سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :22

وڏي وَٿ هُئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾!

لفظن سان ڪميٽيڊ ليکڪ – نجم عباسي

     

  خبر پڙهي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنهن هانءُ ۾ هٿ وجهي نپوڙ ڏني هجي ۽ منهنجو ساهه گُٽجڻ لڳو!

        ” سائين نجم عباسي گذاري ويو!“  اٺ ڏينهن اڳ جڏهن اسان ڪجهه دوست سندس 68-هين سالگراهه پئي ملهائي ته آءٌ ان ڏينهن اها ڳالهه سمجهي ويو هئس ته هاڻ ”هُو“ گهڻوعرصو اسان ۾”نه“ رهندو، پر پوءِ به هڪ آس هئي، هڪ اميد هئي ته هُو وري به موت کي شڪست ڏيندو، جيئن اڳ ڪيترا ڀيراڏني هئائين.پرهن ڀيري موت پوري سگهه سان آيو هو ۽ ڊاڪٽر نجم عباسي اسان کان کسي ويو!

        18 آڪٽوبر 1995ع تي طارق قريشي ۽ ضراب حيدر گڏجي صاحب جي سالگراهه جو پروگرام رٿيو. ضراب حيدر پنهنجي ’مُووي‘  سان گڏ، پنهنجي ڪا ۾ نواب شاهه ڪهي حيدرآباد آيو. شام ٿي ته آهستي آهستي دوست سائينءَ جي سالگراهه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سندس گهر ۾ گڏ ٿيندا ويا. خاڪي جويو. تاج جويو، نصير مرزا، ممتاز بخاري، جاويد سحر، سليمچنا، گل ڪونڌر، احمد سولنگي ۽ ڪجهه ٻيا دوست پهچي چڪا هئا. ضراب حيدر پنهنجي ’مُووي‘ فٽ ڪئي.هاڻ سالگراهه شروع ٿيڻ واري هئي، جو سخت طوفان ۽ مينهن شروع ٿي ويو. گهڙيءَ کن اکان پوءِ بجلي هلي ويئي. ٻه اڍائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوءِ به بجلي نه آئي ته مجبور ٿي سالگرهه جي ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ بجيل وڃڻ ڪري ضراب حيدر جو انهن يادگار لمحن کي رڪارڊ ڪرڻ جو سپنو اڌورو رهجي ويو!

        17 آڪٽومبر تي حيدرآباد  ۾منهنجا قدم، پاڻمرادو نسيم نگر فيز2- گهر بي 109 ڏانهن کڄڻ لڳا. ٻئي ڏينهن سائنيءَ جي سالگرهه هئي، پر مون اڳ ئي ساڻس ملڻ پئي چاهيو. حسب دستور، سائينءَ جو نياڻو الطاف باسي ٻاهر نڪري آيو. مونکي ڏسي چيائينءَ ته ”ماما جي طبيعت گهڻي خراب آهي. توهان اَچو، پر جلدي اُٿڻ جي ڪجو، جو گهڻي سهڪي سبب ڊاڪٽرن کيس ڳالهائڻ کان جهليو آهي.“

اندر ويس. ڊاڪٽر جي حالت ڏسي ڊپ ورائي ويم. سهڪو ايترو ته وڌيل هو، جو ڳالهائڻ مس ٿي نڪتس. ”جيئي سنڌ“ چئي مليو،” بس هاڻ هلڻ وارا آهيون. سٺو ٿيو جو تون آئين. ڪجهه وقت گڏ گذاريون ....“ پر سهڪي سبب وڌيڪ  ڳالهائي نه سگهيو.گهڙي کن خاموشي ڇانيل رهي. پوءِ هوريان هوريان دوستن يارن، ڪتابن، رسالن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي بار ۾ پڇڻ لڳو. آءٌ کيس ٻڌائڻ لڳس. تيسين الطاف اندر گهڙي آيو.مون کي اکين جي اشارن سان ’ڪجهه‘  ياد ڏياريائين. مون اُٿي موڪلائڻ واري ڪئي ته ڊاڪٽر ٻارن جيان ضد ڪرڻ لڳو: ”ويهه ويهه ... اڃان هاڻ ته آيو آهين .. الطاف تون چانهه ٺهرائي اچ ...“

        الطاف ويو ته اسان وري ڪچهري ۾ لڳي وياسين. ” سائين ! دل ۾ نه ڪيو ته هڪڙي ڳالهه پڇان ...؟ مون چيو، ”ها ها. ڀلي پُڇ.“

        ”سائين! توهان وٽ گاڏي هئي، بنگلوهو، ٿورو گهڻو ٻيو به هو پر اهو سڀ اوهان وڪڻي پنهنجي اولاد ۾ ورهائي ڇڏيو. اوهين چاهيو هاته ايترو ڪجهه هو جو اوهين پنهنجو علاج ڪرائي پئي سگهيا.“

        ”شروع شروع ۾ مون ان ڳالهه کي اهميت نه ڏني. دوائون کائڻ ۾ لاپرواهي ڪندو هئس. مون کي اندازو نه هو ته هن حالت کي وڃي پهچندس...“

        ”پر اوهان ته ڊاڪٽر آهيو. اوهان کي ته پنهنجي بيماري4 جي سنگينيءَ جو احساس هئڻ کپي ها.“

        ”ها! اِهائي منهنجي غلطي هئي.“ ائين چئي، ڪجهه وقت لاءِ ڊاڪٽر ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي ويو!

        ” اڄڪلهه ڪجهه لکو پيا ....؟ مو پڇيو.

        ”هاڻ ٻانهن صفا سُڪي ويئي آهي. لکڻ صفا نٿو ٿئي. خيال ته ڏاڍا ٿا اچن.“

        ان دوران مون محسوس ڪيو ته سهڪو ختم ٿي ويو هو.

        ”سائين توهان جو سهڪوته ختم ٿي ويو هو.“ مون چيو.

        ”تون آئين ته ختم ٿي ويو.“ کلندي وراڻيائين.

        ”هاڻ منهنجا ڪتاب، جيڪي اڻ ڇپيل آن، سي کڻي وڃ ... جڏهن وڻئي ، تڏهن ڇپائج ... هتي مون کان پوءِ ڪو سنڀالڻ وارو ڪونهي....“

        ” نه نه سائين! ڀلي توهان وٽ هجن. پوءِ ڪنهن مهل کڻي ويندس.“

” پوءِ الائي ملڻ ٿئي... “ پاڻ چيائين.

        ان وقت پنهنجا ٻه ڪتاب منهنجي حوالي ڪيائين: ” ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري“ ۽ ٻيو ” هڪ انقلابيءَ جو ننڍپڻ.“ پهريون ڪتاب 1988ع دوران حيدرآباد ۾ ٿيل هنگامن دوران ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري آهي، جنهن بابت ان وقت سندس خيال هو ته ان ۾ ڪجهه ڪردار وغيره ڏيئي ان کي ناول جي شڪل ڏيندو، جيڪا خواهش سندس بيماريءَ  جي ڪري اڌ ۾ رهجي ويئي. ٻيو ڪتاب چين جي انقلابي اڳواڻ چو. اين. لائي جي ننڍپڻ بابت آهي، جيڪو پاڻ بيماريءَ واري حالت ۾ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو اٿائين. اهي ٻئي مسودا کڻڻ مهل مونکي 1989ع واري اها ڳالهه ياد آئي، جڏهن مٿس اڃان تازوفالج جو حملو ٿيو هو ۽ لطيف آباد ۾ رهندو هو. پاڻ مونکي سندس لئبرريءَ مان ”سهڻي“ ، ”روح رهاڻ“ ، ”ملير ڊائجيسٽ“ ۽ ”مارئي“ رسالن جا سمورا سيٽ کڻي وڃڻ لاءِ چيوهئائين. پر مون کڻي وڃڻ ۾ سستي ڪئي ۽ اهوعلمي خزانو دهشتگردي هٿان لُٽجي ويو! البت هنگامن کان ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻ انگريزي رسالي ” ويو پوائنٽ“ جا سڀ پرچا محترم الهداد ٻوهئي مرحوم کي ڏنائين، جيڪي هوکڻي ويو ۽ اُهي تباهه ٿيڻ کان بچي ويا.

