سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :19

سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا

ڊاڪٽر مهڪري

        ڊاڪٽر صاحب جڏهن به ڪنهن سان ملندو هو ته پنهنجو تعارف ”جي. ايم. مهڪري“ لفظن سان ڪرائيندو هو. مضمونن ۾ به پنهنجو نالو ائين ئي لکندو هو. سو، گهڻن ماڻهن کي سندس اصلي نالي جي خبر ڪانهي. سندس نالو غلام محي الدين هو ۽ ذات مهڪري.

        مهڪري ميسور جي پاسي جي ذات آهي. ڊاڪٽر هندستان جي ورهاڱي کان ستت پوءِ ٻين مهاجرن وانگر ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو. پر ان کان به اڳي، هڪ دفعو، غالباً 1942-1943ع ڌاري، هو ڪراچيءَ آيو هو. اڪائونٽس ۽ آڊٽ کاتي ۾ نوڪري هئس. انهيءَ سلسلي ۾ آيو يا ڪنهن ٻئي سبب سان. انهيءَ زماني ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ سان سندس ملاقات ٿي هئي، جنهن جون مون سان ڳالهيون ڪندو هو. محمد امين کوسي کي به سڃاڻندو هو، جو ڪنهن زماني ۾ آزاد خيال ماڻهن سان گهري گهاٽي لهه وچڙ رکندو هو.

        مون سان سندس ملاقات ڪڏهن ٿي ۽ ڪٿي ٿي، سو ياد ڪونهيم، پر جلدئي پاڻ ۾ ڏاڍا گهرا گهاٽا ٿي وياسين. اها غالباً 1975-1976ع جي ڳالهه اهي. تڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري هئس. ڄامشوري ۾ جيڪي بورڊ جون جايون ٺهيون، تن ۾ اسان 1974ع جي پڇاڙيءَ ڌاران لڏي آياسين. ان کان اڳ گاڏي کاتي واريءَ بورڊ جي جاءِ ” امين منزل“ ۾ هئاسين. مون کي چٽي يادگيري آهي ته اُتي ڊاڪٽر مهڪري  مون وٽ ڪڏهن به مهمان ٿي ڪونه آيو هو. پر، ڄامشوري ۾ اچڻ کان پوءِ، مهيني ماسي مون وٽ اچي نڪرندو هو. پاڻ نه پهتو، ته مان ڪراچيءَ مان کيس وٺي ايندو هوس. بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي گهر جي پاسي ۾، اسان هڪ ننڍرو مهمانخانو(Guest Bed Unit) ٺهرايو هو؛ اهو ڄڻ ته ٺهيو ئي مهڪريءَ لاءِ. منجهانئس ٻه ٻيا ماڻهو به مستفيد ٿيا: سائين شاهه محمد شاهه ۽ ڊيوڊ چيزمئن (David Cheeseman)

        سائين شاهه محمد شاهه ڪنهن زماني ۾ بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو هو. هاڻي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمن ٿي آيو، جنهن جي آفيس سنڌي ادبي بورڊ جي پاسي ۾ آهي. سو، سنڌي ادبي بورڊ جي مهمانخاني ۾ ئي رهائش اختيار ڪيائين. مان اڪثرڪري، گهران نڪري، وٽس وڃي وهندو هوس، پوءِ پهرن جا پَهَر ڪچهريون ڪندا هئاسين. الله سائينءَ کيس وضعداريءَ جي هڪ خاص وصف سان نوازيو آهي. مون کي عيد سعيد جي موقعي تي اڃا تائين ڪارڊ موڪليندو آهي. موڊ ۾ هوندو آهي ته فارسيءَ جو هڪ اڌ اهڙو شعر به لکي موڪليندو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ورهين جا ٿَڪ لهي وڃن.

        ڊيوڊ چيزمئن خالص انگريز هو. انگريز جي ذهانت، سياڻپ، متانت ۽ سنجيدگيءَ جو مثالي نمونو هو. الله سائينءَ کيس حُسنِ يوسف جو به چڱو حصو عنايت ڪيوهو.

        مان 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانلسر مقرر ٿيس، پر چڱو عرصو پوءِ به سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي عهدي جي چارج مون وٽ ئي رهي، سو منهنجي رهائش اهائي بورڊ واري سيڪريٽريءَ جي گهر ۾ رهي. هڪ ڏينهن، يارهين، ٻارهين بجي ڌاران، ڊاڪٽر حميده کهڙو ڊيوڊ کي ساڻ وٺي، مون وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ واري آفيس ۾ آئي. ۽ چيائين ته ” هي نوجوان اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، سنڌ جي سماج ۽ سياست جي موضوع تي تحقيق ڪرڻ لاءِ انگلستان مان آيو آهي. اوهان کيس يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل يا ڪنهن ٻئي هنڌ رهائش جو انتظام ڪري ڏيو.“ مون کيس شاگردن جي وچ ۾ انٽرنيشنل ۾ ٽڪائڻ مناسب نه سمجهيو. غالب ياد آيو:

تو اورآرائش خم کاکل

مين اور انديشهائي دور و دراز

        مون کيس پاڻ وٽ وهاريو، چاءِ جو ڪوپ پياريو ۽ آفيس مان اٿڻ مهل سنڌي ادبي بورڊ جي مهمانخاني ۾ آندو. ماني کارائي، مهمانخاني جي چاٻي سندس حوالي ڪيم ۽ ٻڌايم ته هي مهمانخانو ٺهيو ئي سنڌ جي محققن ۽ عالمن لاءِ هو. ڊيوڊ پوءِ سڄو وقت اتي رهيو. ماني مون وٽ ئي کائيندو هو. ڏينهن ٻه هيڏي هوڏي گهمڻ گهتڻ نڪري ويندو هو. سنڌ ته هو سڄي اڳيئي بس ۾ چڙهي گهمي آيو هو، سو جنهن به شهر جو کانئس پڇ ته ٻڌائي ته هيئن سانگهڙ مان فلاڻي هنڌان بس ۾ چڙهي وڃي ڦرندو گهرندو ميرپورخاص پهتس. مان ڀانيان ٿو ته رچرڊ برٽن ۽ لارينس آف عريبيا جي ذهانت جو ڪجهه حصو ڊيوڊ کي ورثي ۾ مليو هو.

