سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :16

رسول بخش درس

گهايل چُميءَ جو مرثيو

 

        ورهين کان پوءِ هو کيس نظر آيو. بس اسٽاپ تي بيٺو هو. اوسيئڙي ۾ هو شايد بس جي. هن کان رهيو نه ٿيو ۽ گاڏي کي رِوَرس گيئر هنيائين. دل جو دهڪو تيز ٿي ويس، عجيب اُڻ تڻ ۾ هئي. گاڏي آڻي سندس اڳيان بيهاريائين. هو بيخبر پُٺتي هَٽي لوڻا هڻندو رهيو. جڏهن ٽيون هارن ڏنائينس ۽ اُتاولو ٿي ڏانهنس وڌيو. ڪجهه دير کيس ڏسندو رهيو، پوءِ زخمي مُرڪ سندس اُٻاڻڪي منهن تي تري آئي. ” صائمه تون؟“

        پروفيسر صائمه ڪار جو در کولي کيس ويهڻ لاءِ چيو. ڪي پل ته بيٺورهيو، ٻڏتر ۾. ها نه جي پلصراط تي ڦٿڪڻ لڳو ته ماضيءَ جي ڪا صدا ڪن پيس:

        ” سانول ويهه نه، اچ ويهه“ ۽ پوءِ سانول بي ستو بدن اڳئين سيٽ تي اُڇلائي ڇڏيو.

        سانول منهنجو خيال آ ته ڪٿي ويهي چانهه پيئون ؟“

        ” چانهه ؟ “

        ” ڇو ڀلا ورهين کان پوءِ مليا آهيون ته چانهه بهاني ٻه ڳالهيون به ٿي وينديون. چڱو منهنجو گهر هتان ويجهوآهي، اتي ٿا ويهون“، ڪار اچي چڱي موچاري بنگلي جي گيٽ ۾ داخل ٿي. سانول هٻڪي صائمه جي پٺيان هلندي اچي پاڻ کي صوفي تي بي ستو ڇڏي ڏنو.

        پروفيسر صائمه چانهه جو ڪپ اڳيان رکيس. سانول جي نيڻن ۾ صدين جي سفر جا ٿڪ لهي آيا ۽ اکيون وسڻ جا ويس ڪرڻ لڳيون. صائمه ماٺ جو طلسم ٽوڙڻ لاءِ سڏڪا روڪيندي چيو ” چانهه پيئو.“

        سانول ماضيءَ جي منظرن ۾ کوئجي ويو ته صائمه چوڻ لڳس:

        ” سوچيان ٿي ته ڳالهه ڪٿان شروع ڪريان ؟“

        ” ڳالهيون ڪهڙيون ڪندينءَ، رهڻ ڏي.“

        ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون.

        پر سين مون نه ڪيون، گوشي گڏيا نه سپرين.“

        ” سانول! شاهه سائين تنهنجي روح ۾ رچي ويو آهي!“

        ” ها صائمه اسان اَڀاڳن لاءِ لطيف سائين جي شاعري ڊڀ ۽ دارون آهي، جيئڻ جو سبب آهي.“

        ” ڀلا نوڪري ۾ آهين؟“

        ” تنهنجي وڇڙڻ کان پوءِ نوڪري گهنگهر ٿي پئي. اهو شهر کائڻ ٿي آيو جتي پيار سرِجيو هو ۽ نوڪري ڇڏي هليو آيس. وڏي شهر جي سمنڊ ۾ وڃائجي وڃان ها، اچي گهر وسايم!“

        ” پوءِ“

        ” پوءِ ڳوٺ ۾ ميڊيڪل اسٽور کوليم.“

         ” اهو  ته ڏاڍو چڱو ڪئي.“

        ” ها گهر جا سڀ ٽپڙ ٽاڙي ڍڳا وڪڻي اسٽور کوليم، پر سال به هلي نه سگهيو.“

        سانول سندس منهن کي چتائي ڏسڻ لڳو، ڄڻ وري ڏسڻ نصيب ٿئي يا نه ۽ ايتري ۾ نوڪرياڻي خالي ڪپ کڻي هلي وئي.

        ” ڇو ڀلا، اسٽور جو ڪاروبار ته سڌو سڌو آهي صاف سٿرو؟“

        ” صائمه، هر ڌنڌي ۾ ضمير وڪڻڻوٿو پوي. اسٽور تي اهڙن ماڻهن جي اڪثريت دوا وٺڻ ايندي آهي جيڪي دوائون ڏسي ڏاڍا سرها ٿيندا آهن. اميد ڪر کڻندي آهي پر بل جو ٻڌي مٿن ڄڻ وڄ ڪريو پوي. 80 سيڪڙو مريض پورا پئسا نه ڏئي سگهندا آهن ۽ مون کان اهو نه پڄندو آهي ته وٽانئن دوائون واپس وٺي رکي ڇڏيان ۽ هڪ سال ۾ هٿ ڇنڊي اچي گهر ڀيڙوٿيس.“

        ” هاڻي ڇا پيو ڪرين؟ “

        ” اخبار ۾ رت ولوڙيندو آهيان.“

        ” ڪهڙي اخبار ۾ ؟“

        سانول منهن تي ڪساري مُرڪ آڻيندي چيو: ” مستقل ته ڪائي ناهي. ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي. صحافت ۾ ڪاروباري ذهنيت ڪامياب رهي ٿي. اسان ته رڳو خرچ پيا ٿيون، تون  ٻڌاءِ؟“

        پروفيسر صائمه ڪي پل ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش رهي ۽ پوءِ دل تي پٿر رکي چوڻ لڳي: ” پاڻ ڏهن سالن کان پوءِ مليا آهيون سو به اجنبين وانگر. شاديءَ کان پوءِ اسلام آباد هلي ويس، اتان ئي ڊاڪٽريٽ لاءِ آمريڪا وڃڻ ٿيو ۽ موٽي اچي اسلام آباد ۾ پڙهائڻ لڳيس. تازو منهنجي گهر واري کي سندس کاتي ٽريننگ تي يورپ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ مون مناسب سمجهيو ته  واپس اباڻن ماڳن کي وسائجي. هتي يونيورسٽي ۾ڪوشش ڪيم ته نوڪري به ملي ويئي. ٻه ٻارڙا گرامر اسڪول ۾ داخل آهن، شام جو گاڏي ڇڏي ويندي اٿن. تو وري خبر چار به نه ورتي؟“

        ” ضرورت به ڪهڙي هئي؟ تون منهنجي نه ٿي سگهئين، پوءِ اجايو پيڇو وري تولاءِ مسئلا پيدا ڪري ها.“

        صائمه کيس ڏسندي رهي. ڪيڏو نه بدلجي ويو آهي! ڪيڏانهن ويئي سندس چنچلتا، سدا ملوڪ مُرڪ.