اها تفصيلي ملاقات منهنجي ساڻس آخري تفصيلي ملاقات ثابت ٿي.

* * *

        هڪ ڀيري ڪچهريءَ دوران پاڻ مون کي ٻُڌايائين ته”بيماريءَ مان بيزار ٿي مون زندگيءَ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ڏينهن آءٌ خانواهڻ هئس. سوچيم ته هڻي بهتر رهندو. مٽ مائٽ تڪليف کان ڇُٽي پوندا. اهو سوچي سمهڻ مهل چاليهه ڊائنول (Dianol) گوريون ڦڪي سمهي پيس. آءٌ ڊاڪٽر آهيان، مون کي خبر آهي ته چاليهه گوريون هڪ ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ تمام گهڻيون آهن، پر ٻئي ڏينهن معمول موجب اٿي ويٺس.مونکي ڪجهه به نه ٿيو. اُٽلو ڪجهه ڏينهن جي لاءِ منهنجي شگر Nil رهي.“

        اهو ٻُڌائي  پاڻ کِلڻ لڳو. مون ڏانهنس حيرت مان ڏسي چيو، ”شايد توهانجي قلم مان اسان کي گهڻيون ڪهاڻيون ملڻيون آهن. سنڌ ڌرتي اوهان کي ائين ٿورئي ڪو اسان کان جدا ڪندي ....

        ”هاڻ ائين ٿو لڪڳيم،منهنجو موت ان ڏينهن ايندو، جڏهن آءٌ لکڻ پڙهڻ کان لاچار ٿيندس.“

        ٿيو به ائين. مٿس ڀيروفالج جو حملو پندرنهن ڏينهن اڳ ٿيو هو. دَم به ورائي ويو هئس. زبان ۽ نظر تي به ڪافي اثر پيو هئس. جڏهن هو لکڻ پڙهڻ کان لاچار ٿيو ته سڀني کان موڪلائي هليو ويو. جڏهن ته پاڻ موڪلائڻ ان ڏينهن کان شروع ڪيو هئائين، جڏهن سندس هٿ صفا سُڪي ويو ۽ لکڻ کان لاچار ٿي ويو!

* * *

        مٿس جڏهن فالج حملو ٿيو، تنهن کان پوءِ لطيف آباد واري گهر مان زوري ڪڍيو ويو ته پاڻ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پُٽ نديم وٽ رهڻ لڳو. اتان مون کي 8- سيپٽمبر 1990ع تي خط لکيو هئائين ته ” ورهين کان پئي لکندو آيس ته بندوق جي ناليءَ مان انقلاب ايندو آهي. حالي نه بندوق جي ناليءَ سان پنهنجي گهر مان ڪڍيوويو آهيان، ۽ اهڙيءَ حالت ۾، جو اڌ رنگ مريض آهيان ۽ هلڻ چلڻ کان به هلاک! سامان کڻڻ به ڪونه ڏنائون ...“

        ڊاڪٽر پنهنجي زندگيءَ جي جن چئن اهم ۽ اثرانداز ٿيندڙ واقعن جو ذڪر ڪندو هو، انهن مان به واقعا مٿس فالج جو حملو ۽ لطيف آباد واروگهر لُٽجڻ آهن.

        ڪراچيءَ کان پوءِ سکر ويو، وري ڪراچي. ايستائين سکر ۽ ڪراچي ايندو ويندو رهيو، جيستائين ٻيهر حيدرآباد شفٽ نه ٿيو. پاڻ ان سڄي عرصي دوران، جيڪو سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو، مون کي لڳاتار خط لکندو رهيو، جيڪي پوءِ مون سندس خواهش ۽ اجازت سان ڪتابي صورت ۾ ”جبل مٿي باهڙي“ جي نالي سان ڇپائي پڌرا ڪيا. اهي خط هڪ حوالي سان نجم عباسيءَ جي سڄي جيون جو نچوڙ آهن.

        سندس سنڌ سان محبت، سائين جي. ايم سيد جي محبت جيان لازوال ۽ ازلي هئي. ” منهنجون سوچون منهنجا خواب، منهنجا خياليءَ پلاءُ  سڀ گهڻو ڪري ’سنڌ‘  لاءِ ٿي ويا آهن... مان سنڌ ۾ رهان ٿو ... هاڻي مون کي لڳندو آهي ته سنڌ مون ۾ رهي ٿي، سنڌ منهنجي ذهن ۾ رهي ٿي، سنڌ منهنجي دل ۾ رهي ٿي  سنڌ منهنجي دماغ ۾ رهي ٿي ....“ (”جبل مٿي باهڙي“ ص 109)

        سنڌ ۾ تمام ٿورا اديب ۽ سياسي ڪارڪن اهڙا آهن، جن سدائين ”لفظن جو ڀرم“ رکيو آهي. نجم عباسي انهن مان هڪ هو. سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد نه رهيو. هو پنهنجي لکيل هڪ هڪ لفظ سان ڪميٽيڊ هو. هن جيڪي پڙهيو، جيڪي لکيو، جيڪو سچ سمجهيو، ان تي اڏول رهيو. پنهنجي لکيل لفظن تي توڙ تائين قائم رهيو ۽ پنهنجي لکڻين ذريعي، پنهنجي ڪچهرين ذريعي،هو عمل کي اُڀاريندڙ رهيو. سندس چواڻي ته ، ”ساهت اهو لکجي جو ذهن کولي، حوصلو پيدا ڪري، ۽ عمل تي اُڀاري.“

        آءٌ سندس شخصيت لاءَ لفظ ”عظيم“ استعمال نه ڪندس، جو هتي لفظ عظيم جي وقعت وڃائي ويئي آهي! ”عظيم“ هر ٻئي ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هاڻ ته هرپنجون ماڻهو عظيم ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي، ۽ عظيم لفظ سندس عظمت کان بلڪل ننڍو آهي. آءٌ ڊاڪٽر لاءِ لفظ ”قومي“ استعمال ڪندس، يعني سنڌ جو ”قومي ڪهاڻيڪار“، نوجوان ليکڪن جو ليجينڊ/ هو سنڌ جو قومي ڪهاڻيڪار هو. هن جي ڪهاڻين سنڌ ۾قومي ۽ طبقاتي جاڳرتا پيدا ڪئي سندس ڪهاڻين جومول متو هوندو هو: ”سنڌ لاءِ عملي ڪم ڪيو.“ هن وٽ موت جو تصور ”سنڌ لاءِ مرنداسين“نه ، پر ”سنڌ لاءِ مارينداسين،“ هو. وٽس عمل ئي هر شئي جو بنياد هو.

        نجم عباسي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اڌ صديءَ جي تاريخ هو. اسانجو هر نئون لکندڙ، پوءِ اڳتي هلي هو ڪيڏو به وڏوليکڪ بڻجي ڇو نه ويو هجي،ان جي شروعاتي لکڻين تي نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جو اثر نظر ايندو. هن ڪڏهن به فن ۽ آرٽ جي نالي ۾ اهڙيون ڪهاڻيون نه لکيون جيڪي فن ۽ آرٽ جو نادر نمونو ٿيڻ بدران ’انارڪي‘ ڦهلائڻ جو سبب بنجن. سندس لفظن ۾: ” جذبن کي سچائيءَ سان خوبصورت لفظن ۾ ظاهر ڪرڻ ادب آهي ساهت آهي ۽ هر ڪهاڻي آدرش جي تلاش هوندي آهي، ان جي مرڪزي خيال جي حوالي سان.“

        هن ڪڏهن به پنهنجي لکڻين جو رشتو ڌرتيءَ واسين کان نه ٽوڙيو ۽ سنڌ ۽ سنڌ واسي هن جو آدرش هئا.

