سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :18

جوڳيءَ تي جَڙاءُ، نسوروئي نيِنهن جو

انقلابي فڪر جو ڌڻي: اشفاق قاضي  (ياد گيرين جو سفر)

 

”هلو ادا.“

”جي ادا.“

”خبر پيوَ؟“

”نه.“

”قاضي صاحب گذاري ويو.“

”هان!“ (خاموشي)

”ڪيڏيءَ مهل؟“

”ڪلهه شام جو. اڄ منجهند ڌاران کڻندا. توهان کي اطلاع نه آهي؟“

”ڪير ڪنهن کي اطلاع ڏيندو؟ وڃڻ وارا ويندا رهن ٿا، پر هو مون کان جدا نه آهي!“ (خاموشي)

” ادا! ادا! آريو آل رائٽ.“

”مان ... مان... ٺيڪ آهيان... خيرپور پري ته ناهي. شام تائين پهچي ويندس.“

(طويل خاموشي ۽ فون بند.)

مون گهنٽي وڄائي.

”ڪير اندر نه اچي.“

وري فون بند.

”ييس.،“

”توهان جي گهران فون آهي.“

”جي. ملاءِ.“

”خبر پيئه؟“

”سليم! صبح ساڍي ڏهين فون ڪئي هئي. ”منهنجي گهر واري ڳالهايو.

”ڀائو شمس جي هاڻ فون آئي هئي. هن ٻڌايو ته اشفاق اٺين وڳي رات گذاري ويو آهي. خبر پيم ها ته رات ئي وڃانس ها. منهن ته ڏسانس ها. توکي ته خبر آهي ته منهنجو هُن سان ڪهڙو ناتو آهي. منهنجو ته سڄڻ سائين... منهنجو ته ..!“

مان روئي پيس. گهر واريءَ آٿت ڏيڻ جي ڪئي. مون آهستي آهستي فون رکي. آفيس جي روشني جهڪي لڳم. آهستي آهستي چوڌاري اونده محسوس ڪيم. ڪرسيءَ ۾ پئجي رهيم. اکيون کڻي بند ڪيم. يادگيرين جو سفر شروع ٿي ويو. جيڪب آباد جو پرائمري اسڪول جو فنڪشن آهي. ٻار ٿالهين ۾ پٽاٽا کڻي ڊوڙ پڄائي رهيا آهن. اُنهن ۾ ٻه ٻار نمايان آهن: سهڻا سيبتا، چَڍين ۾ ملبوس. هڪ ٻار مَنڊڪائي هلي ٿو. سندس پير ۾ ڄائي ڄم کان نقص آهي. سڀ هن ڏانهن عجيب نظرن سان ڏسن ٿاته هو ڊوڙ ڪيئن کٽندو؟ ڊوڙ شروع ٿئي ٿي. سڀ جوش ۾ آهن. هر هڪ ٻار جا ساٿي رڙيون ڪري هر هڪ کي همٿائين ٿا. ڊوڙ پوري ٿئي ٿي. اُهو ٻار جيڪومنڊڪائي هلي ٿو، ڪابه ڪمتري محسوس نه ڪندي صحيح سلامت پٽاٽن جي ٿالهي ماڳ تي پهچائي ٿو. ٻين مان ڪن جا پٽاٽا ڪرن ٿا، ڪي رهجي وڃن ٿا ۽ائين هيءُ ٻار گوءِ کٽي وڃي ٿو.ٻيوسيبتو ۽ سڄو ٻار هُن ڏانهن حيرت مان نهاري ٿو. مايوسيءَ مان ڪنڌ لڙڪائي ميدان ڇڏي گهر روانو ٿئي ٿو. شام ٿئي ٿي ۽ سندس گهرهو ٻار جنهن گوءِ کٽي آهي، انعام مليل بسڪوٽن جا پڙا کڻي اچي ٿو.

”يار ڪمال آ. مون کٽيو ته ڄڻ توکٽيو. انهيءَ ۾ دل لاهبي آهي؟ اچي هيءَ وٺ، انعام تنهنجو آهي.“

ٻئي ٻار کِلي خوش ٿين ٿا ۽ ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿين ٿا.

اڄ اُهو ٻار آهستي آهستي منڊڪائيندو وري گوءِ کٽي وڃي ٿو ۽ مان جيڪو ٻيو ٻار آهيان، هت رهجي ويو آهيان!

*      *      *

سياري جي سرد شام. ڪمي ۾ جهڪي روشني آهي. ٻه دوست خاموش ويٺا آهن. اوچتو هڪ آواز اُڀري ٿو.

”آل سيٽ حميد!“

(مان چپ آهيان).

”يار ٻڌين ٿو. آل سيٽ“ اشفاق چچريل آواز ۾ چيو.

”جي سائين ايس آل سيٽ“ منهنجو آواز ڳرو آهي. اشفاق جو چچريل آواز وڌيڪ ڳرو ٿي وڃي ٿو.

”آل سيٽ هيئر آلسو. منهنجي به تياري آهي. تون ته باءِ پاس ڪرائي ايندين، پر شايد تيستائين منهنجي به روانگي ٿي وڃي ۽ مان هن دنيا ۾ نه هجان!“

مان روئي پيس. ويجهو وڃي ڳراٽڙي پاتيمانس.

سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀريل آهن. اشفاق ۽ روئي يا همٿ هاري! پر اڄ مون کي لنڊن باءِ پاس لاءِ ويندي ڏسي جهڄي پيو.

”يار ڪمال آ، تو جهڙو ماڻهو ۽هنيانءُ هاري!“

”حميد! مان هاڻ ٿڪجي پيو آهيان. منهنجي حالت ڏسين ٿو. هاڻ مون کان هيءُ درد سَٺو نٿو ٿئي. وري تون به وڃين ٿو. پويان شايد...“

مون سندس هٿ هٿ ۾ وٺي ڏاڍي پاٻوهه مان چيومانس: ”تون اِنهيءَ مرض سان ڏهه سال وڙهيو آهين.ڪڏهن به مايوسيءَ تو وٽ پير نه پاتو. ياد اٿئي، جڏهن لنڊن ۾ گڏ هجون ۽ تو چيڪ اپ پئي ڪرايو. تڏهن تومون کي ڇا چيو هو؟“

”ڇا؟“

” مون جڏهن حياتيءَ جي ڏکن جي ڳالهه ڪئي هئي. آيل ڏکيائين ۽ طوفانن جي ڳالهه ڪئي هئي، ته تو ٽهڪ ڏئي چيوهو ته يار بس اُڙاڪي رک ديا. هيءَ حياتي، هيءُ جياپو اسان لاءِ آهي. اسانکي هر طرح منهن ڏئي گهارڻو آهي. ڪٿي به مايوس ناهي ٿيڻو. اڄ تون ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.“

هو خاموش هو. مان ڳالهائيندو رهيس.

