سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :15

محمود مغل

غلط جاءِ تي ويٺل همراهه

اندر ۾ ڏاڍي ٻوسٽ ٿو محسوس ڪري، ڄڻ ڪو گولو سيني ۾ هڪ هنڌ بيهي رهي ۽ هيٺ مٿي ٿيڻ کان نابري واريندو هجي. وڏو ساهه ٿو کڻي، ڄڻ ڦڦڙن جي ٿيلهي ۾ ٽُنگ ٿي ويا هجنس ۽ هوا گڏ ٿيڻ بجاءِ پکڙجندي هجي.

        ” ڇا حال آهي ڀوتار؟ مزو ناهي ڇا ملڪ ۾؟“ پريان نبي بخش فائيل جا ڌاڳا کوليندي ڏانهنس نهاري ٿو. ” ٿڌا شوڪارا پيو ڀرين .. “

هو مرڪي ٿو ڏئي .. اڻ لکي مرڪ ، ڄڻ ٿورو وڌيڪ مرڪندو ته وات جون ڪنُڊون چير جي پوندس.

 ” ٺيڪ آهيان يار .. مڙئي ڪيڏيءَ مهل ريچڪ چڙهندو آهي.“

” مان هنن بلن مان جند ڇڏايان ته اهو ريچڪ لاهيانءِ ٿو.“ نبن ڪاغذن ۾ گم ٿيندي جملو اڇلائي ٿو. حفيظ ڏانهنس نهاريندو، ميز تي مٿو رکي ٿو ڇڏي. سامهون ڏسي ٿو، پراڻن ڪٻٽن مٿان گندگيءَ سان سٿيل رڪارڊ رکيل آهي. مڻن جي حساب سان ردي آهي جيڪا ڪاٺ جي ناسي ڪٻٽن مٿان پاڻ به ناسي رنگ جي ٿي وئي آهي. سندس اک اتي اٽڪي ٿي پوي. سوچي ٿو ست اٺَ مَڻَ ته ٿيندي. جي وڪرو ڪجي ته ڇهه َ ست سؤ ته نڪري ايندا، پر ڪٻاڙي به حرامي ٿي ويا آهن... چار رپيا ڪلوکان مٿي ٽَڪو ڪونه ڏيندا .. هل پوءِ به جي پنج مڻ هجي ته اٺ سؤ ٺهندا ... اٺ سؤ؟.. چار چاليهو سؤ سٺ... سؤ سٺ کي پنجن سان ضرب ڪر ته پنج سورهو اسي .. معنيٰ اٺ سؤ .. چڱا  ٿي ويندا . . امتحانن جي في ته نڪري ايندي شمي جي ..

اوچتو ڄڻ ڪو پاڇو محسوس ٿيندو هجيس. ڪنڌ مٿي کڻي ٿو.

” ننڊ پيا ڪيو ڇا دلبر سائين .. “ سامهون هڪڙو ڄانگهو بيٺل آهي، جيڪو کيس تمام ڊگهو ٿو لڳي.. حفيظ ٺيڪ ٿي ويهي ٿو. ” نه ته ، ننڊ ڇو ڪندس .. هتي سمهڻ آيو آهيان ڇا؟“

جملو چوندي هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو. نبي بخش، احمد خان، عبدالولي ... سڀئي پنهجين ٽيبلن تي پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ مشغول آهن.

” الاءِ .. مون کي لڳو هو ائين .. هي بل آهي ڪانٽيجينسيءَ جو.

” ڄانگهي جي چپن تي اڃان به اها زهريلي مرڪ آهي. سندس وڌيل هٿن مان بل وٺندي، حفيظ بڙ بڙ ڪري ٿو.

” جيڪو لڳندو هجي .. ضروري ناهي ته ائين هجي به ..“

ڪاغذن کي ورائي ٿو.. اهائي لکپڙهه ... ساڳيو عام رواجي ڪارڊ .. اوچتو سندس نظر هڪ اندراج تي پئي ٿي.

ڀڻڪي ٿو ” کاڌو پيتو ته ڪانٽيجنسيءَ ۾ نه ٿو اچي.“

ايندڙ هاڻي سامهون رکيل ڪرسي گهلي سامهون ويهي ٿو رهيس.

” نه ٿو اچي ته اچڻ ۾گهڻي دير ٿي لڳيس.“

لفظ توريل تڪيل آهن. حفيظ ڏانهنس نهاري ٿو. ايندڙ جون نظرون ائين ئي تيز ترين آهن. ” اوهان کان اڳ ۾ علي اڪبر هوندو هو هن ٽيبل تي ... اهو ته .. “

حفيظ هڪدم سندس جملوڪٽي ٿو.

” اهو ڪندو هوندو... مان نه ڪندو آهيان... اهوسڀ ڪجهه جيڪو ٻيا ڪندا آهن.“

” سمجهيوَ .. هن اندراج تي ته آبجيڪشن لڳندو...“

”نه نه .. “ آيل نوجوان هڪدم سندس هٿن مان بل ڦري ٿو وٺي. ” آبجيڪشن نه هڻو .. مان ڪجه ٻيو ڏسان ٿو ... “

        ”ڇا ڏسندؤ؟ “ حفيظ گهري نظر سان ڏانهنس نهاري ٿو. ” اهو بل ته وري به منهنجي ءَ ئي ميز تي ئي ايندو ... پُٽ اپ ته مان ڪندس ... انيشل ته منهنجي ٿيندي نه ...

کيس لڳي ٿو ته ڄڻ سندس لفظ هوا ۾ گم ٿيندا هجن، ڇاڪاڻ ته همراهه بل کڻي وليءَ جي ميز ڏانهن وڌي ويو آهي. حفيظ کي سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿو لڳي. آفيس .. ٽائيپ رائٽر... ڪاغذ ... ماڻهو.. پنهنجي مٿي کي جهٽڪو ڏئي ڄڻ منظرن کي صاف ڪرڻ ٿو گهري . مٿي ۾ ڄڻ گهوگهٽ ٿيندا هجنس.

