواد مان اسان کي پروفيسر عبدالله مگسي جي سياسي ۽ ادبي مطالعي جي چڱيءَ ريت پروڙ پئجي سگهي ٿي ۽ سندس پسند واري پهلوءَ تي پڻ ڪافي روشني پوي ٿي.    

ڪتاب جي اٺين ۽ آخري ڀاڱي جو عنوان ”ڊائريءَ جو ورق“ آهي. اهو حصو اهڙي مواد تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پروفيسر عبدالله مگسي 4- اپريل 1979ع کان وٺي 4- اپريل 1991ع تائين وقت بوقت دنيا جي ملڪن ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي ۽ سماجي واقعا ۽ پنهنجي روزمره جي زندگي مان چند خاص ڏينهن متعلق ڄاڻ پنهنجي ذاتي ڊائري ۾ لکندو رهيو آهي. ڪتاب جو هي حصو ٻاهرئين دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ ٿيندڙ وقت بوقت  ڪيترن ئي تاريخي ۽ سياسي واقعن متعلق قيمتي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو ۽ انهن واقعن تي سٺي ۽ ڀرپور روشني وجهي ٿو. پروفيسر عبدالله مگسي اهڙن واقعن کي تاريخوار پنهنجي ڊائري ۾ نوٽ به ڪندو ويو آهي ۽ پنهنجي طرفان ان تي پنهنجا خيال ۽ رايا به لکندو رهيو آهي. مثال خاطر ڊائري مان ورتل چند واقعا ڏجن ٿا.

        4.اپريل 1979ع- ”مسٽر ڀُٽي کي سندس بروٽس جي هٿان شهيد ٿيڻو  پيو(اڄ کيس ڦاسي ڏني ويئي) کيس رات جو ٻين بجي ڦاسي ڏني ويئي.“

        31، آڪٽوبر 1984ع- ”نواب شاهه کان رائيونڊ ڏانهن تبليغي جماعت وارن سان گڏ اسپيشل بوگي (ٽرين) وسيلي پانڌي خان، مان ۽ رشيد ڏاهري گڏجي وياسون.“

        ڪتاب جو هي حصو به قيمتي ۽ اهم آهي. سنڌ ۽ پاڪستان جي جديد تاريخ لکڻ ۽ پروفيسر عبدالله مگسي جي سوانح متعلق هن ۾ڪافي مواد موجود آهي. هن حصي مان پروفيسر عبدالله مگسي جي سياسي ۽ مذهبي لاڙن متعلق معلومات حاصل ٿي سگهي ٿي.

        ڪتاب جي آخري صفحن تي مگسي قوم جا چار شجرا شامل ڪيا ويا آهن، جن جو تعلق پروفيسر عبدالله مگسي جي خاندان سان آهي. اهي شجرا سنڌ جي سماجي تاريخ لکڻ مهل ڪافي ڄاڻ ڏيئي سگهن ٿا.

        هي ڪتاب به پهرئين ڪتاب وانگر پروفن جي غلطين سان ڀريو آهي. اميد ته ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن ۾ انهن کي سڌاريو ويندو. _ محمد پنهل ڏهر

 

ڪينجهر _(6)

        گذريل ڪجهه سالن کان سنڌيونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“ نڪرندو رهي ٿو، جنهن جا اڪثر ليکڪ سنڌي شعبي جا استاد هوندا آهن. هميشه جيان هن سال به ”ڪينجهر“ (6) 95-1994ع پڌرو ٿيو آهي. هي تحقيقي جرنل سنڌي شعبي جي سرواڻ پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم جي سربراهيءَ ۾ نڪتل آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر هدايت پريم ”ڪينجهر“ جو ايڊيٽر آهي ۽ ميمبرن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ شامل آهن.

هِن شماري جا سمورا مقالا معياري ۽ تحقيقي نوعيت جا آهن، جن جو تعداد ڏهه آهي. سڀ کان پهريائين ”گذارش“ جي عنوان سان ڊاڪٽر خادم ايڊيٽوريل لکيو آهي. ان کان پوءِ سنڌيونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو” پيغام“ ڏنل آهي. هن شماري ۾ جن ڏهن ليکڪن جا مقالا شايع ڪيا ويا آهن انهن جي سڃاڻ ”ليکڪن جو مختصر تعارف“ جي عنوان سان ڪرائي وئي آهي.