” لنڊن جي روشنين ۾، ريجينٽ اسٽريٽ وٽ بيٺا هياسين جو ڪنهن ڳالهه تان مون توکي چيو هو يار! اسان جو ته قدر ئي ڪونهي. تو دانهن ڪري چيو هو ته يار هتي لنڊن ۾ به اِهو پاڻ وارو پراڻو جملو! هت ته ائين نه چئه. هيءَ روان دوان زندگي ته ڏس. اِهو پراڻو رڪارڊ ته نه وڄاءِ .“

اشفاق کِلي پيو. سندس اُداسي گم ٿي ويئي.

*  *  *

لنڊن وارن ڊاڪٽرن باءِ پاس نه ڪئي ۽ چيو ته ڪجهه وقت گاڏيءَ کي هلاءِ. ٽن هفتن کان پوءِ واپس پهتس ته سِڌو اشفاق وٽ. آرامي هو. خيرپور واپس پهتس ته اسٽيشن تي سڄي يونيورسٽي ۽ شهر جا ماڻهو نئين حياتي ملڻ تي آجيان ڪرڻ آيا هئا. يونيورسٽي پهتس ته ڪي ڪاوڙيل يار افسوس ڪري رهيا هئا ته جيئرو ڇوموٽيو. هنبو ڇي هڻي ڌرڻو ماري ويٺا. رنج ٿيم. جنين ڪاڻ چار سال ڏينهن رات ڪري محنت ڪيم، دل جو درد پرايم، اڄ اَرها آهن ته جيئرو ڇو آهي هن جهان ۾! جلد واپس ڪراچي پهتس ته پُنهل کي دانهن ڏيان. ڏوهه نه گناهه، بس هن کي ڏيهه نيڪالي ڏيو!

دل جي تڪليف وڌي ويم. اشفاق وٽ پهتس، تيئن وسامي ويس، ڇو ته هاڻ هُو ڳالهائڻ جهڙونه هو. منهنجو داستان ٻُڌندو رهيو آهستي ڀُڻڪيائين، ”اُڙا ڪي رک ديا. فڪر نه ڪري. ڏس مان به ته آهيان.“ اکين ۾ ڳوڙها هيس. سندس جنگ جاري هئي. منهنجي اندر روشني جاڳي. مون ڀڻڪيو ”منهنجي به جنگ جاري آهي.“

هو مُرڪي پيو.

هُن وري نه ڳالهايو، خاموش رهيو. ڪوما هئي يا ڪو ٻيو درد. مهينا بيوس هيو، پر سندس چُر پر ۽ جياپي لاءِ وَس سندس اڏول ارادن کي ظاهر ڪري رهيا هيا.

اشفاق تڏهن  سيڪريٽري پاپوليشن ويلفيئر هيو. خبر پيم ته بدلي ٿي اٿس. فون ڪيومانس،چيائين: ” ڏٺئه، صحت ۾ رولو ڏٺائون ته چيائون هاڻ ڪنڊ پاسو وٺي گورنر هائوس ۾ ’سيڪريٽري -2‘ ٿي وڃي ويهه.نوڪريءَ جو اِهو حال آهي. نپوڙي تباهه ڪن، پوءِ چون ته هاڻ اوهان جي ضرورت ناهي. ٺيڪ آهي، منهن ڏبو. شام پهچ، جرڳو وهندو. صورتحال تي غورڪبو.“

شام تائين ڪراچي پهتس. سليم ۽ ناصر کي کنيم . حاضري اشفاق جي گهر ڀرڻي هئي. سندس بيٺڪ اسان جي بيٺڪ هئي. ملياسين، جرڳو ويٺو، اوڀاريون لهواريون ٿيون. مون تڏهن به کيس مايوس نه ڏٺو. ” يار نه گاڏي جي سهوليت، نه نوڪرن جي، نه وري آفيس.ٺيڪ آهي، منهن ڏبو.“

هو ڪڏهن به هيڻو نه هُيو اڄ هيءُ ڇا هو، بيوس آهي. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي جنگ لڙي رهيو آهي. هُن آڻ نه مڃي هئي. اڄ اجهو خب ملي ته هُن هٿيار ڦٽا ڪيا.موت زندگيءَ کي شڪست ڏني! هنجو نفيس نازڪ جسم، جنهن هميشہ ڪلف لڳل شبلمي پهراڻ پهريا هيا، سهڻا نفيس سوٽ پاتا هيا، سندس خوبصورت چهري تي هميشہ گنڀيرتا، مُرڪون ۽ ٽهڪ هيا، اڄ هن مهل تائين مٽيءَ ۾ مٽي ٿي چڪو هو. هُن کي موت شڪست ڀلي ڏنو هجي، پر هو مون کان اُن ننڍڙي ٻار وانگر گوءِ کڻي ويو هو ۽ اڄ به اڳ ۾ هليو ويو هو.

*  *  *

مون آهستي آهستي اکيون کوليون. انٽر ڪام کنيم. ”بابا، ڪراچيءَ جي ٽڪيٽ ڪرايو شام واري فلائيٽ ۾.“ اوچتو در کليو.

” نه، چانهه کڻي آ.“

ڪمري ۾ خاموشي هئي. خاموشيءَ کي به هڪ قوت ۽ وزن ٿئي ٿو. ماڻهوءِ کي ائين لڳندو آهي ڄڻ سمنڊ جي تهه ۾ هليو ويو آهي ۽ مٿس پاڻي جا مڻ وري ويا آهن ۽ وڃي ٿو اُنهيءَ وزن ۾ دٻبو. اُٿي وڃي صوفا تي ويٺس. يادگيرين جا انبار هيا.