        هو سدائين طارق قريشيءَ کي چوندو هو. ”منهنجو موت به هڪ ڪهاڻي هوندو ۽ تون ان تي ڪهاڻي لکج ... منهنجي موت جي ڪهاڻي تون لکج“. پوءِ طارق کي پنهنجي زندگيءَ جا واقعا تفصيل سان ٻڌائڻ لڳندو هو، ۽ طارق سندس زندگي جي ڪهاڻي جي پڄاڻيءَ تائين ساڻس سفر ۾ گڏ رهيو.“

        اڄ نجم عباسيءَ جي زندگيءَ جي ڪهاڻي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي. اڄ نسيم نگر فيز 2- جي بلاڪ ٻي جي گهر نمبر 109 جو اهو ڪمرو هميشه لاءِ خالي ٿي ويو، جيڪو منهنجي لاءِ هر ان گهڙيءَ پناهه گاهه ثابت ٿيو،جڏهن آءٌ دنيا جي هڻ وَٺ کان بيزار ٿي پناهه لاءِ واجهائيندو هئس. اڄ هو هليو ويو، جيڪو پاڻ بيمار هوندي به اسان نوجوان، جڏهن ٿڪجي ٽٽي سندس چرنن ۾ حاضر ٿيندا هئاسين ته اسان ۾ پنهنجي ڳالهين ذريعي پنهنجي لکڻين ذريعي زندگيءَ جي حرارت پيدا ڪندو هو. اسان لاءِ ڦڪيون ۽ ٻُڪيون تيار ڪندو هو. هن ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي، ته زندگيءَ کان، نه ڪنهن دوست کان، نه ٻئي ڪنهن کان. هو سنڌ هو. سنڌ هُن ۾ سمايل هئي ۽ هو سنڌ ۾ سمايل هو.

_ يوسف سنڌي

*

 


 

موت _ هڪ ڪهاڻي:

        زندگيءَ ته اربين کربين ڪهاڻين کي جنم ڏنو آهي ۽ ڪهاڻيون به الائي ڪيترين ئي زندگين کي جنم ڏينديون آهن، پر جنهن ماڻهوءَ جو ’موت‘ هڪ ”ڪهاڻي“ بڻجڻو هو، اُن ماڻهوءَ سان منهنجو واسطو جنم ڏينهن کان وٺي جنم ڏينهن تائين هو. هُو جو پنهنجي اختتام کان پوءِ پنهنجوپاڻ ’پڄاڻي‘ کان بچائي ويو، جو هن سڄي زندگي ٻين جي حياتيءَ کي دوام بخشڻ لاءِ جتن ڪيا هئا.

        ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي اتهاس جو پنو ته 25 آڪٽوبر کان هاڻ وري لکجڻ شروع ٿيو هو، ان ڪري ئي مون کي سندس موت جي ڪهاڻي لکڻي پئجي وئي آهي هُو ڪو اولياءُ ۽ ابدال ته ڪونه هو ۽ نه وري انهن کي مڃيندو به هو، پر اوليائن ۽ درويشن وانگر واضح طور تي هُن اڳڪٿي ڪئي هئي:” هُن جو موت هڪ ڪهاڻي هوندو.“

        25 آڪٽوبر 1995ع جي ’يوم سياهه‘ جهڙي ڏينهن تي آءٌ پنهنجي دوست ضراب حيدر جي گهر هئس. پوڻا ٻارنهن کن ٿيا هئا ته اسان جو دوست سارنگ سهتو آيو. ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري پاڻ کي ۽ اسان کي ذهني طرح ڪجهه جائيتو ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڌيرج سان چيائين، ”بيڊ نيوز آهي ...“ عام رواجي لهجي ۾ پڇيوسين، ”ڪهڙي؟“ ڳيتيون ڏئي، روئڻهارڪي لهجي ۾ چيائين،” سائين نجم  عباسي ....“ هن جوجملو پوروئي ڪونه ٿيوته دل جي هيروشيما تي ڄڻ ائٽم بم ڪري پيو.

”ڇا؟“

        وائڙا ٿي وياسين، متيون منجهي ويون. هوش ڇڏائجي ويو.

        ”نه نه، هُو اسان جو جوانن کان به وڌيڪ نوجوان، ٻُڍڙو ڪهاڻيڪار، هڪ دلبر ماڻهو، نه نه ....“

        پر اعتبار ڪرڻو هو. ضراب حيدر پنهنجا حواس ٿانيڪا ڪندي پڇيو، ” ڊاڪٽر صاحب جي تدفين ڪٿي ٿيندي.“

        سارنگ ٻڌايو ته: ”خانواهڻ ۾ ٿيندي.“

        پوءِ ڪيئن اسان پنهنجي حالتن ۽ ڪيفيتن تي ڪنٽرول ڪيو. ڪيئن انهيءَ المناڪ ۽ دکدائڪ واقعي کي سمجهڻ ۽ قبولڻ لاءِ تيار ڪيو، اهي اسان جون دليون ڄاڻن ٿيون.

        ڊاڪٽر نجم عباسي سڄي دنيا لاءِ هڪ اديب هو، ڪهاڻيڪار هو، هڪ مها پرش (ڀلوانسان) هو، هڪ همدرد ڊاڪٽر هو، ۽ الائي ڇاڇا هو، پر هُو ته اسان جي گهر جو وڏڙوهو، اسان جي گهرن جي هر ڀاتيءَ جو آئيڊيل هو ۽ ڪنهن جي گهر مان ڪو ’وڏڙو‘ گذر ڪري ويندو آهي ته ڄڻ اهو گهر ڇت کان محروم ٿي ويندو آهي.

        هُو بي نانءُ ڇانوَ هئي، جيڪا سڄي سنڌ لاءِ هئي، رڳو اسان لاءِ ئي ته نه هئي.. ڇا سچ پچ هُو گذاري ويو هوندو!

        ضراب حيدر پنهنجي ڪار ڪڍي. اسان جو رخ خانواهڻ ڏانهن هو. ضراب مون کي آٿت ڏيندي چيو، ”ائين نه سمجهه ته تنهنجونجم عباسي مري ويو آهي. هُو اسان سڀني جو هو ۽ اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو. ڏس مان به آهيان نه ... هينئر پاڻ کي نه سنڀاليان ها ته ڊرائيونگ به ڪري نه سگهان ها. مون ڀريا سِٽي علي اظهار کي فون ڪري ڇڏي آهي، اهُو به اسان سان گڏ هلندو.“

        اسان دوڙ، ٻانڌي ۽ فيض گنج واري رستي کان وڃي رهيا هئاسون . اسان جا دماغ ڊاڪٽرنجم عباسيءَ جي يادگيرين کي سميٽڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ مصروف هئا.

        مون کي ته هر اها طويل توڙي مختصر ملاقات ياد پئي آئي، جنهن ۾ مون هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جا ويچار معلوم ڪيا. مون وٽ جيڪي به اديب/ ادب دوست يا غير ادبي دوست ايندا هئا ته آءٌ انهن کي ڊاڪٽر نجم عباسيءَ ڏانهن وٺي ويندو هئس ۽ وڃي کين پنهنجي آئيڊيل شخصيت سان ملائي، سندس اڪيلائي شيئر ڪندو هئس ۽ اهوئي ڪم يوسف به ڪندو هو.

