سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :21

خيالن جي مهڪ

(”محڪريءَ جا مضمون“- ڪتاب جو اڀياس)

       

علم ۽ دانش ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي ، ڪنهن هڪ قوم جي ميراث نه هوندا آهن، پراُهي سموري انسانيت جا گڏيل ورثا هوندا آهن.عالم ۽ دانشورَ، پنهنجيءَ قوم جي هوندي، جو کين هئڻ به گهرجي، سموريءَ انسانيت ۽ سموري عالم جو هوندا آهن. انهن جا خيال، سندن پنهنجا خيال هوندي به، سندن قوم جا ۽ گڏوگڏ پوريءَ انسانذات جا خيال هوندا آهن. اهائي ڳالهه، سنڌ جي برک دانشور، سائين محمد ابراهيم جويي، ڪتاب ”فڪر جي آزادي“ جي مهاڳ ۾ هن ريت لکي آهي ته ” خيال ڪنهن جا آهن، ان جو ويچار ڪرڻو ڪونهي، پر خيال ڪهڙا آهن، اصل ڳالهه ڳولڻ جي سمجهڻ جي ۽ سوچڻ جي اِها آهي.“

 (ص -8)

        ته اڄ آءٌ هتي علم ۽ دانش جي صاحب، نون مهڪ ڀرين خيالن جي خوشبوءِ پکيڙيندڙ دانشور جي. ايم مهڪريءِ جي خيالن جي خوشبوءِ سان اوهان جو دماغ خوشبودار بنائڻ جي ڪوشش ڪندس:

        جي. ايم مهڪري، سُر ۽ سنگيت، وديا، ۽ ويدانت جي ڀُوميءَ ڀارت جي شهر بئنگلور ۾ ڄائو هو، پر 1942ع کان وٺي سنڌ کي پنهنجو وطن، پنهنجو مسڪن، پنهنجو مدفن پنهنجو ”سڀڪجهه“ بنائي چڪو آهي. مهڪريءَ صاحب، بئنگلور کي 34 ورهين جي ڀرپور جوانيءَ ۾ خيرباد چيو هو ۽ ان حسين بئنگلور جي ياد جڏهن به کيس شدت سان ستائيندي آهي ته شيخ اياز جي لفظن ۾: ”اُن وقت هن جي اکين ۾ مُرڪ ائين چمڪندي آهي،جيئن وارياسي جي نٽهڻ اُس ۾ سج جا ترورا هرڻ جي اکين ۾ چمڪندا آهن ۽ هو ڪنهن ترائيءَ لاءِ واجهائيندو آهي.“

        واقعي بئنگلور جي ياد مهڪريءَ جي اکين ۾ مُرڪ جي اهڙي چمڪندڙ صورت اختيار ضرور ڪندي هوندي، جهڙي وارياسي جي نٽهڻ اس ۾ سج جا ترورا، هرڻ جي اکين ۾ پيدا ڪندا آهن. پر مون کي پڪ آهي سنڌ ۾ رهندي، سندس اها ياد، سندس اها پياس، مرگهه_ ترشنا واري ڪڏهن به نه رهي آهي، ڇو ته کيس نٽهڻ اُس ۾ ”ترائي“ سنڌ جي صورت ۾ ملي چڪي هئي. سنڌ، جنهن کي هن نه رڳو پاڻ ”جاءِ پناهه“ ۽ ”وطن“ سمجهيو هو،پر پنهنجن هجرت ڪري ايندڙ ڀائرن کي به مشورو ڏنو هو ته ” اردو ڳالهائيندڙن کي اهو محسوس ڪرڻ کپي ته سندن جاءِ پناهه ۽ سندن وطن سنڌ آهي ۽ هنن هندستان مان هجرت جي صورت ۾ جيڪا پنهنجي همت ۽ صلاحيت استعمال ڪئي هئي، سا هو هاڻي سنڌ جي عظمت، خوشحاليءَ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي وچ ۾ ڀائپيءَ جي اڀارڻ لاءِ استعمال ڪن.“ ( سنڌ ۾ ٻوليءَ جو مسئلو: 1971ع ۾ اخباري بيان)

        ته سنڌ کي ”امڙ سنڌ“ سمجهندڙ دانشور جي. ايم مهڪريءَ جي انگريزيءَ ۾ لکيل مضمونن کي، جيڪي مختلف اخبارن وغيره ۾ ڇپيا هئا، ڪجهه سال اڳ ترجمو ڪري، گڏي سهيڙي ڪتابي صورت ۾، ”محڪريءَ جا مضمون“ جي عنوان سان محمد ابراهيم جويي صاحب ڇپرائي پڌروڪيو هو.

        سائين محمد ابراهيم جويي هميشه اسان کي خوبصورت خيال، پوءِ اهي ڪنهن جا به آهن، ترجمي جي صورت ۾ پئي پهچايا آهن ۽ ترجما گهٽ، طبعزاد خيال وڌيڪ لڳندا آهن. ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادب جي وڏي ۾ وڏي محسن، مرزا قليچ بيگ، دُنيا جا ادبي شهپارا ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ کي مالا مال ڪيو هو، ۽ ورهاڱي کان پوءِ ترجمن جي اهميت سڀ کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪنهن محسوس ڪئي ته اُهو محمد ابراهيم جويو آهي. هن جا ترجما ايڏا ته اُوچي معيار جا آهن،جو انهن کي اصلوڪا تخليقي خيال سمجهڻ جو شڪ ٿيندو آهي.

