اڃا اُتي ئي ويٺا هئاسين ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ملاقاتيءَ
سان گفتگو ۾ مشغول هو ته هڪ ٻئي نوجوان ملاقاتي،
جيڪو منهنجي پاسي ۾ ويٺو هو ۽ مهڪري صاحب جو حُجتي
ٿي لڳو، مون سان مخاطب ٿيندو چيو. ”مان آرٽسٽ
آهيان ۽ تصويرون پينٽ ڪندو آهيان. آءٌ انهيءَ
تصوير جو اسڪيچ ٺاهڻ چاهيان ٿو. اوهان مون کي اها
تصوير ڏيو، آءٌ اوهان کي اها تصوير جلدي موٽائي
ڏينديس.“
آءٌ چاهيندي به ناڪار ڪري نه سگهيس. سوچيم ته هي ڀلي
تصوير جو اسڪيچ ٺاهي؛ کيس تصوير ڏيئي ڇڏيم. هن
اخلاقاً مون کان منهنجو حيدرآباد جو ڏس پتو ورتو ۽
ٿوريءَ دير کان پوءِ اُٿي موڪلائي هليو ويو. مون
کي دل ۾ تصوير بروقت کسجي وڃڻ جو هلڪو احساس ٿيو،
پر سوچيم ته مهڪري صاحب جو دوست آهي، منهنجي ائين
ڪرڻ سان مهڪري صاحب کي خوشي ٿيندي. پر اُنهيءَ
ملاقاتيءَ جي اُٿي وڃڻ سان ئي مهڪري صاحب مون کي
چيو، ” تو تصوير ڏيئي سٺو نه ڪيو جو منهنجي ساڻس
معمولي ڄاڻ سڃاڻ آهي. ٻيو ته تصوير منهنجي طرفان
توکي سوکڙي هئي.“ انهيءَ ڳالهه پاڻ مون کي مايوس
ڪري ڇڏيو ۽ دل ۾ انهيءَ تصوير جي وڃائجڻ جو دک
رهجي ويو. اسان ڪجهه دير وٽس ويهي ۽ چانهه پي
اُتان هليا آياسين. اُها تصوير واپس ته نه ملي پر
اُن جي وڃائجڻ جو اڄ به افسوس باقي آهي.
هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ سنيما ائڊور ٽائيزنگ جي سائين پهلاج
ڀيماڻي وٽ بندر روڊ تي سندس گهر ۾ ترسيل هئس. مون
سان گڏ منهنجو پٽ ڪمليشور ڪراچي گهمڻ آيو هو. اُتي
مون کان اڳ ۾ سائين روچيرام به مهمان ٿي ٽڪيل هو.
رات جو نائين وڳي ڌاري ماني کائڻ کان پوءِ، مهڪري
صاحب سان ملڻ لاءِ ماڊرن ڪالونيءَ ۾ سندس گهر
ڏانهن پيدل پنڌ نڪري پياسين. سندس زال اچي در
کوليو ۽ اسان کي چيائين،”مهڪري صاحب ڇت تي آهي.
اوهان مٿي وڃي ساڻس ملو. “ اسان (شايد) ڪاٺ جي
ڏاڪڻ چڙهي ڇت تي آياسين. اونداهيءَ ۾ بروقت خبر
نٿي پيئي ته مهڪري صاحب ڪٿي هو،پر پوءِ پاڻ
سڏيائين ته ڏٺوسين ته مهڪري صاحب ڪاٺ جي صندل تي
سڌو ٿيو ليٽيو پيو هو. ماحول سانتيڪو ۽ اونداهو
هو. آسمان ۾ تارا چمڪي رهيا هئا. هو واقعي رات جي
حسن جو لطف ماڻي رهيو هو. مهڪري صاحب جو چهرو
اونداهيءَ ۾ ويڙهيل هو، پر گفتگو مان روشنيءَ جا
ڪرڻا ڦُٽي پئي نڪتا.
ماڊرن ڪالونيءَ جا گهر اڄوڪين گهڻ ماڙ بلڊنگن ۽ فليٽن
جي اُبتڙ هڪ منزله ۽ کليل آهن. اهي گهر گهڻو اڳي
جا ٺهيل آهن، تنهنڪري اُتي جو ماحول سانتيڪو، ۽
ڳوٺاڻو لڳي رهيو هو. اوچتواهڙي ماحول ۾ مور جي رڙ
ٿي، جنهن جو پڙاڏو فضا ۾ ڪافي دير گونجندو رهيو.
مون ڪنايو ته اهو آواز تمام ويجهائپ کان آيو هو.
آءٌ حيرت ۾ هئس ته ڪراچيءَ جي هنگامي ۽ گهماگهميءَ
واري ماحول ۾ هيءَ مور جو آواز ڪٿان آيو! ايتري ۾
مور جي ٻيهر رڙ ٿي ته مهڪري صاحب کان پڇڻ کان
سواءِ رهي نه سگهيس.
مهڪري صاحب هٿ ڏس ڪري چيو، ”اهي مور اِجهو اتي ئي هن ڇت
تي ٺهيل ڄارين جي پڃري ۾ آهن. انهن ۾ ڪبوتر،
جهرڪيون ۽ ٻيا پکي به آهن.“ مون چتائي ڏٺو ته
واقعي انهيءَ ڇت تي پڃري مان پکين جي چُرپر نظر
اچي رهي هئي ۽ آواز پئي آيا. مون کي اوڏي مهل
احساس ٿيو ته هن ڄمار ۾ هن شخص کي فطرت جي ويجهو
رهڻ ۽ ان مان لطف ماڻڻ جو ڪيڏو موهه آهي!