        اردو سٺي ڄاڻيندو هو، پر نڪي ڳالهائيندو هو۽ نه وري ٻئي کي لکا پوڻ ڏيندو هو ته ڪو مان اردو ڄاڻان ٿو.يونيورسٽيءَ ۾ مان ڪن ذاتي خطن جا ڊرافٽ کيس درست ڪرڻ لاءِ ڏيندو هوس. انگريزي سندس مادري زبان هئي پرمعنيٰ ۽ مفهوم جدا ڳالهه آهي. پنجن منٽن ۾ ڊرافٽ درست ڪري مون کي ائين موٽائي ڏيندو هو، جيئن ڪوورهين جو ڪٽيل ڪپ يا ڇرو سيراڻ تان لاهي ڏجي. تجلا پيوڏئي ۽ ڌار تلوار کان به تيزُ!

        ڊيوڊ سال سوا مون وٽ رهيو، پر سڄيءَ عمر لاءِ منهنجيءَ دل تي پنهنجي قرب ۽ اخلاص جو نقش ڇڏي ويو جڏهن لنڊن ويو ته ٻه ٽي خط لکيائين. ڪي مختصر، پر هڪڙو ته تمام طويل. ان ۾ پنهنجا سمورا حال احوال ڏنائين. شادي ڪئي هئائين . لنڊن ۾ سٺي نوڪري به ملي هئس. پر سنڌ سان ڪا دلچسپي ٿي ويس، سو مون کي ڏاڍيءَ اڪير سان لکيائين ته ” مان پنهنجي تحقيق کي مڪمل ڪرڻ لاءِ موٽي سنڌ اچڻ گهران ٿو. تون بندوبست ڪر.“ ملڪ ۾ ضياءُ الحق وارو مارشل لڳي ويو هو. منهنجو ڪوبه وس ڪونه هو. پر ،وڏي ڳالهه منهنجي اها نالائقي،جو کيس ڪنهن به خط جو جواب ڪونه ڏنم، ائين هڪٻئي کان ڇڄي وياسين.

        سنڌي ادبي بورڊ جي مهمانخاني کي نوازڻ وارو ٽيون ڊاڪٽر مهڪري هو. سندس هنڌ بسترو مهمانخاني ۾ مستقل طرح موجود هوندو هو. ماني منهنجي گهران مهمان وانگر نه، پر گهرجي ڀاتيءَ وانگر کائيندو هو. ڪڏهن گوشت، ڪڏهن مڇي، ته ڪڏهن دال ڀاڄي. ڊاڪٽر مهڪري ڪوبه حجاب ڪونه ڪندو هو. جيڪي گهر ۾ هوندو هو، سو، بسم الله. کٽاڻ جو البت ڏاڍو شوقين هو. ميسور جي پاسي کٽاڻ گهڻي کائيندا آهن. حيدرآباد کان ڪراچي پنڌ ڪونهي. پر، ڪڏهن هفتو هفتو ڏهه ڏهه ڏينهن به مون وٽ ٽڪيو پيو هوندو هو. گهر واريءَ کي تسلي ڏيڻ لاءِ فون ڪري ڇڏيندو هو ته ” تاجَ، مان رباني صاحب وٽ آهيان. ڪابه ڳڻتي نه ڪجانءِ.“ ڀلا جي کيس مون وٽ ڏهن ڏينهن کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو ته پوءِ سندس گهرواري مون کي فون ڪندي هئي ته ” هاڻي موٽائي موڪليوس.“

        جڏهن هندستان پاڪستان جدا ٿيو ته ڊاڪٽر مهڪري لڏي هليو آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ گهرڙو ڪيائين. سڄي عمر انهيءَ گهرڙي ۾ گذاريائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪا معمولي پينشن ملندي هئس.  سندس گهر واري به ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪندي هئي. ائين مڙئي دال مانيءَ جو بندوبست پيو ٿيندو هو ۽ سندن وقت ڏکيو سکيو پيو گذرندو هو.

        اسان ٻنهي جي سنگت جو بنياد ”سوچ جي آزادي“ هئي. ڊاڪٽر مهڪري انهيءَ اصول جو رڳو قائل ڪونه هو، پر ان اصول جومجسموهو. _ _ ٻيو ته ماضيءَ جي بدران مستقبل ڏي ڏسندو هو.

منهنجو هڪ مائٽ ڪنهن مذهبي جماعت سان وابسته هو. اٿيءَ ويٺيءَ ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه ۾ عباسين ۽ اموين جي زماني جي ڪنهن واقعي جو مثال ڏيندوهو. اوري پير ئي ڪونه رکندو هو. هڪ ڀيري، مون وٽ مهينو ماسو مهمان هو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڊاڪٽر مهڪري به مون وٽ ٽڪيل هو. منهنجا ٻارڙا ڳوٺ ويل هئا. گهر خالي هو، سو، ٻئي ڄڻا مون سان گڏ، ساڳئي بيڊ روم  ۾ کٽون وجهي سمهندا هئا. مون وارو مائٽ سوچ جي لحاظ کان اتر قطب تي ته ڊاڪٽر مهڪري ڏکڻ قطب تي! ٻنهي جو ڪنهن به ڳالهه ۾ اتفاق ٿئي ئي ڪونه . بحث ڪري ڪري جڏهن ٻئي ڄڻا ساڻا ٿين، ته ٻارهين ڌاران سمهي پون. صبح جو آءٌ ننڊ مان اٿان، ته چاءِ ٺاهي پاڻ به پيان ۽ هنن ٻنهي کي به ٻه ڪوپ اڳيان ڪري ڏيان. پر، ڪوپ مان پهرين سرڪي مس ڀرن،ته مان اهڙي ڪا ڳالهه ڪري ڇڏيان، جو ٻئي ٻڌڻ سان ڇتا ٿي وڃن. بحث وري شروع!