” ڪهڙي حياتي آهي هيءَ .. صبح جو گهر کان آفيس.. شام جو آفيس کان گهر ۽ سڄو ڏينهن .. اهي ڪاغذ ... بل... هيرا ڦيريون ... سڀ ڪُوڙ .. ٺڳي ... حرام پائي .. ويهه هزار مهينو کڻندڙ آفيسر، سؤ اسي ارپين جي ڊفرنس لاءِ پريشان آهي. اندر ئي اندر کاٽُ هڻڻ لاءِ اسان ڪلارڪن جي مدد ورتي وڃي ٿي.“

ڪوڙن بلن تي اِنيشل ڪيو... پاس ڪرايو .. رڳو بدمعاشي ... ڪوڙ ... دوکو .. حقدار پيو ڌڪا کائيندو ... ۽ بدمعاش بي ايمان جي لئه آهي ... اهي ته سائين هر هنڌ کاٽُو پُٽ آهن ۽ هڪڙا اسان آهيون ... امان صبح جو ڇا پئي چيو؟ ڀيڻهين جي في کپي... اڄڪلهه ته چؤڻ تي پئسا وڌايا اٿن ... آخري سال آهي، نه ته ماڻهو کڻي گهر ئي ويهاري ڇڏيس...“

” آخري داڻا آهن صاحب ... جهڙي ملائي .... مولا ٿو ڄاڻي ... کائي ته ڏسو ... پيٽيز .... پيٽيز .... آخري ٻه ٽي داڻا آهن صاحب ... ملائي ... “ حفيظ ڇرڪي ٿو پئي .. سامهون پلاسٽڪ جي هڪ ٽري ۾ پيٽيز رکيو ڇوڪر هوڪا ڏئي رهيو آهي. نبي بخش پريان رڙ ٿو ڪري .

” ڇورا.... حفيظ صاحب جي ميز تي ٻه پيٽيز رک ... اچ مون ڏي ته پئسا ڏيانءِ.

حفيظ کي صاحب لفظ تي کل ٿي اچي. وري سامهون نهاري ٿو. وٽس آيل همراهه، بَل وليءَ جي هٿ ۾ ڏئي هاڻي موڪلائي ٿو ۽ ويندي ويندي نظر مٿس به وجهندو ٿو وڃي. پيٽيز وارو، حفيظ جي ميز تي اخبار جو ڦاٽل ٽُڪر رکي، مٿس ٻه پيٽيز رکي ٿو ۽ اڳيان وڌي نبي بخش کان پئسا ٿو وٺي، جيڪو پئسا ڏئي، ڪرسي ريڙهي حفيظ جي ڀر ۾ ويهي ٿو رهي.

” هاڻي خبر چار ڏي ڀوتارَ ... ڪهڙو حال احوال آهي؟ ڇو پريشان آهين ؟ نبي بخش پيٽيز ڏانهنس وڌائي ٿو. حفيظ وٺي چڪ ٿو هڻي . هٿ تي ڪجهه ڀور وکريس ٿي. نبي بخش پاڻ به کائي پيو ٿو. کائيندي کائيندي، پريان ويٺل پٽيوالي کي اشارو ٿو ڪري.

” رمضان .. ٻه پکي ويهندا ...“

” ٻه سائين ...“ رمضان اُٿندي، ڄڻ حيران ٿو ٿئي. ” هڪُ نه .. “

” نه... اڄ بادشاهه آهيون .. اڄ ٻه اڏامندا ..“

نبي بخش وري حفيظ ڏي نهاري ٿو. رمضان ٻاهر هليو ٿو وڃي.

” تو منهنجي سوال جوجواب ڪونه ڏنو آ“

” اسين ڪيڏا نه عجيب انسان آهيون نبو. “ حفيظ جملو تڪي ٿو ڪڍي. ” عام شين کي خاص نالا ڏيون .... هاڻي چانهن جي ڪوپ کي پکي سڏڻ ڪا تشبيهه آهي؟“

” اهو منهنجي سوال جو جواب ته ناهي.“

” ناهي ... پر اهو ٺيڪ آهي؟“

” اسين ننڍڙا ماڻهو آهيون حفيظ ... ننڍڙا ننڍيون خوشيون ئي ماڻي سگهندا آهن.“

” سٺو ڊائلاگ آهي.“ حفيظ مرڪي ٿو. ” تون ٽي. ويءَ لاءِ لکي سگهين ٿو.“

” ڌوڙ وجهه ٽي. ويءَ، کي ڳالهه ڪر. ڳالهه ڇا هي؟ “ پيٽيز کائڻ کان پوءِ ، ساڳئي ئي ڪاغذ سان هٿ اگهندي نبن ڏانهنس گهوري ٿو.

” شمي لاءِ في کپي... امان صبح جي ڏاڍي ڪاوڙي... ڇا ڪيان.. ڪٿان پئسا آڻيان ؟“

هو آهستڙي ڳالهائي ٿو.. نبن ماٺ ٿو ٿي وڃي.. ڪجهه پَلَ سانت رهي ٿي.

” هي همراهه ڇا پيو چوي؟“

” غلط بل هو.. نهڪار ڪئي مانس.“

” ۽ وليءَ ورتس.“

” صحيح ته مون کان ڪرائيندو نه .. وليءَ وٽ ته اها ٽيبل ناهي.“

” ڪهڙي ٽيبل جي ڳالهه ٿو ڪرين ڀوتارَ، هتي هر ٽيبل هڪجهڙي آهي. سؤ رپيو هيڊ ڪلارڪ جي صحيح جي آهي. پنجاهه رپيا انيشل جا .. حد ته اها آهي ته چيڪ لکندڙ ڪلارڪ به چيڪ ڦاڙي ڏيڻ مهل ڏهه روپيا في چيڪ وٺي ٿو. جي اهو في بڪ تي سؤ رپيا ڪمائي سگهي ٿو ته تو مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ...؟“

” ڏوهه ڪيو آهي نبو.“ حفيظ وري ٿڌو ساهه ٿو کڻي. ” اسين غلط جاءِ تي اچي ويا آهيون”“

” ته اهو اسان جو ڏوهه آهي. اسان جن مائٽن جو ته ناهي. ادي شميءَ جو آهي ڇا.. جنهن جو سال هليو ويندو؟“

” تون ڄاڻين ٿو مان پئسو نه وٺندو آهيان.“

” ته پوءِ ائين ڳرڻ سڙڻ بند ڪر. نه وٺندو آهين ته نه وٺ، پاڻ کي ختم ڇوٿو ڪرين ... ؟“

” نه ته پوءِ پئسا ڪٿان آڻيان؟“

” اها واقعي سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي... پئسا ڪٿا ايندا؟“

اتي ائي رمضان چانهه کڻي اچي ٿو ۽ ان جي پويان ئي ولي به هٿ ۾ بل کنيو حفيظ وٽ ٿو اچي. نبن چانهن ڪوپن ۾ لاهي ٿو. ولي حفيظ ڏي نهاري ٿو.