        مون کي ياد آهي، مون ساڻس پهرين ملاقات ڪرڻ کان پوءِ سندس 65 هين جنم ڏينهن جي حوالي سان هفتيوار ”سنڌو“ ۾ ڪالم لکيو هو. اڄ اهو ڪالم فائيل مان ڪڍيواٿم، ڪالم مون کي ٻڌائي ٿو:

” ... ڊاڪٽر ( نجم عباسي) صاحب سان ملاقات ڪرڻ جو ارمان هڪ ڊگهي عرصي کان اندر ۾ سانڍيل هئم. نيٺ اُها آس به پوري ٿي. اهو ڏينهن 17 سيپٽمبر 1992ع جو هو... ان ڏينهن آءٌ ٺيڪ ٽيويهين ورهين( جي ڄمار جا ) وارا ڦاٽڪ ڪراس ڪري آيس ...

” ... دوست يوسف سنڌي پنهنجي جيپ مان لٿو. برٿ ڊي گفٽ ڏيندي چيائين، ’اڃان سرپرائز گفٽ رهيل آهي‘... آءٌ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر نجم سان باضابطا ملي رهيو هئس ...

ڊاڪٽر نجم عباسي جڏهن اسان سان مليو ته پنهنجي روايتي انداز ۾”جيئي سنڌ“ چئي مليو... يوسف منهنجو تعارف ڪرايو، ”هي طارق قريشي آهي.“ هڪدم بي اختيار چيائين، ”اڙي سائين! توهان سان ملڻ لاءِ ته مان بيتاب هئس. توهان جون ڪهاڻيون پڙهندو آهيان، مون کي توهان جون ڪهاڻيون وڻنديون آهن.“ ڊاڪٽر صاحب جي امالڪ ساراهڻ تي آءٌ سندس وسيع القلبيءَ جو قائل ٿيس، نه ته اهو رواج پاڻ وٽ ڪٿي آهي... هن ڏاڍي پيار ۽ قرب وچان کوڙ ڪچهري ڪئي.. ڪچهريءَ دوران ڊاڪٽر صاحب مون کي چيو ته مان سڄي عمر ڪهاڻيون لکندو رهيو آهيان، منهنجو موت به ڪهاڻي هوندو.“ چيم ته ”اوهان وٽان زندگي پاڻ ڪلپنائون هٿي وٺي، اوهان موت جون ڳالهيون نه ڪريو.“ چيائين، ”موت هڪ حقيقت آهي ۽ منهنجو موت هڪ ڪهاڻي هوندو، اها ڪهاڻي توهان لکجو ...“

(هفتيوار ”سنڌو“ 7 کان 13 آڪٽوبر 1992)

        ها ، اهو عجيب اتفاق آهي ته آءٌ نجم عباسيءَ سان پهريون ڀيرو پنهنجي جنم ڏينهن 17 سيپٽمبر تي مليو هئس ۽ اهو سال 1992ع هو ۽ منهنجي ساڻس آخري ملاقات سندس جنم ڏينهن 18 آڪٽوبر 1995ع تي ٿي هئي.

        ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي 67 هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ مون، يوسف ۽ جاويد سحر 1994ع ۾ وڏو پروگرام رٿيو هو، پر اُهو پروگرام عمل هيٺ اچي نه سگهيو. پر هن ڀيري ضراب حيدر، يوسف سنڌي، ممتاز بخاري، علي اظهار ۽ مون جيڪو پروگرام ٺاهيوهو، ان کي تاريخ ۾ جڳهه وٺڻي هئي.

        هونئن ته ڊاڪٽر نجم عباسيءَ سان جلدي جلدي ملاقاتون ٿينديون هيون پر آخري ٻن مهينن ۾ خبر ناهي ڇو اسان سڀني دوستن کي ڊاڪٽر نجم عباسيءَ سان تمام گهڻي ويجهڙائي ٿي هئي.... شايد هُو اسان کان وڃڻ وارو هو، يا ائين هو ته هُن تي فالج جو هڪ زبردست اٽيڪ ٿيو هو ۽ هُو بنهه لاچار ٿي پيو هو ۽ نظر تي به اثر پيو هئس، ان ڪري به اسان کي سندس خيال ٿيندو هو. نظر جي تڪليف جي شڪايت ڪيائين ته مون هن آٿت ڏيندڙ مسيحا کي آٿت ڏيندي چيو، ”گهٻرايو ڇو ٿا، آءٌ روزانو ايندس ۽ اوهان کي، جيڪو ڪتاب چوندا، پڙهي ٻڌائيندس.“

        ته کلي چيائين، ”پر مون کي لکڻو به آهي.“

        18 آڪٽوبر 1995ع تي ضراب حيدر، نواب شاهه مان خاص طور تي مووي ڪيمرا کڻي آيو هو. ان کان اڳ ۾ مون ۽ يوسف، ڪجهه دوستن کي به دعوت ڏئي ڇڏي هئي. خاڪي جويي کي خاص طرح سان نينڍ ڏني هئي. ڀاءُ نصير مرزا کي به ٽيليفون تي تاڪيد ڪيو هو. ڪجهه دوست، اُن ڏينهن صبح جو ئي ڊاڪٽر صاحب کي ”جنم واڌايون“ ڏيڻ ويا هئا.

        يوسف سنڌي ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ هلي وڃي کيس جنم واڌايون ڏنيون. ڊاڪٽر صاحب يوسف سنڌيءَ کي پنهنجا لکيل سڀ اڻ ڇپيل ڪتاب ڪڍي ڏنا ۽ چيو ”کڻي وڃ، هاڻ اهي تو وٽ هجن، تون جڏهن وڻئي ڇپائجانءِ.“

        يوسف سڀ مسودا کڻڻ بدران ڊاڪٽر صاحب جي مروت جو خيال ڪندي ۽ آٿت ڏيندي چيو، ”في الحال هي ٻه مسودا: ”ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري“ ۽ ”هڪ انقلابي ( چو. اين. لائي) جي ڪهاڻي“ کڻي ٿو وڃان، ٻيا پوءِ وٺندس.“

        ڊاڪٽر صاحب ته گهڻوئي زور ڪيو، پر يوسف ٻيهر جي وعدي سان اهي مسودا واپس ڪيا، جو يوسف جو خيال هو ته ڊاڪٽر صاحب شايد تمام گهڻو مايوس ٿي ويو آهي ۽ تنهن ڪري اهي سڀ شيون سندس حوالي ٿو  ڪري. ان ڪري هن ڊاڪٽر صاحب جي دل رکڻ لاءِ ٻه مسودا ورتا ۽ ٻيا ڪجهه ان آسري تي ڇڏيا ته ’يار زندهه صحبت باقي“وارو تاثر قائم رهي.

        ٻئي ڏينهن 18 آڪٽوبر نجم عباسيءَ جو 68 هون جنم ڏينهن هو. ممتاز بخاري، آءٌ ۽ يوسف ضراب حيدر جي ڪار ۾ نسيم نگر وڃي رهيا هئاسون. رستي ۾ تاج  جويو مليو ته کيس به سالگرهه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نينڍ ڏنيسين. تاج عذر ڏنو ته کيس محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن وڃڻو آهي. يوسف سنڌي ۽ ممتاز بخاريءَ کيس زوري هلڻ لاءِ چيو، سو اسان جي قافلي ۾ تاج جويو به شامل ٿي ويو.

        ڊاڪٽر صاحب جي گهر پهتاسين. ڊاڪٽر صاحب وٽ دوست گڏ ٿيندا ويا. ڊاڪٽر صاحب جو نياڻو۽ ڀاڻج الطاف جميل عباسي، حسب دستور ،اسان جو ميزبان به هو ۽ اُن ڏينهن سالگرهه واري تقريب ۾ مهمان به.