        اهڙي هڪ صبح سويري واري بحث دوران مون واري مائٽ حجاج بن يوسف جي زماني جو ڪو مثال ڏنو. ڊاڪٽر مهڪريءَ چڙ مان چيس ته ” ماڻهو موٽر ٺاهين، ٽيليفون ايجاد ڪن،هوائي جهاز جوڙن، ريل گاڏي ٺاهن، ڪمپيوٽر ڪڍن، چنڊ تي وڃي لهن ۽ اسان هڪ هزار سالن کان حجاج بن يوسف جهڙي خونخوار جي خصين ۾ ٻئي هٿ وجهي چنبڙيا پيا هجون!“

        مون وارو مائٽ اهو طعنو سهي نه سگهيو. بحث بند ڪيائين ۽ ڊاڪٽر مهڪريءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي ڏنائين. ٻه چار ڏهاڙا ته گهر ۾ ڏاڍي ٻوسٽ رهي، پر پوءِ ڊاڪٽر مهڪري ۽ مون وارو مائٽ پاڻ ۾ پرچي، وري کير کنڊ ٿي ويا.

        ڊاڪٽر مهڪريءَ کي ڪاوڙ اها هئي ته اسان سوچ ويچار جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. پاڻ مڪمل ۽ ڀرپور آزادي واريءَ سوچ ۾ قائل هو. سندس مذهب منافقيءَ ۽ جهالت جي خلاف ”جهاد“ هو. مُلي ۽ قاضيءَ واري ”مسلي“ جي کليو کلايو مخالفت ۽ مذمت ته سچل سائينءَ ڪئي هئي، پر ويهينءَ صديءَ ۾ سندس سُنت ڊاڪٽر مهڪريءَ جياري ڇڏي:

”ڪُٽِ ملان دي ٺوڙهه ، قاضي والا مَسلا.“

”مُلو“ ڪو شخص نه آهي. اهو هڪ اداري ۽ هڪ ذهنيت جو نالو آهي. سنڌ جي ڏاهن چيو آهي ته ”ملو، مجاور، ڪانؤ، ٽيئي اکر هڪڙو.“ اهو به سراسر غلط آهي ته مُلو هرڀرو مذهبي شخص ٿيندو آهي. ”لامذهب مُلو“ سڀ کان بڇڙو آهي. ڪُتي جڏهن گلر ڏيندي آهي ته انهن جون اکيون بند هونديون آهن. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کُلنديون اٿن. پر ”لامذهب مُلو“ اهڙو ته عقل جو انڌو هوندو آهي، جو سندس اکيون سڄي عمر ڪونه کُلنديون آهن. روس ۾ ڪميونزم جو جنازو کڻي قبرستان ۾ دفن ڪري آيا. چين ۾ سوشلزم جي ٻُوسٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ در دروازا کولي ڇڏيائون ۽ ان کي ”Open Door Policy“ نالو ڏنائون. پر اسان جي ملڪ ۾ گاسليٽي ڪامريڊ اڃا انهن ڍڳن وانگر پيا ڳَهَنِ،جيڪ نار ڪاهڻ لاءِ جوٽيل هوندا آهن؛ اکين تي کوپا چڙهيل هوندا اٿن ته ڏسي نه سگهن ۽ ڳچيءَ ۾ ٽلي ٻڌل هوندي اٿن ته ان جي آواز تي پيا هلن.

        اهڙا عقل جا انڌا ملا شايد اڃا ٻين ملڪن ۾ به موجود آهن. تازو يورپ جي هڪ رسالي ۾ ڪارٽون ڏٺم: هڪڙو بجلي گهر ڊهي ڍير ٿي پيو هو. اتان جيڪا بجليءَ جي تار ٿي ويئي، سا ڪن ٿنڀن تي اڃا ٽنگي پئي هئي. جتي ختم پئي ٿي، اتي جو بجلي ڪانه ٿي پهتي، ته هڪڙو شخص ٽيليفون ڪن تي رکي، رڙيون ڪري رهيو هو: ” ڪامريد، قصو ڪيئن آهي؟ هتي بجلي ئي ڪانه ٿي پهچي. نسوري اوندهه لڳي پئي آهي. هلو ... ڪامريڊ ... هلو ... منهنجو آواز ٻڌو ٿا؟ ... جواب ڇو نٿا ڏيو؟“

        جلال الدين روميءَ ”مُلي جي ذهنيت“ جو انهيءَ کان به وڌيڪ موثر ڪارٽون ڪڍيو آهي. پنهنجي ڪتاب ” فيہ ما فيہ“ ۾ لکيو اٿس ته ”هڪ ڏينهن ڏٺم ته بزار ۾ هڪ جاءِ جي دري کُلي ۽ هڪڙو انڌو شخص منهن ٻاهر ڪڍي اهو ڏسڻ جو ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ڪير ڪاڏي وڃي رهيو آهي؟“

        ڊاڪٽر مهڪري پنهنجين تحريرن، تقريرن، اخبارن ۽ مضمونن ۾ اهڙائي ڪارٽون ڪڍندو هو، پر، سڀ کان سهڻا ذاتي مجلسن ۾ ٺاهيندو هو. ڪارٽونسٽ اهو ڪامياب ٿيندو آهي، جنهن جي ڪارٽونن ۾ طنز ۽ مزاح عروج تي هجي. ڊاڪٽر مهڪريءَ کي مزاحَ جو نهايت سهڻو ذوق هو. جڏهن موج ۾ ايندو هو، ته اهڙو کندو هو، اهڙو کلندو هو، جو باغن ۾ گل ٽڙي پوندا هئا.

        سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب هڪ ڀيري اسان کي پنهنجي دوست قاضي غلام محمد قريشي صاحب وٽ وٺي هليو. قاضي صاحب هالن پراڻن جو رهاڪو هو. پنهنجيءَ ٻنيءَ ٻاري وارو هو. قدرت مٿس مهربان هئي. علم جي دولت سان نوازيائينس، باغ بستان ڏنائينس ۽ اولاد صالحُ عطا ڪيائينس. وٽس ڏاڍي سهڻي لئبرري هئي. سنڌ جي روايتي مهمان نوازيءَ جون ويهين صديءَ ۾ روايتون يا نواب نور احمد خان لغاريءَ زندهه رکيون يا قاضي غلام محمد صاحب. سکيا ستابا ٻيا به گهڻا هئا، پر وٽن رڳي بک هئي. بقول حفيظ قريشي: ” اسان وٽ ڪي ڪينهي. “ سائين قاسمي صاحب سان گڏجي، اسان پنج ست ڄڻا __ جن ۾ ڊاڪٽر مهڪري، مظهر يوسف ۽ محمد حسين پنهور اڪثر ڪري گڏ هوندا هئا __ قاضي صاحب وٽ ويندا هئاسون. سانجهڙيءَ ڌاران هالين پراڻين پهچندا هئاسون. آڌيءَ اسر تائين علمي مجلس ٿيندي هئي. قاضي صاحب صوم صلوات جوپابند هوندو هو. سانجهيءَ جي نماز جي امامت سائين قاسمي صاحب ڪندو هو.جماعتين ۾ قاضي  صاحب، سندس فرزند ۽ احباب شريڪ ٿيندا هئا. شام جي چاءِ ڪڏهن نماز کان اڳي ۽ ڪڏهن پوءِ پيئندا هئاسون. اهي مجلسون اڪثر ڪري سرءُ يا سياري جي مند ۾ ٿينديون هيون، ڇو ته سومهاڻيءَ مهل اسان سڀ اوطاق جي اندرئين ڪمري ۾ ڪچهريءَ لاءِ وڃي ويهندا هئاسون ۽ رات جو سمهڻ مهل بسترن ۾ مٿان وجهڻ لاءِ رضايون ۽ سوڙيون هونديون هيون.

        رات جي ماني شاهاڻي هوندي هئي. ميز ننڍي هوندي هئي، پر ان تي پليٽ رکڻ جي گنجائش ڪانه هوندي هئي، ڇو ته طرح طرح جي طعامن سان ڀريل طباخن سان ڀريل هوندي هئي. مختلف قسمن جا ٻوڙ، پُلاءَ، ڪباب، چاپون، ڪوفتا، ٽانڊن تي پڪل ٻوٽيون، جيرا، بڪيون، ڀاڄيون، زردو،مٺي ۽ ميوي جا ٻيا ڪيئي قِسمَ. ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهر جي ماني ۽ خالص ماهئي کير جون چونئريون ۽ الائي ته ڇا ڇا هوندو هو.

        پر، ان سموري کاڌي ۽ طعامن جو سواد ۽ لذت هڪ طرف ۽ قاضي غلام محمد صاحب جي هڪڙي مِٺي مُرڪ ٻئي طرف! الله سائينءَ  سونهاريءَ سنڌ ۾ڪي ڪي ڪيڏا نه مٺا ماڻهو پيدا ڪيا. لطيف سائينءَ الائي ته  ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ فرمايو هو:

” ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.“

        قاضي غلام محمد صاحب جي ڊاڪٽر مهڪريءَ سان ڏاڍي دل ٿي ويئي، توڙي جو ٻنهي جي خيالن ۽ عقيدن ۾ زمين آسمان جو ضد ۽ فرق هو. پر، ٻنهي ۾ هڪ ڳالهه ساڳي هئي _ ”ذهن ۽ فڪر جي وسعت.“

        ڊاڪٽر مهڪريءَ جي پنهنجي وطن ميسورسان ڪا محبت هئي اونهاري جي چوماسي ۾، جڏهن حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي آسمان تي ڪڪرَ وسڻ جا ويس ڪري ايندا هئا ۽ مان ڊاڪٽر مهڪريءَ کي چوندو هوس ته ”اڄ ڪهڙي نه پياري موسم آهي!“ تڏهن ٿڌي آهه ڀري چوندو هو ته ، ”هائو، ميسور جي موسم آهي.“ ڪڏهن چوندو هو ته، ”هائو، بئنگلور جي موسم آهي.“

        ميسور ۽ بئنگلور جي موسم وانگر اتان جي ميون جو به ڏاڍو ذڪر ڪندو هو. قاضي غلام محمد صاحب وٽ هڪ سهڻو باغ هوندو هو. هڪ دفعي اسان کي ان جو سير ڪرايائين. قاضي صاحب پنهنجي باغ جي ميون جو ذڪر ڪڍيو ته ”هي ميوو سٺو ٿئي ٿو... پر هن ۾ اها لذت ڪانهي فلاڻو ميوو تمام سٺو ٿي سگهي ٿو. وغيره وغيره.“

        تڏهن ڊاڪٽر مهڪريءَ چيو ته ”اوهان وٽ دُريانُ ٿئي ٿو؟“

        قاضي صاحب چيو ته ”اسان ته ان جو نالو ئي ڪونه ٻڌو آهي! اوهان اُن جو ٻج وٺي ڏيو ته پوکيون.“ پوءِ ڊاڪٽر مهڪريءَ دُريان جون خوبيون بيان ڪيون. سڀ کان اول اها ته ” مردانه طاقت“ لاءِ اڪسير آهي. کائڻ ۾ اهڙو جو ڄڻ ته اوهان وڻ مان تازي ماکي لاهي وات ۾ وڌي. اهو ٻڌي قاضي صاحب جو دُريان پوکڻ لاءِ اشتياق هيڪاري وڌي ويو ۽ چيائينس ته، ”ڊاڪٽر صاحب، ڪيئن به ڪري، دُريانَ جو ٻج وٺي ڏيو.“ تڏهن ڊاڪٽر مهڪريءَ چيو ته، ”البت ان ۾ هڪ عيب آهي، سو هيءُ ته دُريان جي بوءِ ڏاڍي بڇڙي آهي. اوهان کائڻ لاءِ ڪپيندا ته سڄي گهر ۾ ڄڻ ڍونڍ ٿي ويندو. کائڻ ۾ به اهو احتياط ڪبو آهي، جو دُريانَ جي ڦاڪ وات ۾ وجهڻ مهل، نڪ کي زور سان چپٽيءَ ۾ جهلي، بند ڪرڻو پوندوآهي. پر، کائڻ کان پوءِ به جڏهن اوڳرائي ايندي آهي ته ائين ڀانئبو آهي، جو ڄڻ ته پيٽ ۾ ڪومئل ڪئو پيو آهي.“