” ليجر اورتي ڪر.“

” ڇو؟“ حفيظ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو.

” انٽري ڪندس... بل پاس ڪرايو اٿم ...“

” منهنجيءَ انيشل کان سواءِ ڪيئن ڪرايو ٿئين؟ “

” اڳ ۾ ڪڏهن ائين ڪونه ٿيو آهي ڇا؟ ٺيڪ آهي... نه ٿو وٺين ته نه وٺ. ٻين کي ڇو ٿو روڪين ؟“

        ” مان ليجر نه ڏينديس ...“

        ” ٺيڪ آهي ... نه ڏي .. بل ته پاس ٿي ويو نه .. صاحب پاڻهي انٽري ڪرائيندءِ .“ ولي مرڪندو اڳتي وڌي ٿو.وري ويندي بيهي ٿو رهي ۽ نبن ڏي نهاري ٿو.

        ” نبي بخش ... حفيظ خان کي سمجهاءِ يار ... ڪلارڪ ڪيترا به بادشاهه هجن، هوندا اهي ئي ڪلارڪ آهن ... هتي ته هر امير وزير جي گهر جي هر ڀاتيءَ جو الائونس آهي. ۽ هتي ... پنجن ٻارن ، ڀائن ڀيڻن، ماءُ، پيءُ سڀني کي ڏسڻو آهي... اهو فرق سمجهائينس يار ...“

        ڳاڙهو ٿيل حفيظ . ڄڻ پاڻيءَ اچي ويو آهي. وٽس ڄڻ ڪجهه به ڪونهي. ماٺ ڪري ليجر وليءَ ڏي وڌائي ٿو. نبي بخش به ماٺ آهي. حفيظ کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. هو نبن کان چانهه وٺي، گرم گرم وڏا ڍُڪ ٿو ڀري. سندس نڙيءَ جو گولو سڙي ٿو، پر اڃان به وڌندو ٿو رهي.


 

فياض چنڊ ڪليري

مان قاتل ۽ ناصح دوست

        جيتوڻيڪ منهنجي ذهن تي ايس. ايڇ. او سان گڏ پيتل وسڪيءَ جا خمار هئا، پر مون محسوس ڪيو ته اڄ مون کي معمول کان وڌيڪ دير ٿي ويئي آهي ۽ انهيءَ حقيقت جي شاهدي شهر جا سنسان رستا،بند ٿيل دڪان ۽ رولو ڪُتن جا آواز ڏئي رهيا هئا.مان پنهنجي تڪڙن قدمن کي ترتيب ۾ آڻيندو گهر پهتس. در ڏانهن واجهائيندڙ امڙ جي چهري تي آيل روايتي غصي کي نظراندازڪندو پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيس. ڀيڻ ٺري ويل ماني اڳيان رکندي بيزاريءَ مان چيو:” پنهنجو فڪر نه اٿئي ته نه سهي، گهٽ ۾ گهٽ اهو احساس ته ڪندو ڪر، ڪوئي ٻيو به تولاءِ آسمان جا تارا ڳڻيندو هوندو. “ مون ڪجهه ڪلاڪ اڳ پيتل وسڪيءَ جي بوءِ کي ختم ڪرڻ لاءِ وات ۾ چٻاڙيندڙ خوشبوءِ وارو پان ڪمري مان نڪري ڦٽو ڪيو. گرڙي ڪري، ڪنڌ جهڪائي ماني کائڻ لڳس. ماني کائڻ کان پوءِ  ڪجهه دير رکي ٻاهر جو جائزو ورتم. گهر جا سمورا ڀاتي سمهي رهيا هئا. ماني وارا ٿانءَ بورچيخاني ۾ رکي،ٻيهر ڪمري ۾ آيس. ڊيڪ ۾ ميوزيڪل ڪيسٽ آهستي آواز ۾ هلائي پاڻ کي بستري تي ڦٽو ڪيم. سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان جي باوجود ننڊ نه پئي آئي. ڪا بيچيني اندر ۾ ڪوڪا ٺوڪي رهي هئي ۽ اوچتو هو  ياد اچي ويو... سوچيم، اڄ ساڻس نه ملندم، هو به هاڻ منهنجن هيل تائين ٿيندڙ روايتي دوستن جيان مون تي اجائي تنقيد ڪرڻ ۽ طعنا هڻڻ لڳو آهي. مون ته کيس پنهنجي محبوبا کان پوءِ پنهنجو سڀني کان ويجهو ۽ Under Standing وارو دوست سمجهيو هو، پر منجهانئس به هاڻ مون کي اوپرائپ جي بوءِ اچڻ لڳي آهي سندس اکين مان به ڪروڌ جا چمڙا ڦڙڪندي محسوس ڪيا اٿم. سندس ڳالهين ۾ به پرڀرائيءَ جي ڦٽڪي ڀاسجي رهي آهي ۽ هو به هاڻ مون لاءِ ناصح بڻجي ويو آهي. پر اڄ جيڪڏهن ناصح وارو رويو رکيائين، ته ساڻس سنگت ختم ڪري ڇڏبي،  اهو سوچي مون ڊيڪ آف ڪري، ڪمري جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو. ٽيوب لائيٽ ٻاري سندس آڏو اچي بيهي رهيس. مونکي ڏسندي، هلڪو ٽهڪ ڏئي چيائين؛ ” ها! زندگيءَ جي راند جا هارايل رانديگر، ۽ تو اڄ به پنهنجو قيمتي ڏينهن نقصان جي تندور ۾ ساڙي ڇڏيو.“ مون ڏانهنس بيزاريءَ مان نهاريندي چيو ” ڏس! مون کي اهڙا دوست قطعاً ناهن وڻندا، جيڪي چارئي پهر نصيحتون ڪندي نه ٿڪجندا آهن ۽ هاڻ تومان به وڏڙن واريون عادتون عيان پيون ٿين ...“