        ڀائيجان نصير مرزا اچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ اڃان دير ڪئي. پاڻ ڪيڪ آڻڻ جو ذمو کنيو هئائين.هڙتال سبب کيس ڪيڪ ۽ سواري دير سان مليا، پر ان وچ ۾ آءٌ، ممتاز بخاري ۽ ضراب حيدر وڃي قاسم آباد مان ڪيڪ وٺي آيا هئاسين. سالگراهه ۾ دير سان پوءِ ٻيا به دوست پهتا، جن ۾ احمد سولنگي، نصير مرزا، ماجد صديقي ۽ ٻيا دوست به هئا. ڪجهه دوست جلدي آيا هئا، انهن ۾خاڪي جويو،اشفاق کوکر، جاويد سحر ۽ سليم چنا به هئا.

        ضراب مُووي ڪيمرا تيار ڪئي. تقريب شروع ٿيڻ واري هئي ته اوچتو زوردار مينهن ۽ طوفان اچي ويو ۽ بجلي هلي وئي. انهن لمحن کي فلمبند نه ڪري سگهڻ جي ضراب جي دل جي حسرت دل ۾ رهجي وئي ۽ اها خلش اسان کي به رهندي.

        ان وچ ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي موجودگيءَ ۾ تاج جويي ۽ يوسف سنڌيءَ جو ادبي سنگت تي ڏاڍو جاندار بحث ٿيو ۽ دوستن حيرت مان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو ته ٻنهي جي موقف ۾ ڪافي هڪجهڙائي هئي. اوندهه ۾ چارجر لائيٽ جي سفيد روشنيءَ ۾ تمام گهڻي انتظار کان پوءِ، بجلي نه اچڻ ڪري، مجبوراً تقريب کي شروع ڪرڻو پيو.

        تقريب ۾ تاج جويو ۽ نصير مرزا، سائين نجم عباسيءَ جي ڪيل ادبي پورهئي ۽ خدمتن تي ڏاڍي تفصيلي ۽ شانائتي انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيا.

        ان تقريب ۾ مون به ڳالهايو ۽ چيو ته ”اسان سڀني کي ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ ادبي قد بت ۽ ڪيل خدمتن جي خبر آهي، پر اسان اڄ هتي هي جيڪو پروگرام رکيو آهي، اُهو ڪنهن به ادبي جماعت جي پليٽ فارم تان ڪونهي پر اسان سڀني همدرد ۽ هم خيال دوستن طرفان آهي. ان ۾ اسان کي اهو سوچڻو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جو علاج ٿئي، جو هُو گذريل ڇهن ورهين کان فالج جي ڪري لاچار زندگي گذاري رهيو آهي. سرڪار هن کان اڳ ڊاڪٽر صاحب جي علاج لاءِ آسرو ڏنو هو، پر ڊاڪٽر صاحب کي رڳو آغا خان اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ داخل ڪيو هئائون ۽ قصو رڳو شروعاتي ٽيسٽن تائين محدود هيو! جيئن ته ڊاڪٽر صاحب پاڻ به ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري هُو ”الله چڱي ڪندو“ جهڙي آٿت واري روايت تي ته ٺيڪ ڪونه ٿيندو. اسان ۾ اڄ ڪجهه اهڙا دوست به هتي ويٺا آهن، جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهن ٿا.“

        آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب به ڳالهايو هو. سهڪي (دم) سبب ايترو ئي چئي سگهيو ته: ”منهنجي خواهش آهي ته سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪريو ۽ ان کي دفن نه ڪريو، پر سنڌي ادبي سنگت کي جيئاريو.“

        مون کي ياد آهي ته تقريب شروع ٿيڻ کان اڳ تاج ۽ يوسف ۾ بحث کان پوءِ يوسف هوريان هوريان ڊاڪٽر کي ڪن ۾ چيو ته ”توهان اسان کي ادبي سنگت بابت هدايت ڪجو.“

        تقريب ختم ٿي. سڀ ٻاهر نڪتاسين. پاڻ ۾ بيٺي بيٺي هڪ گڏجاڻي ڪئي سين ۽ اُن ۾ ترت اپاءُ وٺڻ جا ڪجهه فيصلا ڪيا ويا.

        ڀائيجان نصير مرزا چيو ته ”ٺيڪ آهي، ڊاڪٽر صاحب کي شروع ۾ آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ابتدائي خرچ وغيره لاءِ اڪيڊمي آف ليٽرس کي خط لکون ٿا. اتان پندرنهن ويهن هزارن جو چيڪ ملي ويندو. انهن پئسن مان ڊاڪٽر صاحب جو شروعاتي علاج۽ ٽيسٽون ٿينديون.“ احمد سولنگيءَ  تي ڪم رکيو ويو ته هُو وزير اعليٰ جو پي. آر. او. آهي، اُهو ڊاڪٽر صاحب جو ٻاهرئين ملڪ مان علاج ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺندو.  

        ان سلسلي ۾ تاج چيو ته سڀاڻي ئي خط جو مضمون لکي فيڪس ذريعي اڪيڊمي آف ليٽرس کي اُماڻيون ٿا. يوسف سنڌيءَ اها ذميواري قبول ڪئي ته هُو اسپتال ۾ ڊاڪٽر صاحب جو اٽينڊنٽ ٿي رهندو. اسان مان هرڪو اهو ئي پيو چاهي ته خدا ڪري هي جيڪو اسان سوچيون پيا، اهوڪري به سگهون.

        ٻئي ڏينهن 19 آڪٽوبر تي اسان ممتاز بخاري، ضراب حيدر ۽  آءٌ ريڊيو اسٽيشن تي وياسين. ممتاز بخاري ۽ تاج جويو، ”اڪيڊمي آف ليٽرس“کي خط لکڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ ڊرافٽ تيار ڪيو، پوءِ گڏجي ويهي نصير سارنگ جي مدد سان اهو ڊرافٽ انگريزيءَ ۾ لکيائون، جيڪو نصير مرزا فيڪس ذريعي اسلام آباد اُماڻيو.

        25 آڪٽوبر 1995ع تي اسان خانواهڻ پهتاسون. مون سوچيو ۽ تصور ڪيو هو ته رستي ۾ هر ايندر ڳوٺ جا ماڻهو اداس هوندا، هر چهري تي ماتمي ڪيفيت هوندي، هروڻ ٽڻ، پکي پکڻ ڏکويل هوندو، خانواهڻ شهر سڄو بند هوندو، ڪارا ماتمي بينر لڳل هوندا، خانواهڻ ۽ آسپاس جي سياسي تنظيمن جا شاگرد اڳواڻ سڀ تڏي تي آيل هوندا ،اديبن جون اکيون اشڪبار هونديون ... وغيره وغيره .

        پر ... هوٽلن جو ڪاروبار کليل هو. وي. سي. آر ۽ ڊش تي نشريات جاري هئي.ڪي به دڪان بند ڪونه هئا.گلوبل وليج ۾ رهندڙ خانواهڻ جا شهري وسيم اڪرم ۽ اظهرالدين کي سڃاڻن ٿا، پر کين نجم عباسيءَ جي خبر ناهي. اها ڪيڏي نه بي حسيءَ جهڙي ڳالهه هئي!

        تڏي تي ڪي به اديب ڪونه هئا، ڪي به سياسي ڪارڪن ڪونه هئا. ڪجهه دير لاءِ غلام نبي ناشاد ۽ پارس حميد نظر ته آيا هئا، پر انهن کي اسان آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيندي به ڪونه ڏٺو. ساهتي لئبرريءَ جا ڪارڪن، صحافي ۽ اتان جا اديب،گهٽ ۾ گهٽ هوٽلن تي وڄندڙ ٻيڙا ٻور قسم جي واهيات موسيقي ته ڪجهه دير لاءِ بند ڪرائين ها، جيڪا هرڏکويل جي هنيانءُ ۾ برڇي بڻجي لڳي  رهي هئي. ٻيو ڪجهه به نه ڪرائين ها،رڳو ادبي سنگت وارا تاثراتي رجسٽر ئي پنهنجي طرفان کڻي اچن ها، جيڪو پاڻ ڊاڪٽر صاحب جو ڀاڻج سرمد عباسي کڻي آيو هو. پر ائين ڇو ٿئي؟  هتي ته ائين ٿيو ته جيڪي ماڻهو ڇهن ورهين کان ڊگهي بيماريءَ دوران ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي پڇڻ ڪونه ويا،ڪا هڪ اڌ ٽيليفون به نه ڪيائون، انهن همراهن جي نالن سان اخبارن ۾ خبرون.....