        ” سانول، اسين ٽين ايج ۾ ڏاڍا غير ذميوار هوندا آهيون، صفا جذباتي.“

        سانول ڪنڌ کي ٻانهون ڏيئي آ هلي پيو. ” ۽ اسان بزدل ماڻهن کي اهو جڳائي ته ايڏا وڏا فيصلا ڪري ويهون ۽ پوءِ ڦري وڃون.“

        صائمه اکيون چورائڻ لڳي: ” بزدلي ۽ حالتن سان ٺاهه ۾ فرق ناهي؟ “

        ” ساڳي ڳالهه ته آهي. حالتن سان ٺاهه بزدلي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي ؟“

        ” سانول، ماءُ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ مونکي ڀاءُ اولاد وانگر پاليو. جڏهن پاڻ اسٽيٽس هليو ويو، آءٌ اڪيلي رهجي ويس. خرچ پکو جام موڪليندو هو. هاسٽل جي زندگي مون لاءِ قيد برابر هئي ۽ تنهنجو سهارو مون کي ڏاڍو وڻيو، آءٌ اُڃايل هيس تون جهرڻو هئين مون لاءِ. حياتيءَ جي رڻ ۾ بڙ جي ڇانوَ، مونکي توسان ملي سڀ ڪجهه وسري ويو هو، منهنجي مجبوري کان ته تون واقف هئين ؟“

        ” مجبوري؟ صائمه مجبوري لفظ انسان جي محرومين ۽ مصلحتن جي اُپٽار آهي. ڪورَ آهي واهيات قدرن جو.“

        ” تون اهو ڇو ٿو وسارين ته هر سماج جا پنهنجا قدر آهن، اُهي اورانگهڻ چريائي آهي.“

        ” صائمه، اهوئي ته نفسياتي الميو آهي اسان جو ته اسان رسِڪُ کڻندا آهيون، نه ته هي جيڪو انساني جسم آهي. ان جو هر عضوو، رڳو دماغ ئي کڻ. آپريشن ڪندي ڏسين ته ايڏو ته نازڪ آهي جو انسان چرڻ پرڻ به نه چاهي متان ڪو زيان نه ٿي پئي.“

        ” پر آءٌ ڇا ٿي ڪري سگهيس. منهنجو گهر وارو ۽ ڀاءُ ٻئي اتي اسٽيٽس ۾ گڏ رهندا هئا. مٿن يورپ جو ذرو به اثر نه ٿيو. جڏهن اچڻ وارا هئا ته منهنجي ڀاءُ مون کي خط ۾ اهو تفصيلي احوال لکيو ته منهنجا حوصلائي خطا ٿي ويا ۽ توکان نئين حياتي پِني ورتم ۽ مڃان ٿي ته توکي ڏاڍو ڏکويو اٿم!“

        ” ڏک ڇا آهي” ڪير ڪنهن کي ڏکوئي نٿو پر ٻئي سان وابستہ ڪيل اجايون اميدون دوکو کائينديون آهن. مون کي توکان ڪابه شڪايت ناهي رڳو پاڻ تي ڪاوڙ اٿم جو توکي سمجهي نه سگهيس. پاڻ نام نهاد قدر اورانگهي تمام وڏو قدم کڻي چڪا هئاسين، رڳو تون پٺتي نه هٽين ها ته منزل ته ويجهي هئي.“

        صائمه جي اکين ۾ مشرقي عورت جي حيا جي وير چڙهي آئي. ” مون جذباتي فيصلو ڪري توکي به جنجال ۾ وڌو نه ته شعوري طور اهوناممڪن آهي. اسان جي سماج ۾ ائين گڏ رهڻ اسان جي تمام وڏي غلطي هئي. ناممڪن هو.“

        ”ناممڪن ڪا شيءَ ٿيندي ئي ناهي. اسان جوڀن جون جيڪي بهارون گڏ گذاريون، مونکي ان تي اڄ به فخر آهي ۽ اهوزندگي گذارڻ جو سڀاويڪ دؤر هو. تون ان تي پشيمان هجين ته تنهنجي مرضي!“

        صائمہ سڄي ڳاڙهي ٿي ويئي. ” مون کي ياد آهي ته اهڙو ساٿ وسارڻ ڪُفر آهي. تنهنجي پيار جي سحر ۾واقعي عجيب لطف هو، پر ڀاءُ جي خط ملڻ کان پوءِ مون کي خوف وارائي ويو ته آءٌ کيس ڪهڙو منهن ڏيکارينديس؟ هو جيڪو فيصلوڪري چڪو هو ان کي پاڻي نه مليو ته اسان ٽڪي جا ٿي وينداسين ۽ پوءِ جيڪو تو احسان ڪيو سو زندگي ڀر نه وساري سگهنديس.ٻيو ڪو هجي ها ته آءٌ ڀور ڀور ٿي وڃان ها. سڀئي سور تو سانڍي کنيا ۽ زندگي جو زهر پيئڻ لڳئين. تون ٿورو مون ڏانهن وک وڌائين ها ته منهنجو مڙس ايڏو شڪي آهي جو آءٌ رڻ ۾ رلي وڃان ها.“ اکين ۾ لڙڪ تري آيس ته سانول ڇت ۾ گهورڻ لڳو صائمه جي خود اعتمادي ڀور ڀور ٿي چڪي هئي.

        ” ڀلا مومل جي باري ۾ ڪجهه نه ٻڌائيندينءَ؟“

        ” صائمه، هيتري دير آءٌ رڳو اهو سوچيندو رهيس ته تنهنجي ممتا ڇو مري ويئي آهي؟ ڏهن سالن ۾ تو رڳو هڪ پل لاءِ به مومل جي سار نه لڌي ۽ هيتري دير ۾ تو هن جي باري ۾ هڪ اکر به  نه پُڇيو. رڳو پنهنجي بزدلي کي لڪائڻ لاءِ دليل ڏيندي رهينءِ ڪهڙي ماءُ آهين؟ ممتا جي جبلت ته جانورن ۾ به هوندي آهي، ڇا اسان حيوانن کان به بدترٿي ويا آهيون. اهي آهن اسان جا سماجي قدرَ؟“

        ” سانول، هڪ عورت کي گهر ۾ وَر لاءِ ڇاڇا نه ٿو ڪرڻو پوي. مون مومل کي تو جهڙي انسان جي جهول ۾ ڇڏيو هو. ساڻس ملڻ لاءِ دل ته گهڻوئي چاهيو پر ممڪن نه هو.“

        ” مون مومل کي پيار ڏيڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڇڏي آهي پر ماءُ ته نٿو ٿي سگهان. توکي خبر آهي ته هو ڏهن سالن جي ٿي چڪي آهي. تمام ذهين آهي. هاڻيءَ  هوءَ ماءُ جي باري ۾ گهڻا سوال ڪري ٿي. ڪيڏي مهل آءٌ ڊڄي ويندو آهيان. منجهس چڙ ۽ رسڻ پرچڻ وڌي ويو آهي، پر آءٌ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“