        هن مون کي طنز جو تير هڻندي چيو ” تو جهڙن ماڻهن کي سچ هميشہ نصيحت لڳندو آهي، تڏهن ته تون ڪوبه دوست ٺاهي نه سگهيو آهين. تنهنجيءَ ڪوڙي انا توکي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، بنهه اڪيلو.“ سندس جملي مون کي وڌيڪ اڪيلو ڪري ڇڏيو.  مان کانئس منهن ڦيري، ڀت تي لڳل اڪيلي روئيندڙ ٻار جي پورٽريٽ کي گهورڻ لڳس. تڏهن مون کي خوشيءَ کان وڇڙڻ واري آخري ڏينهن جي لکيل پنهنجي ڊائري ياد اچي وئي. ” خوشي! مون توکي ۽ پنهنجي وجود جي آٽوٽ سنگم کي ” ڪُل“ سمجهيو هو. مون ڀانئيو هو، منهنجو ڄمڻ کان وٺي هيل تائين Becoming واروعمل تنهنجي ذات جي جُڙاءِ کان پوءِ مڪملتا ماڻيندو، پر. تو ته مون کي ۽ پاڻ کي جُزن ۾ ورهائي، منهنجي ننڍڙي ڪائنات ئي ورهائي ڇڏي ......

I nerver forgive you… nerver

هن منهنجيءَسوچ جي پکيءَ کي پڪڙيندي چيو ”ناڪام عاشق! توکي ته تنهنجيءَ محبوبا جا آخري خط ۾ لکيل لفظ به ياد هوندا، جن ۾ هن پنهنجي ” چونڊ“ جي پڇتاءُ کي ڪيڏي نه سچائيءَ سان بيان ڪيو ويو هو... ياد ڪر … Try to remember that مون کي ياد اچڻ لڳا. خوشيءَ جي آخري خط جا آخري لفظ... تون سگمنڊ فرائيڊ جو پوئلڳ آهين. تون حد کان وڌيڪ Pessimist آهين. تنهنجون محروميون ڪڏهن به تنهنجيءَ ذات جو پيڇو نه ڇڏينديون ۽ مان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪڏهن به ائبنارمل ڏسڻ نه چاهينديس.“

        مون محسوس ڪيو ته ظاهري خود اعتماديءَ جي خول جي باوجود منهنجي اکين جي ڪنارن ۾ لوڻاٺ وڌي وئي آهي. هن هوا ۾ ٽهڪن جا ڇلا اُڏائيندي چيو، ” جڏهن اکين کان خوابن جي حفاظت جو فن وسري ويندو آهي ته اُهي ڇڙو روئي سگهنديون آهن.“

        مون ڏانهن خار مان ڏسندي چيو ” تون ايترو پٿر دل هوندين، مونکي تومان اميد نه هئي ...“

        هن منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران مون کان ئي سوال پڇيو ”مون مان رکيل اُميد کي ڇڏ، تون مون کي اهو ٻڌاءِ ته تون اڄ پنهنجي محبوبا جي بيواهه ڀيڻ جي آلن ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ ڀوري بدن مان اُميد جوڪهڙو ڪرڻوجاچي رهيو هئين.“  سندس سوال مون کي ڇرڪائي وڌو ” ڏس تون مون تي اهڙو واهيات الزام ته نه هڻ.“

        هن مهنجي جهڪيل اکين ۾ لڪل ڪانءُ  جي نهار پڪڙيندي چيو.

        ”ڏس! گهٽ ۾ گهٽ مون سان ڪوڙ نه ڳالهاءِ... هونءَ به تنهنجي محبوبا به شادي ڪري ڇڏي. هاڻ ته توکي انيڪ عشق ڪرڻ ۽ Sex اِنجواءِ ڪرڻ جو حق هجڻ گهرجي. ٻڌاءِ ڇا مسئلو آهي؟“

        مون پنهنجون بلوري اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريندي چيو ” يار! اصل ۾ مون سان مسئلو اهو آهي جو منهنجي Socialization اهڙي انداز ۾ ٿي آهي، جو عورت جو آغوش منهنجي تسڪين جو آٽوٽ حصو ٿي پيو آهي. مون کي Aged ۽Experienced  عورتن سان دوستي رکڻ ۾ مزو ايندو آهي.“ هن لمحي لاءِ آيل خاموشيءَ جي ڍنڍ  ۾ ٻيهر انڪشاف جو پٿر اڇليو. ” هل مڃيوسين ته توکي Aged عورتن سان لاڳاپا رکڻ ۾ سڪون ملندو آهي، پر اهو ته ٻڌاءِ ته تون پنهنجي ٽيوشن واري ڪاليجي ڇوڪريءَ جي حجابي اکين ۾ ميٿيميٽڪس جي Solution بدران ” واڌو “ جون ڪهڙيون علامتون ڳوليندو هئين؟“

        مان پنهنجي ٻي چوريءَ جا پيرا پڪڙجندو ڏسي هڪو ٻڪو ٿي ويس، پرپاڻ سنڀاليندي Justify ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم.

        ” خبر اٿئي، منهنجو هر نئون رومانس هڪ تجربو هوندو آهي. پنهنجي ذات ۽ انسان کي سمجهڻ لاءِ اُڀريل سوال هوندو آهي. منهنجا اهڙا تجربا منهنجي اندر ۾ ماڻهن جي ڳجهه کي ڳولڻ جا عمل هوندا آهن. تون ته ڄاڻين ٿو، منهنجو سچو عشق  ته رڳوهڪڙي ئي ڇوڪريءِ سان هيو، آهي ۽ رهندو.“

        هن پنهنجي اکين ۾ ڪاوڙ جا ٽانڊا آڻيندي، باهه جهڙا لفظ ڪڍيا.

        ” تون ڪوڙو آهين. تون پنهنجيءَ هوس کي Learning جو نالو ڏيئي، پاڻ کي محتاط ۽ بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين. ”But you have failed in your attemp “ سندس جملي جي پڄاڻيءَ تي پنهنجو منهن ڦيري، ڪرسي تي ويهي، سگريٽ دکائي وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳس.