سن 1956ع . لوڪلبورڊ جو ڊاڪ بنگلو. مئٽرڪ جي تياري. پڙهيم پئي ته در تي ٺڙڪو ٿيو. جيسين اُٿان، وري زور سان جافري وارو دروازو لڏڻ لڳو. ٻاهر نڪتم.هڪ سهڻو سيبتو نينگر سائيڪل جهليو بيٺوهو. تڪڙو وڃي ڀاڪر پاتومانس.

1947ع جا ٻار وڏا ٿي چڪا هيا.

” سڃاتئه“

”اِها به ڪا ڳالهه آهي! تون ننڍي هوندي کان ئي مون تي اثر انداز رهيو آهين. تنهنجون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هاڻ ته تون منهنجي لاءِ Legend ٿي ويو آهين.“

هو ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

” توکي سائيڪل هلائڻ ايندي آهي؟“

مون ڪنڌ هيٺ ڪيو. هاڻي به هو مون کان اڳ ڀرو هيو.

” ويهه ته مان توکي گهمائي اچان.“

هُن مون جهڙي ٿلهي ٿنڀري کي سائيڪل تي اڳيان وهاريو. قد جو ننڍو، مونکان گهڻو هلڪو، پر طاقت ۾ شايد مونکان گهڻو هو. ائين سائيڪل ڊوڙائيندو، سول لائين صدر گهمائيندو هليو. سندس ڳالهيون مون لاءِ عجيب هيون. نوجوانن واريون، ڪيترن رازن تان پڙدو کڻڻ واريون ۽ مون کي ڪيترن اسرارن کان آگاهه ڪرڻ واريون. واپس پهچايائين. هو ته نه پگهريو هيو پر مان پگهريل هيس. هو ڪجهه وقت ڊاڪ بنگلي واري گهر ايندو رهيو. مان هر ڀيري سندس سحر ۾ گرفتار ٿيندو رهيس. هو مون کي پاڻ کان وڏو قدآور ۽ قوت وارو هڪ يوناني ديوتا لڳو. اوچتو هو گم ٿي ويو. ڪڏهن واٽ ويندي ملاقات ٿي ته ٺيڪ، نه ته بس. خبر پيم ته هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي ٿو. يونيورسٽي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي هئي.

* * *

 

اسان ڇوڪراڻي وهي کان نڪتاسين ته ادبي وهنوار سان وڃي لڳاسين. سنڌي ادب جو وڏو ميل ”روح رهاڻ“ کوڙي چڪا هياسين. هڪ ٻه دوست ساڻ هيا. ڪم جي گهڻائي، دڳ ڪجهه سونهون ڪجهه اڻ سونهون ۽منزل ڏور! گهڻو ڪجهه اڪيلي ڪرڻو پئي پيو. هڪ ڏينهن پريشانيءَ ۾ ويٺو هئس . ٽپالي 19- روپ محل تي هڪ خط ڏئي ويو. هُن جو خط هيو. هو روح رهاڻ جي مواد ۽ سيٽ اپ مان مطمئن نه هو، هُن کي منهنجي تڪليفن جي چڱيءَ پر ڄاڻ هئي. خط ۾ ادبي حوالي سان جيڪي ڪجهه لکيل هيو، مون لاءِ وڏي وَٿ هئي. اشفاق جو منهنجي آڏو هيءُ مختلف روپ هيو. ايڏي ڌيرج ۽ گهرائيءَ سان هيءُ خط لکيل هيوجو مان پاڻ روڪي نه سگهيس. هاڻ مون کي سائيڪل هلائڻ ايندي هئي. سائيڪل کڻي سندس لکيل ايڊريس تي وڃي فريد محلي پهتس. هڪ ننڍڙي جاءِ هئي. در کڙڪايم.هڪ نينگر نڪتو. هُن مون کي جاءِ جي لنگهه ۾ پيل کٽ تي وهاريو. هو آيو، هو وڌيڪ سهڻو سيبتو پئي لڳو. اُجرو شبلمي پهرائڻ پهريل. ڀاڪر ۾ ڀريائين ته سندس سڪ ۾ سچائي ۽ پختگي ڀانيم. گڏ ويٺو ته سمجهيم ته هيءُ اشفاق ٻيو ڪو اشفاق هيو. مون کان گهڻو مٿي گهرو، سنجيدو ۽ ادبي مسئلن کان آگاهه. حياتيءَ جي باري ۾ واضح نظريا، مون پاڻ کي هن جي آڏو سيکڙاٽ ڀانيو. هو اندر ويو، دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ ٻوڙ کڻي آيو. کٽ تي ويهي کاڌي سين. انهيءَ گڏجاڻي اسان جا ناتا پختا ڪري ڇڏيا. هو مون کي ٻڌندو رهيو، آٿت ڏيندو رهيو. پوءِ هو مون کي اندر وٺي هليو. سندس والد صاحب قاضي سچيڏنو ڏٺو هيم۽ سندس نانءُ ٻڌو هيم. منهنجو والد سيٺ محمد اسماعيل سندس زيردست رهيو هو ۽ هو سٺا دوست پڻ هئا. ساڻس گڏ ويٺس ته ڪپاٽ کُلي ويا. سندس والده عزم ۽ همت واري خاتون لڳم. ڊپٽي ڪمشنريءَ وارا دؤر ڇڏي، هن ننڍڙيءَ جاءِ ۾ ويٺا هيا. قاضي سچيڏنو صاحب رٽائر ٿيڻ وارو هيو.نه وٽس بنگلا هيا ۽ نه محل ۽ ماڙيون. وڏي جگر وارو ماڻهو هيو. عيال وڏو هين، پر ٻنهي ڄڻن جنهن همت سان ٻار پڙهايا پئي، اُها وڏي ڳالهه هئي.

ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي، جهڙو ماهه مُنير،

فيض، فراق، فقير، جوڳي جاڳائي ويو.