        خود جويي صاحب جو چوڻ آهي ته ”انساني علم ۽ فڪر جي پکيڙ، دنيا اندر جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي، اوتري ٻئي ڪنهن ذريعي نه ٿي آهي... اسان جي سنڌيءَ ٻوليءَ کي ته عالمي ادب ۽ فڪر جي اتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ نه ته به لازمي طرح وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.“

        جويي صاحب جي ٻين سمورن ترجمن وانگر،هيءُ ڪتاب ”محڪريءَ جا مضمون“، پڻ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو لازمي طرح اسان جي علم ۽ دانش جي دنيا ۾ نون وڌارن جوڪارڻ بڻبو.

        جي. ايم مهڪريءَ مضمونن جي فڪري پهچ جي تجزيي کان اڳ، اسان لاءِ سندس نالو ئي وڏي معنيٰ رکي ٿو. مائٽن ته سندس نالو غلام محي الدين مهڪري رکيو هو، پر اڳتي هلي هن دانش ۽ ساڃاهه جي صاحب ان نالي سان ئي اختلاف ڪيو، ۽ جيئن چوندا آهن ته ” وڏن جون غلطيون ڪڏهن ڪڏهن ننڍا درست ڪندا آهن“، ان جيان مهڪري صاحب کي جڏهن پوريءَ طرح معلوم ٿي چڪو ته ” ڪنهن عرب پنهنجي نالي کي ڪڏهن به ”غلام“ جي اڳياڙي ڪانه ٿي ڏني، جيتوڻيڪ لفظ ”غلام“ خالص عربي لفظ آهي، ۽ وٽن خريديل ٻانهي ۽ ٻانهيءَ لاءِ مخصوص آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته لفظ ”غلام“ انهن ماڻهن جي ذهنيت جي ئي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي پنهنجن اڀاڳن ۽ بيوس معصومن جي پيشانيءَ تي ڳولي ڳولي اها مهر داغي ٿا ڇڏين“_ ته هن پاڻ کي ”جي. ايم مهڪريءَ“ ڪري سڏيو، جنهن مان هن جو مطلب” گلاب- موتيا- مهڪ“ آهي، ۽ جيڪو پورو دنيوي نالو آهي.

        جهڙيءَ طرح سائين محمد ابراهيم جويي، ”مهڪريءَ“ جي ”هه“ کي”ح“ ۾ بدلائي، ”محڪري“ بنائي ڇڏيو آهي، جيڪا معنيٰ مهڪري صاحب جي آزاد فڪر ۽ ان جي بيخوف اظهار جي نبست سان ”مَحڪ/ محَڪ (بمعنيٰ ”ڪسوٽي/ پئمانو“) وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت لڳي ٿي. واقعي جويي صاحب جي لفظن ۾: ”محڪري، پاڻ وٽ هڪ ڪسوٽي، هڪ سُڃاڻپ، هڪ پيمانو رکن ٿا_ کري ۽ کوٽي جو، روشنيءَ ۽ تاريڪيءَ جو، سچ ۽ ڪوڙ جو، ۽ ان خيال کان پاڻ اسان لاءِ هڪ ٻهڪندڙ روشن مشعل آهن.“ (ص – 10)

        مهڪري صاحب جي سمورن حڪمت سان ڀريل ۽ بي بدل مضمونن ۾ اسان کي ”نظريه ضرورت“ واري سوچ تي قلم جا ڪاري وارَ محسوس ٿين ٿا.

        اسان جنهن اندروني طرح ٻِٽي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ سماج ۾ رهون ٿا، ان سماج ۾ اسان وٽ، اسان سان جيڪي ڪجهه وَهي واپري ٿو، ان سموريءَ صوتحال کي علامتي، تاثراتي، تاريخي ۽ صحافتي انداز ۾، جنهن خوبصورت پيرايي سان مهڪري صاحب لکيو ۽ پيش ڪيو آهي، ان جو مثال ٻئي هنڌ مشڪل ملندو. مهڪري صاحب وقت ۽ حالتن تي گهري نظر رکي ٿو ۽ مسئلن کي سمجهڻ جي وٽس انوکي اک آهي _ ۽ وٽس مسئلن ۽ واقعن کي بيان ڪرڻ جو انداز ۽ ڏانءُ به پنهنجو آهي، جيڪو انداز ۽ ڏانءُ اختيار ڪرڻ سڀ ڪنهن جي وَس جي ڳالهه نه آهي. جنهن رنگ ۽ ڍنگ ۾ مهڪري صاحب مسئلن ۽ واقعن تي قلم آرائي ڪئي آهي،ساڳئي ئي ڍنگ ۽ انداز ۾ جويي صاحب سندس مضمونن جو ترجمو ڪري، ڪمال ڪيو آهي.

هن ڪتاب ۾ مهڪري صاحب جا 35 مختصر مضمون آهن، جيڪي مختلف وقتن تي ”ڊيلي نيوز“، ”ڊان“ ۽ ”مئگ“ ۾ ڇپيا هئا، ۽ جن جا ترجما، مختلف وقتن تي جويي صاحب، عبرت، ۽ آفتاب اخبارن ۾ پئي ڇپايا، ۽ جيڪي بعد ۾ عظمت پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيا هئا. هن مضمونن مان ڪجهه علامتي، ڪجهه تاثراتي، ڪجهه صحافتي ۽ ڪجهه تاريخي نوعيت جا مضمون آهن. هر مضمون پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي اهميت رکي ٿو، ۽ هڪ نئين معنيٰ، هڪ نئون مفهوم ۽ هڪ نئون خيال اسان کي مهيا ڪري ٿو.