پهريون مقالو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ”مخدوم جي سرپرستي هيٺ نڪتل ٻه ادبي رسالا“ ڏنل آهي، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي نگرانيءَ ۾ نڪتل ٻن اهم رسالن ”روحِ ادب“ ۽ ”شاعر“ جو تعارف پيش ڪيو ويو آهي. ٻيو مقالو” شاهه جي ڪلام ۾ روحاني حسن“ جي عنوان سان ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جو لکيل آهي، جيڪو شاهه لطيف جي ڪلام ۾ روحاني حسن کي نمايان ڪرڻ ۾ تحقيقي نوعيت جو لکيل بهترين مقالو آهي. ٽيون مقالو” سنڌي جيون ڪهاڻي جو مطالعو“ ڊاڪٽر قاضي خادم جو لکيل آهي. هي مقالو به اهميت وارو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي چند اهم شخصيتن جي لکيل آتم ۽ جيون ڪهاڻين جو ذڪر ڪيل آهي. ان لاءِ ليکڪ جي هن راءِ ”هتي ڪن اهڙين آتم ۽ جيون ڪهاڻين جو بيان ٿو ڪجي، جن ۾ سنڌ جي تعليمي ۽ سماجي حالات جو نقشو چٽيل آهي“، مان مقالي جي اهميت نروار ٿئي ٿي. چوٿون مقالو ” سُندري اُتمچنداڻي“ جي عنوان سان آهي، جيڪو محترمه نور افروز خواجه لکيو آهي، جنهن ۾ سُندريءَ جي ناولن ۽ ڪهاڻين جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. پنجون مقالو ڊاڪٽر  قاسم ٻگهيي جو لکيل آهي ۽ عنوان اٿس، ”لسانيات کان سماجي لسانيات تائين“ ، جنهن ۾ هڪ اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. ڇهون مقالو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جو ”ڪڇ ۽ لاڙ جا علمي تعلقات“ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ لاڙ ۽ ڪڇ سان واسطو رکندڙ ٻن اهم عالمن عبدالرحمان ڪاٺٻانڀڻ ۽ مخدوم عبدالله نرئي واري جي تصنيفن ۽ علمي خدمتن جو تذڪرو ڪيل آهي ستون مقالو عبدالقيوم صاحب جو لکيل ”پرمانند ميوارام“ آهي، جنهن ۾ پرمانند جي شاندار علمي ۽ ادبي خدمتن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. اٺون مقالو ” سنڌي ٻوليءَ جو اُترادي لهجو“ جي عنوان سان، هدايت پريم صاحب جو لکيل آهي. هن مقالي ۾ برک عالمن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي حوالن سان، سنڌ جي اتر وارن علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لهجي جو مختصر اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. نائون مقالو ”خاڪپائي مرتضيٰ شهداد خان“ جي عنوان سان، ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جو لکيل آهي. جنهن ۾ ٽالپر خاندان جي چشم و چراغ مير شهداد خان جي علمي ۽ شاعرانه ذوق تي روشني وڌي وئي آهي. آخري ۽ ڏهون نمبر مقالو لکيو آهي محترمه تهمينه سڪندر، جنهن جو عنوان آهي”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ علامت نگاري.“

مطلب ته ”ڪينجهر“ (6) جا سڀ مقالا وڏي اهميت ۽ افاديت وارا آهن. هت اها ڳالهه به وضاحت جوڳي آهي ته هن ’ڪينجهر‘ (6) جا ڪجهه مقالا اڳ به ڇپيل آهن. بئڪ ٽائيٽل تي، سنڌ جي اديبن جي هڪ ناياب تصوير 1958ع جي نڪتل ڏني وئي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جا سرواڻ ۽ ميمبر مبارڪباد جا مستحق آهن، جيڪي باقاعدگيءَ سان ”ڪينجهر“ ڪڍندا اچن ٿا. هي تحقيقي جرنل نه رڳو ادبي ذوق رکڻ وارن لاءِ ڪارگر آهي پر شاگردن لاءِ پڻ اهميت وارو آهي. - - امام راشدي

لفظن جو ماتم:

        ”درد جو صحرا“ ۽ ”خوشبوءَ جو زهر“ تاج بلوچ جي دردن جو اتهاس آهن جيڪي هن ڀوڳيا آهن ۽ ان اتهاس ۾ هڪ ٻيو درد ”لفظن جو ماتم“ جي صورت ۾ شامل ٿيو آهي. درد، جيڪي تاج جي شاعريءَ ۾ مختلف نمونن سان اوتجي اچن ٿا. تاج هڪ حساس دل رکندڙ شاعر آهي. هن پنهنجي شاعري کي غم جانان يا ٻي صورت ۾ داخلي ”احساسن تائين محدود نه رکيو آهي. هو پنهنجي ذات کان ٻاهر ڏسي ٿو. کيس پاڻ جهڙا ڪيئي دکي انسان ملن ٿا، جن جي دک جي نوعيت ته مختلف آهي پر ان جي ڀوڳنا ساڳي آهي، تاج پنهنجي ڏات جا رنگ نکيريا آهن  ۽ خارجي “Objective” ”احساسن کي به شعرن ۾ سمايو اٿس. سندس هر غزل، نظم، قطعو سندس درد جو عجيب قصو آهي. تاج منهنجي چند پسنديده شاعرن مان آهي، جن وٽ شعر جو انداز، بيان/ لهجو نج آهي. ان تي ڪنهن به سهيوڳي شاعر جو اثر حاوي ٿي نه سگهيو آهي. تاج وٽ اظهار جو ڏانءُ نهايت دلفريب ۽ نرالو آهي.

زندگي گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾،

پوءِ ڀي سو سو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾.

        ۽ اظهار جو اهو ڏانءُ مون سندس ٽهيءَ جي گهٽ شاعرن ۾ ڏٺو آهي. تاج جا غزل کليل اڱڻ، چانڊوڪي رات ڏکڻ جي هير ۾ پڙهندي من کي ڪيڏي نه عجيب راحت ملندي آهي.”لفظن جو ماتم“ ۾ شامل غزل/نظم/ قطعا سندس دردن جا سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح عڪاس آهن.

        ”لفظن جي ماتم“ ۾ شامل غزل جا ڪجهه بند اوهان لاءِ هتي پيش ڪجن ٿا.

رنگ ۽ خوشبوءَ جا سارا سلسلا تنهنجون گهٽيون.

دل جو پر ويران آهي گام تنهنجي شهر ۾

*

گهر کي ٻاري ڪريو ڏياري ٿا،

پوءِ ڪهڙي مڪان ۾ رهبو،

ڪو نئون موڙ ڏيو فساني کي،

ڪيترو داستان ۾ رهبو.

*

روح ۾ ساريون لٿيون جي تلخيون،

ڪير موسم جو قصيدو لکندو،

گهر جي کڙڪين ۾ پيو خوف نچي،

ڪهڙو محفوظ ڪو رستو لکندو.

*

تنهنجي مئخاني جي کڙڪي نه کلي،

رند تڙپي ۽ مري ويا آهن،

رات باقي نه ستارا باقي،

مڌ ۾ مئخانا تري ويا آهن.

تاج نظم جو به خوبصورت ڪوي آهي. تاج جاڳي ٿو، عذاب شهر جا رستا جهاڳي ٿو. درد جي سمورن رستن تي روشني پوکي قافلا روان ۽ دوان ٿو ڪري، پر پوءِ به الائي ڇو سندس نظم”جوالا مکي“ ۾ مايوسي جو احساس اڀري ٿو اچي:

           ”اهائي اونداهي،

محبتن جون سموريون جي موسمون آيون،

غريب ٻار جيان بي ثمر رهياسين اسين،

فلڪ ۽ ڀونءِ جي وچ ۾.

             جو درد رشتو هو،

دوام ان کي ڏنوسين ۽ پنهنجي قسمت ۾،

رهيو اهي ئي اڳوڻيون تمام دربدريون،

ٺري ٺري نه ٺريو سو ڪڏهن جوالا مکي!“

تاج جا نظم آمريت ۽ بربريت واري دور جي پيداوار آهن. تاج جا نظم محبتن ۽ خوشبو ڏانهن ويندڙ رستو آهن، ۽ تاج محبتن  ۽ خوشبوءَ جو مسافر آهي. هو ماڻهن جي هجومن ۾ پاڻ کي اڪيلو ٿو ڀانئي، ۽ اڪيلو رهجي وڃڻ جو دک ئي کانئس ڪرب ڏيندڙ سٽون ۽ زندگي جا نوحا لکائي ٿو.

”لفظن جو ماتم“ تي سرسري نظم وجهڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته تاج غزل جو تخليقي شاعر آهي. غزل ۾ خيالن، منظرن ۽ تشبيهن جا خوبصورت رنگ ڀرڻ ڪو تاج کان سکي. ”لفظن جو ماتم“ ۾ شامل سموري شاعري حالتن جي دک مان سرجي آهي ۽ ڪنهن ڪيڏو نه ٺيڪ چيو آهي ته شاعري وقت سان Commitment جو نالو آهي ۽ ”لفظن جو ماتم“ زندگي جي نوحي تي ٿيندو رهي ٿو.