آڌي رات ٿي چڪي هئي ۽ ڳالهين ۾ ڪافي وقت ٿي ويو هو.
اسان اتان هلڻ جي ڪئي ۽ بندر روڊ تائين پيدل پنڌ
ڪندا ۽ هن نرالي شخص بابت ڳالهائيندا موٽي آياسين.
اڄ جڏهن ڪراچيءَ جي حالتن کي ڏسجي ٿو ته اعتبار ئي
نٿو اچي ته اسان بندر روڊ کان ماڊرن ڪالونيءَ
تائين رات جي وڳڙي ۾ دير سان پيدل هليا هونداسين!.
مهڪري صاحب جا ٻارن لاءِ لکيل ڪالم ڊان جي ٻارن واري
مخزن ۾ ڏسبا رهبا هئا. ڪڏهن ڪڏهن محترم مظهر يوسف
سان ڄام شوري ۾ ملاقات ٿيندي هئي. کانئس سندس صحت
جو حال احوال وٺبو رهبو هو. هُو بيمار رهڻ لڳو هو.
ڪڏهن ڊان ۾ڪالم نه ڏسبو هو ته ڳڻتي ٿي پوندي هئي.
ڪراچيءَ جي خوبصورتي راڪاس جي ڀوائتي روپ ۾ بدلجي
ويئي هئي. مهڪري صاحب سان ملاقات ڊگهي عرصي کان نه
ٿي سگهي هئي. ساڻس ملڻ لاءِ ڇڪ ٿيندي هئي. منهنجا
ٻار پشپا، گوري ۽ ڪمليشور بعضي چوندا هئا ته اسان
کي مهڪري صاحب سان ملائڻ لاءِ وٺي هلو. هنن کي به
انهيءَ شخص سان ملڻ جي خواهش هئي ۽ احساس هو ته
متان ساڻس ملڻ جي حسرت رهجي نه وڃي!
پوءِ هڪ ڏينهن سنڌالاجي ۾ خط آيو ته مهڪري صاحب بيمار
آهي ۽ ڏينهن جو مهمان آهي. هو، تنهنڪري پنهنجي
لائبرريءَ جا ڪتاب سنڌالاجيءَ جي ريسرچ لئبرريءَ
کي امداد طور ڏيڻ ٿو چاهي ته جيئن سندس انهيءَ
سرمايي مان پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ وڌ ۾ وڌ فائدو
وٺي سگهن. سنڌالاجيءَ مان ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ(اُن
وقت جو ائڊيشنل ڊائريڪٽر)، محترمه گل محمد مغل (
لئبررين) ۽ آءٌ گڏجي ڪراچي روانا ٿياسين. ماڊرن
ڪالوني ۽ اُن ۾ واقع سندس گهر ڳولڻ ۾ چڱي دقت ٿي،
جو اها يڪ منزله ڪالوني وڏين بلڊنگن جي اوٽ ۾ ڍڪجي
ويئي هئي ۽ مون کي نئين صورتحال ۾ ڊاڪٽر صاحب جو
گهر ڳولهيو نٿي مليو. نيٺ گهر مليو. ڊاڪٽر صاحب
گهر ۾ هو. اسان کي اندر سڏيو ويو. ڪمري ۾ڊاڪٽر
صاحب پلنگ تي سڌو چادر اوڍيو ليٽيو پيو هو. آجياني
نگاهن ۽ مُرڪ سان ڀليڪار ڪيائين. مون سندس خط جي
حوالي سان ٻُٽ صاحب ۽ مغل صاحب جو تعارف ڪرايو ۽
سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي صحب جو پڇيم. ڊاڪٽر صاحب
ورنديءَ ۾ چيو،”Don,t ask such things from a dying person
“ زندگيءَ سان پيار ڪندڙشخص پنهنجي لاءِ ” مرڻينگ
ماڻهو“ چئي زندگيءَ مان آسرو لاهي ويٺو هو. زندگي
بي بقا آهي. بيشڪ فنا کي ئي بقا آهي. هو مون کي
مٿالاجي جي اهميت ۽ ان جو اهڃاڻ معنائون ٻڌايو
رهيوهو. سندس بيمار جسم ۾ زندگيءَ جي رمق موٽي آئي
هئي. مون کي ڀروسو ڄمڻ لڳو ه هن شخص کي موت ماري
نٿو سگهي. هن مون کي پڇاڙيءَ ۾ چيو ته ”مٿالاجيءَ
جي مامرن تي هن مُلڪ ۾ ٻيو ڪير لکندو، تون لکج _
مون سان واعدو ڪر. “ هن منهنجو هٿ پنهنجي هٿ مان
آزاد ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنڌالاجيءَ ۾ سندس لئبرريءَ جا
ڪتاب فهرست سميت پهچي چڪا هئا. کيس اطمينان ٿي ويو
هو. هو سموري ڄمار علم ۽ اُن جي ڦهلاءُ سان واڳيل
رهيو. هن پاڻ سان ڪمٽمينٽ پوري ڪئي هئي. هو پنهنجو
سمورو ڪتابي سرمايو سنڌ جي ثقافت جي ضامن اداري
”سنڌالاجيءَ“ جي حوالي ڪري پنهنجي فرض ادائيءَ کان
آجو ٿي ويو هو.