        هن مجموعي جا ڏهه مضمون _ ”کير ڪيئن سفيد ٿئي ٿو؟، ”برائي، جيڪا ماڻهو ڪن ٿا“، ”ڳ _ٽ _ ب“، ”پاڪستان ۾ پنگلن لاءِ موٽرون“، ”حبشي حلوو“، ”زنجيرن تي زنجير“، ”جمهوريت جا ست جنم“، ”جمهوريت ڪيئن مارجي؟ ۽ ”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ اسان جي ڪرتائن ڌرتائن ۽ مُلڪي براين تي سٺي طنز ۽ تنقيد آهن ۽ هنن مضمونن ۾ جيڪا طنز ۽ ٺٺول سمائي، ملڪي ڪارپردازن تي مهڪري صاحب جلهه ڪئي آهي، سا ساراهه لائق آهي.

        ”کير ڪيئن سفيد ٿئي ٿو؟“ مضمونن ۾ عام کير واري کان وٺي مٿي تائين ڪهڙيءَ ريت بي ايماني ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ڪندي رهي  ٿي، ان جو خوبصورت نقشو چٽيل آهي. ”ڳ- ٽ - ب“ مضمون ۾ بجيٽ جا بکيا اڊيڙيا ويا آهن. ”پاڪستان ۾ پنگلن لاءِ موٽرون“ – مضمون ۾ قانون جي غلط عمل تي چٿر ڪئي وئي آهي. ”زنجيرن تي زنجير“، ”برائي، جيڪا ماڻهو ڪن ٿا“ ۽ ”جمهوريت“ وارن مضمونن ۾ تفصيلي ۽ تاريخي طرح مثال ڏئي هڪ طرف جمهوريت جي اهميت سمجهائي آهي ته ٻئي طرف جمهوريت خلاف سازش کي خوبصورت پيرايي ۾ وائکو ڪيو ويو آهي. ”ننڊ، ڊاڪٽر صاحبؤ ننڊ!“ واري مضمون ۾ اسان جي ڊاڪٽري دنيا جي غلط ڪارين تان پردو کنيل آهي ۽ ٻڌايل آهي ته ڊاڪٽر صاحب جيڪي ڳالهيون پنهنجيءَ صحت لاءِ ضروري سمجهن ٿا، تن مان ڪجهه جيڪڏهن مريضن لاءِ به سوچين ته هوند اهي اسپتالن ۾ ائين چڙي چڙي مري نه وڃن ۽ نه سندن بيماري اينگهه اختيار ڪري.

        ڪجهه علامتي، تاثراتي ۽ تاريخي مضمون، جن ۾ حڪمت ڀريل نڪتا بيان ڪيل آهن، اهي نئين نسل لاءِ واٽ جي لاٽ بنجي سگهن ٿا، جهڙوڪ:” جادوءِ جا عجيب ڪم“ مضمون ۾ لفظن جي جادوءَ، لفظن جي سگهه، آزاديءَ ۽ عزم جي قوت جو بيان آهي. ”سلام انهن تي، جي آزاد آهن“ عنوان واري مضمون ۾ آزاد ذهن انسانن جي عظمت بيان ڪيل آهي ۽ ٻڌايل آهي ته قابل نفرت حڪم کي نه مڃڻ گوياڪ پنهنجيءَ سگهه ۽ سرت سان انسان کي آزاديءَ جي گهربل هڪ ساهه عطا ڪرڻ جي برابر آهي.

        ”ڇا کٽولي جو موت نه کپي“ مضمون ۾ کٽ تي چڙي چڙي واهيات موت بدران جدوجهد ڪندي مرڻ واري عظيم موت جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

        ”يهوداه (Judas) صليب تي ڪيئن چڙهيو؟“ مضمون ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪردار کي بيان ڪيو ويو آهي، جيڪي قومي محسنن ۽ قوم سان غداري ڪرڻ جي باوجود، ڌاري وٽ به مانُ نٿا لهن ۽ سندن ظلم جو نشانو بنجن ٿا.

        ”ڏوهه ڪهڙو ۽ ڪنهن جو؟“ مضمون ۾ اهو حڪمت ڀريو نڪتو سمجهايو ويو آهي ته جيڪڏهن رڍون نه بڻجون ته هو بگهڙ ٿي نٿا سگهن.

        ”ذهني عصمت فروش“ مضمون ۾ انهن اديبن ۽ دانشورن کي وائکو ڪيو ويو آهي، جيڪي هر وقت پنهنجي قلم ۽ ذهن جي عصمت وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن.”شهادت ۽ قيامت“ مضمون ۾ ڏيکاريل آهي ته حق ۽ آزاديءَ جي راهه ۾ مري ويل انسان اَمر/ سدا حيات آهن. ”زندگي ۽ جنم قيد“ ۾ سدا سجاڳ، بهادر ۽ آزاد انسانن جون وصفون بيان ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ”انهن لاءِ زندگي، فقط زندگي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن اُها ”جنم قيد“ نه هجي.