صائمہ کي هڪ پل لاءِ پڇتاءُ جي وير وڪوڙي ويئي، ” پوءِ ڪيئن پرچائيندوآهينس؟“

” توکي ته خبر آهي ته گهر وارن کي ٻڌايل آهي ته مومل جي ماءُ سان منهنجي خفيه شادي ٿيل هئي ۽ هوءَ ويم وقت گذاري ويئي. ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ منافقت گهٽ هلندي آهي، پر مومل جي مستقبل لاءِ اهو ڪرڻو پيو. منهنجا ٻروچ مائٽ ڌي ذات کي ائين ڪيئن قبول ڪن؟ تنهنجي ويم ڪرائيندڙ ڊاڪٽر دوست جي ويساهه ڏيڻ بعد مسَ مسَ ماٺ ڪيائون. مون کي مومل لاءِ گهر گهاٽ ڇڏڻا پون ها ته به ڇڏي ڏيان ها پرماءُ جو پيار نه ملڻ سبب سندس حياتي ۾ هڪ وڏو خال محسوس ٿئي ٿو. “

صائمہ جون اکيون اوهيرا ڪري وسڻ لڳيون” ڀلا هينئر موقعو آهي. مون سان ملائنيس صرف هڪ ڀيرو.“ سانول وجود ۾ سمورو درد سهيڙيندي صائمہ کي گهوريو” ڀلا ڪهڙي حيثيت ۾ ؟“

صائمہ سڏڪندي رهي.

” نه صائمه ، چرين واريون ڳالهيون نه ڪر مومل ايڏي حساس آهي جو هوءَ توسان ملي ته سندس سوالن جي وير کي آءٌ منهن نه ڏيئي سگهندس. ڪٿي ڪوڙ کي سچ نه ڪري وجهان، پوءِ اهو ڏاڍو خراب ٿيندو. تون پنهنجي ڊريسنگ ٽيبل تي جيڏي مهل ويهين ته پاڻ کي 30 سال پوئتي وٺي وڃجان توکي مومل نظر اچي ويندي.“

” سانول صرف هڪ ڀيرو!“

سانول ڪاوڙ روڪيندي چيو: ” تون هڪ ڀيروهُن سان ملندينءَ ته بار بار ملڻ جا جَتن ڪندينءَ. ڪٿي تنهنجي ستل ممتا جاڳي نه پئي ۽ سڄومانڊاڻ ڊهي نه پئي. تنهنجو گهر به تباهه ٿيندو ۽ مومل لاءِ به خراب ٿيندو. بهترآهي ته سڀ ڳالهيون خواب سمجهي وساري ڇڏ. تون هونءَ به دل جي سخت آهين پر اسانجي موريل ڦٽن کي نه اکيڙ. لوڻ نه ٻُرڪ.“

” تون ڪيڏو ڪوڙ ٿو ڳالهائين ڄڻ ساڳيو سانول رهيوئي ناهين؟“

” ڏهه سال مون لاءِ صدين جو سفر هئا صائمہ! ان جو زهر منهنجي نس نس ۾ ڀرجي ويو آهي. مون ته تنهنجي پيار ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو، وري توکي عذاب ۾ وجهڻ نٿو چاهيان. مومل ڏسندو آهيان ته تنهنجي پيار جا پاڇولا منهنجي حياتي جي رڻ ۾ بادل بنجي وسڻ لڳندا آهن. مائٽن ڪيترا رشتا ڪرائڻ چاهيا، مون مومل جي زندگيءَ ۾ ڪابه ڌارين عورت آڻي لاڪس وڌيڪ مسئلا پيدا ڪرڻ نه ٿي گهريا.بهتر آهي ته پاڻي نه ولوڙ.اسان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي! الاهي وقت ٿي ويو آهي. آءٌ هلان ٿو، وري ملڻ جي ڪوشش نه ڪرين ته بهتر ٿيندو. ٺهيل ٺڪيل گهر اجاڙڻ مناسب ناهي.“

سانول هلڻ لڳو ته صائمہ جي دل وسامڻ لڳي. پورو ست ساري اٿڻ جي ڪيائين.

سندس ڪار ٻاهرنڪتي ته سانول رڪشا ۾ ويهي چڪو هو. مکيه روڊ تان رڪشا سنهين گهٽين مان هلڻ لڳي. صائمہ آهستي رڪشا جي پٺيان ڪار هلائيندي رهي ۽ رڪشا جي آواز ۾ سندس ڪار جو آواز دٻجي ويو هو. هڪ در وٽ رڪشا بيٺي ته صائمہ جي پير بريڪ تي اچي ويو. سانول ڏانهنس توجہ نه ڏيئي سگهيو هو. رڪشا هلڻ بعد سانول گهر جي در جو بيل وڄايو. در کليو ۽ هڪ ٻارڙِي سانول کي چنبڙي ويئي: ” بابا ايڏي دير؟ _ ائين ڪندؤ ته آءٌ رسي وينديس! ڀلا منهنجيون ٽافيون؟“

صائمہ جي اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو. مومل جي منهن ۾ چتائي ڏسڻ لڳي. مومل جي نظر مٿس پئي ته چوڻ لڳي ” بابا هي ميڊم ڪير آهي؟ ايئن ڇو پئي ڏسي؟“

سانول مڙي ڏٺو. صائمه ڏاڍي سِڪ مان مومل کي ڏسي رهي هئي. سانول مومل کي ٻانهن ۾ ڀِڪوڙي ڇڏيو ۽ گهر اندر داخل ٿي ويو. صائمہ ڪار جوپهريون گئير لڳايو، ٽشو پيپر سان اکيون اگهيائين ۽ ڪار جي رفتار اڃان به تيز ٿي ويئي.

 

مظهر ابڙو

موت بخشيندڙ راز ...

 

صبح جو وقت هو. ڳوٺ جي ماحول ۾ هڪدم هلچل مچي ويئي هئي. ٻنين ۽ باغن ۾زندگي رقص ڪرڻ لڳي. هاري انهن جي سنڀال لاءِ گهرن کان نڪرڻ شروع ٿيا هئا. ڳوٺ جو ڌنار گهرن مان جهنگ لاءِ مال ڪڍي رهيوهو. هن جي نڙيءَ مان نڪرندڙ مال لاءِ ” هون، هون!“ جي هڪل ۽ ڍورن جي ڳچين ۾ وڄندڙ گهنٽين جي آواز ۾ هلڪو شور هو، پر انهيءَ شور ۾ مڌرتا سان گڏ آسودگي سڪون ۽ زندگيءَ جو هڪ احساس به هو. پوڙهي ڌنار جي هڪلن ۽ مال جي ڳچين ۾ وڄندڙ انهن گهنٽين جي آواز سان گڏ ڳوٺ جي اٽي واري چڪيءَ جو آواز به ڄڻ ڪو وڻندڙ سنگيت پيدا ڪري رهيو هو. عورتون گهرن جي ڪم ڪار ۽ کاڌي پيتي جي تياريءَ ۾ رڌُل هيون. انهن مان ڪن ڍورن جا واڙا پاهوڙين سان ميڙي ڇيڻن کان صاف پئي ڪيا،ته ڪي وري ڇيڻن جاڪُنڍا ڇڄ ڀري ڊنُڍن تي اڇلائڻ ٿي ويون. ڪن ٻارڻ لاءِ ڀتين تي ڇيڻا پئي ٿڦيا ته ڪي وري سُڪل ڇيڻا ڀتين تان لاهي رهيون هيون. ڪي زائفون ماني پچائڻ لاءِ اٽي ڳوهڻ ۾ رُڌل هيون، ته ڪي وري باهه مچائڻ لاءِ پراون ۽ پنهنجن لوڙهن مان ڍنگهر ڪڍي رهيون هيون. جن وٽ باهه ٻارڻ لاءِ ماچيس  ڪونه هئا اهي ويڙهن جي ٻين گهرن مان سڪل ڇيڻي جي پڙُ مٿان اڱر کنيو پئي ويون. گهرن جون وڏريون لسي ولوري رهيون هيون. ڳوٺ جا ڪي ٻار هٿن ۾ لوٽا، چونئريون ۽ گهاگريون کڻي انهن گهرن مان ڏُڌ وٺي رهيا هئا، ته گهڻا وري ماءُ پيءُ جي چوڻ تي تغاريون ۽ ڇڄ کڻي پنهنجن گهرن جي ٻارڻ لاءِ گهٽين مان مال جون ٿاڦون ميڙڻ نڪتا هئا.