اڄ منهنجي اڳيان سندس ٻئي ڪتاب ”Sorrows
of Sindh“ ۽ ” مهڪريءَ جا مضمون“ سامهون رکيا آهن؛ اصلوڪا ۽ ترجمو ٿيل
ڪالم وکريا پيا آهن؛ ۽ ”From
the Ruins of Sindh
“ سان گڏ پنهنجي پٽ ڪمليشور جو آٽوگراف بُڪ رکيا
آهن. دريءَ ۾ ساوڪ ڀريو منظر ساڳيو آهي. آٽوگراف
بُڪ جا ورق اُڏري، پهرئين صفحي تي بيهي رهيا آهن،
جنهن تي سندس تحرير پڙهڻ ۾ پيئي اچي:
“ This writing wil be there when I am no where”
* * *
سنڌ جي کنڊرن مان
نوٽ: ڊاڪٽر مهڪريءَ آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ڪتاب
“From- the ruins of sindh”
تي ڪم ڪري رهيو هو. اُنهيءَ ڪتاب جو موضوعاتي نظم
هن مون کي 1987ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ موڪليو
هو، جيڪو فارٽنائيٽلي ”عبرت“ ۾ اُنهن ئي ڏينهن ۾
شايع ٿيو هو. هتي موقعي جي مناسبت سان کيس
شرڌانجلي پيش ڪندي اهو نظم پيش ڪجي ٿو:
سنڌ جي کنڊرن مان
هِتي، هُتي، سموريءَ ڌرتيءَ تي،
موهن جي دڙي، رني ڪوٽ، آمري، ٺٽي، امرڪوٽ، ڀنڀور، ننگر، بکر مان
هڪ مٺو آواز ٿو ٻُڌجي،
هميشه چنڊ جي چانڊوڪين ۾،
روپِي ريتيءَ جي ڪومل ماٺ ۾،
ٿڌيءَ هير جي سدا لڳندڙ نرم ڇهاءُ ۾،
پري کان چانديءَ جي گهنڊڻيءَ جي هڪ ڊگهي ڇمڪي وانگيان !
اهو مٺو آواز اُڀري ٿو
اهو هڪ مٺو آواز آهي؛
ڪا رڙ نه آهي،
ڪا آهه نه آهي،
ڪا دانهن نه آهي
ڪو اوسارو ڪونهي، ڪا ڪُڻڪ نه آهي؛
پر هڪ مِٺو آواز،
آس جو ڪو سُرٻاٽ،
خوشيءَ جو ڪو وچن،
پيار جي ڪا مِٺي،
ويساهه جو ڪو ڇهاءُ،
ڪو سُر ٻاٽ:
مان آهيان مان، جيڪا تنهنجي ماءُ آهيان،
”مان تُنهنجي سنڌ آهيان،
”هتي، هنن کنڊرن ۾،
”پر مان کنڊر ناهيان،
”کنڊر جيڪي هتي ڦهليل آهن،
”۽ ماضيءَ جي مهانتا جا شاهد آهن.
”پر مان هتي آهيان، اوهان ۾
”منهنجون ڌيئرون ! منهنجا پُٽڙا ! منهنجو واسُ اوهان ۾ آهي،
”واهان سان گڏ،
”اوهان جي مُون لاءِ پيار سان گڏ،
”اوهان جي مُون لاءِ ويساهه سان گڏ،
”اوهان جي آس مون ۾
”۽ اوهان لاءِ منهنجي سموريءَ آس سان گڏ.
”منهنجا پُٽڙا، منهجو ن ڌيئرون!
”مان _ سنڌ، ڪيئن ٿي کنڊر ٿي سگهان؟
”منهنجا ٻچڙا!
”مان سنڌ آهيان، مان مارئي آهيان،
”مان سسئي آهيان، ۽ سهڻي به مان آهيان
”سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي اوهين منهنجو نالو کڻو ٿا، منهنجا
ٻچڙا!
”اوهين منهنجا گيت، منهنجونانءُ، منهنجي مهما ڳايو ٿا؛
”اوهين ’امان سنڌ‘ چئو ٿا، ڄڻ مون لاءَ رڙو ٿا.
” اوهان جي دلين ۾ مان گيت آهيان،
”اوهان جي ڪنن ۾ سنگيت آهيان،
”پوءِ مان ڪيئن ٿي کنڊر ٿي سگهان؟
” مان اوهان ۾ زندهه آهيان،
”مان اوهان جي ٻارن جي اکين ۾ چمڪ آهيان،
”مان سندن چپن جي مُرڪ آهيان....