        ”محڪريءَ جا مضمون“ ڪتاب جا آخري ٽي آرٽيڪل وڏي اهميت رکن ٿا. ” سنڌ ۾ ٻوليءَ جو مسئلو“، 1971ع  ۾ جي. ايم. مهڪريءَ جي ڏنل ان اخباري بيان جوترجمو آهي، جنهن ۾ هن روشن ضمير انسان ٻوليءَ جي مسئلي تي چٽو ۽ کرونقطه نظر پيش ڪندي، هندستان مان هجرت ڪري آيل ماڻهن کي سنڌ ڌرتيءَ جو ٿي وڃڻ جو مشورو ڏنو آهي. ” سنڌ جون نياڻيون“ مضمون ۾ هن سنڌ جي نئي ٽهيءَ جي عورتن جيانئين جاڳرتا واري جذبي کي واکاڻيو آهي. ”ڇا اسان جو نوجوان اڳواڻيءَ کا محروم آهي؟“ عنوان وارو مضمون واقعي اسان سڀني لاءِ هڪ سوال آهي ۽ ان سوال جو جواب مهڪري صاحب مختصر پر جامع لفظن ۾ هن طرح ڏئي ڇڏيو آهي ته ”عظيم شخصن جي زندگين جو مطالعو اسان لاءِ پنهنجيءَ عطمت ڏانهن  ويندڙ ويجهي ۾ ويجهو رستو آهي، ان ڪري نوجوان بي اڳواڻ ڪيئن ٿا رهي سگهن. هو ته پنهنجا اڳواڻ پاڻ آهن.“

        هيءُ ڪتاب، بي بها ۽ بي بدل حڪمت جي نڪتن تي ٻڌل ڪتاب آهي. مون مختصر مطالعي ذريعي ڪتاب مان ڪجهه ڪوٽيشن نوٽ ڪيا آهن، جيڪي مهڪريءَ جا پنهنجا ۽ ٻين دانشمندن جا خيال آهن، ٻڌو ۽ لاڀ حاصل ڪيو:

        ـ آلفريد ڪورزسڪيءَ (پولينڊ جي رهاڪوءَ) جو خيال آهي ته ٻوٽا، ”توانائي گير“ آهن، سڀ ساهوارا ”مڪان گير“ آهن،  ۽ ماڻهو ئي سڄيءَ مخلوقات ۾”زمان گير“ آهي.

        ـ فقط ماڻهوئي ”وقت کي سانڍي ٿو“ _ هُوئي فقط هُو ئي آهي، جنهن لاءِ ماضي، حال ۽ مستقبل هڪ لاڳيتي ۽ اٽوٽ شيءَ آهي._ (ص 25)

        ـ ”اوسيزر! مون کي معاف ڪج! جنهن پوري ارادي سان مان پاڻ کي ماريان ٿو، ان جي اڌ جيترو ارادو به مون کي تنهنجي مارڻ جو نه هو.“ ( سيزر جي قاتل، بروٽس جا، خودڪشيءَ ڪرڻ وقت چيل لفظ _ ص 75)

        ـ ”جمهوريت کي مارڻ لاءِ اول اول انساني فطرت کان مايوس ۽ ان جي اظهار تي بي صبر ٿيڻو پوي ٿو ۽ انسانن کي انساني درجي تان هيٺ لاهي، جانور بنائڻ جو فيصلو ڪرڻو پوي ٿو.“ (ص 79)

        ـ ”سچ پچ جمهوريت جڏهن مري ٿي، ان کان پوءِ ٻيو ڪونه ٿو بچي. ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جو ماڻهپو، پهرين ان سان گڏ مري ٿو.“(ص 81)

        ـ هر دڙٻاٽي (Bully) ڪانئر هوندو آهي (ص 115)

        ـ لفظ جو معجزو، لفظ جو جادو، سچ پچ ته عجيب ڪم ڪري ٿو. (145)

        ـ”پڙهه ڦٽڻ کان اڳ، گهاٽيءَ اوندهه جي به گهڙي ايندي آهي ۽ مسافر کي کپي ته نامراديءَ جي بحر مان لنگهندي، پنهنجي دل نه لوڙهي، ڇو ته روشنين جو شهر سامهون آهي“ _ (جان بينان جي ڪتاب ”زيارتيءَ جو سفر“مان ورتل_ ص 172)

        ـ قابل نفرت حڪم ڏيڻ کان بدتر ڳالهه قابل نفرت حڪم کي مڃڻ. (ص 181)

        ـ جڏهن غلام سوچڻ شروع ڪندا آهن، تڏهن غلاميءَ جي خاتمي جي شروعات ٿيندي آهي.“ (ص 181)

        ـ ”سلام آهي انهن تي، جي آزاد آهن.“ (ص 182)

        ـ زنجير ايتري ئي مضبوط هوندي آهي،جيتري ان جي سڀ کان ضعيف ڪڙي.“ ( ص 184)

        ـ ذهني عصمت فروش (اهو آهي) جنهن وٽ ذهن جو يعني علم ۽ عقل جو وکر هوندو آهي، وڪري لاءِ .“ (ص 189)

        ـ ذهني عصمت فروش، اچتو اوچتو، خاص طور انهن حلقن وٽ ڏاڍا پيارا ۽ مقبول ٿي ويندا آهن، جن جو پهريائين ”قلم جي طاقت“ ۾ اعتبار ئي نه هوندو آهي ( ص 189)

        ـ ”غلام ذهن عورتون هر گز آزاد مرد ڄڻي ۽ نپائي نه سگهنديون. غلام ذهن عورتون، ڄڻينديون ۽ نپائينديون ته فقط پاڻ بچائيندڙ مرد، وڙهڻ کان اڳ آڻ مڃيندڙ مرد، اذيت پسند ۽ روئڻا مرد. “ _ (ص 233)

        ـ تقريرون ڪيتريون به عظيم ۽ لافاني هجن، ڪافي نه آهن، جيسين تائين انهن جي پويان طاقت، ارادي ۽ عمل جي تدبير نه آهي. (ص233)

        ـ نه ڪجهه چئو، ڇاڪاڻ ته ٻُڌ چوي ٿو،

        نه ڪجهه ڪريو، ڇاڪاڻ ته ٻُڌ ڪري ٿو.