”لفظن جو ماتم“ جي نظمن ۾ ”سفاڪ آئينا“ ، ”شهر جي جواني“، ”نيپالي عوام ڏانهن“، شعر لکڻ مزدوري آهي“ ۽ روح گروي نه رکو“ سندس خوبصورت نظم آهن. اوهان تاج بلوچ جي خوبصورت غزلن/ نظمن/ قطعن جو مجموعو نه پڙهيو آهي ته منهنجي اوهان کي دوستانه صلاح آهي ته هڪ سو اوڻٽيهه صفحن تي ڦهليل، خوبصورت چار رنگي ٽائيٽل ۽ خوبصورت ڇپائي سان سنڌ جي صاحب اسلوب شاعر تاج بلوچ جي نظمن / غزلن/ قطعن جو مجموعو ”لفظن جو ماتم“ ضرور پڙهي ڏسو. اسٽال تان نه ملڻ  جي صورت ۾ ڪلا اڪيڊمي بي- 16، اي. ون اپارٽمينٽس – 3، اصفهاني روڊ، گلشن اقبال ڪراچي تان هڪ سو روپين ۾ گهرائي پڙهي سگهجي ٿو.

_جاويد سوز هالائي

ساريان سيئي ڏينهن:

        جڳ مشهور ليکڪ ڪرشن چندر جو نالو پڙهندڙن لاءِ ڪو نئون نه آهي. زير تبصره ڪتاب ” ساريان سيئي ڏينهن“ ڪرشن چندر جي يادگيرين تي مشتمل آهي. ڪرشن چندر جا ڪيترائي ڪتاب، افسانا، ڊراما ۽ ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. شايد ئي ٻي ڪنهن ٻوليءَ جي ليکڪ جا ايترا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيا هجن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته ڪرشن چندر جون لکڻيون سنڌي سماج سان ٺهڪي اچن ٿيون. ائين پيو محسوس ٿئي ته اهي افسانا ۽ ناول سنڌي سماج جي حالتن جي پس منظر ۾ لکيا ويا آهن. ڪرشن چندر بنيادي طرح طبقاتي ڪشمڪش جو ليکڪ آهي. هو نه رڳو مظلوم طبقي جي حمايت ۾ لکي ٿو پر ان سان گڏ ظلم جي خلاف نهايت دلفريب انداز ۾ پڪاري ٿو. جنهن کي پڙهندڙ چڱيءَ  طرح محسوس ڪندو رهي ٿو. زير تبصرو ڪتاب ’ساريان سيئي ڏينهن‘ منصور اڪيڊميءَ جو ڇپايل آهي. منصور اڪيڊمي جو مقصد نون ليکڪن کي همٿائڻ آهي. ان سلسلي ۾ هن اڪيڊميءَ ڪيترائي نوان لکندڙ متعارف ڪرايا آهن، جن جي نالن جي لسٽ هتي ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. صرف سندن ڇپيل ڪتابن جي لسٽ مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته منصور اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ نه رڳو نوَن لکندڙ کي همٿايو آهي پر ڪن مستحق ليکڪن جا ڪتاب ڇپائڻ ۾ پڻ پيش پيش رهيو آهي.

        هن ڪتاب جو مترجم لطيف اياز پنهور نئين ٽهيءَ جو نوجوان شاعر ۽ ليکڪ آهي، جنهن ۾ اڳتي وڌڻ جون سڀئي صلاحيتون موجود آهن اميد آهي ته هو پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي کي اڃا به وڌائيندو ۽ سنڌي سڄڻن کي پڙهڻ لاءِ بهترين ڪتاب ڏيندو رهندو.

        هي ڪتاب ’ساريان سيئي ڏينهن‘ پنهنجي جاءِ تي ڪرشن چندر جي آتم ڪهاڻي يا ننڍپڻ جي يادگيرن تي مشتمل آهي، مگر هڪ اهڙو مڪمل ڪتاب آهي جيڪو سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ جنهن انداز سان سماجي براين، ڌارين، مظلومن، چڱن، مٺن، ننڍن وڏن مطلب ته اوچ نيچ، طبقاتي سوچ رکندڙ توڙي پس پرده رهي ڪم ڪندڙن جو هڪ دستاويز آهي جنهن کي مصنف اهڙي انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ لکندڙ ۽ مترجم کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

        هن ڪتاب مان ڪجهه ٽڪرا نموني طور هتي پيش ڪجن ٿا.

