سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ آڪٽوبر-ڊسمبر (4)

 

صفحو :1

مهراڻ 1995ع (4)

ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ

گذارش

 

جناب عبدالله شاهه صاحب جي علم دوستي

 

سنڌي ادبي بورڊ کي پنهنجي جڳ مشهور مڃتا تي فخر حاصل آهي. هن اداري سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي ميدان ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون آهن، ايندڙ نسلن لاءِ يقيناً رهنمائيءَ جو سبب رهنديون. پاڪستان جي سمورن علمي ادارن ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ منفرد ۽ ممتاز مقام حاصل آهي ۽ ڪوبه ٻيو تحقيقي ادارو ان سان برميچي نٿو سگهي. اهو سمورو سلسلو سنڌ جي سُڄاڻ عالمن ۽ محققن، دانشمندن ۽ ادبي خدمتگذارن، اديبن ۽ شاعرن جي مخلصانه ۽ بي لوث خدمتن ۽ بورڊ جي جاکوڙي ڪارڪنن جي دلچسپيءَ ۽ محنتن سان عبارت آهي، جيڪو گذريل چاليهن کن سالن جي طويل عرصي تي ڦهليل آهي. بورڊ  پنهنجي ماضيءَ ۾ جيڪي يادگار ۽ شاندار علمي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، تن ۾ اڳتي هلي، هڪ مرحلي تي، ڪمي ڪوتائي انڪري پيدا ٿي، جو بنيادي طرح سان مالي مشڪلاتن سان مُنهن مقابل ٿيڻو پيو. هر ترقيءَ ۽ واڌاري جو بنيادي نقطو مالي  موجودگي ۽ فراواني سان لاڳاپيل هوندو آهي، جنهن جي اڻهوند سبب ڪم ڪار ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي آهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ان ڏس ۾ تازو سڻائو  واءُ وريو آهي ۽ هڪ وڏي  آس پيدا ٿي آهي ته بورڊ پنهنجي مستقبل  ۾ نه صرف پراڻين صحتمند ۽ تعميري ادبي روايتن کي وري احسن طريقي سان عمل ۾ آڻي سگهندو، پر ان سان گڏ موجوده جديد ترين همعصر ادبي تقاضائن کي اڳيان رکي، ان ۾ پنهنجو ڪردار خوبيءَ ۽ سرجوشيءَ سان ادا ڪري سگهندو.

ان ڏس ۾ سنڌسرڪار جي خصوصي توجهه ۽ تحرڪ تي اسان کي خوشي ٿي آهي، جو بورڊ جي ترقيءَ لاءِ عملي اپائن وٺڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي.

سنڌ جي وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه صاحب، بورڊ لاءِ سالانه ڏيڍ ڪروڙ رپين جي گرانٽ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

6- ڊسمبر 1995ع تي بورڊ آفيس  ۾ علامہ آءِ. آءِ قاضي جي ڪتاب ” صوفي لا ڪوفي“ جي پڌرائيءَ واري جلسي ۾ خطاب ڪندي، جناب عبدالله شاهه صاحب فرمايو ته :

” ....... بورڊ جي مالي مشڪلاتن کي اڳيان رکي ايندڙ بجيٽ ۾ ان لاءِ سالانه ڏيڍ ڪروڙ رپيا مستقل طور مقرر ڪيا ويندا، جيئن اداري کي هر هر گهُرڻ جي ضرورت نه پوي ۽ هي ادارو خود ڪفيل ٿي هميشه لاءِ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي..... “

سنڌ جي علمدوست وزير اعليٰ، بورڊ جي مٿئين مالي امداد جو اعلان، بورڊ جي چيئرمن سينيٽر حسين شاهه راشديءَ جي انهيءَ گهُر جي وراڻيءَ ۾ ڪيو، جنهن ۾ طلب ڪئي ويئي هئي ته ” بورڊ لاءِ سالانه گرانٽ 40 لک رپيا ناڪافي آهي. وزير اعليٰ جي ذاتي دلچسپي ۽ توجهه سان، وڌيڪ 60 لک رپين جي ائڊيشنل گرانٽ منظور ٿي آهي، جنهن سان هن سال برابر بورڊ کي مالي مشڪلاتن ۾ جهَڪائي ٿيندي، پر اهو مسئلي جو ڪو مستقل حل ڪونه آهي. لهذا، بورڊ لاءِ مناسب مالي واڌارو ڪيو وڃي.“