        نه ڪجهه سوچيو، ڇاڪاڻ ته ٻُڌ سوچي ٿو.

        پر چئو، ڪريو ۽ سوچيو. ڇاڪاڻ ته اوهان جو عقل اوهان کي ائين ٻڌائي ٿو“ گوتم ٻُڌ.

        ـ پاڻ ڄاڻڻ، پنهنجو مان پاڻ ڪرڻ ۽ پاڻ پنهنجي وس رکڻ _ خودشناسي، عزت نفس ۽ خود ضابطگي _ اهي ٽي گُڻ ماڻهوءَ کي سلطاني سهاڳ جي چوٽيءَ تي رسائين ٿا.“ _ انگريز شاعر ٽينسن( ص 245)

_تاج جويو _

ڊاڪٽر مهڪري

 سنڌ ۾ ٻوليءَ جو مسئلو _

 

سنڌ جي پنهنجي زبان سنڌي آهي، جيڪا پنهنجي اثر ۽ سواد ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. اُها دنيا جي عظيم شخصن ۽ سنڌ جي سَنت ڪوين (Saint-poets) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست، ۽ ساميءَ جي امر ۽ لافاني خيالن جي وسيلن جو ذريعو آهي.

هيءَ ٻولي سنڌ جي غريبن ۽ اميرن، شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻولي آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجن خيالن جواظهار هن عوام جي ٻوليءَ ۾ ڪيو، انهيءَ ڪري هو اڻ پڙهيل عوام توڙي اعليٰ تعليم يافته طبقي ۾ هڪجهڙو مقبول آهي، ۽ هن جي اعليٰ انساني فڪر ٻنهي کي هڪ اَٽُوٽ ڀائپيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ انهن ۾ ڪي به اهڙا ثقافتي ويڇا ڪونه رهيا آهن، جيڪي عام طور تي ٻين سوسائٽين ۾ موجود هوندا آهن. ان ڪري سنڌي ٻولي هڪ مڪمل سماجي جمهوريت جي زبان آهي.

        ان کان سواءِ ورهاڱي جي صورت ۾ لڏي آيل سنڌ جي نئينءَ آباديءَ جو هڪ حصو پاڻ سان گڏ هڪ اهڙي زبان کڻي آيو آهي، جيڪا پڻ هڪ ادبي ۽ لساني ورثي جي مالڪ آهي، ۽ اتي اها هندستان جي هڪ چڱي حصي جي باهمي رابطي جي زبان جي حيثيت سان به ڪم ايندي هئي، ۽ انکي هتي مرڪزي طور وڏي پذيرائي به مليل آهي.

        سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن کي هڪ وڏي تعداد ۾ پناهه ڏني ۽ ڪوبه سنڌين جي ان احسان جو پورو بدلونٿو ڏيئي سگهي.

        انهن نون آيلن لاءِ ۽ انهن جي نسلن لاءِ سنڌ مادر وطن آهي ۽ ان جي زبان، ثقافت، ان جا جذبا، ان جا احساس ۽ ان جا امنگ سندن پنهنجا آهن، ۽ جيڪڏهن هو پاڻ سان هڪ تاريخي ورثي جي ٻي زبان به کڻي آيا آهن ته ان سان سنڌ جي اصلي زبان ۽ اصلي تهذيب ڏانهن سندن ذميوارين ۾ ڪوبه تفاوت ڪونه ٿو پوي.

        سنڌ جي عوام پڻ سندن زبان جي ڪا مخالفت نه ڪئي آهي ۽ سنڌ جي دانشورن کي ان جي وسعت جو احساس آهي ۽ ان لاءِ  سندن  جذبن جو انهن کي شعور آهي. هُنن پنهنجي زبان جي بچاءَ لاءِ پنهنجي مادر وطن جي قرباني ڏني ۽ هو مهاجر بڻيا ۽ پنهنجن وڏن جي تاريخي ورثي کي بچائڻ لاءِ پنهنجن وڏن جي قبرن کي ڇڏي آيا ۽ جنهن ڳالهه لاءِ انهن قرباني ڏني آهي سا کين برابر ڏاڍي پياري آهي.