        ” ... پر اهو به سچ آهي ته پهاڙيءَ کان هيٺ رهڻ وارن ماڻهن کان سواءِ مٿي رهڻ وارن جو گذارو ٿي نٿي سگهيو. اسان جا ملازم به اتان ئي ٿي آيا. اردلي، بورچي، چوڪيدار، مالهي، خدمتگذار، ڪڪڙيون ۽ بيضا وڪڻڻ وارا، ڪپڙا وڪڻڻ ۽ ڌوئڻ وارا، حجام، موچي، سونارا، لوهار،ڪاٺير ... اهو سچ آهي ته جيڪڏهن پهاڙ کان هيٺ رهڻ وارا ماڻهو نه هجن ته اسان جي گهرن جي چلهه به نه ٻري. پر اها هڪ خطرناڪ حقيقت هئي، جنهن کي سموري علائقي ۾ ڪوبه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. اسان سمجهيو ٿي ۽ اسان کي سمجهايو ويندو هو ته اسان جي دنيا بلنديءَ تي قائم آهي، پر انهيءَ بلنديءَ ۾ ڪيڏيءَ نه پستي هئي، انهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو .... (ص 70-71)

        ”هلي وڃ!“ امان ڪاوڙ مان رڙ ڪندي چيو.

        ”نه نه! ڪاڪي جي ماءُ!“ بابا پريشان ٿيندي چيو، پر امان يڪدم چيو: ”تون چپ رهه“ پوءِ خانم ڏانهن مڙي هڪڙي آڱر کڻندي چيائين ”سڌي ٿي هتان وڃ، نه ته هينئر ئي ٿي پوليس کي سڏايان.“

        ”بس هڪ ڀيرو مون کي ڏسڻ ڏيو.“ خانم آهستگيءَ سان التجا ڪندي چيو.

        ”هاڻ هن کي ڏسي ڇا ڪندينءَ؟“ امان پڇيو.

        ”هن سان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿي؟“ خانم ڏاڍي سادگيءَ سان چيو.

”چري ٿي آهين! مُردن سان ڪير ٿو ڳالهائي سگهي؟“

” آءُ ڳالهائيندس! خانم ڪامل يقين سان چيو:”مون کي هو هڪ ڀيرو ڏيکاريو، بس هڪ ڀيرو.“

امان رئندي ڀريل آوازسان چيو : ”وڃ اڀاڳي، هلي وڃ، مُردا جيڪڏهن ٻڌي سگهن ها، ته اڄ ڪابه عورت بيوه نه هجي ها؟ ڪوبه ٻار يتيم نه ٿئي ها! پر مُردا ٻڌي نٿا سگهن!“

خانم دير تائين ماٺ رهي. سندس نگاهه ڪڏهن امان تي ۽ ڪڏهن بابا جي چهري تي هئي. آخر هن روح رئاڙيندڙ لهجي ۾ چيو ”ٺيڪ آهي، مردا نٿا ٻڌي سگهن، شايد انهيءَ ڪري تون به نٿي ٻڌي سگهين. ڊاڪٽر به نٿو ٻڌي سگهي! هتي ڪوبه ڪنهن جي نٿو ٻڌي. ڇا هتي سڀ مردا رهن ٿا!“

خانم ڏاڍي حقارت مان چيو ته سندس گهرين ڪارين اکين مان شعلا ڀڙڪڻ لڳا. پوءِ هوءَ وڌيڪ ڪجهه چوڻ کان سواءِ منهن موڙي ورانڊي مان ٻاهر نڪري ويئي. ( ص 115)

هيءُ ڪتاب ”ساريان سيئي ڏينهن“ هڪ نهايت دلچسپ ترجمو آهي جنهن جهڙا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳ گهٽ ڇپيا آهن. هڪ اهڙو ڪتاب جنهن کي کڻڻ کان پوءِ پڙهي پورو ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. هر پئرا ۾، هر پيج تي هن ڪتاب ۾ اهي جملا ڏنل آهن جيڪي نشتر جيان ڇڀن ٿا ۽ سماج جي سيني اندر پڙهندڙ جي ذهن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.

هي ڪتاب ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيل آهي. بهترين ڇپائي، چار رنگي بهترين ٽائيٽل، بئڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي مشهور دانشور محترم ابراهيم جويي جو لطيف اياز پنهور بابت تعارف به پڙهڻ جهڙو آهي.

 

هن ڪتاب جي مترجم پنهنجي قلم مان جيڪومدلل بحث ڪيو آهي اهو ويچار جوڳو آهي.

_ رفيق جمالي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com