        قاضي صاحب اهو ٻڌي نرڙ ۾ گهنج وڌو ۽ موڪلائڻ مهل ڊاڪٽر مهڪريءَ کي سرٻاٽ ڪيائين ته ”مهرباني ڪري، دُريانَ جو ٻڄ نه موڪلجو.“

        مان ڊاڪٽر مهڪريءَ کي، موقعي ملڻ تي، اڪثر سنڌ گهمائڻ وٺي ويندو هوس ته ڪراچيءَ جي فضا مان ٻاهر نڪري. کيس سنڌ سان هونئن ئي محبت هوندي هئي. شفق جي مهل، سنڌ جي آسمان جي لالاڻ ڏسي چوندو هو ته ”بئنگلور جو آسمان به ائين ئي سهڻو هوندو آهي.“

        هڪ دفعي کيس خيرپور ۾ سچل سيمينار تي وٺي ويس، ٻئي دفعي سکر براج جي جشن تي سکر وياسين. ٽئين دفعي شڪارپور جي جشن تي اوڏانهن وياسين. اتي کانئس تقرير به ڪرايم. موٽ تي لاڙڪاڻي وياسين. اتان ڪينيڊي مارڪيٽ مان ماهوٽن جي زيتونن جو کارو ورتوسون ۽ رستي تي کائيندا پئي آياسين، ته سيوهڻ ۾ سڪندر بادشاهه واري پراڻي قلعي جي مٿان ٺهليل ريسٽ هائوس ۾ رات رهڻ جوفيصلو ڪيوسون. اهو اسان جو يادگار سفر هو. نماشام جو ريسٽ هائوس ۾ پهتاسين. ڊرائيور جو نالو ياد ڪونهيم ته ڪير هو، پر ڀانيان ٿو ته محمد بخش هو. هٿ منهن ڌوتوسون ته ريسٽ هائوس جو ڪيپر ٻاهر اڱڻ ۾ ڪرسيون ۽ ميز رکي ويو. اسان سولا ٿي ويٺاسون ته گرم گرم چاءِ ۽ پڪوڙا کڻي آيو. ريسٽ هائوس جو دڙي تي آهي ته نگاهه پري پري تائين پوي ٿي.

        سُتت آسمان ۾ مينديءَ رتا ڪَڪَر سرمئي ويسُ ڍڪڻُ لڳا ۽ سيوهڻ جون بتيون چمڪڻ لڳيون پريان درياءُ شاهه ڌيرج سان وهي رهيو هو ۽ ان جي مٿان وڏن وڏن سفيد پرن وارا پکي اڏامندا، دور دور نظر کان غائب ٿيندا ٿي ويا.

        ڊاڪٽر مهڪري چاءِ پي اٿيو. آهستي آهستي هلندو قلعي واري دڙي جي ڪنڌيءَ تي وڃي بيٺو.مان ڪرسيءَ تي ئي ويٺو سوچيندو رهيس چڱيءَ چڱيءَ دير کان پوءِ جڏهن موٽيو ته سندس اکيون آليون هيون چيائين ته مون سوچيو ته، ” ڪنهن ڏينهن سڪندر اعظم هن قلعي ۾ هيئن،هن هنڌ بيهي، سامهون نهاريو هوندو.“

        ڊاڪٽر مهڪريءَ کي اولاد ڪونه ٿيو، پر کيس ٻارن سان ڏاڍي محبت هئي. منهنجي نياڻي عيني تڏهن پنڌ به ڪانه ڪندي هئي. مان کيس هنج ۾ کڻي سنڌي ادبي بورڊ جي ريسٽ هائوس ۾ ڊاڪٽر مهڪريءَ سان ڪچهريءَ ڪرڻ ايندو هوس. ڊاڪٽر صاحب عينيءَ کي پنهنجي پاسي ۾وهاريندو هو، جا سندس عينڪ، پين، ڪنجين ۽ کيسي ۾ پيل سِڪن سان راند ڪندي رهندي هئي. منهنجي ننڍي پٽ مجيب سان ته ڏاڍي دل هوندي هئس. کيس ”تُرڪُ“ ڪوٺيندو هو.ڪڏهن ”بهادر“ سڏيندوهوس جڏهن مان اسلام آباد آيس ته مجيب لاءِ هڪ تاريخي دوربين تحفي طور موڪليائين ۽ پنهنجيءَ ڪئميرا سان ڪڍيل سندس تصوير پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڊان اخبار ۾ ڇپايائين. منهنجو وڏو پٽ عزيز ڪچي امتحان ۾ فيل ٿيو. جيئن اسڪول مان آيو ته ڊوڙندو آيو ۽ مون سان اها ڳالهه ڪيائين.  مون سندس ڳڻتي لاهڻ ۽ خود اعتمادي بحال ڪرڻ لاءِ کيس ڀاڪر ۾ کڻي چمي ڏني ۽ چيو ته ڪا ڳالهه ناهي. تون پڪي امتحان ۾ پاس ٿيندين. اهو ڏسي ڊاڪٽر مهڪريءَ اکين ۾ پاڻي آڻي چيو ته منهنجي پيءُ مون کي ائين ڪڏهن به پيار ڪونه ڪيو.

        اسلام آباد ۾ سندس سڪ لڳم. موقعو مليو ته هڪدم کيس ۽ مظهر يوسف کي جهاز جي ٽڪيٽ موڪليم ٻه ٽي ڏينهن ٽڪيا، ڏاڍيون رهاڻيون ڪيوسون.