        پر جيڪڏهن ان حالت ۾ هنن اردو ڪنهن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو اردوءَ سان وڏي ۾ وڏيءَ دشمنيءَ جو ثبوت ڏيندا _ حالانڪ ان ۾ڪو شڪ ڪونهي ته هنن جي دل ۾ اها خواهش هوندي ته جنهن شيءِ لاءِ هنن قرباني ڏني آهي تنهن کي وڌائين ۽ ويجهائين. پر جيڪڏهن معاملي جي تهه تائين پهچڻ بدران رڳو ڪناري تي بيهي معاملي کي الجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ته ڪنهن جوبه ڀلو نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪنهن باقاعدي منصوبي جي ذريعي اردوءَ کي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي،  ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪا مخالفت ٿي، جا ٿيڻي ئي آهي، ته اُهي ئي ائين ٿاڦڻ ۽ مڙهڻ وارا، اردوءَ جي انهن آئينده نسلن جي نقصان جا ذميوار ٿيندا، جن ويچارن جو   ان ۾ ڪوبه هٿ نه هوندو. جيڪڏهن هنن جي مادري زبان کي ان حالت ۾ نقصان پهتو، جنهن حالت ۾ هنن جي زبان جي ترقيءَ جا هونئن موقعا به موجود آهن، ته ان صورت جي ذميواري به انهن تي عائد ٿيندي .

        اردوءَ جي انهن حامين ،جن 23 سال اڳ ۾ هتي اچي پناهه ورتي هئي، تن کي هتان جي ماڻهن جي ٻوليءَ _ سنڌيءَ جي عظمت جي خبر ڪانه هئي، ۽ هو ان جي عظمت، ميٺاج، صلاحيت ۽ سگهه کان قطعي غير واقف هئا، ڇو ته اهي هندستان جي اهڙن حصن کان آيل هئا، جتي کين سموري زندگيءَ ۾ سنڌيءَ جي باري ۾ اِهو پتو ئي ڪونه هو.

        ان کان پوءِ هنن 23 سالن ۾ سنڌ جي هڪ نئين عظمت اڀري آئي آهي، سنڌي زبان جي ترقيءَ جي باري ۾ ان قدرئي هڪ جاندار ۽ نئين سجاڳي وجود وٺي چڪي آهي. سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ته مهاجرن جا ٻار سنڌي ڳالهائين ٿا. ۽ رڳو ٿوري عرصي جي دير آهي جو هوپاڻ ۽ انهن جا ٻار پنهنجين صلاحيتن جو اظهار ان زبان ۾ ڪري سگهن. سنڌ ۾ رڳو ڪجهه اردو آباديون اهڙيون آهن، جتي اها صورتحال نه آهي. مختصر لفظن ۾ هيئن چوڻ کپي ته اردوانهن تي مسلط نه ٿي ڪري سگهجي، جن جي مادري زبان اردو نه آهي، ۽ وري سنڌي انهن تي مڙهي سگهجي ٿي جن کي اردو پياري آهي. دنيا جي تجربن مان ظاهر آهي ته ان قسم جون ڪوششون بلڪل ناڪام رهيون آهن.

        اردو ڳالهائيندڙن کي اهو محسوس ڪرڻ کپي ته سندن جاءِ پناهه ۽ سندن وطن سنڌ آهي ۽ هنن هندستان مان هجرت جي صورت ۾جيڪا پنهنجي همت ۽ صلاحيت استعمال ڪئي هئي، سا هو هاڻي سنڌ جي  عظمت، خوشحاليءَ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي وچ ڀائپيءَ جي اُڀارڻ لاءِ استعمال ڪن.

        اُهي ٻيو ڇا به هجن پر هو سنڌ ۾ سنڌين تي ٻوجهو ڪونه آهن، پر ماحول مختلف آهي. هاڻي انهن کي نئين ماحول کي پنهنجو ڪرڻو آهي ۽ اهڙي نموني سان رهڻو آهي جهڙي نموني پراڻا سنڌي  رهي رهيا آهن، ۽ انهن جو نسلي تفاوت ان خوش آئند مستقبل جي آڏو پيش اچڻ نه گهرجي.

        حالانڪ انهن مان ڪيترن ئي، غلط ڪارين جي آڌار تي، دولت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر منجهانئن ڪافي ماڻهن پنهنجي محنت جي ذريعي ترقي ڪئي آهي، ۽ ڪيترائي منجهن اهڙا آهن جيڪي هن مهل تائين اجهي جي تلاش ۾ آهن، ۽ اهو هزارين لکين پراڻن سنڌين وانگر ڏکن ۽ ڏولاون ۾ گذاري رهيا آهن  انهن جي مشڪلاتن جو ختم ٿيڻ في الحال نظر نه ٿو اچي. اهي ماڻهو جيڪي ليڊر نه آهن، جيڪي تاجر نه آهن،پر جيڪي مزدور آهن، هاري آهن، جيڪي محنتي ڪن ٿا، جيڪي ننڍا دوڪاندار آهن ۽ جيڪي ريڙهيون هلائين ٿا، جيڪي ننڍي وچولي طبقي جا ماڻهو آهن، تن کي هڪٻئي سان گڏ رهڻ کپي ۽ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ کپي.

        سنڌ ۾ رهندڙ انهن ماڻهن کي پنهنجيءَ زبان کي ٻين تي مڙهڻ جي ڪنهن به تحريڪ جو شڪار نه ٿيڻ کپي، ۽ پاڻ وانگر هر محنت ڪندڙ کي پنهنجي زبان جي استعمال جو حق ڏيڻ کپي.