        ”وڏو خال پيدا ٿي ويو ....“

        ”دکدائڪ وڇوڙو آهي ....“

        ” خال ڀرجي نه سگهندو...“

        ” هُو عظيم هو ...“

        ” هو قديم هو... “ (وغيره)

        ....... اهڙي رويي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟

        ٽيجهي تائين ڪوبه وڏو اديب يا سياسي ڪارڪن (سواءِ خاڪي جويي جهڙن مولائي ماڻهن جي هڪ قبيلي جي) نه پهتو. ڪهڙا ڪهڙا سُور پٽجن.؟

        اسان پنهنجي نجم عباسيءَ جي آخري ديدار کي ڪيڏي نه اندوهه ۽ غم سان لبريز دل سان ڏٺو هو! هُو، جنهن جا وارث اديب هئا،اهي سندس ڪلهي ڪانڌي به ڪونه ٿيا هئا!

        جنازي نماز پڙهڻ وقت به ڪنهن کي اها توفيق نه ٿي عيد گاهه جي ٻاهران هوٽلن تي وڄندڙ موسيقيءَ کي ٿوري دير لاءِ وڃي بند ڪرائي.

        جنازي سان گڏ يا تڏي تي لطيف يا سچل جا بيت پڙهڻ وارو ڪير ڪونه هو. ڪنهن به ڪلمي جو ورد ڪونه ٿي ڪيو، ڇو ته اڪثر ماڻهو اهڙا هئا جن سمجهيو ٿي ته: ”هڪ دهريو گذاري ويو آهي.“ هُو ته پنهنجي عشق ۾ عزازيل هو، جيڪو منجهان سڪ سبيل لال ٿي ويو هو. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو چهرو مرڻ کان پوءِ به ٻهڪي رهيو هو ۽ ان ۾ نور ٻري رهيو هو. ۽ رات جي اونداهه ۾ اسان اُن نور کي مٽيءَ ۾ پوري آياسين... هي اُهي لمحا آهن جو مون کان گهٽ ۾ گهٽ في الحال پوري ريت قلمبند نه ٿيندا.

        ڊاڪٽر صاحب اڪثر مون کي دوستن جي موجودگي ۽ غير موجودگيءَ ۾ چوندو هوته: ”منهنجو موت هڪ ڪهاڻي هوندو ۽ اها ڪهاڻي تون لکجانءِ.“

        ”ها منهنجا سپهه“ سالار! اڄ آءٌ اوهان جي موت جي ڪهاڻي لکان ويٺو. بلڪل مضمون واري انداز ۾ جيئن اوهان لکڻ پسند ڪندا هئا. سادي ٻولي هجي، سادا لفظ ۽ سادا جملا ... ڊاڪٽر صاحب! اوهان جي موت جي ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس ۽ ائنٽي ڪلائيميڪس اهو آهي ته اوهان جو ورهين تائين علاج نه ٿيو هو. سرڪار کي ڏاڍو چيو هئوسين. وقت جي هڪ وزير اوهان جي علاج جو اعلان به ڪيو هو، پر اوهان کي جنرل وارڊ ۾ رکي علاج ڪرڻ جو آسرو ڏيئي، وري اوهان کي واپس موڪليو ويو! ڄاڻڻ وارا ڄاڻن پيا ته شروعات ۾ مريض کي پنهنجو خرچ ڪرڻو پوندو آهي، پوءِ سرڪار اُهي وائوچرس وٺي ڏاڍي  دير ۽ ڊگهي مرحلي کان پوءِ ڏوڪڙ ڏيندي آهي. ها، اسان جي اها سرڪار، جنهن وٽ اسان جي ثقافت، ٻولي ۽ ادب جي لاءِ وڏا فنڊ رکيل آهن، اهي پنهنجي طريقي ڪار سبب اوهان کي ابتدائي علاج ۽ ٽيسٽن لاءِ ڪجهه روڪ رقم نه پئي ڏئي سگهي.... پوءِ اوهان جي مداحن، اوهان جي سالگرهه جي بهاني، اهو آواز اٿاريو. ڪجهه دوست گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيائون ته اڪيڊمي آف ليٽرس کان مدد وٺون ٿا. ان تي عمل به ٿي ويو. لکپڙهه ٿي وئي. ها، پوءِ هيئن ٿئي ها ته اوهان جون ڪراچيءَ جي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ چڪاسون ۽ تپاسون ٿين ها. ۽ پوءِ اوهان جي علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي سفارش ٿئي ها. ڊاڪٽر لکي ڏين ها ته هي مريض ٻاهرين ملڪن مان علاج ڪرائيندو ته ٺيڪ ٿي ويندو....  پر ڊاڪٽر صاحب! توهان کي خبر هئي ته توهان جو موت به ڪهاڻي هوندو... ها 19 آڪٽوبر تي فيڪس ڪيل خط جي جواب ۾ 25- آڪٽوبر 1995ع تي اڪيڊمي آف ليٽرس هڪڙو چيڪ موڪلي ڏنو... ۽ ڊاڪٽر صاحب! ها، اُن ڏينهن اوهان چيڪ جو انتظار به نه ڪيو ۽ اڳيئي هليا ويا...

        ڊاڪٽر صاحب! توهان پنهنجي موت کي واقعي ڪهاڻي بڻائي هليا ويا ۽ اها ڪهاڻي مونکي ڪيترو روئاڙيندي اوهان کي ڪير ٻڌائي؟

_ طارق قريشي

*

نصب العين تي ڪاربند _ نجم عباسي

        25 آڪٽوبر 1995ع سنڌ جي تاريخ جو اڀاڳو ڏينهن آهي، جنهن تي سنڌ جو آدرشي انسان ۽ امر ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسي اسان کان وڇڙي ويو.

        ڊاڪٽر نجم عباسي، 1941ع کان لڳاتار، اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو سنڌي ادب لاءِ ذهني پورهيو ڪيو. هن 350 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون ۽ سندس مختلف موضوعن ( ڪهاڻين، ناولن، ترجمن، مضمونن وغيره“) جا 30 ڪتاب ڇپيا.جڏهن ته سندس ٻه ڪهاڻين ۽ مضمونن جا ۽ هڪ آتم_ ڪٿا، ٽي ڪتاب اڻڇپيل رهجي ويا آهن.

        نجم عباسي هڪ عملي اديب هو ۽ هن زندگيءَ جا عملي ۽ اکين ڏٺا مشاهدا ۽ تجربا، ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻي،سنڌ  جي جيئري جاڳندي تاريخ کي قلمبند ڪيو آهي.

        نجم عباسي اهوڪهاڻيڪار/ اديب هو، جنهن نئين نسل کي اُتساهه بخشيو. هن سنڌي ادب کي نه رڳو ڪيترا سُٺا پڙهندڙ ڏنا، پر ڪيترن نوجوانن نجم عباسيءَ جي لکڻين مان اُتساهه وٺي لکڻ شروع ڪيو. ان حوالي سان هن سنڌي ادب کي نوان ڪهاڻيڪار به ڏنا.