سدا مٺي سُرٻاٽ ۾ سڏُ ڪندڙ آواز:
”جاڳو جاڳو، منهنجون ڌيئرون، منهنجا پٽڙا!“
”هاڻي جاڳو، جاڳو ۽ اُٿو
” ۽ منهنجو چهرو، روشنيءَ ۾
”اُڀرندڙ سج جي سونهريءَ مهانتا ۾ ڏسو!“
_ ولي رام ”ولڀ“
سنڌ جو هڪ وفادار فرزند
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان ڪجهه ڏينهن اڳ، جڏهن انڊين
آرميءَ جي آفيسرن کان هندستان ۽ پاڪستان منجهان
ڪنهن هڪ جي چونڊ گُهري وئي ته لکنؤ جي هڪ مڇي
مانيءَ لائق خاندان جي وڏي ڇوڪري ۽ انڊين آرميءَ
جي آفيسر يعقوب خان، مذهبي عقيدت ۽ اسلامي جوش ۾
ايندي، پنهنجي پاڙي پنبي، ماءُ ماتا ۾ مٽن مائٽن
کي ڇڏي، پاڪستاني فوج ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ڪئي؛
جڏهن ته ساڳي فوج ۾، سندس ننڍي ڀاءُ يونس خان
پنهنجن اباڻن پڊن ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. جڳ مشهور
ڪتاب”Freedem at Midnight
“ (آڌيءَ ڌاري آزادي) جو مصنف ڊومنڪ لاپيري لکي ٿو
ته قدرت جي ستم ظريفي ته ڏسو، جوپاڪستان ۽ هندستان
جي وچ ۾ 1948ع ۾ جيڪا لڙائي لڳي، اُن ۾ هندستان جي
فوجن جو ڪماندار يونس خان هو، جڏهن ته پاڪستان
طرفان فوج جي اڳواڻي يعقوب خان پئي ڪئي. ٻنهي
ڀائرن هڪٻئي کان هارائڻ لاءِ پنهنجو ڏينهن رات هڪ
ڪري ڇڏيو. ٻنهي جي هڪٻئي خلاف محاذ آرائي هڪ شعوري
چونڊ هئي. منجهانئن هر هڪ کي حق تي هجڻ جي پوري
پوري پڪ هئي ۽ هر هڪ باطل جي خلاف ڪرشن جا هيٺيان
لفظ ٻڌي بي جگريءَ سان لڙيو هو:
”اي ارجن! حق ۽ باطل جي وچ ۾ مٽي مائٽي جو تعلق بيڪار
آهي. سچ کان وڌيڪ ڪوبه عزيز ڪونهي ۽ ڪوڙ کان وڏو
ڪونه دشمن ڪونهي.“
يونس ۽ يعقوب جهڙا ثقافتي پس منظر رکندڙ، ڏکڻ هندوستان
جي ” باغن جي شهر“ بئنگلور جو رهواسي، ”غلام مُحي
الدين مهڪري“، جڏهن پنهنجو اصلوڪو وطن ڇڏي، گڏيل
هندستان جي ڏورانهن ڏاکڻين ڪُنڊ تي، سنڌ صوبي جي
ساحلي شهر ڪراچيءَ ڏانهن سُري رهيوهو، تڏهن سندس
من ۾ ڇا هيو؟ هو اسلامي جوش ۽ مملڪت خُداداد
پاڪستان جي سڪ ۾ پنهنجيون گهٽيون، گهر ۽ تڙ ڇڏي
رهيو هُيو، يا تاريخ جو ڪو ٻيو ستم يا مٽي
مائٽيءَ جو زور سندس پير ” بئنگلور“ جي دلفريب
زمين تان پٽي رهيو هيو، سا اسان کي پوري سُڌ
ڪانهي. البت اهو پتو ضرور آهي ته جڏهن ”جي. ايم.
مهڪري“ يعني غلام محي الدين مهڪريءَ جو سنڌ جي
شعور سان تعارف ٿيو، ته سموريءَ سنڌ ” جي ايم
مهڪري“ مان مطلب ” گلاب موتيو مهڪندڙ“ وارو ورتو.
هُن نئين ديس کي اُهي سڀ محبتون ۽ دلبريون ارپيون،
جن جي اصل حقدار ڪرناٽڪ جي نمين هئي. هندستاني
بچاءُ واري وزير واءِ. بي. چاون جو هي گهاٽو دوست،
سنڌ جي بچاءِ جي جنگ وڙهندڙ بي ترتيب سپاهين جي
اُٻاڻڪائيءَ سان ڀريل دلين منجهه به سدائين گُلاب
موتيي جي مهڪ پهچائيندو رهيو. بنان ڪنهن لالچ ۽
خوف جي، پنجاسي ورهين جي سندس عمر جي پني تي جيڪو
به اکر لکيل نظر آيو، سو اکر ضمير جي سربلندي ۽
نمڪ حلاليءَ جي مس منجهان ٻوڙي لکيو ويو. جڏهن
ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي طوفان محبتن جي ٻيڙيءَ کي
پُرزا پُرزا ڪري ڇڏيو، تڏهن به هُن سنڌ سان
وفاداريءَ جي تختي منجهان هٿ نه ڪڍيو ۽ موڪلائيندي
به خاموشيءَ سان چوندو ويو:
” سمجهوتي ڪا نام ٿا اُس ڪي لهو ۾ شامل،
ورنه جُهڪ ڪر ڀي جي سڪتا ٿا مرني والا“
جيڪڏهن مهڪريءَ جي زندگيءَ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو
ته هو ڪو هٻي ٿٻي تي ٿي ويل هڪ اديبڙو نه هيو.
مٽيءَ سان مٽي ٿي ويندڙ مٽيءَ جي هن عاشق جو علم
سان به سچو پچو سنٻنڌ هيو. هن بئنگلور جي جڳ مشهور
” ٽاٽا انسٽيٽيوٽ“ منجهان سماجيات ۾ ايم اي. ڪئي ۽
پوءِ ” هندن ۽ مسلمانن جا لاڳاپا“ جي موضوع تي
اسلام جي ظهور کان وٺي 1942ع تائين آيل تبديلين کي
نظر ۾ رکندي ڊاڪٽوريٽ لاءِ هڪ ڊگهو مقالو لکيو.
کيس اهو اعزاز حاصل هيو ته سندس مقالي جي تصديق
اُنهي شخص ڪئي، جنهن کي اتهاس جي دنيا جو سڀ کان
وڏو عالم چئجي ته به ذري جو وڌاءُ نه ٿيندو.
پروفيسر ”ٽوائن بي“ کيس امتيازي سند عطا ڪندي، هُن
لاءِ نهايت تعريف جوڳا لفظ استعمال ڪيا هئا ۽
بامبي يونيورسٽيءَ کيس انتهائي وڏي مان ۽ شان سان
پي. ايڇ .ڊيءَ جي ڊگري ڏني هئي.