        اهي رڳو سندن خود ساخته ليڊرن جا ڪرتب آهن، جيڪي مصيبتن جو سبب هئا، آهن ۽ رهندا، جهڙي طرح سنڌ جي هارين ۽ عام ماڻهن جي مصيبتن جو سبب سنڌ جا وڏا وڏا پير، مير، زميندار ۽ جاگيردار آهن. اهي ليڊر ۽ وڏا ماڻهو ئي آهن، جي عوام جي تصادم ۾ خوش آهن ۽ اهي انهن لاءِ وڌيڪ مصيبتن جو باعث ٿيندا. ڪهڙو عجب، جو انهن ’رهنمائن‘ پنهنجي بقا لاءِ پاڪستان کان ٻاهر پڻ پنهنجو بندوبست ڪري ورتو هجي_ ڪوئن  وانگر ٻڏندڙ جهاز کي ڇڏي هو پنهنجو بچاءُ  ڪري ئي وٺندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي ٿانيڪا ٿي ويهندا _ ٻيو ڪٿي نه ته آمريڪا، دنيا جي شاهوڪار شاهيءَ جو ديس، هنن لاءِ هڪيو موجود ئي آهي.

        سنڌ ۾ ڪافي سمجهدار عوامي اڳواڻن اردوءَ کي اردو وارن جي تعليم،دفتر ۽ تجارت جي ٻوليءَ طورقائم رهڻ کان انڪار نه ڪيو آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي زبان، تهذيب ۽ ثقافت جي بچاءَ جي ضمانت ڏني آهي.

        سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ ڪنهن به خطري جو شڪار ڪونه آهن پر هو پنهنجن جي دولاب ۽ ٺڳيءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته سنڌين طرفان کين پنهنجن ٻارن کي اسڪول توڙي ڪاليج ۾ پنهنجيءَ ٻولي ۾ تعليم ۽ پنهنجي مقدمن جي وڪالت ۽ دفترن ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ پڪارڻ جي حق جو يقين ڏياريو ويو آهي ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي ” درحقيقت“ سرڪاري زبان ملڻ جي اميد آهي.

        تنهن ڪري انهن کي سنڌ جي اڪثريت جي ٻوليءَ سنڌيءَ جي حيثيت جو به انڪار نه ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏ، جيئن ٻهراڙين ۾ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي  ڳالهائڻ لڳا آهن، تيئن شهرن ۾ پڻ اهڙي ترڪيب ڪئي وڃيجو سنڌ ۾ ٻوليءَ جو عار ۽ بُعد ختم ٿي وڃي، ۽ هر ڪو پنهنجي ٻوليءَ تي فخر ڪري ۽ ٻئي جي ٻوليءَ جو قدر ۽ احترام دل ۾ رکي.

_( اخباري بيان: 1971)

نور شاهين جي ياد ۾

خاتونِ اول شاعره – اَلوداع!

پهرين نومبر 1995ع تي، جڏهن مان پنهنجي ڊائري ۾ هي تعزيتي سِٽون لکڻ ويٺو آهيان، اڄ کان ٺيڪ ڇهه مهينا ۽ ارڙهن ڏينهن اڳ تي مون آخري دفعو هُن سان ڳالهايو هو. ٻارهين اپريل 1995ع جي شام هئي ۽ ان ئي شام جو ريڊيو جي اڳوڻي اسڪرپٽ رائيٽر ۽ شاعر مظفر حسين جوش صاحب ججي وفات  جي خبر نيوز سيڪشن ۾ ڪريڊ تي اچڻ

سان ئي سندن ياد ۾ تعزيتي پروگرام پيش ڪرڻ جو آفيس آرڊر منهنجي ٽيبل تي مون کان ’رسيو‘ ڪرايو ويو هو. مون ڇا ڪيو جو تڪڙ تڪڙ ۾ الياس عشقي صاحب جا جوش بابت تاثرات رڪارڊ ڪري اچڻ کان پوءِ فوري طور تي نور شاهين صاحبه کي آئپروچ ڪيو ۽ ان ڪري جو مون ڄاتو ٿي ته جوش صاحب نور شاهين کي پنهنجي نياڻي وانگر سمجهندو هو. فون ڪيم ته هُن جي گهر ۾ رِنگ مسلسل وڄندي رهي ۽ ڪافي وقفي کان پوءِ جنهن شخص فون کنيو، اُهو سندس ڀاءُ هو. چيم: نور شاهين صاحبه سان ڳالهائيندس. جواب مليو: سَندن طبعيت ٺيڪ ڪونهي ... اِصرار ڪيم ته ضروري ڪم آهي، پليز مون کي مايوس نه ڪريو.. جهٽ کن رکي جنهن آواز ’هيلو نصير‘ چئي مخاطب ڪيو، دل ڪنهن به طرح اُن آواز کي ادي نور شاهين جو آواز تسليم ئي نه پئي ڪيو. يا خدا! ڪٿي هُو  شگفته گُلابن جهڙو ترو تازه آوازه ۽ ڪٿي هي مُرجهايل مکڙين جهڙو ڪومايل نحيف ۽ هيڻو آواز. چيائين: نصير .... شروع نومبر 1994ع کان مان سخت عليل آهيان ۽ ملسل صاحبِ فراش . مون بنان ڪنهن دير جي پنهنجي مُدعا بيان ڪئي. ’نه نصير‘ معذرت خواه آهيان جو نٿي ڳالهائي سگهان مان سندن غير متوقع انڪار تي اوچتو ٻئي چُپ ٿي وياسين ۽ وري چُپ جو اُهو وقفو به چُپ چاپ گذري ويو ته ضد ڪندي چيم، ٻه اکر ئي ته ڳالهائڻا آهن اوهان کي. مان ٽيپ رڪارڊ فون سان ڪنيڪٽ ٿو ڪريان، توهان ڳالهائڻ شروع ڪيو. چيائين: منهنجي طرفان تون ئي ڪجهه اکر چئي ڇڏ.... ۽ مون من ئي من ۾ هن کي راضي ڪرڻ لاءِ اڃا ڪجهه وڌيڪ لفظ چونڊڻ پئي چاهيا ته چيائين: مون کي وڌيڪ رُڪيئسٽ نه ڪر نصير. ۽ هن جي اِن  التجا ۾ ڄڻ اُجهامندڙ ڏِيئي واري وينتي هئي. مان همٿ هاري ويٺس . چيم، توهان ٺيڪ ٿيو ته ڀلا پوءِ توهان جو ريڊيولاءِ انٽرويو کڻي ڪندس. هميشه وانگر مذهب ۽ شائسته لهجي ۾ ڌيرج سان چيائين: ضرور! ۽ فون رکڻ کان اڳ دل ۾ چيم:’ڪاش هوءَ ڪجهه اکر جيڪر رڪارڊ ڪرائي وٺي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها.‘