        خاموشيءَ جي ڄار کي آواز جي ڌار سان ڪٽيندي هن ٻيهر سوال ڪيو: ” تون اڄ گهر ۾ موجود به هئين،پوءِ تو در تي آيل پنهنجي پراڻي ۽ همدرد دوست لاءِ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ڇو چيوته تون گهر ۾ ناهين.“ مون سگريٽ جو طويل ڪش هڻندي ٽهڪ ڏئي چيو: ” مون انهن سمورن دوستن کي وسارڻ جي مشق شروع ڪري ڏني آهي، جن مون سان منهنجا ڏک ۽ ڳوڙها شيئر ڪيا ۽ منهنجي محرومين ۽ مجبورين جا همراز رهيا.“

        ” پر تون غريب گاسليٽي ماڻهو ڪارن جيپن وارن سان ويهي وساري رهيو آهين ته اهي ڪڏهن به توکي ڳوڙهن اگهڻ لاءِ ٽشو پيپر به نه آڇيندا ... بلڪل اڪيلو ٿي ويندين ... ڪجهه به ملندئي ... “

        مون سگريٽ جو دونهون ڇت ڏانهن اُڏاريندي وراڻيو: ” سڀڪجهه ملي ويندو، نه رڳوهن دؤر جي ماڻهن جهڙو ٿي وڃجي. ۽ مون پنهنجي اندر جي انهيءَ ٻار کي چمچاگيريءَ جو چاڪليٽ چٽائڻ شروع ڪيو آهي جنهن ماءُ ۽ محبوبا کان سواءِ ڪنهن جا به دڙڪا ۽ نخرا برداشت نه ڪيا آهن.“

        هن منهنجي مصنوعي خوداعتماديءَ سان ڏنل جواب تي کلندي چيو: ” ته تنهنجي ايس. ايڇ او سان ڪيل Drinking Company تنهنجيءَ انهيءَ عمل جي ڪڙي هئي. “ مون پنهنجي تازي ڪيل ڏوهه جي ظاهر ٿيڻ تي آيل شرمندگيءَ کي لڪائيندي چيو ” ڇا مطلب، آخر تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“

        ” تو اڄ راشي ايس. ايڇ اوهٿان هڪ بي گناهه نوجوان تي ڪيل تشدد جي خبر پنهنجي اخبار کي ڇو نه لکرائي. سندس ڏوهه اهو هو جو هن پنهنجي پسند سان هڪ ڇوڪريءَ سان ڪورٽ مئريج ڪئي، پر پوليس ڇوريءَ جي گهٽ عقل مائٽن کان پئسا وٺي مٿس ڪوڙو ڪيس ٺاهيو. پر ظالم! تون پاڻ به ته رومانس جي اهڙي جذباتي دؤر مان گذري چڪو آهين. تون جيڪو سچ جو پوئلڳ چورائيندڙ آهين، وسڪيءَ جي بوتل تي وڪامي وئين! ياد رک اها وسڪيءَ جي بوتل نه پر انهيءَ بيگناهه جي رت جي بوتل هئي.“

        منهنجي نڙي خشڪ ٿيڻ لڳي. پنهنجا هٿ رت ۾ رڱيل محسوس ڪيم پر ڳيت ڏيندي چيم ” نفرت، ڏهڪاءُ، بربريت ۽ چمچاگيريءَ جي دؤر ۾ عيسيٰ بنجڻ جي دعويٰ ڪرڻ اياڻپ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ۽ جنهن قوم جا ماڻهو ڪوڙن نعرن ۽ رنگين جهنڊين جي جهرمٽ ۾ پنهنجو پاڻ کي ٺڳائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن، مان ڇو سچائيءِ جو ٺيڪو کڻان“

        هن هڪ ساهيءَ ۾ ڪيل منهنجي تقرير ٻڌڻ  کان پوءِ چيو: دوست تون پنهنجي دؤر جي سماجي جانورن جي عقلي حرڪتن کي پاڳلپڻي جو الزام هڻي، مستقبل جي تاريخ سان وحشي هٿ چراند ڪري رهيو آهين. تون زماني جي ڌڙڪندڙ دل تي ڪن رکي ٻڌ  ته اها به اهي رڙيون ڪندي نٿي ٿڪجي ته خدارا!  منهنجي هنج ۾ انساني لاشن جا انبار نه سٿيو. موت کي مشغلو سمجهي انساني حياتين سان نه کيڏو.“ هن ڪجهه دير جي خاموشيءَ کان پوءِ ٿڌي جهرڻي جهڙي آواز ۾ چيو ” تون اڄ کان ته تڏهن چڱو هئين،جڏهن تون رومينٽڪ ڊائريون ۽ ڪهاڻيون لکندو هئين، جن ۾ تنهنجي گم ٿيل اڌ وجود جي ڳولا جو ذڪر هوندو هو. موهن جي دڙي ۾ مڪليءَ جو ذڪر هوندو هو.“

        مون ٻيو سگريٽ دُکائي تيلي ايش ٽري ۾ اڇلائيندي چيو: ” مون هاڻ موهن جي دڙي، مڪليءَ جي قبرستان ۽ سنڌالاجيءَ  ۾ پاڻ کي ڳولڻ، ويل ڊيڪوريٽيڊ بنگلن جي پِٺين ديوارن جي پاڙن ۾ پيشاب ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. مون هاڻ سمنڊ ۾ خزان ۽ آسمان ۾ بهار ڳولڻ جي خواهشن کي به گُهٽو ڏئي ڇڏيو آهي. مون محرومين کي ويسر جي پيتيءَ ۾ وجهي، کين وقت جي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي. هاڻ مان به جيئڻ چاهيان ٿو. ٿڌن  ڪمرن ۾ خوبصورت جسمن جي وچ ۾ پرڏيهي شرابن جي خمارن سان گڏ، پر تون مون کي ائين ڪرڻ نه ڏيندين . تون منهنجي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ويندين، ڇو ته تون ناصح ناهين. تون مون کي محرومين جي ميري چادر ۾ ويڙهيل ڏسڻ چاهين ٿو ۽ مان .... مان مسلسل روئڻ نٿو چاهيان.“  منهنجي اکين مان ڪروڌ جا اُلا نڪرندي ڏسي هن ڏاڍي ڌيرج سان چيو: ” دوست! مان تنهنجو دشمن ناهيان ... مان چاهيان ٿو ته تون کل پاتل انسان نه هجين، تون اندران ٻاهران هڪجهڙو هجين ...“