ورهاڱي کان پوءِ ، جڏهن ڪن سماجي دٻائن جي ڪري کيس سنڌ
اچڻو پيو ته انوقت هو هندستان منجهه
CBCS
جي کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي عهدي تي فائز هيو ۽
جڏهن پاڪستان ۾ رٽائرمينٽ جي عمر کي پهتو ته ”
سينٽرل گورنمينٽ پريس“ منجهان ڊائريڪٽر جي عهدي
تان رٽائر ٿيو. جي ايم. مهڪري، جڏهن به ۽ جتي به
رهيو منجهس اعليٰ انساني قدرن ۽ علم جي لاءِ عزت
۾ڪڏهن به گهٽتائي نه آئي. هو جڏهن نوڪريءَ کان
پالهو ٿي، مراد آباد منجهان پرڻيل ٻي زال سان گڏ
ماڊرن ڪالونيءَ جي 20 والن جي گهر ۾ اچي رهيو،
تڏهن به سندس سڀ کان وڌيڪ پيار ڪتابن، اخبارن ۽
رسالن سان ئي رهيو. مان سمجهان ٿو ته هيءُ هڪ
منفرد مثال آهي ته پاڪستان جي چوٽيءَ جو سماجيات
دان ۽ بيوروڪريٽ، سو به سيد هاشم رضا، جميل الدين
عالي ۽ برگيڊيئر عبدالرحٰمن صديقيءَ جي برادريءَ
سان لاڳاپيل شخص ، رٽائر ڪري اچي ٻارڙن جي لاءِ
مضمون لکڻ ۽ قلم جي پورهئي سان پيٽ پالڻ وارو ڌنڌو
ڪري! نه ته اردوءَ جا اديب دين سان گڏ دنيا به
روشن ڪندا رهندا آهن. جڏهن گهرويهڻ جهڙا ٿيندا
آهن، ته ايترو ٿت ترڪو جمع ڪري چڪا هوندا آهن، جو
باقي ڏينهن هوا خوريءَ ۽ الفاظ خوريءَ جي ذريعي
زندگي گذاريندا آهن.
پنهنجي برادريءَ جي انهن اعليٰ روايتن جي ابتر، مهڪريءَ
تي قدرت توڙي حالتون سخت نا مهربان هُيون. سڄي عمر
اؤلاد جهڙي نعمت کان محروم ٿيل هيءُ سدا بهار مُرڪ
پکيڙيندڙ شخص، زندگيءَ جو پويون پهر ته رڳو سائنس
جي مهربانيءَ معرفت دل جون ڌڙڪنون ڳڻيندو رهيو.
شايد اسان منجهان ٿورن کي خبر هجي ته سندس ويڳاڻي
دل منجهه ” پيس مئڪر“ لڳل هُيو! جيستائين اُنهي جي
ٽڪ ٽڪ جاري رهي، تيستائين اسان جي هن عزت لائق
اُستاد جا ٽهڪ به ٻُرندا رهيا، پر جڏهن اها مشين
به هلي هلي بيهجي ويئي ته ساڻنس جو هيءُ سچو
پرستار ۽ زندگي توڙي موت کي راند سمجهندڙ سُچيت
روح!
” جَيت جيت ڪي عُمر گنوايئي، هُڻ تون هار فريدا.“
جا ٻول اُچاريندو، وڃي اُن ديس جو واسي ٿيو، جتي روح تي ڪا
رَهنڊ نه پوندي آهي ۽ جتي خوابن جي قاتلن کي انصاف
جي مسند تي نه ويهاريو ويندو آهي.
15 آگسٽ 1995ع جي هڪ عام رواجي شام ڌاري، جڏهن فون تي
سائين علي احمد بروهيءَ جي ٻاجهاري آواز جي ذريعي
اڻوڻندڙ خبر پهتي ته مون کي ايئن لڳو ته ڄڻ ته
قدرت جي فرشتن ۽ ”حق پرستن جي حُبدارن“ هن بدنصيب
شهر جي چهري کي رتورت ڪرڻ ۽ سندس بيقرار رهواسين
جي روح کي بيچين ڪرڻ جي گڏجي سڏجي منصوبا بندي ڪئي
آهي _ ۽ انهيءَ منصوبا بنديءَ جو سڀ کان وڏو شڪار
اُهي شهري ٿا ٿين، جن جي سموري زندگي دلين کي
جوڙڻ ۾ گُذري آهي. جڏهن بروهي صاحب جو سندس آخري
سفر ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ حُڪم ٿيو ته مون ٿورڙي دير
لاءِ انهيءَ حُڪم جي تعميل نه ڪرڻ لاءِ ضرور
سوچيو، ڇو جو گانڌيءَ جهڙي ٽاڪُئين طبعيت رکندڙ
اسان جي هن محترم دوست جو اجهو ”نٿو رام گاڊسي“ ۽
”نارائڻ آپٽي“ جي روحاني وارثن جي علائقي يعني کجي
گرائونڊ ۽ پاڪ ڪالونيءَ جهڙن ڪوس گهرن جي پُٺيان
ماڊرن ڪالونيءَ ۾ اڏيل هُيو، پر الائجي ڇو منهنجي
من مڙني خطرن کي پاسي رکندي،اهو فيصلو ڪيو ته اسان
جي سپنن واري سنڌ جي تصور ۾ همسفر، هن هندستان جي
سنڌي ٿي ويل فرزند جي آخري سفر تي، ديس جي ديوانن
جي موجودگي ضروري آهي.