ڀٽائي

 

 

”بابا! هاڻ تون اڪيلو نه آهين تو هيءُ وڏو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي. سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي سجاڳي ۽ ڀلائيءَ لاءِ نوجوانن جي هن سٿ ۾ اسين به شامل آهيون.“

هُن پوءِ پنهنجن سڀني ٻارن کي سڏ ڪيو: ابرار، اعجاز، ارشاد، امتياز، نسيم ۽ نشاط، سڀني کي حڪم جاري ٿيو.سڀ ڪم ۾ جنبي ويا. ”روح رهاڻ“ جو نئون دور شروع ٿيو.

اشفاق سليم سان گڏ اچي ٻانهن ٻيلي ٿيو. نينگرن ۽ نينگرين، روح رهاڻ جو ڊسپيج ڊپارٽمينٽ کنيو. نسيم ۽ نشاط ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. نسيم ته اڳ به لکندي هئي. اشفاق اسان جي لڏي ۾ اچي شريڪ ٿيو. سليم، غياث، ناصر ۽ امداد _ هڪ ٽيم ٺهي ويئي. ”روح رهاڻ“ ۾ تبديليون اچڻ لڳيون.

اشفاق پهريائين ڪهاڻيون ۽ جديد ادب جي مسئلن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا، سندس نگاهه گهري هئي حياتي جي هر رُخ تي سندس ڊگهي نظر هئي. هُن هڪ ڏينهن مون کان پڇيو:

” مان ماهوار ڊائري لکڻ ٿو چاهيان، تنهنجو ڇاخيال آهي؟“

”ڇو نه!“

” پر هيءَ ڊائري تِکي ۽ڪَڙي هوندي!“

” روح رهاڻ گهٽ تکو ۽ ڪڙو آهي؟“

” تون گهٽ آهين.“

” مان توکان ته الڳ نه آهيان.“

 هن کلي ويٺو. ائين ” جوڳيءَ جي ڊائري“ جنم ورتو. ڪنهن کي خبر نه پئجي سگهي ته هيءَ ڊائري ڪير لکي ٿو؟ سندس شرط اهو هو ته اِها ڪنهن کي به خبر نه پوڻ کپي ته ”جوڳي“ ڪير آهي.

جوڳيءَ ملڪ ۾ ٽاڪوڙا وجهي ڇڏيا. حيدرآباد شهر ته مٿي تي کڻي ڇڏيائين. ايل ايم. سي. هجي يا  يونيورسٽي  يا ڪورٽون ، ڳلي هجي يا روڊ، سئنيمائون هجن يا فنڪشن، سندس قلم جي تکي نوڪ کان ڪير به بچي نه پئي سگهيو. هُن جي سماجي ۽ اقتصادي پهلو کان به نظر تيز هئي. آرام آرام سان ڳالهه چوندي، آخر ۾ جڏهن چوندو هو ته اِها جوڳيءَ کي خبر نه هئي“ ته ڳالهه پڙهندڙ جوهنيانءُ وڃي وٺندي هئي. جوڳي هر پاڙي، هر گهٽيءَ، هر گهر هر اداري جو رازدان هو. سندس آزاد ۽ بيباڪ قلم کان ڪئين ڏڪندا هيا. هر محفل ۾ سندس چو ٻول هوندو هو ۽ هر هڪ ڊڄندو هو ته ڪٿي جوڳي موجود ته نه آهي! جوڳي شروعاتي ڪالمن ۾ ته وڏن اديبن کي به نه بخشيو. وڏا بحث ڇڙي پيا. ”روح رهاڻ“ جا صفحا ڀرجي ويا. هونئن به هر مهيني ۾ ڇپيل خطن ۾ اڌ کان مٿي خط”جوڳيءَ جي ڊائري“ متعلق هوندا هيا. محترم عبدالله چنه، رسول بخش پليجو، هادي بخش، سليمان شيخ، غلام سرور کيڙو شمس جعفراڻي ۽ ٻيا مستقل تبصره نگار هوندا هيا. جيجي چنه ۽ محترم عبدالله چنه جن سان ابي امان وارو رستو هيو. هنن جي گهر جو ڀاتي هيس، پر پڇاڙيءَ تائين هنن کي خبر نه پئجي سگهي ته جوڳي ڪير آهي.اڄ تائين به سواءِ ڪن ويجهن دوستن جي، ڪنهن کي به خبر نه آهي ته هن قسم جي زوردار، فڪر انگيز ۽ بيباڪ ڪالمن جوخالق ڪير هو.  سنڌي ادب ۾ هُن جو نالو ڪٿي به لکيل نه آهي، پر منهنجي لاءِ هو وڏو ليکڪ ۽ انقلابي فڪر جو ڌڻي هيو. تمام ٿورن دوستن کي خبر آهي ته ” جشن روح رهاڻ“ جي بنيادي تصور جو خالق هيءُ شخص ئي هو. پهرين ئي جشن ۾ پاڻ هر هڪ انتظام ۽ سار سنڀال ۾ مون کان اڳرو هيو. سندس ننڍا ڀائر ابرار، اعجاز،ارشاد  امتياز منهنجي ڀاءُ شمس سان گڏ جهنڊين لڳائڻ، روح رهاڻ جي رسالن ۽ زندگي پبلڪيشن جي ڪتابن جي نمائش جي سينگارڻ لاءِ بسنت  هال ۾ راتيون جاڳي هر شيءَ کي سينگاريو ۽ سنواريو. اشفاق رسالي جي وڪري لاءِ هر هڪ کي اپيل ڪندورهيو ۽ وڪري جي نگراني ڪئي.

ٻئي جشن تي ڪئلينڊر جو آئيڊيا ڏنائين. هر صفحي تي روح رهاڻ جو ٽائٽل هو ۽ اُنهي سال جا ٻارنهن ٽائٽل هيا. ڪٿي به هُن مون کي مايوس ٿي وهڻ نه ڏنو. سندس مهربان والد صاحب ۽ گهر جا سمورا ڀاتي ” روح رهاڻ“ فيملي جا ڀاتي هيا.