سنڌ جي وزير اعليٰ، بورڊ جي چيئرمن جي گهُر کي سُهڻي موٽ ڏيندي جيڪو اعلان ڪيو آهي، ان لاءِ اسان سندس بيحد ٿورائتا آهيون ۽ سندس علمدوستيءَ کي تحسين جي نظرن سان ڏسون ٿا. سنڌي ادب جي ترقيءَ جي حوالي سان، سندس اهو قدم بورڊ جي تاريخ  ۾ روشن رهندو.

تقريب جي ادب نواز وزير اعليٰ، جناب سيد عبدالله شاهه، بورڊ جي چيئرمن جي تحرڪ تي ڪجهه ٻيا به سُهڻا ۽ يادگار قدم کنيا آهن. پنهنجي خطاب ۾ وزير اعليٰ، بورڊ جي ملازمن جي رهائش لاءِ ويهن ايڪڙن جي پلاٽ جي منظوريءَ سان گڏ،ان تي رهائشي ڪالوني ٺهرائي ڏيڻ جو به واعدو ڪيو، جنهن جو خرچ سنڌ سرڪار طرفان ادا ڪيو ويندو. ان طرح وزير اعليٰ، مرزا قليچ بيگ جي رهيل ڪتابن کي شايع ڪرڻ لاءِ  مقرره ڏهن لکن رپين جي رقم بورڊ جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيئن بورڊ اهو ڪم خوش اسلوبيءَ سان انجام ڏيئي سگهي. ان طرح وزير اعليٰ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ  کي به هدايت ڪئي ته اُهي پنهنجا ڪتاب، ترجيحي بنياد تي سنڌي ادبي بورڊ پريس مان ڇپرائڻ جو انتظام ڪن، جيئن پرائيوٽ  پريسن بجاءِ سنڌ جو هي قومي ادارو مالي طرح مستحڪم ٿي سگهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي ترقي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي فلاح لاءِ سنڌ جي ادب ذوق ۽ علم شناس وزير اعليٰ جناب سيد عبدالله شاهه صاحب جيڪي مٿيان عملي قدم کنيا آهن، سي بورڊ جي تاريخ جا روشن نشان ٿي بيهندا. جزاڪ الله!

خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌي ادبي بورڊ کي هن وقت اهڙو لائق ۽ فائق چيئرمن نصيب ٿيو آهي، جنهن صاحب کي بورڊ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڏينهن رات اونو ۽ جتن آهي. محترم حسين شاهه راشدي جتي ماضيءَ جي صحتمند ۽ تعميري روايتن کي بورڊ ۾ وري موٽائڻ لاءِ ڪوشان آهي، اتي مستقبل جي پيش بنديءَ طور، ڪن خاص رٿائن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم پڻ آهي، جن سان بورڊ جي ڪارڪردگيءَ ۾ مثالي وڌارو ٿيندو. ان ڏس ۾ شاهه صاحب جي ڪوشش آهي ته سنڌي زبان ۾ ٻارن جي ادب تي خاص طرح سان ڌيان ڏجي، جيئن سنڌي ٻار ايڪويهين صديءَ ۾ گهربل ترقيءَ کي ماڻي سگهن. ساڳيءَ طرح راشدي صاحب جي ترجيحات ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ڪتاب شايع ڪرڻ به شامل آهي. ان طرح سنڌ جي تاريخ جي رهيل جُلدن جي تياري ۽ اشاعت ۾ خاص طرح سان هڪ جامع جُلد ۾ سنڌ جي سموري تاريخ جي ترتيب، سرفهرست آهن.

ان طرح راشدي  صاحب سنڌي عورتن ۾ تعليمي، ادبي ۽ سماجي جاڳرتا آڻڻ واري مقصد کان به غافل ڪونه آهي، جا اڄ سنڌ جي اهم ۽ مکيه ضرورتن مان هڪ آهي. موجوده عوامي حڪومت پڻ ان ڏس ۾ ڪافي پاڻ ملهايو آهي ۽ مثبت اپاءُ ورتا آهن. ان ڏس ۾ 1994ع ۽ 1995ع ۾ قاهره ۽ بيجنگ ۾ عورتن جي عالمي ڪانگريسن ۾ وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي شرڪت ۽ تاريخي خطابن کي وڏي اهميت حاصل آهي.