        نجم عباسي هڪ سچو ۽ کرو شخص هو. هن زندگيءَ ۾ پنهنجي نظريي ۾ آدرش تي ڪنهن سان به ڪمپرومائيز نه ڪيو. هو سڄي ڄمار  نظرياتي ۽ آدرشي رهيو. هن جي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين سان وابستگيءَ عالم آشڪار هئي. ڪيترا ماڻهو زندگيءَ جي پوين ڏهاڙن ۾ نظرياتي حوالي سان قلابازيون کائي نقطه نظر تبديل ڪري وٺندا آهن، پر نجم عباسي، اُستاد بخاري ۽ عبدالله مگسيءَ وانگر آخر تائين پنهنجي نظريي ۽ زندگيءَ جي نصب العين تي قائم رهيو.

        ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادبي سنگت سان جذباتي حدتائين لڳاءُ ۽ وابستگي رکندو هو. هن پنهنجي 68 هين سالگره ( 18- آڪٽوبر 1995ع) تي، پنهنجي نسيم نگر واري گهر تي اسانکي جيڪا آخري وصيت/ هدايت ڪئي، اها هيءَ هئي ته : ” سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ۽ سلامت رکجو، ڇو ته اُها اسان اديبن جي سڃاڻپ آهي.“

        نجم عباسيءَ جي زندگيءَ سنڌ دوستيءَ جو عملي روپ هئي. هن جون لکڻيون ۽ هن جون ملاقاتون ان ڳالهه جون ساکي آهن ته هُن سنڌ جي جياپي ۽ سرهائيءَ واري سوچ سان آخر تائين نڀايو ۽ ان تي ثابت قدم رهيو.

        نجم عباسيءَ کي ٻين ڪيترن صدمن سان گڏ ٻه وڏا صدما رسيا:- (1) دهشتگردن طرفان لطيف آباد ۾سندس گهر تي قبضو ۽ ان جي گهر ۾ موجود لائبرريءَ جي ساڙ ٻار ۽ لُٽ ڦر (2) مٿس اڌ رنگ جو حملو، جنهن کانئس قلم ڇڏائڻ جي ڪوشس ڪئي.

        انهن ٻن واقعن هن جي زندگيءَ، ذهن ۽ جسم تي وڏا اثرڇڏيا. باوجود ايڏن وڏن صدمن جي هن پورا ڇهه سال،’اڌ رنگ‘ جي نُگري بيماريءَ سان منهن ڏنو ۽ هڪ خوددار قلم ڪار ۽ انسان وانگر آخري پساهه ڪنهن سرڪاري مدد ۽ علاج کان سواءِ ڏنا.

        نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ ۽ سماج جا زنده ڪردار هلندا گهمندا ۽ ساهه کڻندا محسوس ٿيندا هئا. ڏُک اهو آهي ته سال 1995ع اسان کان جيئرين جاڳندين ۽ ساهه کڻندڙ ڪردارن جي ڪهاڻين جي خالق جنم عباسيءَ کي کسي ورتو.

_تاج جويو

 

ڊاڪٽر نجم عباسي جي افساني جي هڪ مجموعي تي تبصرو ڪندي مون هڪ ميڙ ۾ چيو هو ته ڪنهن به ملڪ جي سماجي تاريخ کي ڄاڻڻ  سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان ملڪ جي افسانوي ادب جو مطالعو ڪجي، ڇاڪاڻ ته افسانوي ادب، ڊرامو،ناول ۽ افسانو هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن ۾ سماج جي سمورن مسئلن کي هڪ اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.

        ڊاڪٽر نجم عباسي افسانا لکيا ۽ ڪي ترجما به ڏنا. هن ۾ ايتري اهليت ۽ لياقت هئي، جو هو افسانوي ادب کان هٽي ڪري ڪنهن ٻئي موضوع تي پنهنجي قلم کي استعمال ڪري ها، پر هن کي پنهنجي اوسي پاسي جي زندگي ۽ سنڌ جي زندگيءَ  سان ڪو الستي قرب هو. هن ان کي هر رنگ ۽ هر روپ ۾ تمام ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ ان جا جيڪي اگرا رنگ روپ هئا، انهن هن جي حساس ذهن تي ڳوڙهو اثر ڇڏيو. هڪ تعليم يافته ۽ سڄاڻ انسان جي حيثيت ۾ هن پنهنجو پاڻ تي ڄڻ ته اهو فرض ڪري ڇڏيو ته پنهنجي سماج جي انهن اونداهن تهن تائين پهچي، انهن کي روشنيءَ ۾ آڻيءَ انهن خلاف شديد نفرت ۽ حقارت پيدا ڪري ته جيئن سنڌي سماج جي انهن خرابين ۽ بڇڙاين مان ڇوٽڪارو حاصل ٿئي جن ان سماج کي اڏوهيءَ وانگر کائي ناس ڪري ڇڏيو آهي.

        ڊاڪٽر نجم عباسي هڪ روشن ضمير ۽ اعليٰ خيالن وارو انسان هو. هن هميشه گهريو ٿي ته سنڌي سماج مان بڇڙايون ۽ برايون ختم ٿين، سنڌي سماج ۾ روشن خيالي پيدا ٿئي ۽ سنڌي سماج جديد تهذيب ۽ تمدن جي نعمتن سان مالا مال ٿئي. اهوئي ارادو ۽ اهائي خواهش هئي ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي، جنهن هن کان ڪيترائي بيمثال افسانا ۽ ناول لکايا ۽ جيڪي هاڻي هن جو هڪ املهه يادگار آهن.

_ مُراد علي مرزا

*

هڪ وڏو انسان

 

جيتوڻيڪ سائين نجم عباسيءَ تي سندس وفات کان صرف ٻه ڏينهن اڳ منهنجو هڪ مضمون جاڳو اخبار ۾ ٽن قسطن ۾ ڇپجي چڪو آهي ۽ ان کان سواءِ سندس هڪ ڪتاب ” منهنجي پنهنجي ڪهاڻي“ تي سندس ئي خواهش مطابق منهنجو هڪ مهاڳ به لکيل آهي، مان چاهيان ٿو ته مهاڳ ۾ پيش ڪيل سائين نجم عباسيءَ بابت منهنجن خيالن کي هِت ورجايان ته ڪو عيب نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ منهنجا اهي خيال ئي ٿوريءَ گهڻي ڦير گهير سان سائين نجم عباسيءَ جي شخصيت ۽ فن جي صحيح ۽ حقيقي ترجماني ڪري سگهن ٿا.

        ”ڊاڪٽر نجم عباسي علم ۽ عقل کي پسند ڪرڻ وارو انسان هو. کيس عقيدي تي ٻڌل مافوق الفطرت ڳالهين کان بڇان ايندي هئي. هو هڪ پڙهيو ڳڙهيو اديب ۽ ڊاڪٽر هو ۽ سماجي سائنس جو ڄاڻو هو. هو خوابن ۽ خيالن ۾ رهڻ وارو نه پر انسانذات تي ڀروسو ڪندو هو؛ انهيءَ مان به پورهيت عوام تي وڌيڪ اعتماد  ڪندو هو. کيس ڄاڻ هئي ته انسان جيڪا هيءَ اڄوڪي ترقي حاصل ڪئي آهي؛ سا سندس صلاحيت ۽ پورهئي جي پيداوار آهي، ۽ ان جو اڄوڪو ترقي يافته شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه يا عقل سندس بازن جي پورهئي ۽ محنت جو مرهون منت آهي. هن پاڻ لکيو ته :

        ” خيال، ذهن ،خواب، سوچ، تصور، مايا يا روح سڀ مادي پيداوار آهن؛ يعني خيالي يا ذهني يا روحاني  شيون مادي مان اڀرن ٿيون. اهي شيون، جنهن مادي مان اڀرن ٿيون، سو دماغ يا مغز آهي. اهي شيون زنده دماغ جي مادي جون صلاحيتون آهن، ان ڪري جسماني موت سان گڏ دماغ، جو جسم جوئي حصو آهي، سو به مري وڃي ٿو ۽ ماڻهوءَ جي روحاني حياتيءَ جو به خاتمو ٿي وڃي ٿو“ ( منهنجي پنهنجي ڪهاڻي)

سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي کان پوءِ جتي وڏن وڏن ترقي پسند اديبن ۽ دانشورن جا دماغ ٽڙڪي پيا آهن، اتي کاٻيءَ ڌر جي سياسي دنيا مان وڏا وڏا سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ به پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن. پر ڊاڪٽر نجم عباسي، باوجود فالج جي خطرناڪ حملي ۽ شگر جي مريض جي، ذهني ۽ روحاني طرح پڇاڙيءَ تائين صحيح، سالم ۽ سگهارو بيٺو رهيو. انهيءَ جو بنيادي سبب اهو آهي جو هن پهرئين ڏينهن کان وٺي پنهنجيءَ تخليق کي ڪنهن مڃتا، مشهوريءَ يا اجوري جي واسطي نه پر پنهنجي عوام، قوم ۽ ڌرتيءَ جي فڪري مفادن سان ڳنڍي ڇڏيو هو. هو ڪالهه به ڌرتيءَ ۽ عوام جو تخليقڪار هو ۽ پڇاڙيءَ تائين ڌرتيءَ ۽ عوام جو سرجڻهار رهيو. هو ڄاڻندو هو ته سرمائيداريءَ ۾، جيئن ٻي هر ڪا شيءَ منڊيءَ لاءِ هوندي آهي. تيئن ادب ۽ فن منڊيءَ جو مال بنجي ويندو آهي، ڇو ته ادب، فن ۽ تخليق کي پئسي جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ۽ پروڙيو ويندو آهي ۽ فنڪار يا تخليقڪار پنهنجي فن کي سرمايي جي معيار تي تخليق ڪندو آهي. کيس جنهن نموني جي تخليق مان وڌيڪ پئسن ملڻ جي اميد هوندي آهي، هو ان نوعيت جو ادب ۽ فن تخليق ڪندو آهي.

سرمائيدارانه سماج ۾ هيءُ جيڪو تخليق جي آزاديءَ جو هٿرادو ڍنڍورو پٽيو وڃي ٿو، سو رڳو هڪ فريب آهي. سرمايي ۽ پئسي جو مالڪ استحصالي طبقو آهي. هو بازار مان اهائي تخليق خريد ڪندو، جيڪا سندس طبقاتي فڪري مفادن جي ترجماني ڪندي. اهڙيءَ طرح اديب ۽ فنڪار کي تخليق جي آزاديءَ جي نالي تي پئسي جي پنجوڙ ۽ سرمايي جي سنگهرن ۾ سلهاڙيو ويندو آهي. تخليقڪار پنهنجي مادي ضرورتن جي پورائي ۾ سرمايي پسنديءَ جو شڪار ٿيندو ويندو آهي؛ هو پنهنجي آزاد شعور۽ ادراڪ جي بجاءِ سرمايي پسند شعور جي گهرجن مطابق، پنهنجي سرجڻهار سرگرمين کي جاري رکندو آهي، ۽ تخليقڪار جي پئسي جي چوس جيئن جيئن وڌندي ويندي آهي، تيئن تيئن هو سرمايي جو غلام ٿيندو ويندو اهي، ۽ پوءِ اها سرمايي جي غلامي ئي تخليقڪار کي عوامي مفادن کان اوپرو بنائي ڇڏيندي آهي، ۽ هو هڪ مافوق الفطرت شيءَ ٿي پوندو آهي، جنهن تائين عوام جي رسائي ۽ پهچ ناممڪن ٿي پوندي آهي، ۽ هو هڪ مافوق الفطرت شيءَ ٿي پوندو آهي، جنهن تائين عوام جي رسائي ۽ پهچ ناممڪن ٿي پوندي آهي ۽ هو خالص استحصالي طبقي جو اديب بنجي ويندو آهي.

سائين نجم عباسيءَ جي عظمت انهيءَ ۾ آهي ته هُن پئسي کي اڳيان رکي نه لکيو آهي. هن جو ڪجهه به لکيو آهي، اهوعوام جي محڪوميت کي اڳيان رکي لکيو آهي ۽ ٻيو پنهنجي نظريي ۽ فڪر سان سچائي کي سامهون رکي لکيو آهي. اهوئي سبب آهي، جو سندس لکڻين کي بازاري ادب جي تارازيءَ ۾ توري نٿو سگهجي. هن جي به رنڍا روڙيا آهن، سي من ۾ محبت پائي لکيا آهن، پر چت ۾ چاوت پائي نه لکيا آهن.

ضمير جي سچائي ۽ دل جي گهرائيءَ سان رڳو اهڙو ئي ادب تخليق ڪري سگهجي ٿو، جيڪو اديب جي پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي پيداوار ٿئي ٿو ۽ جيڪو اديب جي پنهنجي ذهن ۽ ضمير کي مطمئن ڪندو هجي. اهائي تخليق من ۾ محبت پائي لکي ويندي آهي. پر جيڪا تخيلق بازار ۽ پئسي جي معيار کي اڳيان رکي لکي ويندي آهي، اهاچت ۽ چاوت پائي لکي ويندي آهي. جيڪا بازار جي اگهه تي تخليق لکي ويندي آهي. اها عوام وٽ ائين نه اگهامندي آهي، جيئن پنهنجي ذهن ۽ ضمير ۽ شعور جي چوڻ تي لکيل تخليق اگهامندي آهي،جيڪڏهن اديب جي ذهن ۽ ضمير جو لاڳاپو عوام سان آهي ۽ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان آهي ته اها تخليق تاريخ ۽ عوام وٽ اڻ توري اگهامندي آهي،جنهن کي عوام ۽  تاريخ هٿو هٿ قبول ڪندا آهن.  اهڙي تخليق هڪ عظيم تخليق هوندي آهي ۽ اهڙي تخليق جو تخليقڪار، عظيم تخليقڪار هوندو آهي. اهڙو تخليقڪار پنهنجن تخليقن جي ذريعي هڪ تاريخ تخليق ڪندو آهي ۽ جيڪو تخليقڪار تاريخ تخليق ڪندو آهي، اهو مهان ساهتڪار هوندو آهي. ان جي تخليقي پورهيو تاريخ جو سڏ بڻجندو آهي، ۽ عوام جو آواز ٿيندو آهي اهڙوئي تخليقڪار پنهنجي دور جو هومر شيڪسپيئر، گوئٽي، پشڪن، ڪاليداس، شاهه لطيف، ٽئگور، پيبلونرودا، ٽالسٽاءِ، گورڪي، دوستو فسڪي، ڪرشن چندر، استاد بخاري، شيخ اياز ۽ نجم عباسي ٿي ويندو آهي، جيڪو روحن جي روشني ٿيندو آهي ۽ انسان ذات جو آئيندو ۽ اعتماد ٿيندو آهي ۽ اسان جو سائين نجم عباسي اهڙو ئي اديب آهي جيڪو جڳن تائين ياد رهندو، زندهه رهندو. اي لوڪو! پيار ڪيو ان انسان سان، جيڪو توهان لاءِ زندهه رهيو ۽ توهان جي لاءِ لکندو رهيو ۽ توهان جي لاءِ تڙپندو ۽ پچندو رهو. زندگيءَ ڀر ۽ پڇاڙيءَ تائين” جيئي سنڌ“ چوندو رهيو ۽ ”جيئي پورهيت“ چوندو رهيو. اهو توهان ۽ اسان جو يار، دوست ۽ گهڻگهرو 25- آڪٽوبر 1995ع تي گذاري ويو، پر پوءِ به هو حيات آهي ۽ زندهه رهندو.

_ خاڪي جويو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com