        ڊاڪٽر مهڪريءَ جو دنيا جهان ۾ هڪ ئي دوست هو_ مظهر يوسف غالباَ ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ واري زماني ۾ پهريون دفعو پاڻ ۾ شملي ۾ مليا هئا، جو اونهاري جي مند ۾ هندستان جي وائسراءِ جي گاديءَ جو هنڌ هوندو هو. سياري جي گاديءَ جو هنڌ دهلي هوندي هئي. مظهر يوسف چيو ته انهيءَ ملاقات ۾ دوست ٿي وياسين. تڏهن ڊاڪٽر مهڪريءَ جي جواني هئي. ٻه ٽه ڏينهن گڏ گذارياسون. پوءِ ٻه چار مهينا جدا ٿي وياسون. وري دهليءَ ۾ ملياسون. ان کان پوءِ هندستان پاڪستان ٿيو، ته ڪراچيءَ ۾ ملياسون ان کان پوءِ، قسمت ٻنهي جو ساهه سنهيءَ سئيءَ سان سِبي ڇڏيو. سنڌ جي سمورن دوستن سان ڊاڪٽر مهڪريءَ جي ملاقات مظهر يوسف جي معرفت ٿي.

        مظهر يوسف چوندو هو ته ڊاڪٽر مهڪريءَ کي هندو ديومالا تي وڏو ملڪو هوندو هو. هڪڙي دفعي، شيخ اياز، ڊاڪٽر مهڪري ، مظهر يوسف ۽ ٻيا ڪي دوست مياڻيءَ واري ريسٽ هائوس ۾ وياسين. سڄو ڏينهن اتي رهياسين ۽ سڄو ڏينهن  ڊاڪٽر مهڪري ئي ڳالهائيندو رهيو. اسان ٻڌندا رهياسين. هن رامائڻ ۽ مهاڀارت مان ڪي ٽڪرا بيان ڪيا ۽ انهن ۾ علم ۽ اخلاق جي ڏنل درسَ جي تشريح ڪئي.

        ڊاڪٽر مهڪري هڪ طرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم جي تلقين بلڪ تبليغ ڪندو هو، ته ٻئي طرف غير سائنسي علم جو به ڪوڏيو هوندو هو. E.S.P ۾ به ڏاڍي دلچسپي رکندو هو.COFFEE CUP READING ۾ به سندس يقين هو. هڪ دفعي مون سان گڏجي حيدرآباد ۾ هڪ صوفي بزرگ وٽ هليو. ٻنهي جي گفتگوءَ جو مرڪزي موضوع ”ڪشف“ هو. ٻئي دفعي ملاڪاتيار جي بزرگ ميين اسحاق جي زيارت لاءِ مون سان گڏ هليو. کليل ذهن، کليل دل ۽ کليل دماغ وارو شخص هو. ڪنهن به ”ازم“ سان کيس منسلڪ ڪرڻ ساڻس وڏي ۾ وڏو ظلم ٿيندو. صحيح معنيٰ ۾ صوفي لا ڪوفي هو.

        مان اسلام آباد مان جڏهن ڪراچيءَ ويندو هوس ته اڪثر مظهر يوسف مانيءَ تي سڏيندو هو ۽ ان جي خاص ڳالهه اها هئي ته ڊاڪٽر مهڪري اچي شريڪ ٿيندو هو. سال سواءِ ڪراچيءَ ويس ته ڳالهه ڪيائين ته ڊاڪٽر مهڪري چاق ڪونهي. هڪ ته سَنڌن جو سور، ٻيو ته سڄو وقت بستري تي. سو، ڪا ڳالهه مزوئي ڪانه ٿي ڏئيس. مون چيو ته ٻئي دفعي گڏجي وٽس هلنداسون __ اهو موقعو ڪونه آيو.

        ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ فون جي گهنٽي وڳي. گهر واريءَ چيو ته ڪراچيءَ مان ڪال آهي. فون تي آيس ته مظهر يوسف هو. ڀريل گلي سان چيائين ته ”ڊاڪٽر مهڪري ڪالهه هي جهانُ ڇڏي ويو.“

        مون کيس ڇا چيو ۽ هن ڇا چيو، سو هاڻي ياد ڪونهيم. پر ايترو ياد اٿم ته جڏهن مظهر يوسف سان ڳالهائي موٽي پنهنجي ڪمري ۾ آيس ته دريءَ وٽ بيهي ٻاهر نهاريم.

        سيوهڻ واري قلعي جي دڙي تي ڊاڪٽر مهڪري سڪندر بادشاهه سان گڏ بيٺو هو. ٻئي ڄڻا دور دور ڪن سفيد پرن وارن پکيئڙن ڏانهن گهوري رهيا هئا، جي اڏامندا آسمان جي نيراڻ ۾ گم ٿيندا ٿي ويا. قلعي کان هيٺ، سيوهڻ جي پريان، درياهه ڌيرج سان وهي رهيو هو. هميشہ ائين وهندو هو.

 

_ _ غلام رباني آگرو

گلاب_ موتئي جي مهڪ _ ڊاڪٽر مهڪري

     