ان سلسلي ۾ راشدي صاحب، سنڌي عورتن جي حوالي سان عملي اپاءُ وٺندي، بورڊ پاران 9- ڊسمبر 1995ع تي ” ايڪويهين صديءَ لاءِ سنڌي عورت جي تياري“ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار منعقد ڪرايو، جنهن ۾ ادب ۽ ثقافت، تعليم ۽ سماجيات، صحافت ۽ سماجي ڀلائيءَ جي شعبن سان لاڳاپيل ماهر عورتن پنهنجا ويچار ونڊيا. ان سيمينار جون سفارشون مرتب ڪري سنڌ سرڪار کي موڪليون ويون آهن.

هت مناسب ٿيندو ته سنڌي ادبي بورڊ جي هاڻوڪي ڪارڪردگيءَ جو به اجمالي ذڪر ٿي وڃي. سنڌ جي سمورن علمي ۽ ادبي، تحقيقي ۽ ثقافتي، تعليمي ۽ صحافتي حلقن جي يڪسان پسند موجوده چيئرمن سائين حسين شاهه راشديءَ، آڪٽوبر1994ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي سربراهيءَ جون واڳون سنڀاليون ته ان وقت اداري جي جيڪا ابتر حالت هئي سا سنڌ وارن کان ڳجهي ڪانه آهي؛ ان ڪري ان بابت ڪنهن به تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿي ڪجي. شڪر آهي جو راشدي صاحب جهڙي سرگرم ۽ برجسته چيئرمن جي اچڻ سان اداري ۾ ورهين جو جمود ٽُٽو ۽ عملي طرح تحرڪ جي شروعات ٿي. سڀ کان اول سُهڻو ڪم اهو ٿيو، جو بورڊ جي ٽنهي رسالن جي وقتائتي اشاعت جو انتظام ٿيو، جنهن لاءِ راشدي صاحب توجهه ۽ حڪمت عمليءَ سان گڏ شفقت ۽ محبت کي به ڪتب آندو. ان طرح ڪارڪنن جي مسئلن جي حوالي سان بيچيني تي به قابو پائڻ ۾ خاطرخواهه ڪاميابي حاصل ٿي آهي ۽ سندن حوصله افزائيءَ ۽ قدردانيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو ويو آهي.

بورڊ جي ڪتابن جي اشاعت طرف جوڳو ڌيان ڏيندي، راشدي صاحب ڪيئي نيون رٿائون جوڙيون آهن، جي هاڻي پئسي جي مسئلي جي حل ٿيڻ سان عملي روپ وٺنديون. راشدي صاحب جي چارج وٺڻ کان پوءِ هيل تائين چاليهارو کن ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن ۽ هن وقت ٻه ڊزن کن ڪتاب تياريءَ جي مرحلي ۾ آهن، جي سُتت ئي پڌرا ٿيندا، جن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جا گزيٽيئر به شامل آهن. ان طرح ڪافي مسودن کي اشاعت لائق بنائڻ لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن ۽ ڪيترن ئي محققن کي بار بار استدعائون ڪيون پيون وڃن، جيئن کين سونپيل ڪم جلد راس ٿي بورڊ کي ملن . جيئن جيئن بورڊ جي مالي حالت مستحڪم ٿيندي ويندي، تيئن تيئن هلندڙ ڪمن جي تڪميل سان گڏ نوان نوان پراجيڪٽ به شروع ٿي سگهندا.

نجم عباسي جو لاڏاڻو

25- آڪٽوبر 1995ع تي سنڌي زبان جي برک ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي رحلت جي خبر وڏي افسوس ۽ غم مان ٻُڌي ويئي.

نجم عباسي کي جديد سنڌي ادب ۾ فخر جي قابل مڃتا حاصل آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ سندس خدمتون هڪ ”روشن باب“ جي حيثيت رکن ٿيون. سندس ٽيهارو ڇپيل ڪتاب پڙهندڙن وٽ وڏي مقبوليت رکن ٿا، جن جو گهڻو ڀاڱو افسانن تي مشتمل آهي. ڪجهه اڻ ڇپيل مسودا سندس دوستن ۽ عزيزن وٽ به موجود آهن.