        مون ڪاوڙ مان کيس ڇڙٻيندي چيو ” تنهنجي صلاح مطابق مان ڪهڙي ڌوڙ پيان؟ “ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو” تون انهيءَ دور ۾ جيئين پيو، جنهن ۾ هزارين ذهني وڳوڙن جي باوجود ڪا به کُليل جنگ نٿي لڳي ۽ ماڻهو ڏاڍي مڪاريءَ ۾ فنڪاريءَ سان پنهنجن روين ۾ مصلحتون ۽ منافقيون گڏائي پنهنجي اوائلي دؤر ڏانهن موٽن پيا. صحتمند سماج ڪنهن وڏي  ۽ اوچتي ڌماڪي کان سواءِ  وجود ۾ اچي نٿي سگهي ۽ انهيءَ جي آمد لاءِ سڀني کي هٿن تان خوني دستانا ۽ اکين تان انڌا کوپا لاهڻا پوندا. منهنجي ڪاوڙ آپي مان نڪرڻ لڳي، مُٺيون ڀڪوڙجي ويون،رڙ ڪندي چيم: ” تون منهنجي روشن آئينده جي راهه جي رڪاوٽ آهين، تون منهنجي خوش آئند عملن لاءِ هاڃيڪار آهين ... تنهنجو خاتمو لازمي آهي، تنهنجي فنا ضروري آهي،مان توکي نه ڇڏيندس ... نه ڇڏيندس ...“  اهو چئي مان کيس مارڻ لاءِ ڪمري ۾ موجود ڪا جوڳي شيءِ  ڳولڻ لڳس ته هن سوڀارو ٽهڪ ڏيندي چيو ” اياڻا دوست ! تون منهنجو انت آڻي سگهندين، مان تيسين توسان گڏ هوندس ۽ توکي سمجهائيندو رهندس،جيسين تون جيئرو آهين. تون مون کي ماري نٿو سگهين.“هن ٻيهر زوردار ٽهڪ ڏنو ۽ مون ٽيبل تان پيپر ويٽ کڻي زور سان پنهنجي آڏو اُڀي رکيل الماريءَ جي شيشي کي وهائي ڪڍيو ۽ وائڙو ٿي ڪمري ۾ وکريل شيشي جي ٽڪرن کي گهوريندو رهيس.

       


 

ضراب حيدر

دل جي قبر جو ڏک

        سانوڻ جي لاش پهچڻ سان سموري پاڙي ۾ ڪهرام مچي ويو. هوشهر جي هنگامن سبب پيٽ ۾ گولي لڳڻ سان ٿڏي تي مري ويو. سندس جنازو ايمبولينس ذريعي مائي گلزار جي گهر پهتو.

        ڇا ته سندس جواني هئي! جهڙو هئس قد بُت، اوڏوئي همراهه سگهارو هو. ويتر وري سندس ويڪري منهن تي نقش ائين کلي بيهندا هئا، جيئن ڪاشيءِ جي ٿانوءَ تي چٽسالي ... کُليل ڪشادي پيشاني، ڪاريون گهاٽيون ڀروئون، وڏيون وڏيون اکيون، جهُڙالا ڇپر، ڳاڙها ڳٽول ڳِٽا، ڳاڙهسرا چپ ۽ موتين جهڙا ڏند. مُرڪندو هو ته ڄڻ ڪائنات پئي مرڪندي هئي.سندس ڪڻڪائي منهن تي ساول مائل ڏاڙهي ائين نکري بيهندي هئي جيئن ڪڻڪ جي لوڻيل فصل ۾ انٽرڪراپ ڪيل برسيم جا تازا ڄاول هلڪا ساوا سلا.

        سانوڻ جي صورت ۾ ئي سونهن نه هئي پر هو ته سيرت ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. ننڍا وڏا سڀ کيس چاهيندا هئا. پاڙي ۾ ڪنهن تي به اوکي ويل ايندي هئي ته سانوڻ بنا پُڇي رسي ويندو هو، ڪنهن جوٻار پرچائڻ ته ڪنهن جو سيڌو سامان وٺي اچڻ.مطلب ته همراهه جي وات ۾ نهڪر واري زبان هئي ئي ڪانه .

        اڄ سندس جوانيءَ جي موت تي پاڙي ۾ روڄ متل هو نه صرف ٻارن ۽ پوڙهن ۾ پرنوجوانن ۽ زائفن ۾ پڻ روڄ ڪاهجي پيو هو. خاص ڪري پاڙي جي سامايل ڇوڪرين جو ته هانوٿي جهڄيو، جيڪي شام جو پنهنجي گهرن جي ٻيڪڙيل درن ۽ درين ۾ وٿيون ڪري کيس تڪينديون هيون، جنهن پل سانوڻ ڀرت ڀريل پهراڻ پائي اچي ڳليءَ جي چؤواٽي تي بيهي پاڻ جيڏن سان ڏينهوڪيون پچارون ڪندو هو. ان لمحي ساڳيو چؤ واٽو پڻ اداس هوندو هو، جنهن شام سانوڻ نه ايندو هو چؤواٽو ته ڇا درن ۽ درين جي چيرن مان پاتل ليئا پڻ اداس هوندا هئا. اڄ اهو چؤواٽو دريون ۽ درن جا جهروڪا پڻ روئڻهارڪا هئا.

        پر مائي گلزار جي اکين مان هڪ به ڳوڙهو ڪونه ٽميو هو. هوءَ مسلسل خاموشيءَ جو خول ۾ وڪوڙي پئي هئي.سندس خشڪ ۽ ڦوٽاريل دوڏا خبر ناهي ڪٿي کُپي ويا هئا،  جو نٿي سندس اکيون  ڇنڀيون، نٿي سانوڻ جيان وسيون.

        سانوڻ جو لاش سنواري ورانڊي ۾ رکيو ويو. سندس منهن ڪفن جي اڇاڻ ۾ ويتر بکي رهيو هو، ڄڻ ته هو اڇي چادر اوڍي مُرڪ جي ننڊ سُتل هو. جنهن ٿي کيس ڏٺو، کانئس اوڇنگار ٿي نڪري وئي، رهندو زائفن جي پارن سانوڻ جي موت کي ٿي لڄايو.ساران ته پنهنجا حال بُڇڙا ڪري ڇڏيا هئا،

        ساران ، جيڪا ٻاروتڻ کان وٺي ساڻس  کيڏي هئي، رُني ۽ کلي هئي، ڪاوڙي ۽ پرتي هئي، ان ڪري هو ٻئي ڀيڻ ڀاءُ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا هئا.