   اخبار ۾ جڏهن پڙهيم ته ڊاڪٽر مهڪري هن سنسار مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته منهنجو ذهن سندس گلاب ۽ موتئي جهڙين ملاقاتن جي مهڪ سان واسجي ويو. ڊاڪٽر صاحب پهرين ملاقات ۾ پنهنجي نالي” جي. ايم. مهڪري“ جي وضاحت ڪندي ٻُڌايو هو ته ”جي“ سان مراد ”گلاب“، ”ايم“ سان مُراد”موتيو“ ۽ ”مهڪري“ سان مراد ”مهڪ“ يا خوشبوآهي. سچ پچ هُو هو به گلاب_ موتئي جي مهڪ. سندس ڳالهين ۾ گلاب ۽ موتئي جو سدا بهار هڳاءُ هو. منهنجي ڏيٺ ويٺ ڪا ايتري پراڻي نه هئي _ پندرهن ورهيه کن پراڻي شناسائي هئي. هو تڏهن شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ جي دور ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشالاجي ۽ سئڪالاجي ڊپارٽمينٽن ۾ وزٽنگ پروفيسر هو. اُن کان اڳ ۾ آءُ سندس ذڪر سائين روچيرام کان ٻُڌندو رهندو هوس. هو ورهاڱي واري وقت کان سندس دوست هو ۽ سندس ڳالهيون ڏاڍي چاهه سان ڪندو هو. هُن مهڪري صاحب سان سنڌ جي مختلف هنڌن جو گڏجي سفر ڪيو هو ۽ مختلف ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾ گڏ شريڪ ٿيو هو، تنهنڪري اوڏانهن گڏ وڃڻ جي واقعن ۽ ساڻس گفتگو جو ذڪر هُو نهايت احترام ۽ اُڪير سان ڪندو هو. مهڪري صاحب کي فوٽو گرافي جو ڏاڍو شوق هو؛ پاڻ سان قسمين قسمين ڪئميرائون رکندو هو ۽ سنڌ جي مختلف ماڳن ۽ ماڻهن جون تصويرون ڪڍندو هو. بين الاقوامي وسعت نظر سان، سنڌ جي ماڻهن جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻ، انهن جي مختلف پهلوئن تي غور ۽ بحث مباحثا ۽ گفتگو ڪرڻ ۽ انهن تي لکڻ _ سندس خاص مشغلو هو. اهي خبرون مون کي سائين روچيرام کان، وقت بوقت ساڻس ملاقات دوران پونديون رهنديون هيون. سنڌ يونيورسٽيءَ سان وابسته هئڻ دوران، علمي، ادبي ۽ تعليمي حلقن ۾ سندس چؤٻول هوندو هو. رات جو گهڻو ڪري سنڌي ادبي بورد ۾ ٺهيل ريسٽ هائوس يا وري اُتي ئي ناشاد جو گهر سندس آستانو هوندو هو. مون ساڻس مهڪري صاحب سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. هڪ ڏينهن، منجهند کان پوءِ ٽين وڳي ڌاري، هو مهڪري صاحب کي حيدرآباد ۾ منهنجي گاڏي کاتي واري فلئٽ تي پاڻ سان گڏ وٺي آيو، جتي آءٌ اڃا رهندو اچان. منهنجو دوست، ڪنول لوهاڻو، جيڪوهاڻي بدين ۾ وڪالت ڪري ٿو، به ساڻن گڏ هو. هو اُن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جرنلزم ۾ ايم. اي ڪري رهيو هو. مهڪري صاحب جي چوڌاري شاگردن جا ميڙ هوندا هئا. کيس پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ اُن جي مظاهري وسيلي ماڻهو جو فطري ڏانءُ هو. بين الاقوامي سطح تي سندس نقطء نظرعالماڻو هو ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وارن ڏينهن ۾، هن اُن وقت جي حساس موضوع Social Background of Hindu- Muslim Relationship تي بمبئي يونيورسٽيءَ جي سوشالاجي ڊپارٽمينٽ مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي هئي. سندس تعليمي پس منظر نهايت وسيع و عريض ۽ جامع هو. سندس دلچسپيءَ جا موضوع نهايت ئي ڦهليل هئا، جن ۾ سوشالاجي، سئڪالاجي، انٿراپالاجي، سماجي ڪم، تاريخ تعليم فلاسافي، ڪلچر ادب اچي وڃن ٿا. هو پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ صفا سڪيولر هو. هو چوندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ اُستاد کي سڪيولر هئڻ گهرجي. نه ته هُو استاد ٿيڻ جي لائق نه ٿيندو. کيس زندگي ۽ زندهه رهڻ سان بيحد چاهه هو ۽ مزاح جي حس تيز هئس. پڇاڙڪن ڏينهن ۾، بيماريءَ دوران، ٻارن لاءِ لکيل ڪالم انگريزي اخبار ڊان جي ’ينگ ورلڊ‘  ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا، جن جي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته هو ڪيڏو انسانيت پرست، انسان دوست ۽ ٻارن سان انتهائي محبت ڪندڙ معصوم انسان هو، جنهن هميشه زندگيءَ سان اٿاهه محبت ڪئي.

انهي ملاقات ۾ ئي سُڌ پيئي ته پاڻ دل جو مريض آهي ۽دل جي ڌڙڪي کي توازن ۾ رکڻ لاءِ دل سان Pacemaker لڳارايو اٿس. انهيءَ زماني ۾ ميڊيڪل ٽيڪنالاجي ۾ اها مشين تازو انٽرڊيوس ٿي هئي. هُو ڳالهين جوڳهير هو. نهايت ئي محبت ۽ شفقت سان مليو ۽ ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهائيندو رهيو. بين الاقوامي ادب ۽ عالمي شخصيتن، سهيوڳي سياست، مذهبي موضوعن ۽ هندو مسلم جي ايڪي ۽ ويڇي سان وابسته سماجياتي پهلوئن تي دل کولي ڳالهايو هئائين. هندو- مسلم جي ويڇي جو سماجياتي تجربو، هن هندستان جي زرعي_ سماجي ڍانچي، عربستان جي چراگاهي _ سماجي ڍانچي ۽ انهن سان لاڳاپيل وراثتي قانونن ۾ ٽڪراءُ جو نتيجو ٻڌايو هو. هن مٿالاجي ۽ تاريخ جي فرق کي واضح ڪندي، هندو مٿالاجي ۾ آيل ڪردارن جي حوالي سان اهڃاڻن جي خوبصورتي جو ذڪر ڪندي، اسلامي تاريخ ۾ آيل واقعن ۽ ڪردارن جو پاڻ ۾ لاڳاپو ٻڌايو. هو ڳالهائي رهيو هو. ڪنول ۽ آءٌ کانئس وقت بوقت وچ ۾ سوال پڇي رهيا هئاسين. سندس گفتگو جو انداز دلچسپ ۽ حيرت انگيز طور تي سحر انگيز هو.

        ڳالهين ۾ ڪافي دير ٿي ويئي هئي. اسان گڏجي کاتي جي ڪئنٽان ريسٽارنٽ ۾ چانهه پيئڻ هليا وياسين، جتي ڪلاڪ کن جي ويهڪ دوران سندس وڻندڙ ۽ پُر مغز گفتگو مان لطف اندوز ٿيڻ کان پوءِ جڏهن وري موٽي آياسين ته ٿي ويئي هئي ۽ موسم ۾ سندس ڳالهين جهڙو سڳنڌ ڀريو وايو منڊل ڇانئجي ويو هو. اولهه ڏانهن کُلندڙ دريءَ مان ٿڌي مٺي هير گهلي رهي هئي. سامهون چهچ ساون وڻن جي جهرمر ۾ املتاس ۽ گُل مهر جا وڻ سهڻو ڏيک پيش ڪري رهيا هئا، ڄڻ مورڇل هڻي رهيا هجڻ. حِت چريو ڪندڙ اُهي منظر پسي اوڏيءَ مهل مهڪري صاحب کان گفتگو جوسرو ڇڏائجي ويو ۽ بي اختيار چيائين:

        ”ولي رام، هيءَ هوا ۽ هيءُ ساوڪ ڀريو منظر آءٌ وساري نه سگهندس. “ هو پنهنجي مخصوص دکني لهجي ۾ چئي رهيو.