1965ع ۾ مون فوڪس ويگن ورتي. فيصلو ٿيو ته سنڌ جو دورو ڪبو. سليم ريڊيوتي نيوز سيڪشن جو انچارج هيو. جنهن شام اسان روانا ٿيون پيا، سليم خبر هلائي ته ” اڄ اديبن جي ٽولي سنڌ جي دوري تي رواني ٿي.“

سليم، ناصر، امداد ۽ مان اشفاق کي گهران کڻڻ لاءِ پهتاسين. مان سيکڙاٽ ڊرائيور هيس. اشفاق کي گاڏي هلائڻي هئي. هو اڃا گاڏي ۾ ويٺو مس ته اندران نينگرين حرڪت ڪري هڪ چٺي موڪلي:

”ٽولي؟ _ ٽولي؟ _ ٽولي؟ _ڇا جي ٽولي_ اديبن جي يا_ _ _ ها_ _ _ ها ... !“

اشفاق ٽهڪ ڏنو.

 اندر لهي ويو، اندران وڏا ٽهڪ ٻڌاسين، ڊوڙندو گاڏي ۾ چڙهيو.

” اڙي سليم! ڇا جي ٽولي سمجهي خبر هلائي اٿئي. اسان ٽولي آهيون؟ ڌاڙيلن جي، چورن جي ....!“

اسان سڄي واٽ ٽهڪ ڏيندا هلياسين. اشفاق پاڻ کي ”ڪئپٽن“ ڊڪليئر ڪيو. اسان بار بار کانئس ”ڪئپٽن“ سمجهي پڇندا هلياسين. هاڻي ڪٿي پهتا آهيون، هاڻي ڪٿي آهيون؟ هو اشراف ٻڌائيندو هليو. ڪٿي کٿ نه ٿيو. ڀٽ شاهه جي حاضري ڀري اڌ رات جو موري پهتاسين، جت ناصر مورائي جو بندوبست هيو.چانور ٺري ڳڱ ٿي ويا هيا، جهڙا ڪوهر. خشڪ پٽاٽي جون ٽڪيون . اشفاق پهريون گرهه کنيو ته دانهن ڪيائين : ” نڙي آلي ڪيو.“

Lubricant Please.

مان ڊوڙي گاڏي  مان چانهن جو ٿرمانس کڻي آيس. چانهه ڏني مانس. ڍڪ ڀري، گرهه هيٺ ڪيائين.

” واهه سائين، تنهنجا رنگ! چانهن، چانور ۽ پٽاٽي جون ٽڪيون عجيب  Combinationآهي.“

اسان ناصر ڏانهن ڪُرڙيون اکيون ڪيون: ”ولهه پئي پيئي. دير ڪندؤ ته چانور ڪوهر نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو. مون ڏي ڇا ٿا تڪيو.“

سڀني وٺي وڏا ٽهڪ ڏنا.

ٽهڪن ٽهڪن ۾ وياسين، تنوير وٽ. رشيد وٽ چانهه، فتاح وٽ ڊاٻو، غياثُ وٽ نيرن، مرحوم نسيم کرل وٽ موٽندي نيرن. ائين ٽهڪن ٽهڪن ۾ ورياسين.

اوچتو آفيس جي ڪمري جو در کُليو. سيڪريٽري هو.

” سائين جهاز جو ٽائيم ٿي ويو آهي، سکر پهچڻو آهي“

يادگيرن کڻي ماٺ ڪئي.

* * *

اشفاق جو ڪراچيءَ واروسرڪاري گهر. تڏي تي ويٺل خاموش ماڻهو. ابرار. امتياز ۽ فيصل ( اشفاق جو ڪڪو) ڊوڙي مليا. سندن غم پسي مون کان ڏوراپو ڏيڻ نه ٿيو ته مون کي وقت سر ڇو نه ٻڌايو ويو. سندن آليون اکيون پسي، ٻچن جو روئڻ ٻڌي، منهنجيون آليون اکيون سُڪي ويون! دلداري ڏيان پيو، ته هو مون کي دلداري ڏين پيا. افسوس لاءِ ايندڙ دوست ۽ ٻيا ماڻهو ساڻن ملن پيا ته اُن سان گڏ وڌي مون سان ملن پيا ۽ عذر ڏين پيا.

مان تڏي تي ئي ويٺو هيس. سمجهيم ته اشفاق منهنجو رت نه هيو، پر رت جا رشتا سڀڪي نه آهن.پيار خلوص ۽ سچائيءَ جي ساٿ وارو رشتو سڀڪي آهي.

* * *

تڏي تان اُٿي ناصر وٽ پهتس، جهڄي پياسين، سليم پهتو ۽ سندس بي فڪر منهن تي اڄ ڏک جا اهڃاڻ پڌرا هيا. عذر مون کي ڏنائين. مان روئي پيس. ڳالهيون کُليون ته سندس ٻارن ۽ ڀاڀيءَ جي فڪر ورايو.

”وڏي همت واري خاتون آهي. سڄي زندگي سنڀاليندي هئي. هو ڪي مهينا ڪيئن گذاريائين! مان ته سندس حالت ڏسي نه سگهندو هيس. هوءَ ڪيئن ٻچن کي آٿت ڏيئي سنڀاليندي هئي. هوڪي مهينا خاموش بستري تي هيو. تانيا،مومل ۽ فيصل ڪيئن صبر ڪيو بيٺا هوندا هيا. اها ڀاڀي ئي هئي جيڪا ڇپر ڇانءُ ٿي بيٺي هئي. هاڻ به ڏسجانءِ ته هوءَ ئي ٻچڻ جو ڀرجهلاؤ بڻجي بيهندي. ڀائرن، ڀينرن ۽ ڊاڪٽر عالماڻي وڏو ساٿ نڀايو ۽ وس ڪيا . پر سفر ته کٽڻو ئي هيو. اڄ کڻي انهيءَ باب ۾ پنو وجهي ساهي کڻي سگهجي ٿي. پر باب بند نٿو ڪري سگهجي.“

” اشفاق اسان جي يادگيرين جي سفر جي ابتدا آهي، انتها اڃا ٿي نه آهي. اسين اڃا آهيون يار اسين اڃا آهيون يار.“ منهنجو آواز گهگهو ٿي ويو. مون ساهي کنئي. يادگيرين جي ورقن ۾ ڄڻ ته پنو وڌم. ناصر ۽ سليم چپ هيا.