        ساران جيستائين سامائي نه هئي، سانوڻ کي ڀاءُ ڪوٺيندي هئي. پر جڏهن سندس جذبا جوان ٿيا ته اندر کيس دوکو ڏئي ڇڏيس. سندس هينئون سانوڻ لاءِ ڌڙڪڻ لڳو. سندس من سانوڻ جي سونهن تي موهجي پيو. هن گهڻوئي چاهيو ۽ روڪيو پر پاڳل من مڃڻ کان قاصر هو. اها ڳالهه ڪنهن ٻئي ته ڇا پر سانوڻ جي ڪنن تي به ڪا نه رَسي، ساران اها ڳالهه نه رسڻ ڏني، متان سانوڻ کانئس رُسي وڃي. تنهنڪري هوءَ کيس ڀاءُ ڪوٺي، سندس ڀر وٺيو پئي مسخري مذاق ڪندي هئي، رُسندي پرچندي هئي،فرمائشون ڪندي هئي، ڪڏهن سُرخيءَ جي ته ڪڏهن ڳلن تي لائڻ واري لاليءَ جي ، ڪڏهن ڪجل ته ڪڏهن پائوڊر ته ڪڏهن چوڙين جي ته ڪڏهن وري ايرينگن جي، ۽ جڏهن سانوڻ کيس اهي شيون آڻي ڏيندو هو ته ڏاڍو خوش ٿيندي هئي ۽ جلدي سڀ ڪجهه لائي پائي اچي سامهون ٽلندي هئي.

        ” سانوڻ، ڪيئن ٿي لڳانءِ؟“

        سانوڻ کيس مُرڪي چوندو هو ” صفا شهزادي .. لڳي ٿو ته هاڻ تو لئه ڪوشهزادو به آڻڻو پوندو!“

        ساران جو اندرٽٽي پوندو هو. هوءَ اهو چئي ڪونه سگهندي هئي ته ’سانوڻ منهنجو شهزادو ته تون آهين‘، اُداس ٿي هلي ويندي هئي. سانوڻ اهو سمجهي ته ” شرمائي وئي آهي“ وڏا ٽهڪ ڏيندو هو.

        ساران بُڇڙن حالن هر هر سانوڻ جي لاش تي ٿي آئي ۽ اوڇنگارون ٿي ڏنائين. سندس اکين مان ڄڻ ساوڻي مينهن وسي پيو هو.

        جنهن پل سانوڻ جو لاش کنيائون ٿي ته محشر مچي ويو. ساران رڙيون ڪرڻ لڳي.

        ” سانوڻ کي نه کڻو، مون کي ڏسڻ ڏيو، مان رُٺل کي پر چائينديس. ڏسو نٿا سندس پيٽ مان اڃا پيو رت وهي. ترسو ته مان سندس رت اُگهان. “ هوءَ رئي پلاند هٿ ۾ ڪري سانوڻ ڏي وڌي، زائفن کيس جهلي پري ڪيو.

        ” امڙ ائين ناهي ڪبو..“

        ” پرڇڏيو ته مان سانوڻ جي پيٽ تان رت ته اُگهان.“

        لفظ نه هئا ڄڻ ڀالا  هئا، جيڪي هر ڪنهن جي سيني ۾ لهندا ٿي ويا. سڏڪن جا پڙاڏا گهر جي چؤديواريءَ ۾ گونجڻ لڳا. اُهي لفظ مائي گلزار جي سيني ۾ پڻ لهي پيا.هن سانوڻ کي ڏٺو ۽ سندس ڪفن ڏٺائين. پيٽ واري جاءِ تي رت جو گهرودٻو ڏٺائين، ۽ سڏڪي پئي.

        ” سانوڻ ٻچا ڪجهه ته ڳالهاءِ، ڪا ته رڙ ڪر، ته مان توکي ڇاتيءَ لايان.“

        هوءَ مسلسل سُڏڪندي رهي. کيس پنهنجن سڏڪن ۾ سانوڻ جي ” اوئان ... اوئان“ جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون، جيڪي هن اڄ کان ارڙهن سال اڳ رات جي ڪاراڻ ۾ ٻڌيون هيون. ان لمحي سانوڻ جي ڪپيل ناڙي جو رت به اڃان ڪونه مِڙيوهو، ۽ سانوڻ قبر جي ساهمي بدران مٽيءَ جي گهٽيندڙ تهه ۾ دٻجڻ واروهو. ان وقت مائي گلزار پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي. عمر جي ايڏي وڏي ته ڪانه هئي،پر پوءِ به پڪي تجربيڪار عورت ڀاسبي هئي. سندس گهروارو چوڪيداري ڪندو هو. راتيون جاڳندو ۽ ڏينهن جو سمهندو هو، ان ڪري ئي گلزار پاڻ کي اڪيلو ڀائيندي هئي. سندس پيٽ ۾ ويندڙ ڪڻڪ جو هر لولو، سندس جذبن ۾ ولولو پيدا ڪري ڇڏينود هو. هوءَ اوجاڳيل مڙس جي ننڊاکيل جذبن سان پنهنجي جاڳيل جذبن کي سمهاري ڪونه سگهندي هئي، ان ڪري موقعو وٺي پئي مٿن ڇنڊوهڻندي هئي.هونئن ته سندس گهڻائي يار هئا پر وريام سان سندس پيچ پيل هو. هڪ نه ٻئي ڏينهن وٽس ويندي هئي، ۽ رات جوپوئين پهر پنهنجي وَرَ جي ورڻ کان اڳ اچي گهر رَسندي هئي.

        اُن رات به هوءَ وريام وٽان موٽي هئي. ساڳئي گس تان، جتان کيس قبرستان واٽ تي پوندو هو. شهر جي وچ ۾ اهوئي هڪ قبرستان هو جيڪو زمين جي ننڍڙي ٽُڪر تي ڳُتيل هو، جنهن جون ڪجهه قبرون حدون ڀڃي هڪ پاسي کان ڀڳل ديوار کان اڌ ٻاهر نڪري رستي ڏانهن منهن ڪيو پيون رستي ويندن کي تڪينديون هيون. قبرستان ۾ گهاٽا کٻڙ هئا جن جو ڇانورو ڪجهه قبرن تي پوندو هو.قبرستان جي ڀرسان هڪ ڪنڊ کان ويران مندر ۽ شمشان گهاٽ هو، جتي ڪوورلي ڏيئو ٻرندو ۽ وسامندو هو.