”پوءِ به روئڻو آهي_
اُٺ جهوڪيو ته _
اڄ ئي هن پڊ تي روئي وٺون “ (امراؤلقيس)
اهوئي سبب آهي ته دهشتگردن جي ڳڙهه منجهان گُذرندي، مون
ڪابه ماندڪائي محسوس ڪانه ڪئي. نه فقط ايترو پر
سندس آکيري تي پهچڻ کان پوءِ، هڪ ڪلاڪ جي پوري
وقفي دؤران، سندس پُراڻن ذاتي دوستن جو هن جي ياد
۾ محبت ڀريون ساروڻيون ٻڌندي، توڙي سندس گهر
واريءَ جا مسلسل وهندڙ لڙڪ پسڻ کان وٺي هُن جي
پاپوش نگر واري مُقام تائين ٿيندڙ بالڪل آخرين
الوداعي مختصر سفر تائين مون پنهنجي موجودگيءَ تي
ڪافي فخر پئي محسوس ڪيوته جتي ڪوبه صحافي اديب ۽
ڪامورو هن تاريخ ساز شخصيت کي نيڪ تمنائون ارپڻ
لاءِ جان جو جوکو نه کڻي سگهيو هو، اُتي سنڌ جي
پُراڻي ۽ نئين ٽهيءَ سان واسطو رکندڙ ٻه گمنام
سپاهي، مهڪندڙ مهڪريءَ جي ڀر ۾ بيهي، کيس آخري
سلام پيش ڪندي، رت ۽ باهه واري ٿيندڙ راند ۾،
پنهنجي قوم جا سفير بڻجي ڄڻ ته هڪ اهڙي معاهدي جي
تجديد ڪري رهيا هجن، جنهن جا اکر ڪنهن چالاڪ
ڊپلوميٽ جي ذهن جي پئداوار نه پر هن ڌرتيءَ جي
عظيم روايتن منجهان سرجيل هئا. مون کي ته لڳو ته
چپن ئي چپن ۾ بروهي صاحب به جاميءَ جي هيءَ سٽ
ورجائي رهيو هُجي:
” چشم رحمت برڪُشا موئي سفيد من نڪر“
(مهرباني ڪري پنهنجون ٻاجهه ڀريل اکڙيون کول ۽ مُنهنجن اڇن وارن
تي ڌيان ڌَرِ.)
_ انعام شيخ
چرئي قلم مان نڪتل چند چريون ڳالهيون
گذريل سال،شايد اپريل يا مئي جو مهينو هجي، الائي ڪيئن
آهستي آهستي ”چريائي“ منهنجي وجود ۾ چرند يا چور
وار وانگر سرجندي رهي. چور وار سُري وانگر وارن
کي آهستي آهستي کائيندو آهي. چريائي ماڻهو کي ڳهڻ
بلا وانگر ڳڙڪائيندي آهي. نه چرند وار کي جهلي
سگهبو آهي نه چريائي کي ئي جهلي سگهبو آهي. ماڻهو
بهرحال زندگيءَ ۾ انيڪ سؤ _ منهين بلائن کي منهن
ڏيندو رهي ٿو. کلندو به رهي ٿو، جيئرو به رهي ٿو،
ماڻهو! ڪيڏو نه ’چريو داناءُ‘ آهي. ڪڏهن ڪک جو،
ڪڏهن لک جو، پاڻ آهي ته لک جو، نه ته ڪک جو. مون
پاڻ کي ’ڪک‘ جو به ڏٺو ۽ پنهنجي اکين ۾پاڻ کي
اٽڪندي به ڏٺو. الله پنهنجي ئي اکين ۾ پاڻ کي ائين
اٽڪندو نه ڏيکاري. اندر جو آئينو ڀڄي پوندو آهي ته
پنهنجو عڪس به ٽڪرا ٽڪرا ٿي وکري ويندو آهي. دنيا
جو هوش ته رهندو ئي ڪٿي آهي؟ پر ذهن جي ان سڪرات
واري ڪيفيت ۾جو هڪ عڪس مثبت طور محفوظ هوم، اهو
هو مهڪري صاحب جو!
سندس مرتئي کان سال ٻه پهرين آءٌ هن سان ملي نه سگهي
هئس. گذريل سال چريائيءَ جي دوري کان پوءِ ٿورو
ٿورو هوش سنڀاليندي پنهنجو پاڻ کي نارمل زندگيءَ
ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ ... پنهنجي آڱر جهلي سوچيندي
هئس ته پاڻ کي مهڪري ڏانهن وٺي وڃان، جيئن هو مون
کي اميد جي لفظن جي ڪا هڪ اهڙي
Anti depressant
ڏئي،جو آءٌ وري چريائيءَ جي ننڊ مان آرس ڀڃي هڪ
دفعو وري ويل زندگي کي تازه نظر سان ڏسي سگهان. پر
ڪراچيءَ جا حالات به خراب ته هيڏانهن منهنجي دل جي
حالت به خراب. خير سان وري ٻيو
Attack، ڊاڪٽر ڏسيو: ’آرام‘. دل چوي: مهڪريءَ سان ملڻ به آرام
آهي ... ان سان ملندس ته
Relax
ٿي ويندس. پر اڳ وانگر هاڻ آءٌ اڪيلي دل جي ڏڍ تي
ڪراچي ۾ ”منگهو پير روڊ“ جا رڪشي ۾ ڌڪا جهلڻ لائق
نه رهي آهيان سو پڇاڙي ۾ هن سان ملڻ ٿي نه سگهيو.
حالانڪه هن سان نه ملي سگهڻ پنهنجي ليکي هڪ منفي
ڪيفيت آهي، پنجين ڇهين مهيني جڏهن به هن سان ملڻ
ويندي هئس، خوش ٿي چوندو هو: ”اتفاق ڏس اتفاق ..
ڪلهه ئي اڃا مون توکي ياد ڪيو هو...“
هن سان باوجود چاهڻ جي به نه ملي سگهڻ جو اتفاق ....
شايد هاڻ هن ياد ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو.