ان وقت اهو سمورو منظر حقيقي نه پرڄڻ ڪنهن چترڪارجي چٽيل ڪا خوبصورت تصوير لڳي رهيو هو. انهيءَ خوبصورت تصوير جوهڪڙو حصو پريل جو گهر به هو، جتي هن جي ماءُ منجيءَ تي ويهي لسي ولوڙيندي ٺڪر جي چاڏيءَ ۾ مانڌاڻيءَ کي مسلسل ڦيرا ڏئي رهي هئي، ۽ پريل جي پيءُ رسو ٺاهڻ لاءِ کٽ تي ويٺي ڏاس وٽي رهيو هو. پريل جي ڀيڻ شريفان چلهه تي تئو گرم ٿيڻ لاءِ رکي  پنهنجي ننڍي ۽ لاڏلي ڀاءُ هوت جي اسڪولي ڪپڙن ۾ اڳٺ وجهي رهي هئي، ۽ هوت وري اڄ اسڪول نه وڃڻ جو ضد لايون ويٺو هو. شريفان کيس هوڏ تان لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

پريل اڃا بستري تي سمهيو پيو هو. هن جي ننڊ ته ڪڏهن جو ڦٽي چڪي هئي پر سستيءَ ۽ آرس کيس ٻيهر اکيون بند ڪرڻ تي مجبورڪيوهو.  گهڻي ءَ دير کان هو ريشمي سوَڙ ۾اکيون بند ڪيون پيوهو. هن جي ذهن ۾ خيال ڊوڙي رهيا هئا. تصور جي پردي تي بانوءَ جي تصوير تري رهي هئس ۽ من جي ساگر ۾ اڻ ڳڻين ۽ بي نانءُ جذبن جون لهرون مڌم سنگيت پيدا ڪري رهيون هئس.

”بانو ... بانو ... بانو ... “

شعور جي زبان تي اهو نانءُ بار بار اچي رهيو هئس، ۽ ان نانءُ جي تاثر سان روح ۽ من جي گهراين ۾ هڪ دلڪش سنگيت ڦهلبو پئي ويس. هو بستر ۾ پئي انهيءَ سنگيت کي احساس جي ڪنن سان ٻڌندي سرور حاصل ڪري رهيو هو. دل پئي چيس ته سندس شعور جي زبان تي ائين ئي بانوءَ جي نانءُ جو ورد جاري رهي،  ۽ ائين ئي هن جي خوبصورت نانءُ جي تاثر سان سندس روح ۽ من جي گهراين ۾ سنگيت جون لهرون ڦهلبيون رهن. پريل چاهيو ته جيڪرهو قيامت تائين بستري ۾ اکيون بند ڪيون، احساس جي ڪنن سان اهو سُوربخشيندڙ سنگيت ٻڌندو رهي.

” آهه ! ڪيڏي نه دلڪشي آهي بانوءَ جي نانءُ ۽ هن جي تصور ۾ ... !“ پريل جي روح مان ڄڻ هلڪو آواز ڦٽو ” تون منهنجي آن بانو ... تون منهنجي آنءَ!“ هن جي دل جي دنيا ۾ ڄڻ خوشيءَ جون شرنايون وڄڻ لڳيون. هن پاسو بدلايو، گهڻيءَ دير کان هڪ ئي پاسي تي سمهڻ سبب هن جي ٻانهن سُڪي وئي هئي.

پاسو  بدلائڻ بعد هن جي پيءُ جي دانهن سندس خيالن کي منتشر ڪري ڇڏيو. پريل جي پيءُ اوچتو شريفان کي ڏاڍيان سڏيندي چيو:

” امان شريفان!، حُقي جي ڦُلَ ۾ تماڪ ڳوٽڙي وجهي اڱرن سان ته ڀري ڏي .... ۽ ڏسجانءِ ته پاڻي به تازو اٿس الائي ڪونه ... نه ته کڻي ڌوئي ڀرجانس به . رات به حقو ڪونه پيتوهئم، سو صبوح سان ڏاڍي ٻاڙ لڳي اٿم.“ پويان لفظ پريل جي پيءُ پنهنجي منهن آهستي چيا هئا.

پيءُ جوسڏ ٻڌي شريفان کيس حقو ٺاهي ڏيڻ لاءِ هلي وئي ۽ هوت وري ماءُ سان نئون بوٽ وٺي ڏيڻ جو انگل ڪرڻ لڳو.

پريل هڪ دفعووري وکريل خيالن کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪئي. بانوءَ جي تصوير کي ٻيهر بند اکين جي پردي تي آڻڻ جي جدوجهد ڪيائين، پر اها اجائي ثابت ٿي.

” مٺا ڀاءُ! هيڏانهن ته اچ ...!“ هن بيوسيءَ مان اکيون پٽي هوت کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو.

هوت پريل جو سڏ ٻڌي ويتر کڻي پنهنجي چهري جي حالت بگاڙي، ڄڻ صبح صبح سان ڪنهن خراب لفظن سان سڏ ڪيو هجيس. هو پنهنجي وڏيءَ ڀاءُ جي سڏ تي ته ڪونه ويو ۽ نه ئي کيس ورندي ڏنائين، پرويتر کڻي ضد ۽ ڪروڌ ۾ اضافو آڻي ڇڏيائين.