” مان هلان ٿو سڀان ٽيجهو آهي.سڀان ملنداسين.“

 

_ حميد سنڌي

جهڙو ماهه مُنير .....

اشفاق:

_ ڪن اندر کي ڇُهندڙ ڪهاڻين جو سرجيندڙ، ” روح رهاڻ“ جو ” جوڳي“ ۽ ٻانهن ٻيلي.

_ وڏو سرڪاري ڪامورو ۽ اسان جو صاحب

_ منهنجو محسن.

_ اسانجي چوياريءَ ( ٻه ٻيا يار: حميد ۽ ناصر) جو سرواڻ.

اهي سڀ حوالا برابر، پر مون لاءِ هن جو هڪڙوئي حوالو آهي، دوستي جو.

پر دوست، يارسنگتي، ساٿي، راز محرم، حال ڀائي ڪوئي لفظ/ اصطلاح اهڙو نه آهي،جو اسان جي ناتي جي پنهنجائپ/ ويجهائپ جو احاطوڪري سگهي.

اڻ ڳڻيون tender گهڙيون( روح رچنديون) آهن، جي گڏ گهاريون سين؛ گهڙيون، جي جيءَ کي جياري/ اُجاري ڇڏينديون هيون ۽ جي هاڻ ٽيهن کان وڌيڪ ورهين جي ساٿ جي ساروڻين ۾ ستارن جان جرڪنديون ۽ باقي سڀ ڄمار جيءَ ۾ ڏڪنديون رهنديون.

ڪالهه گڏيو سين ڪاپڙي، جهڙو ماههُ منير،

فيض، فراق، فقير، جوڳي جاڳائي ويو.

اشفاق down to earth هو، هروڀرو رومال ۾ ويڙهي چوڻ وارن مان نه  هو. Brave هو؛ پر سندس سڀ کان برک (Distinguishing) گُڻ everness هو، جو ٻين کي موهي منڊي ڇڏيندو هو. سندس هڪڙي دوست چواڻيءَ: ” هو ڏند ڪٿا جي اُها چُر هو، جنهن اندر ويندڙ پيرا ته هوندا آهن، پر ٻاهر ايندڙ پيرا نه، ڇو جو آيل اندر ئي اندر مَنڊجي ويندا آهن.“

اشفاق، جيئن ٻُڌم، ڏٺم، سُڃاتم، ته هو ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت جو تفسير هو:

جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسوروئي نينهن جو،

پتنگ جيئن پئدا ٿيو، سامي سِج وڙاءُ،

آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارِن ڪڪوريو.

 

_ خواجه سليم احمد

جوڳيءَ جي ڊائري

(اشفاق جي ڪالم ”جوڳيءَ جي ڊائري“ مان ٻه ڪالم نموني طور  ڏجن ٿا.)

(1)

جوڳي هڪ دفعو وري توهان کي سنڌ يونيورسٽي وٺي وڃڻ لاءِ مجبور آهي. انجو سبب اهو ڪونهي ته جوڳي کي يونيورسٽيءَ سان  ڪا ايتري سڪ آهي جو اتان کانسواءِ ٻي ڪا جاءِ هن کي سُجهي ئي ڪونه. سبب صرف هڪ آهي. جوڳي جي اندازي مطابق اڄڪلهه جيڪڏهن ڪو به غير معمولي واقعوڪٿي جنم وٺي ٿوته اها سنڌ يونيورسٽي آهي. جوڳيءَ کي توهان جي ڪاوڙ جو علم آهي.توهان جي ناراضگيءَ ته يونيورسٽيءَ کي ماءُ  سڏي هن جي گلا نه ڪرڻ کپي، جيڪا آهي ئي ماءُ. ماءُ جي گلا پٽ کي ڇا جڳائي.جوڳي کي توهان جي جذبات جو قدر آهي. ممڪن آهي ته توهان جي ڳالهه سچ به هجي. پر مجبوري آهي. جوڳيءَ جي بدقسمتي آهي جو ڳالهه ڦري گهري وري ماءُ تي اچي ٿي بيهي. گهڻن ٻارن جي ماءُ تي.

        دنيا جي ٻين شاگردن وانگر سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي به پڪنڪ تي وڃڻ جو شوق آهي. هتان جي پڪنڪ وري ڪهڙي ٿيندي آهي. ذميواري کان ڀڄڻ پڪنڪ آهي! سڀڪجهه routine آهي. چندو ڪرڻ ۽ يونيورسٽي کان بس گهرڻ کان وٺي پڪنڪ جو بور ڏينهن ۽ ان کان وڌيڪ بوريت جو اتان موٽڻ. سڀڪجهه ئي ته ساڳيو آهي. ان ۾ڪا نواڻ ڪانهي . هڪ هڪ شاگرد پنهنجي يونيورسٽي جي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه دفعا ان ساڳي بوريت مان لنگهيو هوندو . ڪراهت جهڙوroutine، پر ٻيو ڪو طريقو ڪونهي. ڪلاس ۾ ته ڪم ڪرڻو ٿو پوي ۽ سنڌي شاگرد لاءِ ڪم کان وڌيڪ ٻي مصيبت دنيا ۾ هن وقت تائين پيدا ئي نه ٿي آهي. ڪلاس کان ڀڄڻ لاءِ هو پڪنڪ جي بوريت جهڙي آزمائش سهڻ لاءِ به تيار هوندو آهي. ڪوشش ته اها هوندي آهي ته ڪلاسن جي ڏينهن تي پڪنڪ ٿئي. پرجي ڪنهن سخت پروفيسر جي طفيل اهو ممڪن نه هوندو ته ان صورت ۾ آچر مقرر ٿيندو، پر شرط اهو هوندو ته سومر تي ڪو به ڪلاس ۾ نه ايندو.” سائين ! پڪنڪ جو ايترو ٿڪ هو جو اڌ منجهند جو ته اک مس کلي.“ جيڪڏهن ڪنهن کي پڪنڪ جي Idea سان ئي اختلاف هوندو ته سڀ هن جي مٿان چڙهي ويندا. واهه سائين واهه! ٻاهرين ملڪن ۾ ته پڪنڪ يونيورسٽي لائيف جو حصو هوندو آهي. برابر آهي. پر ٻاهرين ملڪن وارن جو پڙهڻ به ته پڙهڻ هوندو آهي. توهان جو ته پڙهڻ پڪنڪ هوندو آهي. توهان کي ڪهڙو حق آهي پڪنڪ ڪرڻ جو. خدا ڀلو ڪري حڪومت جو جنهن ڪينجهر کي پڪنڪ اسپاٽ ٺاهيو آهي. مياڻيءَ وڃي وڃي ته دماغ ئي خراب ٿي ويو آهي.