خدا قرآن شريف ۾ شايد ’پيريءَ واري دور‘ کي ’ڏکيو ترين
دور‘ چيو آهي. مون پنهنجي بابا جي پيريءَ جو دور
به ڏٺو، مهڪري جي پيريءَ جودور به ڏٺو. بابا تي
پيري جهٽ آئي، مهڪريءَ تي ٿورو دير سان. ٻنهين جون
مجبوري ۽ ڪمزوري واريون ڪيفيتون ... لاچاري ...
ويچارگي.... ! بابا ويچارو پڇاڙي ۾ چوندو هو
Give me a pill of death.
هاڻ سوچيان ٿي ته ڪن حالتن ۾ موت به ماڻهو جو ڪيڏو
نه محافظ آهي! مهڪري صاحب سان جڏهن به سال پڇاڙي
جو ملي هئس، تڏهن ڏٺو هوم ته هو ٿورو ٻارڙن وانگر
چڙ چڙو ٿي پيو هو. ويهي سگهڻ جو ساهس نه هوس.
مجبوري ۽ بيوسيءَ جي ڪيفيت ۾ هن سندس زال جي ڪنهن
ڳالهه تي چڙي پنهنجي مٿي تي پاڻ کي ٻه ٽي هٿ به
هنيا هئا. اهي سندس پاڻ کي ڌڪ مون پنهنجيءَ دل تي
محسوس ڪيا ۽ سوچيوهوم ته هاڻ سائينءَ مان سهڻ جو
ساهس نڪري ويو آهي.
پيريءَ ۾ ”پئسي جي فراواني“ ۽ همدردي سان ڪوئي ” خدمت
ڪرڻ وارو “ هجي ته شايد ان دور کي به خوش اسلوبي
سان منهن ڏيئي سگهجي ٿو، پر مهڪري صاحب ته دل جو
درياءُ ماڻهو، محبتن کي گڏ ڪيائين. پنهنجي انا جي
حفاظت ڪيائين. هن پئسو گڏ ڪيوئي ڪونه. هن کي پئسي
جي لالچ نه هئي، سو لاچاري ٿي پئي هئس. آخري عمر ۾
محبت ڪرڻ وارن جي به لاچاري، پئسي جي لاچاري.
هڪ ئي ساٿ ڏيڻ واري زال، سا به دل جي بيمار.
مهڪري صاحب کي ”پيري“ پنهنجيءَ جاءِ تي، پر سالن کان
شُگر جو مرض، دل جو مرض ۽ اڪيلائيءَ جو مرض! ڪير
هجي جو سهي؟ ڪوئي هجي جو ”ڪري“! گهر مان پاڻ نڪري
نه سگهندو هو. ڪوئي وٽس ايندو ويندو ڪونه هو.ٻه ٽي
ڪي سچا دوست هفتي مهيني وٽس ايندا ته ايندا، نه ته
هو سڄي گهر ۾ اڪيلو ئي اڪيلو. سيمينٽ جي پَٽ تي
اڪثر پيرين اگهاڙو پيو آهستي آهستي هلندو. چوندو
” مون کي پيرن ۾Burning
ٿي ٿئي.“ ”آءٌ هڪ دفعو کلي سانس ” توهان کي ڪا نرم
بخملي چمپل ٺهرائي ڏيان، ڇاڪاڻ ته آءُ توهان جي
لاءَ سڄو فرش ته بخمل جو ٺهرائي نٿي سگهان.“ خوش
ٿيو. چيائين ” بس منهنجي لاءِ اوهان سڀني جي محبت
ڪافي آهي. مون کي ڪجهه نه کپي.“ ٻيو ته ٺهيو ميوو
وڻندو هوس. هڪ ٻه دفعو ميوو وٺي ويس ته همراهه کي
ڏٺم ته اها به نه پئي وڻي. بس هن کي رڳو اهو وڻندو
هو ته آءُ هن وٽ وڃان. مون کي ڏسي خوش ٿيندو.
صائمه کي ڏسي ته هيڪاري ٻيڻو خوش ٿيندو.
اناهاڻو ائين جو اڪيڊمي آف ليٽرس پنج هزار اماڻيس ته
اهي به واپس ڪري ڇڏيائين: ” پئسي کوکيا کري گا
بابا... هم کو يه فائيو تهائوزنڊ نهين چاهئي.“
سوچيان ٿي ته هڪ انسان ... مهڪري جهڙو ... جيڪو علم،
دانش ادب، فلسفي، سائنس، هر علم جي بابت انتهائي
علم وارو هوندي به ته عمر جا آخري ايام ڪيئن بنهه
هڪ عام ماڻهو وانگر ٿو گذاري! لوڙهي به ’عام‘
وانگر ته پڇاڙي جو ’لهي‘ به عام وانگر. خدا
’عالمن‘ کي مرڻ مهل ڪجهه ته رعايت ڏي ها. شايد
’چڱن‘ جون چڱايون خدا دنيا ۾ ٻين کي ڏيکارڻ لاءِ
خلقيون، ۽ رعايتون وري پاڻ وٽ ٿو محفوظ رکي ٻي
دنيا لاءِ.
محبت، دين/ دنيا ٻنهي جو مرڪز آهي. مهڪري محبت ڏئي به
ڄاڻندو هو ته وٺي به ڄاڻندو هو. پر عام دنيا جي هن
ڊوڙ ۾ ڇتڪتائيءَ واري هن زندگي ۾ هوپڇاڙيءَ جو
مايوس ٿي ويو هو. آءٌ کيس چوندي هئس ته ” مون کي
تنهنجو گهر نه ٿو لڀي ۽ ڪوئي تنهنجي گهر جو پتونٿو
ڏئي.“ چوندو هو: ” منهنجي پاڙي وارا ائين آهن جو
آءٌ هت مري وڃان ته هفتو هنن کي خبر نه پوندي ته
پاڙي ۾ ڪير هوجو مري ويو...“
مٽن مائٽن مان به مايوس هو. ڪراچي ۾ سندس مائٽ به هئا،
پر ڪير به ويجهو نه هو، همدرد نه هو. سندس گهر
واري، جڏهن آءٌ آخري دفعو ساڻس ملي هئس، تڏهن
ٻڌايو هوته هڪ نوڪر 1200 روپين تي رکيو ته آهي، پر
لڳي ٿو ته اهو به گهڻي دير جٽاءُ نه ڪندو ...