        اُن رات گلزار حيرت ۾ پئجي وئي هئي ته وريران مندر، جنهن جو ڪو اوهي نه واهي، خاموش قبرستان جتي نه ڪوپکي نه مجاور،اُتان ٻار جون رڙيون... !هوءَ خوف ۾ سراپجي وئي. کن پل لاءِ موٽ کائڻ جو سوچي بيهي رهي هئي. سندس سمورا ڏوهه ان ٻار جي رڙين جيان رڙڻ لڳا هئا ۽ کيس ڊيڄارڻ لڳا هئا. پرپوءِ گهر ورڻ جوسوچي هن طئه ڪيو ته اڳو پوءِ اتان ئي هلڻو آهي، پوءِ ڇو نه اڄ به هلجي.هوءِ قبرستان جي ديوار ٽپي، جيئن قبرستان جي ويران منظر کي وائکو ڏسڻ لڳي. تيئن سندس ڪنن ۾ ٻار جون رڙيون چِٽيون گونجڻ لڳيون. هوءَ ڪنڊ ۾ بيٺل کٻڙ جي اوٽ ۾ لِڪي بيهي رهي، ۽ رڙين جي پڙاڏي ۾ ٻار جو وجود ڳولهڻ لڳي.

        نظرون ڦيرائيندي اوچتو سندس جسم مان سيسراٽيون نڪري ويون. وريام وٽان موٽڻ کان پوءِ سندس ساڻو ٿيل جسم خوف کان ڪنبي ويو. قبرستان جي وچ ۾ بتي جي روشني ۾ هڪ تازو ڄاول ٻار رڙيون ڪري رهيو هو.

        ” اوئان... اوئان“ ۽ سندس ماءُ ، هڪ مرد جي مدد سان پنهنجي گناهه کي لڪائڻ لاءِ سندس لاءِ قبر کوٽي رهي هئي. مائي گلزار ماءُ ته ڪانه هئي پر الائي ڪيئن سندس جيءَ ۾ممتا جي لهر اُٿي، سندس ڇاتيءَ مان ڄڻ ته ممتا جو کير وهي نڪتو هو، جنهن جي جرئت جي ڀيٽا ڪنهن به جبلت سان نٿي ڪري سگهجي.

        ابهم جي قبر کوٽجي تيار ٿي، روئيندڙ ٻار کي ماءُ جي شيطاني چنبن قبر ۾ لاٿو. معصوم جون رڙيون اڻڄاتل خوف کان تکيون ٿينديون ويون .. ” اوئان .. اوئان .... “

        پر سندس ماءُ جي ڇاتين ۾ رحم جو ڪو گوهو نه هوجو ٻار جي ٻاڪار کي ماٺو ڪري ها، هن جون سُڪل ڇاتيون ڇيڇڙن جيان بتيءَ جي مڌم روشني کان شرمسار ٿيڻ لڳيون ۽ سندس چنبا ڪوڏر جي ڳن ۾ سوگها ٿي ويا. ان کان اڳ جو ڪوڏر لپو معصوم جي دانهن کي دسي وجهي، مائي گلزار هڪل ڪئي، ” نه ويندؤ“

        گلزار جي هڪل تي ابهم جي ساهن جا ويري ماءُ پيءُ خوف کان ڪتي واري لؤ ڪري ڀڳا، ۽ اوندهه ۾ گم ٿي ويا.

        هوءَ ٻار ڏانهن تڪڙي وڌي آئي کيس ڇاتيءَ سان لاتائين.

        ”منهنجا ٻچا، تنهنجي امڙ توتان صدقي“. انهن لفظن ۾ ڪائنات جي سموري ممتا سمائجي ٻار تي ڇانئجي وئي، هو چپ ٿي ويو.

        ٻار جو ماٺ سان مائي گلزار جا وِڦليل جذبا هميشہ لاءِ ٿانئيڪا ٿي ويا. هوءَ مڪمل ماءُ بڻجي پئي. ڪائنات جي ماءُ، جنهن فطرت جي معصوميت کي جهالت ۽ گناهه جي قبر ۾ جيئري دفن ٿيڻ کان بچائي ورتو. سندس ڪوجهو جسم مجسم مريم بڻجي پيو اُن لمحي ڌرتي ماءُ کي به گلزار تي رشڪ اچڻ لڳو، جيڪا معصوميت کي پنهنجي سيني ۾ سانڍڻ جي خوف کان ڏري ۽ جهُري رهي هئي.

        مائي گلزار سانوڻ کي کڻي گهر آئي. سندس تازي ڪپيل ناڙي جي وهيل رت کي ائين صاف ڪري پهو رکيائين، ڄڻ ته هن سنسار جي هر زخم مان وهيل رت کي اگهي مرهم رکي ڇڏيو.. کيس پنهنجي هنج ۾ لوليون ڏئي سمهاريائين، جيئن رات جي ديوي هر عالم ِ ارواح کي سڪون جي نند ڪرائيندي آهي. هن کيس فطري انداز ۾ پالي نپائي وڏوڪيو، جيئن قدرت هڪ گهرڙي کان تڪميل انسان تائين،حياتي کي پالي نپائي وڏو ڪندي آهي.

        سانوڻ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، منهجس معصوميت ۽ فطرت ٻهڪڻ لڳي. سندس اخلاق ۽ رويو سراپا معصوميت هو. پر شايد فطرت ۽ معصوميت هن شيطاني نگريءَ ۾ گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهندي آهي، ان ڪري سانوڻ به ڪوجهي موت جي ور چڙهي ويو، ۽ مائي گلزار کيس پڪاريندي ئي رهجي وئي.

        ”ٻچا سانوڻ! ڳالهاءِ ته مان توکي ڇاتيءَ لايان.“

        پر هو ڪُڇيو نه ڪي رڙيون ڪيائين. نه وري ” اوئان .. اوئان.. او امان! او امان“ ورجايائين. شايد ان ڪري اڄ ڌرتي ماءُ فخر سان کيس ڇاتيءَ ۾ سلهاڙڻ لاءِ آتي هئي، جيڪا اڳ کيس سيني سانڍڻ جي خوف کان جهُري رهي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com