سنڌي ادبي بورڊ جي سُڄاڻ چيئرمين جناب حسين شاهه راشدي، سنڌ جي ادبي حلقن جي گهُر تي، نجم صاحب جي مهراڻ ۾ ڇپيل سمورين ڪهاڻين کي بورڊ پاران ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان جي ترتيب جو ڪم نامياري ليکڪ يوسف سنڌيءَ جي سُپرد ڪيو ويو آهي، جو سُتت ئي راس ٿيڻ وارو آهي. سنڌ جي ممتاز ۽ مقبول ڪهاڻيڪار مرحوم نجم عباسيءَ جي ڪتاب جي هيءَ رٿا بورڊ طرفان همعصر جديد سنڌي تخليقي ادب جي اشاعت طرف هڪ وڻندڙ فرض ادائي تصور ڪئي ويندي ۽ قداور ليکڪ کي اداري طرفان ڀيٽا پڻ.

مرحوم نجم عباسيءَ جو مهراڻ سان علمي سهڪار مثالي هو. سندس پهرين ڪهاڻي به ”مهراڻ“ (1946ع) ۾ شايع ٿي هئي ۽ آخري ڪهاڻي به مهراڻ

( هيءُ پرچو) ۾ شايع ٿي آهي، جنهن لاءِ پنهنجن پونئيرن کي خواهش ڪئي هئائين. بيماريءَ دوران مرحوم اها ڪهاڻي مڪمل ڪري ڪونه سگهيو هو ۽ اِن ” اڻ پوري ڪهاڻي“ جي ليکڪ جي زندگي پُڄاڻيءَ تي پهتي .... !

اداره ”مهراڻ“، سائين نجم عباسيءَ جي لاڏاڻي تي سندس پونئيرن ۽ مداحن جي ڏک ۾ شريڪ شامل آهي.

 

بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ

سنڌ اسيمبليءَ ”بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ“ نالي هڪ نئين تحقيقي اداري جي قيام لاءِ بل پاس ڪيو آهي، ان قدم جي اسان آجيان ڪريون ٿا.

اردو زبان جي حوالي سان مُلڪ ۾ متعدد ادبي ۽ تحقيقي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جن کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. انهن مان ڪيترائي قومي ادارا آهن ۽ ڪيترن کي صوبائي گرانٽون حاصل آهن.

سنڌي زبان ۽ سنڌ تي تحقيق جي حوالي سان مذڪوره اداري جو قيام هڪ خوشي بخشيندڙ قدم آهي، جنهن کي اسان تحسين جي نظرن سان ڏسون ٿا.

سنڌ جي مختلف علمي ادارن هيل تائين جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃيل ۽ مقبول پئي رهيو آهي، پر سنڌ جي وسيع ۽ لاتعداد تاريخي ۽ ثقافتي، لساني ۽ ادبي ورثي جي پس منظر ۾ اگر ڏٺو وڃي ته محسوس ٿيندو ته اڃا اڪيچار ۽ اٿاهه موضوع اهڙا رهيا آهن، جن تي ڪم ڪرڻ جي وڏي ضرورت آهي. انهيءَ ضرورت جي صحيح معنيٰ ۾ پورائي تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن ادارا وڌيڪ به هُجن ۽ مالي گنجائشون پڻ مؤثر هجن. ”بلاول انسٽيٽيوٽ آَف هسٽاريڪل ريسرچ“ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو، اها سنڌ جي وڏي خدمت ليکبي.

نئين انسٽيٽيوٽ جي قيام تي اداره مهراڻ خوشي جو اظهار ڪندي، سنڌي  ادبي بورڊ پاران، سنڌ جي ادب ۽ تاريخ جي خدمت جي حوالي سان، مشترڪه مفادن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي نقطن تي علمي سهڪار جي آڇ ڪري ٿو ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ خواهشمند آهي. – ن. ا. ش.