        _ اهڙو ئي هڪڙو ڏينهن آهي. يونيورسٽي جي نئين ڪئمپس جي هڪڙي ڊپارٽمينٽ کي پڪنڪ جو سجهيو آهي. هن ڊپارٽمينٽ جو واسطو صرف پٿرن سان آهي. پٿرن جو ٽڪڻ  انهن تي تجربو. هن ڊپارٽمينٽ جا پڙهندڙ ماڊرن فرهاد آهن. ٽَڪر ٽُڪيندا وتندا آهن. بدقسمتي صرف اها آهي جو هنن جي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪا به شيرين ڪونهي.مرداڻو ڪم آهي، تنهنڪري ڪنهن داخلا وٺڻ جي ضرورت نه سمجهي آهي. جوڳيءَ کي هنن فرهادن جو ٽَڪر ٽُڪڻ بي مقصد لڳندو آهي.

        فرهاد پنهنجي پروفيسر کي تيار ڪري ڪينجهر تي پهتا آهن. قسمت ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ مهربان آهي. ڀرسان واري هٽ ۾ شيرينن جو گروپ لٿل آهي. ساڳي ئي يونيورسٽي. ساڳي ئي پڪنڪ. ساڳيو ئي ذهن ۽ ساڳي ئي ڪينجهر. صرف ڊپارٽمينٽ ٻيا ٻيا آهن، تنهنڪري اجنبيت ۽ ناشناسائي آهي. تنهنڪري لفٽ گهٽ آهي. بظاهر فرهادن کي اها ڳالهه نه وڻي آهي. ٽَڪر هو ٽُڪن، پٿرن سان مٿو هو هڻن، انسانن سان گهٽ پٿرن سان وڌيڪ گڏ زندگي هو گذارين، تنهن کان پوءِ به ايڏي بي رخي. اهو صلو. فرهادن جي همدردي جهڙي حالت ٿي وئي آهي. هڪ حد تي پهچي ان حالت ٻي صورت اختيار ڪئي آهي. شيرينن جو گروپ ڪيڏانهن ٻاهر ويل آهيSight- Seeing  لاءِ. نئون دلچسپيءَ جو سامان به ته آهي، هوا چَڪي. هنن جي پرپٺ هنن جي هٽ ۾ گهڙڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي. هو فرهاد آهن شيرينن کي بي رخيءَ جو حساب ڏيڻو آهي. اندر سڀڪجهه آهي. پڪنڪ جو سامان، مختلف کاڌي جون شيون، صابڻ، تيل، ٿرماس، Cooker، وڇائڻ لاءِ چادرون. خدا ڄاڻي ڇا ڇا. فرهادن هر شيءَ تي حملو ڪيو آهي. کائڻ جي ڪا شيءَ  نه بچي آهي. صابڻ سان منهن دوپجي رهيا آهن. لپ اسٽڪ جو شيڊ آزمايو پيو وڃي. هڪ ڪنڊ ۾ ٻه فرهاد برقعا پائي شرارتاً کلي پوز ٺاهي بيٺا آهن. ٽيون سامهون ڪئميرا کنيو هنن کي فوڪس ۾ آڻي رهيو آهي. عجيب افراتفري آهي!

ان کان پوءِ جي ڪهاڻي ۾ ڪا نواڻ ڪانهي. سڀ توقع مطابق آهي. شيرينن جي ڪاوڙ ، منهن سڄيل واپسي. وائيس چانسلر کي رپورٽ، سخت کان سخت سزا جي گهُر.

جوڳيءَ کي بيچينيءَ سان فيصلي جو انتظار آهي. سڀ سزائون آزمائڻ کان پوءِ ماءُ پٽن لاءِ هاڻي ڪهڙي سزا ٿي تجويز ڪري، ان ڄاڻڻ سان دلچسپي آهي. پر ماءُ جو عتاب پٽن کي سزا ڏيڻ جي بدران هڪ پروفيسر کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، اها جوڳي کي خبر نه هئي!

(”روح رهاڻ“ _ جنوري 1967ع)

(2)

هي مهينو ئي ڪجهه عجيب گذريو آهي. ڦڪو ڦڪو. بي رنگ. جيتوڻيڪ سرءُ جي موسم به ڪانهي، تڏهن به هر شيءِ تي ان جو پاڇو نظر اچي رهيو آهي. چوڌاري سرءُ ورتل شڪلين ۽ ڪوماڻل جسمن سان مرد ۽ ميڪ اپ جي تهن جي باوجود به بي نورچهرن سان عورتون.عجيب صورتون.ساهه منجهي رهيو آهي. ماڻهو وڃي به ته ڪيڏانهن وڃي. هن آسپاس کان ڀڄي ڪيئن سگهي. ”آسپاس“ ته جتي ماڻهو ويندو اتي هوندو، ۽ ان آسپاس جا ماڻهو هن ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين هڪجهڙا آهن. خالص هڪ مٽي جا ٺهيل. هڪ وار جو به فرق نه هوندو. پروار جو فرق به ڇو هجي.آخر ته ڪاهلي، جهالت ۽ بي ايماني اسان جو ’ملڪي ورثو‘ آهي. اسان تائين مٿان کان وٺي درجي به درجي لهندو پهتو آهي. اها ئي هڪڙي شيءَ آهي، جيڪا اسان کي متحد ڪري ٿي؛ جيڪا اسان ۾ Common آهي. نه ته جيڪر سڀ هڪ هڪ ٿي ٽڙي پکڙي نه وڃون! اسان جي اتحاد جو نشان. اسان جي ملڪ جي سالميت جو ثبوت!