مهڪري صاحب چوندو هو”اري بابا ڪوئي کسي کا نهين ...
کهين بهي محبت نهين...“
مون کي جڏهن پهريون دفعو
Attack Heartٿيو،
تڏهن کيس چيم ته مون کي به
Sugar
جام آهي... دل جي به هيءَ حالت آهي. صائمه ننڍڙي
آهي... مري ته نه ويندس؟
چيائين ’تون‘ رڳو تون نه آهين. تو ۾ تنهنجن ابن ڏاڏن جا
Genes
به ڪم ڪندا. تنهنجي
Constitution
کي تنهنجي مائٽن جي نسلي عمر به جياريندي ... تون
جهٽ نه مرندينءَ .. يقين رک.
مون ڏٺو هو. شڪ شبهو ٻڏتر وارو ڪچو علم هن وٽ نه هو،
ڳالهه جيڪا ڪندو، پوري يقين سان. ائين ڄڻ خدا کي
به پنهنجي اکين سان ڏٺو هجيس. موت کي به پنهنجي
اکين سان ڏٺو هجيس. هو ڪامل يقين جو ماڻهو هو.
موسيقي وڻندي هئس. سندس ڪمرو ڄڻ ڪتابن جي ڀتين
ڇتين جو ٺهيل هجي. ان ۾ آءٌ ڀانيان ٿي ته شايد
موسيقي جا به ڪي
instruments
رکيل هئا. سندس ڪمر ۾ هڪ دري هئي. هو کٽ يا پلنگ
تي نه بلڪه ٿوري مٿڀري ميز تي سمهندو هو ۽ ويهندو
هو. شايد کيس هيٺاهين کٽ وغيره تي ’اٿڻ‘ ۾ تڪليف
ٿيندي هئي.
اڪثر سندس دوست يار کيس ٻاهر جي
imported
چانهه جو دٻو وغيره ڏيندا هئا. مون کي ڏسي ڪٻٽ مان
چانهه کڻندو، رڌڻي ۾ رکندو. مون کي رڌڻي ۾ سامان
ڏيکاريندو. هي سڀ سامان آهي، تون چانهه ٺاهي پي.
جي مون سان صائمه هوندي ته وڃي فرج کوليندو. رڌڻي
۾ هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو. ڪا مٺائي جي ٽڪي
... ڪو بسڪوٽ جو ٽڪرو ... ڪوميوو ... ڪجهه به هٿ
ايندس ته خوش ٿي صائمه کي چوندو ته تون کاءُ.
مهڪري صاحب پنهنجي عام زندگي ۾ جيترومٺو محبتي ۽ ٻئي کي
ساهس ڏيڻ وارو هو، سندس گهر واري. جو مزاج وري
مون کي مهڪري جي ابتڙ لڳندو هو. مون سان ٺهندي
هئي. هڪئي کٽ تي وهاڻا رکي ليٽندي ليٽندي دنيا جون
شڪايتون ... پنهنجون مجبوريون .. پيري جا مسئلا
... ( هن کي مهڪريءَ جون ۽ مون کي بابا جون)
ڳالهيون ڪندا هئاسين. اڪثر مون محسوس ڪيو ته کوڙ
ڳالهيون اسان جون اهڙيون هونديون هيون،جيڪي ٺوس
دنياوي مسئلن بابت هونديون هيون، پر مهڪري صاحب جي
مزاج جي خلاف. پر ڏسندي هئس ته هو صبر سان،
مسڪراهٽ سان درگذر ڪري ويندو هو. چڙ، غصو ۽ بيزاري
منجهس شروع ۾ ڪين هئا، پر آخري دفعو ڏٺم ته هو
ڪجهه بيزار ۽ ڪهه چڙچڙو ٿي پيو هو.
انيڪ موضوعن تي ڪتاب سندس اردگرد مِٽي هاڻا سٿيا پيا
هوندا هئا. پامسٽري کان وٺي سائنس تائين، ادب کان
فلسفي تائين، صحت بابت، هوميوپيٿي بابت، ڪتاب ئي
ڪتاب، پر ايڏي علم ان کي پڇاڙي ۾ ڇا ڏنو؟ جيئن ٻار
رانديڪن سان راند ڪندا آهن، ائين هڪ دانشور ۽ عالم
پنهنجي وقت ۾ ڪتابن سان طبع آزمائي ڪندا آهن. پر
عمر جي آخري حصي ۾ پيري جي وقت ... زندگي جون طبعي
حقيقتون؟ جڏهن ماڻهو علم جي آڌار وڃيو آسمانن جو
سير ڪريو اچي، پر پيريءَ ۾ باٿ روم تائين نه وڃي
سگهي ۽ ماڻهو ويچارو ٿي شرمندگيءَ وچان خاموش
ڏسندو رهي ۽ اهڙي وقت ’موت‘ ئي ماڻهو جو اڪيلو
محافظ بنجيو وڃي. ماڻهو انسان مان بيزار ... موت
ئي آخري محسن بنجيو وڃي ... خدا جي مهرباني، جنهن
ماڻهو کي موت سان آزاد ڪيو. سڀ ڪجهه ته فاني آهي
..... !
_ خير النساءِ جعفري
|