پريل کي هوت جي اهڙي رويي تي ڏک ٿيو پر هن انهيءَ ڏک جو ڪنهن سان به اظهار نه ڪيو، ۽ نه ئي هوت کي ڪا ميار ڏنائين. هونءَ به هوت جو ساڻس ان قسم جو رويو ڪنهن لاءِ به ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. گهڻي وقت کان هو اڪثر پريل سان اهڙي بيرخي اختيار ڪندو رهيوهو.ننڍو ڀاءُ هوندي به الائي ڇو اڪثر هو پريل سان نهايت تکو۽ تلخ رويواختيار ڪندورهندو هو. پيءَ ماءُ کان به هميشه اها شڪايت ڪندو رهندوهو ته ، ” توهان جو پٽ ته بس ادا پريل آهي، مان ته شايد ڪو لڌل آهيان“ پريل هوت کي ويجهو ٿيڻ لاءِ هر وقت ساڻس چاهت جوتمام گهڻو اظهار ڪندو رهندو هو. هن جڏهن به کيس سڏيو يا ساڻس ڳالهايو هو ته هميشه نهايت پيار ۽ پاٻوهه واري انداز سان کيس ”برادر“ يا ”مٺا ڀاءُ!“ ڪري سڏيو هو، پر فاصلا پوءِ به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم رهيا هئا. هوت پوءِ به پريل کي پنهنجي پاران کائنس چڙ ۽ بيزاريءَ جو احساس ڏياريندو رهيو هو. پريل ساڻ ڳالهائڻ وقت هوت جي لفظن ۽ جملن ۾ ڄڻ ته باهه جا اُلا هوندا هئا. انهيءَ احساس جي تپش محسوس ڪري پريل هميشه اندر ۾ پڄرندو رهندو هو. هو اڪيلائيءَ ۾اڪثرڳوڙها ڳاڙيندو هو ۽ سوچيندو هو ته ” هن جو ڏوهه ڪهڙو آهي، جنهن سبب هوت کانئس ايتري نفرت ڪري ٿو؟ ماڻهو ته گناهه کان پري ڀڄندا آهن، پر هوت ڇو هن جو ڀاءُ هوندي به کانئس ڪنهن گناهه وانگر پاسو ڪري ٿو؟، گناهه جو تصور ذهن ۾ ايندي ئي پريل پنهنجي پاڻ کان نفرت محسوس ڪرڻ لڳندو هو. ان وقت هوت جون اکيون به کيس نفرت جو آئينو ڀاسنديون هيون، جنهن ۾ هو پنهنجي نفرت محسوس ڪرڻ لڳندو هو. ان وقت هوت جون اکيون به کيس نفرت جو آئينو ڀاسنديون هيون، جنهن ۾هو پنهنجي نفرت ڀريل عڪس ڏسي ڏڪي ويندو هو ۽ کيس ڪراهت ٿيڻ لڳندي هئي پنهجي وجود کان. پوءِ هو هوت جي معاملن ۾ مداخلت گهٽائي ڇڏيندو هو. اڄ به هن محسوس ڪيو ته هوت پاران نئين بوٽ جي فرمائش واري معاملي تي جيڪڏهن هن ساڻس وڌيڪ بحث ڪيو يا کيس ڪجهه چيو ته هو پنهنجي ضد کي اڃا چوٽ چاڙهي ڇڏيندو. اهو سوچي هن کڻي ماٺ ڪئي ۽ ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ گم ٿي ويو. هن جي سوچن جوسلسلو تڏهن ٽٽو جڏهن ماڻس سڏيندي چيس: ”ابا پريل! اُٿ واڙيءَ مان وڃي ٻه ٽي گل ساون مرچن جا پٽي آءُ، ته ڀيڻين تري وٺي....“  ماڻس وڌيڪ حال اوريندي چيس ” اڄ ته ٻه رپيا به ڪونه آهن ، جو کڻي دال يا ٻٽالون ئي آڻايان ها...، هاڻي ته اٽو به ختم ٿيڻ وارو آهي، الائي ڇا ٿيندو گهر جو ....!“

ماءُ جو آواز ٻڌي پريل ستي ئي آرس ڀڳو ۽ پوءِ بستري تان اٿي، پيرن ۾ چمپل پائي، گهڙامنجيءَ تي رکيل دلي مان ٻُڪ پاڻيءَ جو ڀريندي منهن کي ٻه ڇنڊا هنيائين، ۽ پوءِ قميص جي داون سان منهن اگهندو واڙيءَ ڏانهن هليو ويو.

اها واڙي پريل جي پيءُ سندن گهر کان ٻن فرالانگن جي فاصلي تي پاڻ واري ٻه جريب ٻنيءَ مان هڪ ٽڪري ۾ پوکي هئي. واڙيءَ جي انهيءَ ٽڪريءَ ۾ هو موسم آهر ڀاڄي پوکي گهر جي ٽن ويلن جي پورت ڪندا آهن، ۽ ان سبزيءَ مان ڪجهه بازار ۾ وڪڻڻ ڪري هنن جو ٻيو به ٿورو ٿڪو گذر سفر ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ اهو اڪثر رڳو لوڻڪ، پالڪ، ساون بصر ۽ ساون مرچن وغيره جوئي ذائقو ماڻي سگهندا آهن، پر پوءِ به کين بيوسيءَ ۽ محروميءَ جو احساس ڪونه ٿيندوآهي. اهڙين حالتن هوندي به هو مطمئن رهندا آهن، ڪنهن کان شڪايت ڪونه هوندي اٿن، ڄڻ ته محرومين جو احساس ئي ڪونه ٿيندو هجين.هنن لاءِ جيڪو ڪجهه آهي، بس اهو ٺيڪ آهي. شايد اهوئي ڳوٺاڻي زندگيءَ جو هڪ خوبصورت راز آهي ته ماڻهن ۾ صبر ۽ قناعت وارو جذبو هوندو آهي. هو پنهنجا پير سوڙ آهر ڊگهيريندا آهن، هو گهڻائي جي لالچ نه ڪندا آهن ۽ گهٽتائيءَ کي زندگيءَ جي هڪ سچائيءَ طور مڃيندا آهن.

ڪجهه دير بعد پريل ساوا مرچ جهول ۾ ڀري گهر وريو ۽ چلهه تي اچي شريفان کي ڏنائين،جيئن ماني پچائڻ بعد اهي تري وٺي. شريفان کي مرچ ترڻ لاءِ ڏئي وري جو هن هوت جي خبر  لڌي ته معلوم ٿيس، هاڻي وري همراهه پئسن لاءِ ضد لايو ويٺو آهي. چوي ٿو ته ” ڪنهن سنگتيءَ کان پنجاهه رپيا اڌارا ورتا هئائين، سوهاڻي اهو واپس ٿو گهريس، تنهنڪري ڪٿان به آڻي کيس پئسا ڏنا وڃن ته پوءِ هو اسڪول ويندو.“

ماءُ کان حوال وٺي پريل هوت جي ويجهو ويو. هن جي ڀر ۾ويهندي سندس ڪلهي تي ٻانهن ورايائين ۽ کيس پنهنجي ويجهو ڇڪيندي چيائين: ” برادر! توکي خبر به آهي ته گهر ۾پئسا ڪونهن، پوءِ به تون ايڏو ضد لايون ويٺو آهين! ڏس، پئسا هجن ها ته توکان ڀلا پيارا ڪريون ها؟“ پريل اڃا ڳالهايوويٺي ته هوت تلوار جهڙي تکي لهجي ۾ چيو،  ” تون وچ ۾ ڇو ٿو پوين، پئسا مون امان کان گهريا آهن، توکان ڪونه گهريا اٿم جو ... “