        منهنجي واتان ٺهه پهه نڪتو، ” مهڪري صاحب، جي هن ملاقات ۽ گفتگوءَ جي حوالي سان، مون کان به زندگي ڀر اها ڳالهه نه وسرندي ته اوهان هن دريءَ جو منظر ڏٺو جيڪو اوهان کي ڏاڍو وڻيو هو.“

        هاڻي هُو پنهنجي ڳالهين جي شهر مان نڪري پوپٽي هيراننداڻيءَ جي شهر’هاءِ ڙي منهنجي حيدرآباد جي سحر ۾ وٺجي ويو هو. اوڏيءَ مهل منهنجي پٽ ڪمليشور،جيڪو انهيءَ ماحول جي حصو بڻجي ويو هو، پنهنجو آٽوگراف بُڪ کڻي آيو ۽ مهڪري صاحب جي اڳيان کولي بيٺو. ڊاڪٽر مهڪري ڏانهس ڏٺو ۽ پوءِ دريءَ جي منظر تي هڪ نظر وجهي آٽو گراف بڪ کانئس وٺي لکيائين:

This writing will be there, when I am no where.

(هيءَ لکيت هتي رهندي، جڏهن ته آءٌ ڪٿي به ناهيان).

ڊاڪٽر صاحب جي چهري جي اُداسي، سموري وايومنڊل کي ڏکوئيندڙ بنائي ڇڏيو هو. جلدئي پوءِ ڊاڪٽر صاحب اٿڻ جي ڪئي. آءٌ کيس يونيورسٽي ڪئمپس ڏانهن ويندڙ SRTC جي بس تي ڇڏي کانئس موڪلائي آيس. حيدرآباد ۾ منهنجي اها ساڻس پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.

        اُن کان پوءِ مون کي سندس خط ايندا رهيا ۽ سلام پهچندا رهيا. اهي خط ڄاڻ جي کاڻ هئا. هُو پنهنجن خطن ۾ انهيءَ خواهش جو اظهار ڪندو هو ته سندس لکڻين جا سنڌي ترجما اخبارون ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن، جنهن لاءِ هو پنهنجا آرٽيڪلس مون ڏانهن موڪليندو رهندو هو، جن جا ڪجهه ترجما شايع به ٿيا، جهڙوڪ:

        (1) From the ruins of sindh(سنڌ جي کنڊرن مان) (2) Symbolism (اهڃاڻ) (3) A letter to joyo (جويي ڏانهن خط) (4) A letter to Nisar Hussini (نثار حسينيءَ ڏانهن خط) (5) The lads and lasses of Sindh (سنڌ جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون)  (6) The joys of Symbolism (اُهڃان جا مزا)

        انهن کان اڳ محترم محمد ابراهيم جويي جي جاکوڙ سان، سندس ٻه ڪتاب (1) The sorrows of sindh ۽ ” محڪريءَ جا مضمون“ شايع ٿي چڪا هئا. اهي ٻئي ڪتاب مهڪري صاحب جي اعليٰ سوچ ۽ اُتم ويچارن تي مشتمل آهن ۽ انهن جي مقبوليت ۽ پسنديدگيءَ جو اهو عالم آهي جو هن وقت بازار ۾ دستياب نه آهن.

        مون کي افسوس آهي ته هيٺان آرٽيڪلس سندس زندگيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائي نه سگهيس:

        (1) When will the boiler burst (2) The stream of reason (3) Minority and Pakistani T.V (4) Be your own God (5) When a wrong horse backs you (6) What it hindering our progress in science.

        ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو ته مهڪري صاحب سان ملڻ لاءِ ڇڪ ٿيندي هئي پر موقعو ميسر نه ٿيندو هو. هڪ ڏينهن شام جو سنيما ائڊورٽائيزنگ جي گووند راجواڻي کي ساڻ ڪري ماڊرن ڪالونيءَ ۾ واقع سندس گهر تي ويس. پاڻ گهر ۾ موجود هو. گهر جي اڱڻ ۾ ئي ڏاڍي پاٻوهه ۽ پيار سان مليو ۽ وٺي اچي پنهنجي ڪمري ۾ وهاريائين. هڪ ٽيبل تي ٽائيپ رائيٽر ۽ ٻئي تي گراموفون ۽ ڪئمرائون رکيا هئا. وٽس ڪُرسين تي ٻه ٽي ملاقاتي ويٺا هئا. يوناني فلاسافرن جي شخصيت واري مهڪري صاحب کي ڪافي عرصي کان پوءِ ڏٺو هئم. مون کي سندس رعب واري قد بُت ۾ هڪ نهايت سادگي پسند شخص نظر آيو، جيڪو پنهنجي عام قسم جي گهر ۾، پنهنجن پرستارن سان علمي ۽ عالماڻي گفتگو ۾ رڌل هو. گفتگو جو موضوع تبديل ٿيڻ سان مون کي مخاطب ٿيو، ” ولي رام، تنهنجي لاءِ هڪ خاص سوکڙي رکي اٿم.“ پاڻ پنهنجي پلنگ تان اُٿيو ۽ ڀِت تي ٽنگيل هڪ تصوير لاهي، مون کي ڏيندي چيائين، ” هي منهنجي طرفان توکي سوکڙي آهي.“ اها فريم ٿيل تصوير مشهور سائنسدان آئنس اسٽائين جي هئي. منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه هئي جو آئنس اسٽائين جهڙي شخصيت  جي تصوير ڊاڪٽر مهڪري هٿان سوکڙي طور ملي هئم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com