 

نَڪي اوڏو اَک کي، نڪي نَظران ڏوُر؛

وڃان اِنَ وَهلُور، جِن ڏٺِوئي اَڻَ ڏيٺَ ۾.

 

سَڀَتِ پَچَرَ پِريَ جي، سَڀَتِ هوتَ حُضُورُ؛

مُلڪُ سَڀ مَنصور، ڪُهِي ڪُهبا ڪيترا.

 

ڇڏيان هِيُ جهانُ، هُو پڻ گهوري گهوريان؛

پَلڪ پِريان سان، جي مُون سَري جيڏيون.

 

ڏُونگَرَ ڏُکَا لاه، اڳَ مُئي آهي سَسُئي؛

آرياڻي سين آه، ذاتي سڱ ضَعيفِ کي.

 

جَن ڪَسِيرو قيمت، سي سوداگرُ نه جَهلي؛

تنين لَڌا لَک، جي پَري کان پَري ٿِئا.

 

سامي ڪَنڌُ ڪَپياءِ؛ ڪَن ڪپايا خيَرُ ڪِين؛

هي تنين جي جاءِ، جنين ٻَئيِ جَڳَ ڇَڏَيا.

خواجه محمد زمان

( لُواري شريف)

 

شاعري

 

مان شعر و جي ادب معاملي ۾ نهايت نهٺو آهيان، پر شاعرن ۽ اديبن ۾ نهايت مغرور سمجهيو ويندو آهيان. دراصل مان مغرور نه آهيان ۽ منهنجي خوداعتماديءَ کي غرور سمجهيو ويندو آهي. سمر سيٽ مام چوندو هو ته ” نهٺائي، فنڪار جي روح جي فالج ٿئي ٿي.“ پنهنجي پيش رو ۽ پنهنجن همعمر شاعرن جو قد ڪاٺ مان نهايت سختيءَ  سان ماپيندو آهيان. جڏهن مان ڊي. جي. ڪاليج ۾پڙهندو هوس ته سنڌي سرڪل جي هڪ ميڙ  ۾ مون چيو هو ته مان شاهه لطيف کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شاعر کي نه ٿو مڃان، ۽ ايستائين چيو هو ته باقي شاعر ڪي ٻه ٽه سٽون پڙهڻ جهڙيون ڇڏي ويا آهن ۽ ڪي ته ٻي ٽه به نه ڇڏي سگهيا آهن. مولانا غلام محمد گراميءَ جڏهن منهنجي شاعريءَ تي ” مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ مضمون لکيو تڏهن هن مون کي ٻڌايو هو ته هن شاعري ڇڏي ڏني هئي، ڇو ته اها هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. هن اهو به ٻڌايو هو ته جڏهن هو جمعيت الشعراءِ جو ميمبر هو، تڏهن شاعر مصرع طرح ڏسي، اردوءِ جا سارا ديوان کوليندا هئا ۽ ساڳئي قافيه ۽ رديف تي لکيل غزل ڏسي، پنهنجو سنڌي غزل لکندا هئا ۽ نه رڳو رسمي خيال ٻين جي اردو غزلن تان وٺندا هئا. پر قافيه به اُنهن تان کڻندا هئا.روايت هنن جي ميرن ٻاراڻن هٿن ۾ اُجهاڻل مون بتيءَ وانگر هئي. مولانا گراميءَ جو خيال هو ته شاعر، جي واقعي شاعر آهي، ته هن جي شاعريءَ جي زد ۾ ساري ڪائنات آهي ۽ شاعريءَ لاءِ نهايت وسيع مطالعو ۽ مشاهدو گهرجي، جيئن پنهنجي دؤر ۾ شاهه لطيف کي هو.

_ شيخ اياز

 

شيخ اياز

 

غزل

سڄيون راتيون عبادت ۾ گذارين ٿو جڏهن محبوب سارين ٿو،

اکين جا ڏيئڙا هن جي جڏهن چانئٺ تي ٻارين ٿو.

خبر ناهي ته ڇا آهي، ڪٿان آئين ڪٿي ويندين؟

مٿي مُنهن تون ڪري ائن رهگذر پنهنجا نهارين ٿو.

 

نه مسجد ۾، نه مندر ۾، نه ديول ۾ ڏسين هن کي،

افق کان تون افق تائين ڏسي هن کي پڪارين ٿو.