هوت جي زهر جهڙي ورندي ٻڌي پريل جي هانو ۾وڍ ته پيو، پر پوءِ به ڦڪي مرڪ چپن تي آڻيندي هوت کي ٻيهر چيائين ته ”مٺا ڀاءُ! اڄ تنهنجي ڪلاس جي ٽيسٽ آهي، ان لاءِ توکي هر حال ۾ اسڪول وڃڻوپوندو، ڏاهو ٿي اسڪول جي تياري ڪر... هن دفعي هوت پريل جي ڳالهه جي ڪابه موٽ نه ڏني، ڄڻ ته ڳالهه ٻڌي ئي ڪونه هئائين. پريل هوت جي ڀر مان اٿندي حجت ۽ حڪم واري گڏيل انداز ۾ کيس چيو ” برادر! مان وهنجڻ ٿو وڃان، موٽي اچان ته تيستائين تون اسڪول وڃي چڪو هجين.“  اهو چئي پريل پوتڙو ۽ صابڻ کڻي کوهه تي تڙ ڪرڻ هليو ويو ۽ ڪنڌ ورائي اهو به ڪونه ڏٺائين ته هوت ڪهڙي نه رُکي انداز مان ڪنڌ ڦيرائي طنز وچان هن لاءِ ”هون!“ ڪري ڇڏيو هو. ان وقت پريل جوڌيان شايد بانوءَ ڏانهن هيو.

بانوءَ جيڪا کوهه تي دلا ڀرڻ ايندي آهي، هن جي ماسات آهي ۽ هن سان گڏ ڳوٺ جي گهٽين، ٻنين ۽ باغن ۾ کيڏندي ڪڏندي هاڻي جوانيءَ جي پهرئين ڏاڪي تي پهتي آهي. هاڻي هوءَ ڏاڍي چنچل ۽ کنچلي ٿي پئي آهي. ويڙهي جو کوهه هنن جي کيچل جو خاص مرڪز آهي، جتي ويڙهي جون سامايل ڇوڪريون ۽ زالون صبح صبح جو پاڻي ڀرڻ لاءِ گڏ ٿينديون آهن ۽ منجهند جو ڪپڙا ڌوئينديون آهن. ۽ مرد وهنجندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ته اهي به ڪپڙن سميت اُتي لگ آگهارينديون آهن. کوهه تي گڏ ٿي اهو اڪثر گهريلو سياست، عورتن ۽ ڇوڪرين جي ذاتي معاملن تي تبصرا به ڪنديون رهنديون آهن.

” ڪنهن جي گهر ۽ گهٽيءَ جا چڪر ڪير ٿوڪاٽي؟ ۽ ڪير ڪنهن کي لفٽ ٿو ڪرائي يا فلاڻي ڇوڪريءَ جي شادي جنهن شخص سان ٿيڻ واري آهي اهو عمر ۾ سندس ڏاڏي جيڏو آهي ۽ هن جي وات ۾ هڪ به ڏند ڪونه بچيو آهي.“ ان قسم جون ڳالهيون هنن جي گفتگوءَ جو حصو هونديون آهن. ڇوڪرين جا عاشق به ڪنهن نه ڪنهن بهاني کوهه تي اچي گڏ ٿيندا آهن. پريل به بانوءَ سان ملڻ لاءِ صبح سان کوهه تي پهچي هلي ويندو آهي. هونءَ به هن لاءِ بانوءَ جي گهر وڃڻ تي ڪا بندش پيل ته نه آهي، پر بانوءَ جو صبح وارو ديدار هن جي روح کي نواڻ بخشيندو آهي. صبح بانوءَ جي چهري کي سج جي پهرئين ڪرڻي جان اُجرو ۽ دلڪش بڻائي ڇڏيندو آهي، هو سندس چنچل چهري، ڪارين ڪٽورين اکين ۽ گلاب جي پنکڙين جهڙن جاڙن چپن جو گهايل آهي ۽ بانوءَ جو ترنمي آواز ٻڌي بيهوشيءَ واري عالم ۾ اچي ٿي ويندو آهي.

پريل شاعر به آهي. هن جي شاعريءَ جو محور بانوءَ جو حسن ۽ سندس ادائون هونديون آهن، جن متعلق هو شعر رچيندو آهي،جڏهن پنهنجي شاعري بانوءَ کي ٻڌائيندو آهي ته هوءَ شرم کان  صفا ڳاڙهي ٿي ويندي آهي ۽ لٽي جو پلئه ڏندن ۾ ڦاسائي يا آڱر تي ويڙهيندي پريل کي چوندي آهي: ” ماسات! صفا ڪو بيهودو آهين، مون تي شاعري ڪري مون کي بدنام ڪرڻ جو قسم کنيو اٿئي ڇا؟“

بانوءَ جا پيار مان چيل لفظ ٻڌي پريل اڪثرٽهڪ ڏيندو ۽ چوندو اٿس: ” ماسات تون ته بس پنهنجي زندگي آهين، توتي شاعري نه ڪندس ته ٻيو ڀلا ڪنهن تي ويهي شعر لکندس ۽ پنهنجو وقت وڃائيندس. باقي رهيو تنهنجي بدنام ٿيڻ جو سوال ته رک الله تي، اڄ نه سڀاڻي اسان ٻئي هڪ ٿي وينداسون. پوءِ پاڻ کي ڪير به بدنام ڪونه ڪري سگهندو.“ بانوءَ کي وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ چوندو اٿس: ” ۽ شاديءَ کان پوءِ ته مان توتي ويهي شاعريءَ جو هڪ وڏو ديوان لکندس.“ هن جون ڳالهيون ٻڌي بانو وڌيڪ شرمائي ويندي آهي ۽ اڪثر ڪنهن نه ڪنهن ڪم جو بهانو ڪري وٽائنس هلي ويندي آهي. بانوءَ کي بي انتها شرم ته تڏهن ايندو آهي، جڏهن صبح جوکوهه ئي ڪڏهن ڪڏهن پريل کيس چوندو آهي، ” ماسات، وهنجڻ لاءِ ٻه دلا پاڻيءَ جا ته ڀري ڏي.“

ڳوٺن ۾ عورتون کوهه تان پاڻيءَ جا دلا ڀري يا نلڪن کي گيڙو ڏئي پنهنجن مڙسن کي وهنجارينديون آهن، پر جڏهن پريل اهو ڪم بانوءَ کي چوندو آهي ته هوءَ شرم کان کڻي ڪنڌ ڇاتين ۾ هڻندي آهي. ڪڏهن وري ڪا ساهيڙي شرارتي انداز ۾ مٿس کلي ڏيندي آهي يا کيس ڪجهه چوندي اٿس، تڏهن ته هن کي پريل تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي. ڪيترا دفعا وجهه وٺي چيو به اٿائينس ته وهنجڻ لاءِ دلو ڀري ڏينديون آهن مڙسن کي زالون. مان ڪا تنهنجي .... ؟“ _ لفظ ” تنهنجي“ چوڻ کان پوءِ هوءِ الائي ڇو چپ ٿي ويندي آهي، تڏهن پريل ٽهڪ ڏئي شرارتي انداز ۾ چوندو اٿس:

” آهين نه ، ته تي ويندينءَ، گهٻرائين ڇو ٿي...“

تڏهن بانو وري ساڳيوجملو چوندي اٿس ” صفا ڪوبيهودو آهين.“  ۽ پريل ٽهڪ ڏئي چوند واٿس: ” ان ۾ ته ڪوشڪ نه آهي ...“ يا هو کيس وڌيڪ چيڙائن خاطر هن کان پڇندو آهي: ” ماسات! توکي هاڻي خبر پئي آهي ته مان بيهودو آهيان؟“ تڏهن بانوءَ جي ڳلن تي حيا جي لالي ڦهلجي ويندي آهي، پر هوءَ مرڪي به ڏيندي آهي، جي وڌيڪ ڪجهه چوندي به اٿس ته پريل سنڌيءَ جو اهو پهاڪو ورجائيندو آهي ته ” آزي مڃي جهڳڙو ڇٽو!“ پوءِ ته واقعي بانو بلڪل لاجواب ٿي ويندي آهي ۽ پريل لاءِ ڪجهه وڌيڪ چوڻ جي ڪابه گنجائش نه رهندي اٿس.

اڄ به پريل بانوءَ جو باک جهڙو چهرو پسي، معمول مطابق کيس چيڙائي ڪافي دير کانپوءِ جڏهن گهر پتو ته هوت کي اڃا اتي ئي ويٺي ڏٺائين جتي ڇڏي ويو هئس. هن هوت کان پڇيو: ” مٺا ڀاءُ! توکي جو مان اسڪول وڃڻ لاءِ چئي ويو هئس تون وئين ڪونه ، هاڻي ته اسڪول جو ٽائيم به ٿي ويو آهي؟“ پريل جي پڇا تي هوت هن کي آڏي ورندي ڏيندي چيو؛ ”مان اسڪول وڃان نه وڃان توهان جو يا ٻئي ڪنهن جو اُن ۾ ڇا.؟ هوت جي اهڙي اڍنگائي پريل جي وجود ۾ پهريون ڀيرو چڙ جي چڻنگ دکائي پريل جي وجود ۾ آڳ لڳائي ڇڏي، هن بنا دير جي وڃي هوت کي وارن کان وٺي ڪُٽڻ شروع ڪيو، هوت به صفا ٻالڪڙو يا ايڏو فرمانبردار ڪو نه هيو جو خاموشيءَ سان مار کائي ويهي رهي ها. هن به نافرماني ۽ جوش جو مظاهرو ڪندي پنهنجا هٿ پير هلايا ۽ پريل کي هڪ ٻه ڌڪ هنيا. پريل کي هوت جي اهڙي عمل تي وڌيڪ توائي آئي، پوءِ ته هوت کي پريل کان ڇڏائڻ لاءِ به ڪو ويجهو ڪو نه پئي آيو، هن هوت جي خوب استري ڪري ڪتاب کڻايا ۽ کيس اسڪول لاءِ روانو ڪري پاڻ يونيورسٽي وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.

        پريل کٽ تي بيهي لٽا مٽيندي پيءُ کي چيو؛ ابا! يونيورسٽي پيو وڃان ڪجهه پئسا کپن....! هن جي نماڻي التجا ٻڌي پڻس لاچاري مان ٿڌو ساهه ڀريندي چيس ”ابا، هڙ ۾ ته ڪو نه اٿم ماڻهين اڃا هاڻ حال ٻڌائي ويٺي اٿئي. باقي رک الله تي. تون جيستائين تيار ٿئين تيستائين مان هلان ٿو شفن دڪاندار وٽ انهين کنئون ٿو اڌارا گهري ڏسان. من ترس پئيس ، رپيا ڏئي وجهي، پوءِ ته ٻچا پئسا توتان گهور، ”اهو چئي پريل جو پيءُ حقي جي آخري ڦوڪ ڀري چيلهه کي هٿ ڏيندي اٿيو ۽ ٻاهر وڃڻ لڳو ته پريل هٿ وارو آئينو اڳيان ڪري وارن کي ڦڻي ڏيڻ لڳو.

        پريل گهر کان ٻاهر نڪري گهٽي جو موڙ ڪٽيو ته پيءُ کي اڌارن پئسن لاءِ منٿون ڪندي ۽ ٻانهون ٻڌنڌي ڏٺائين.

        ”بس شفن، ڌڻي جي نالي ڪو قرب ڪر، مان سگهوتوکي وياج سميت موٽائي ڏيندو.“ پريل شفن  اڳيان پيءُ کي ليلائيندي ڏسي شرم کان ڪنڌ کڻي جهڪايو، دل ۾ آيس ته پيءَ کي چئي کڻي؛”بابا! ڇڏينس بس، ڪهڙي ماڻهوءَ کي ٿو منٿون ڪرين....!“ پر شفن هاڻي منهن خراب ڪندي پئسن ڪڍڻ لاءِ دخل ۾ هٿ وجهي چڪو هو، هن سئو جو نوٽ ڪڍي پريل جي پيءُ کي ڏنو، پريل پيءُ کان اهي پئسا وٺندي چيو: ”ابا! هنن مان پنجاهه رپيا ”برادر“ کي ڏيندو ويندس، پئسن لاءِ ضد پئي ڪيائين، مار به ڪڍي ٿي مانس سو ڪاوڙيو هوندو، پئسا ڏيندو مانس ته من خوش ٿي وڃي.“

        پريل جي ڳالهه ٻڌي پڻس مشڪندي کيس چيو:” چڱو ابا ڀل اسڪول مان ڀاءُ جي خبر وٺندو وڃجانءِ ؟پيءُ کان موڪلائي هوت جي اسڪول ڏانهن رخ رکيو، جيڪو هنن جي ڳوٺ کان ڏيڍ ميل جي فاصلي تي هيو، هوت ڀر واري ڳوٺ جي انهيءَ هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ جو شاگرد هو.

        پريل اسڪول پهچي هوت جي استاد کان سندس جاچ ڪئي ته هن ٻڌايس ته ”هوت ته اڄ اسڪول آيو ئي ڪونهي“. استاد جي ورندي ٻڌي پريل تڪڙ ۾ پويان پير ڪيا ۽ سڌو اچي گهر نڪتو، ماءُ کان هوت جو پڇائين ۽ کيس ٻڌايائين ته هوت اسڪول ڪو نه پهتو آهي، ماڻس کڻي پنهنجا ٻئي هٿ گوڏن تي هڻي رڙ ڪئي؛” هاءِ! منهنجو ٻچو...!“

        ماءُ جي اهڙي حالت ڏسي پريل هڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ حيرت مان پڇيائين :”امان، تون روئين ڇو ٿي. اهڙي بي حوصلي ڇو ٿي ٿئين؟“.