جوڳي تي سخت بوريت طاري آهي. ذهن ڪنهن طرح ان بوريت کان آجوئي نه ٿو ٿئي. هن بي معنيٰ ڳالهيون ان جو ئي نتيجو آهن. اڄ جوڳيءَ وٽ توهان لاءِ ڪجهه به ڪونهي. هو توهان لاءِ هر طرح جو جتن ڪري ويٺوآهي. ڳالهه ڪنهن طرح ٺهي ئي نه ٿي. جوڳي توهان لاءِ هرسرءُ ورتل ڪوماڻل شڪل ۽ بي نورچهري اندر جهاتيون پاتيون آهن. سڀ بيسود. ڪٿي به ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. ڪجهه به ڇرڪ ڀرائڻ لاءِ ڪونهي. ڪابه شي Click نه ٿي ڪري.

هي ٻه اکيون ڏسو ٿا. اکيون گهٽ ۽ ڪجل وڌيڪ آهي. ڪنڊن وٽ وڏيون وڏيون ڪاريون ڪمانيون. ڪجل جو بي تحاشا استعمال. ممڪن آهي ته ان جو مقصد حُسن وڌائڻ  هجي، پر جوڳي جو احساس هميشه کان مختلف رهيو آهي. جيئن ڪنهن اکين جي محروميءَ کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. محرومي بذات خود هڪ ڪاراڻ آهي ۽ ڪاراڻ ڪاراڻ سان جڏهن ملندي ته وڌيڪ کلي بيهندي. ناڪام ڪوشش. وري محرومي جو قصو. وري بوريت.

هي تنگ پتلون ڏسو ٿا. سڀ محاورا پراڻا آهن. بمبوءَ تي پوش. بندوق تي خول. دونالي بندوق. مٿي پلي بوائي شرٽ.  واهيات ترين اسٽائيل. منهن تي مڪاري. اکين ۾ ازلي بک. شل نه ڪو رنگين ڪپڙا يا تنگ قميص پائي اڳيان لنگهي. اکين جا ڦاٽڪ چؤطاق کلي ويندا. تارا ٺڪاءُ ڪري ٻاهر ڪرڻ تي هوندا ۽ انهن ۾ بک، لنگهندڙ کي ڳڙڪائي وڃڻ لاءِ پاسا ورائيندي نظر ايندي. بي ايمان قوم جو بدڪردار نئون نسل. اهي زمانا ويا جڏهن هتي خراب ڪم ڪرڻ ۽ ٻئي جهان اُن جي سزا ملڻ جو رواج هوندو هو. هاڻي خدا کي به هن قوم تي اعتبار نه رهيو آهي. هن ايتري ڊگهي اوڌر رکڻ ڇڏي ڏني آهي. هن بي ايمان قوم تي ڪهڙو اعتبار. ايڏي ڊگهي عرصي ۾ ڦري وڃن ته پوءِ، تنهنڪري هر خراب ڪم جي سزا هتي جو هتي ملندي آهي. پنهنجن ئي ڪرتوتن جي روپ ۾ اڄ جون سڀ تنگ پتلونون، بکيون اکيون، ڪنگال ذهن، پنهنجن وڏن جي بي ايمانين جي سزا آهن. هيءَ قوم چڱا ماڻهو پيدا ڪرڻ جون سڀ طاقتون وڃائي ويٺي آهي. هن قوم ۾ هن کان پوءِ ڪوبه چڱو ماڻهو پيدا نه ٿيندو. هٿي راڪاس گهمي ويو آهي.

ڏاڍي بوريت آهي. ڪنهن ڳالهه ۾ ڪو مزو ڪونهي. اُس ۾ ويهو ته اُس کائڻ ٿي اچي. ڇانوَ ۾ ويهو ته سيءُ بدن جي ريشي ريشي ۾ لهي ٿو پئي. اڌ اس ۽ اڌ ڇانو ۾ ٿي ويهو ته پيرن کي اُس ساڙي ٿي ۽ مٿو سرديءَ ۾ برف جي تهه وانگر ٿي ٿو وڃي؛ ڪيڏانهن وڃجي.

دوست سان ملجي ٿو ته هو پنهنجا روئڻ کڻي ويهي ٿو رهي. موٽ ۾ جي پنهنجو سور ڪجهه ٻڌائڻ جو ٿو ڪجي ته هو ٻڌڻ لاءِ تيارئي ڪونهي. پنهنجن ئي خيالن ۾ پورو آهي. پوءِ هو دوست ڇا جو آهي. دوستيءَ ۾ به بي ايماني. دوستيءَ ۾ به One- Ways. سڀ دوست اهڙا ٿي پيا آهن. جوڳي پنهنجي دوست جي انهن ڳالهين سان متفق آهي.

جوڳيءَ جي دوست کي شادي ڪئي ڇهه مهينا ٿيا آهن. بيزار صورت، ٿڪل اکيون ۽ عمر ۾ ڏهه سال وڏو. ڇا ٿيو. شادي ٿي. دوست تجريبڪار ماڻهو وانگر صلاح ڏني. شادي نه ڪجانءِ. ائين ماڻهو لک دفعا بهتر آهي. شاديءَ جا صرف ٻه مهينا خواب وانگر آهن. پوءِ اک کلي ٿي پئي، ۽ ماڻهو فرشٍ تي ڪريو پيو آهي.ٽئين مهيني کان پوءِ زندگي جيئري جهنم آهي.  ماڻهو پنهنجي ڄمڻ تي لعنت ٿو وجهي. جوڳي حيران آهي. شادي ته خوشيءَ جي لفظ مان نڪتل آهي. ڇاجي خوشي. ڇا جي ڳالهه. رات ڏينهن جا چوويهه ئي ڪلاڪ هڪ ئي ماڻهو کي پنهنجي اڳيان، پويان ۽ چوڌاري ڏسي ڏسي ماڻهو جي دل ملڪ ڇڏي جهنگ منهن ڪري وڃڻ ٿي چاهي.

جوڳيءَ جي ذهن کي بوريت وڪوڙي وئي آهي. شڪل سرءُ ورتي ٿي وئي آهي. روح ڪومائجي ويو آهي.ذهن ڪنگال ٿي ويو آهي. عجيب صورت-!

(”- روح رهاڻ“- فيبروري 1967ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com