 

خدا آهي، خدا آهي اڙي نٽشي! خدا آهي،

اگر اي فلسفي مون کان پڇين تون جکّ مارين ٿو.

 

ڪڏهن تون لڙڪ ۾ ڪنهن جي ڪڏهن تون ماڪ آن گل تي،

هزارين پوش پهرين ٿو، هزارين ويس ڌارين ٿو.

 

جڏهن ويساهه ۾ آهين، تڏهن تون ساهه ۾ آهين،

وڌي ٿي تيرگي جنهن دم چراغِ اشڪ ٻارين ٿو.

 

ڪڏهن آهوءَ جيان آهين رميده تون بيابان ۾،

ڪڏهن خوشبوءَ جيان ڦهلي پيو دل کي ڌتارين ٿو.

 

اياز آهي ٿيو جنهن ڏينهن کان ڪجهه آشنا توسان،

خبر ناهي ته هن کي در وٽان ڇا لاءِ ٽارين ٿو.

*

ڏس ته گڏجي هُو پکي سڀ ڪئن نه ڍوري تي لهن ٿا

ڪو حسد تن ۾ نه آهي ڪئن نه هڪ ٻئي کي سهن ٿا

پريت ڪيڏي آ پَسن ۾، واءِ آدم ذات تي!

مِٺ محبت سان نه ڇو هي آدمي گڏجي رهن ٿا؟

 

رنگ رليون ڪجهه ڏهاڙا، انت سڀ جو ماٺ آ،

ڏس پکي اُڏري شفق ۾ نيٺ اوندهه ڏسي ڪهن ٿا.

 

ويجهڙائي موت پنهنجي جي نه ٿا جيسين ڏسن،

جا چڱائي آهه اُن کان آدمي ڪيڏو ٽهن ٿا!

 

موت سڀ جو ڇوٽڪارو انت ۾ آهي اياز،

لوڀ لالچ ۾ اچي انسان سڀ ڪيڏو ڳهن ٿا!

*

ڪئن اُڀري ٿو ڪئن اُلهي ٿو ڪئن پيئي عمر تمام ٿئي،

مان سوچان ٿو ڪيسين تائين صبح ٿئي ۽ شام ٿئي.

 

خُم ڪيئي خالي ٿي ويا پر ٿو منهنجو جام ڀري ڪوئي،

ڪائي به گهڙي اهڙي ناهي جو خالي منهنجو جام ٿئي.

 

تون دير ۾ ويهي قشقي کي ڇو مير ڏسين ٿو حيرت مان،

اي مير! ڪٿي ان حربي سان ٿو توکان ترڪ اسلام ٿئي.

 

هو روس هيو فانوس جيان سو آهه وساڻو جي هاڻي،

آ ٻيو به طريقو جنهن سان ٿو اڄ ڪالهه فلاحِ عام ٿئي.

 

ٿي تڪڙي ميزائيل اچي ڄڻ سڀ لئه عزرائيل اچي،

ڇا اهڙو وقت به اچڻو آهي هر چيز خيال ِ خام ٿئي.

 

آ سڀ کان بهتر آزادي ڪنهن جي به سلامي نانهه چڱي،

جي غور ڪريو اي اِنسانو ٿو دام ته سڀ لئه دام ٿئي.

 

پَٽ کوهه اياز اَٿي جيون، تون کوپو کوڙي ويهه نه ڪِٿِ،

اڳتي آهي ننڊ ازل جي اڳتي ٿو آرام ٿئي.

*

غور سان مون هُو جواني رنگ گوري ۾ ڏٺي،

ڪالهه سيمل ٿي لڳي جئن ڄامشوري ۾ ڏٺي.

 

ڪيئن چئجي ڪير آ، تقدير وانگر ٿي ڇڪي،

آنءُ ڀانيان ٿو ته مون ڪنهن وقت موري ۾ ڏٺي.

 

هئن ڇپر مون ڇانو وانگر اڳ ڏٺا ناهن ڪڏهن،

سادگي ڪيڏي نه تنهنجي منهن سدوري ۾ ڏٺي.

 

ڪيئن چئجي چنگ سارا گم ٿيا ميهار سان،

لار سانجهيءَ جهنگ جي مون ڪالهه ڍوري ۾ ڏٺي.

