ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ
(قسط
4)
1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو
(ادب جي معروف صنفن ۽ متفرقه مضمونن جا ڪتاب)
سنڌي ادب جا محقق ۽ تاريخنويس چون ٿا ته جديد سنڌي ادب اهو ثمر
شيرين آهي،جنهن جو سَلو انگريزن لڳايو. اها حقيقت
آهي ته انگريز سرڪار سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي
جديد بنائڻ ۾ گرانقدر ۽ ساراهه جوڳا قدم کنيا هئا.
سندن ٻانهن ٻيلي چرچ مشنري سوسائٽيءَ جي ڪارڪنن ۽
سنڌي عالمن ۽ اديبن به کيرون لهڻيون، جن هن ڏس ۾
پاڻ موکيو. اهڙن آڳاٽن سنڌي ليکڪن جي اڪثريت
انگريزي خواندن سنڌي نوجوانن جي هئي. انهن تي
انگريزي پڙهيل هندستانين ۽ خود انگريز باشندن جي
فڪر، فهم ۽ تجربي جي ڇاپ هئي. انهن انگريزي ادب جا
شاهڪار پڙهيا هئا جن سندن سوچ جو دائرو نهايت وسيع
ڪيو، ايتري قدر جو آڳاٽن سنڌي اديبن ۽ عالمن، جن ۾
سرفهرست ميران محمد شاهه (اول)، اُڌارام ٿانورداس،
ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻي، ديوان ڏيارام گدومل،
نولراءِ شوقيرام آڏواڻي، ساڌو هيرانند، تاراچند
شوقير رام آڏواڻي، ليلارام وطڻمل لعلواڻي، شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ، شمس الدين ”بلبل“، مولوي
الله بخش ” اٻوجهو“ وغيره هئا، تن جديد سنڌي ادب
جي عظيم الشان عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو. انهن
شروعاتي ڏينهن ۾ سنڌي شاعريءَ جا شاهڪار جهڙوڪ
شاهه، سچل، بلڙي ۽ سامي جا رسالا ۽ گل، قاسم،
فاضل، خاڪي ۽ دلپت جا ديوان به ڇپجي سنڌي شائقين
جي هٿن تائين پهتا. ٻاهرينءَ دنيا جو ادب به چڱيءَ
تعداد ۾ ترجمو ٿي ڇپائيءَ جي زيور سان سينگار جي
سنڌي ادب کي مالا مال ڪرڻ لڳو.
سون تي سهاڳو سن 1885ع ۾ نمودار ٿيو. ان سال ڪراچي
مشن جي مهندار جي. جي . بئميرج جي اڳواڻيءَ ۽
سرپرستيءَ هيٺ هڪ ساهتيه سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ برپا
ٿي. هن سوسائٽيءَ جي ميمبرن ۽ گهڻگهرن ۾ يورپي ۽
هندستاني باشندا شامل هئا، مگر منجهائنس وڌ ۾ وڌ
لاڀ سنڌي نوجوانن پرايو. سال 1886ع ۾ هن سوسائٽيءَ
جا جملي 281 ميمبر هئا، جن مان 74 يورپي باشندا
هئا، جڏهن ته 207هندستاني ميمبرن مان اڪثريت سنڌين
جي هئي. هر اربعا شام جو مئڪس ڊينسو هال بندر روڊ
ڪراچيءَ ۾ هن سوسائٽيءَ جي وهڪ ٿيندي هئي، جنهن ۾
يورپي ۽ ڏيهي عالم ۽ اڪابر تقريرون ڪندا هئا،
ليڪچر ڏيندا هئا ۽ پيپر پڙهندا هئا. جديد ادب،
سياست ۽ سائنس تي بحث ۽ مباحثا ۽ خود بئمبرج جا
تقابل اديان تي ڏنل ليڪچر نوجوان سنڌين جي دل ۽
دماغ تي ڏاڍو اثر انداز ٿيا ۽ سندن ذهني بيداريءَ
جو باعث بڻيا. ان قسم جي تحريڪ پنهنجو رنگ لاتو ۽
نتيجي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي نهايت اورچ ۾ مخلص
ڪارڪن پلئه پيا،جن گذريل صديءَ ۾ سنڌي ادب جو پڪو
پختو بنياد وڌو. ڏسندي ئي ڏسندي سنڌي ادب جي معروف
صنفن ڪهاڻي ناول،ناٽڪ، شاعري ۽ انشاءِ سان گڏو گڏ
جديد سياست، اقتصاديات، فلسفي، نفسيات، قانون،
جديد سائنس، زراعت، طب ۽ سوانح وغيره تي سوين ڪتاب
لکي ڌرتيءَ جو قرض لاٿو ويو. اهڙن مضمونن تي سال
1900ع تائين راقم کي جن ڇپيل ڪتابن جي معلومات
حاصل ٿي سگهي آهي، تن جو تعداد 197 آهي، جيڪي
ايندڙ صفحن تي درج ڪجن ٿا. ممڪن آهي ته ٻيا گهڻا
ڪتاب هن درج ٿيڻ کان رهجي ويا هجن، تن جو پورائو
ڪرڻ هر سنڌي پڙهيل لکيل جو فرض آهي.
|