        ماءُ روئندي چيس: بي حوصلي نه ٿيان ته ماٺ ڪري ويهان؟ خوش ٿيان؟ اڙي مهل سان ڀڄ، وڃي ڳوٺ جا سڀئي کوهه جاچ. منهنجو ٻچو....“ ماءُ جي ڳالهه ڪنن تي پوندي پريل جا به هوش اڏري ويا، کيس احساس ٿيو ته هوت واقعي اهڙو جوشيلو ۽ جذباتي آهي جو اڄوڪي واقعي سبب وڃي....“ پر نه، ائين نه هوندو، خدا ڪري ائين هجي به نه!“ اهو سوچي هن نهايت ئي تيز ڊڪ ڀري، هن جو دماغ عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا هيو، هو هڪ هڪ شيءِ اهڙين نظرن سان ڏسي رهيو هو ڄڻ ڪو خواب ڏسندو هجي، گم سم ۽ وياڪل ويا ڪل، ڄڻ کيس ڪنهن به شيءِ تي يقين نٿي آيو، گهر ۽ دڪان ، گهٽين ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو، زمين ۽ آسمان، سڀ جا سڀ واري تي ٺهيل ڪنهن تصوير جيان لڳي رهيا هئا، ڀانيائين ٿي ته اجهو هوا لڳندي ۽ اها تصوير ميسارجي ويندي، پوءِ ڪجهه به نه بچندو، هڪ خال رهجي ويندو، بي انتها ۽ خال ، جنهن ۾ هو آسمان تان ٽٽل ڪنهن ستاري جيان ڀورا ڀورا ٿي وڃائجي ويندو، سوچيندي ڊوڙي رهيو هو پنهنجي سموري قوت سان.

        ڳوٺ جي آبادي ايتري ته مختصر آهي جو ننڍو وڏو فرد هڪ ٻئي کي نالي سان سڃاڻندو آهي. پريل رستي ۾ گهڻن ماڻهن کان پنهنجي ڀاءُ هوت جي پڇا ڪئي پر ڪنهن به کيس ڪو نه ٻڌايو ته هوت فلاڻي هنڌ راند پيو کيڏي يا ڪنهن سنگتيءَ سان گڏ هيو، يا وري ڀرواري ڳوٺ ڏانهن مائٽن ڏانهن پئي ويو، هر ڪنهن بس اهو پئي چيو ته:”الائي مون کي خبر ناهي“.......” مون ڪو نه ڏٺو“.

        گهٽين ۽ ٻنين مان ماڻهن کان پڇائيندو، هڪ کوهه تي پهتو اتي ڪو نشان ڪو نه ڏٺائين، ٻئي کوهه تي ويو جنهن جو منهن ڄاري سان ڀريل مليس، هن وري هڪ تيز ڊڪ پاتي، هاڻي هن جي اکين جي ڇپرن ۾ ڳوڙها اٽڪيل هئا، کيڙهيءَ مان ڀڄندي هڪ هنڌ ٿاٻو آيس، دل اڳئي جهريل هئس، سو اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳس، جيئن ڪنهن گهري زخم مان رت وهندو آهي، ڳوڙهن سان گڏ هن جي دل مان هوت لاءِ آهون به نڪري رهيون هيون”هوت! منهنجا مٺا ڀاءُ، تون ڪٿي آهين، ڏس، تولاءِ منهنجو ڪهڙو حال ٿيو آهي، ڪهڙي قيامت مون تي گذري رهي آهي، مان ڪهڙي نه اذيت ٿو سهان! مٺا ڀائر! توکي ڪهڙي خبر مون توکي ڪيڏو ڳوليو آهي. پر تون ڪٿي آهين، ڪهڙي جهان ۾ گم ٿي ويو آهين، منهنجا ڀائر! تون آخر ڪاڏي ويو آهن؟“ مختلف سوداءَ ڪندو هوت کي هر هنڌ ڳوليندو، ڊڪندو ۽ ڀڄندو، پريل هڪ ٻئي کوهه تي پهتو، جيڪو نهايت ويران هيو، چوڌاري ڊڀ ڦٽل هئا، انهن ئي ڊڀن ۾ هوت جا ڪتاب پيل ڏسي پريل جو ڏيل ڏڪي ويو، دل جي رفتار تيز ٿي ويس ۽ لڱ ڏڪڻ لڳس، پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪرڻ جي ڪوشس ڪندي هوريان هوريان هو کوهه ڏانهن وڌيو، کوهه ۾ جهاتي جو پاتائين ته نڙي مان هانءُ ڦاريندڙ رڙ نڪري ويس، پاڻي جي سطح تي هوت جو لاش ترندي ڏسي هن جا حواس خطا ٿي ويا، هو هانءُ ڦاڙي رڙيون ڪرڻ لڳو، جيستائين ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو هن جي رڙين تي گڏ ٿين ها، هن هوت جي ڪتابن ڏانهن جو نظر ڦيرائي ته ڪتابن جي مٿان هڪ ڪاغذ ۽ ڪاغذ جي مٿان پٿر رکيل ڏٺائين هن سٽ پائي ويڙهيل ڪاغذ کڻي ورتو ۽ تڪڙ ۾ کولي ڏٺائين، هوت جو پريل جي نانءُ لکيل آخري خط هيو، جيڪو پڙهي پريل جي شعور جي دنيا ۾ اوچتو گجگوڙ الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو، هڪ خال هيو جنهن ۾ هو اڪيلو بيٺو هو، خاموش ۽ گم سم! هڪ خط کي بار بار بي يقيني وارين نظر سان پڙهي رهيو هو، ضبط جا سمورا بند ٽٽي چڪا هئا، ۽ هو ڪنهن ابهم ٻار جيان زاروزار روئي رهيو هو، بيشمار خيال ۽ ڳالهيون هن جي ذهن ۾ دونهين جيان پيرا ڏئي رهيون هيون، هو سوچي رهيو هو: ڪاش! خط ۾ ڄاڻايل راز جو انڪشاف مٿس اڳ ۾ ٿئي ها ته هو زندگي ۾ بانوءَ  کي ڪڏهن به نه چاهي ها، کيس جي خبر هجي ها ته هو هوت جي به پسند آهي، ته هو ڪيئن ڀلا بانوءَ کي پيار ڪري پنهنجي ڀاءُ هوت جي نفرتن جو مرڪز بڻجي ها! هو ته هوت تان پنهنجو سڀ قربان ڪرڻ جو جذبو رکندو هيو، بانو ته ....! پر هاڻي ڇا ٿيندو؟ هوت ته خودڪشي ڪري پنهنجي حياتي موت جي حوالي ڪري ڇڏي، پر پريل الائي ڪيترو وقت پيڙائن ۾ بار بار جيئندو ۽ مرندو رهندو...!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com