 

هوءَ جا ساڃاهه آهي ساهه سر جنهن تان فدا،

سا پَري ۾ ڪانه آهي ۽ نه اوري ۾ ڏٺي.

 

اڄ اُها آوِي ڪٿي جا ڪلهه هئي هن ۾ اياز،

آنءُ ٺنڊڪ اڄ اُنهيءَ جي ٿانو ڪوري ۾ ڏٺي.

 

شمشير الحيدري

 

جيسين سج اُڀري

انت اوندهه رات آهي،

سوجهري جو ڪوئي ڪرڻو ڪنهن هنڌان ڏسجي نٿو.

ٿڌا ايڏي سخت، توبهه،

پهرئين ئي پهر پارو پيو پوي.

سيءُ سنڌن کي سُڪائي، لڱ ڇڏي لو ساٽيو،

پير هٿ پٿر جيان ڄميو پون،

ساهه سان ڄڻ برف پيئي اوتجي ڦڦڙن اندر:

اهڙيءَ حالت ۾ ڀلا،

ڪير ٿو ٻاري ڏيئا،

۽ وري ڪنهن کي سُجهي ٿو گهر جي درين ۽ درڻ کي بند ڪرڻ؟

 

بت رڦن پيا، ڄاڙيون کڙڪن پيون،

ڪير ٿو ويهي ڪچهريءَ ۾ کِلي، ڳالهيون ڪري؟

ايڏي اوندهه، ايڏي ٿڌ! _

اڳ ته اهڙي رات ڪڏهين ڪانه آئي _

سڀ سويري ئي وڃي سوڙين اندر آهن پيا.

 

ٻارڙا سوڙين منجهان گهونگهٽ ڪڍي، اکين مِچڪائي، پيا گهُورين اوندهه جا ٿَها _

جن ۾ ڪوئي سج ناهي،

جن ۾ ڪوئي چنڊ ناهي،

جن ۾ ڪو تارو به ٽمڪي ڪونه ٿو_

ذهن جي تاريڪ پڙدن تي فقط چمڪن پيا اوندهه جا ڪارا ترورا.

 

*  *  *

شهر کان ٻاهر، وڏي ميدان تي،

شاهي ڪو آڙاهه پيو ڀڙڪا ڪري،

جنهن جون لاٽون ٿيون پڄن:

 

ٿڙڪندڙ شعلن جي دهشتناڪ پاڇولن سان گڏ،

بيرحم ٽهڪن ۽ وحشتناڪ واڪن، هوڪرن سان،

ساروئي ماحول ڪَچڙي گاهه جيان لرزي پيو:

ناچ حيواني هلي پيو شام کان.

 

چو طرف آڙاهه جي،

پيا سوين شيطان هنبوڇيون هڻن.

ڌڙ سڀن جا ساڳيا ماڻهن جيها،

پر مُنڍيون تن تي مِرُن جون، مختلف،

ڪي بگهڙ ڪي ڀولڙا، ڪي رڇ ۽ سوئر پيا ڏيکارجن،

ڪي وڇون، ڪي نانگ ڪارا،ڪي ڳِجهن جهڙا لڳن:

پڇ لوڏي ڏند ٽيڙي،

کِل کيچل سان، وڏا  واڪا ڪري،

باهه ۾ هڪ هڪ ڪري اُڇلين پيا.

سڀ اُهو سامان، جيڪو ڀاڳين جي ننڊ هوندي،

شهر جي کليل گهرن مان گڏ ڪري آندو اٿن.

 

* * *

شهر جي هڪڙيءَ پرانهينءَڪنڊ ۾،

جهونڙي هڪ جهوپڙيءَ اندر ستل ٻن ٻارڙن،

رلين جي هيٺان ٿڙڪندي، سس ڦس ڪئي:

_ ” شاهه سائينءَ جو رسالو مون رکيو آهي لڪائي،

پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي.“

_ ” مُون تي مُهيَن جي نچڻيءَ واري آهي

مور به سوگهي ڪئي لڪائي،

پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي.“

_ ” بس ته پوءِ ماٺ ڪر، شيطان ٻڌندا.“

_ ” هائو، جيسين سج اُڀري“

* * *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com