        ان ڳالهه جي شديد احساس ته مونکي ان وقت ته ائين گهڻوٿيو جڏهن ....؟ ويهين سيپٽمبر 1995ع تي نور شاهين صاحبه جي وفات کان پوءِ سندس ڏکويل ڀاءُ ڊاڪٽر منصور احمد ۽ پٽن جهڙي ڀائيٽي صفدر امانَ سان مان هڪ شام جو هن کي ياد ڪري رهيو هئس. حيدرآباد جي شام تي اداسيءَ جو شفق پکڙجي رهيو هو ۽ نور شاهين صاحبه جون ڳالهيون ڪندي اسان سڀني جي اکين ۾ غير محسوس انداز ۾آلاڻ پکڙجندي پئي وئي. ڊاڪٽر منصور ٻڌايو پئي ته’پندرهن ويهه سال اڳ جي ڳالهه آهي. ادي ڪنهن ڪتاب جي تلاش ۾هڪ سليقي سان سجايل پنهنجي ڪتابن وارو ڪٻٽ کولي، ڪنهن ڪتاب ۾ هٿ وجهي ٻاهر ڪڍيو ۽ اُن کانپوءِ ته هُن جنهن به ڪتاب ۾ هٿ وڌو، اُڏوهيءَ کائي اُن جوڪم خلاص ڪري ڇڏيو هو. اوهه!  نورشاهين صاحبه جي اُن ڏينهن واري پريشانيءَ جو تصور ڪندي مون کان بي اختيار رڙ نڪري ويئي هئي. ڊاڪٽر منصور ٻڌايو ته پوءِ اُن ڏينهن ڪتاب الماريءَ مان ڪڍي ٻاهر ڍير ڪندي هوءَ متواتر روئيندي رهي هئي ۽ هن جي روئڻ واري ڳالهه تي اوچتو اسين سڀ چُپ ٿي وياسين. واري گفتگوءَ جي وچ مان چُپ جو وقفو پورو ٿيوته ڊاڪٽر منصور چپ چوريا. چيائين، گذريل سال نومبر ۾ اديءَ کي ’ڪينسر‘ ڊڪليئر ٿيڻ کان پوءِ اسان سڀني گهر وارن جي ڪيفيت به اهڙي ئي ٿي ويئي هئي جهڙي ڪيئي سال اڳ اُڏوهي کاڌل ڪتابن کي ڏسي ادي نور جي ٿي ويئي هئي، ۽ صفدر امانُ، جنهن کي ادي نورشاهين پٽن وانگر پاليو هو، جيڪو هڪڙو نهايت ڪُيوٽ، مُهذهب ۽ ڌيرج ڀريون ڳالهيون ڪندڙ نوجوان هو، ٻڌايو پئي ته امي اُن خوفناڪ بيماريءَ جو ٻُڌي ٿورو به ششدر نه ٿي هئي! ... بس چپ ٿي ويئي هئي ۽ بيماريءَ جي پهرين اسٽيج شروع ٿيڻ کان وٺي هُن گهڻو  تڻو پوءِ تصوف ۾ ئي سڪون ڳوليو ۽ بيماريءَ کي وساري پنهنجا ٽڙيل پکڙيل ليک،ڪتاب ۽ يادگيرون سهيڙڻ ۾ مصروف ٿي وئي هئي ۽ ڪيڏي  عجيب ڳالهه آهي ته طبعيت جي بدترين صورت حال ۾ به، هُن ڪڏهن به همٿ نه هاري هئي.. ڇا جي لاءِ جو هوءِ وڏي بردبار ساڳئي وقت تصابرين شخصيت جي مالڪ خاتون به هئي ۽ هن ڄاتو ٿي ته مون کي ڪينسر آهي ۽ ان مان بچڻ محال اهي. اهڙي صورتحال ۾ ۽ متواتر ويِڪ نيس ۾ به جيڪڏهن بڇيو مان، ته اَمي، ’ڪيئن آهيو‘؟ جواب ملندو: ٺيڪ آهيان ۽ موٽ ۾ مٺي مرڪ چپن تي. وفت کان صرف اڌ ڪلاڪ اڳ ڪوما ۾ وڃڻ کان اڳ به هوءَ ڪانشس هئي. زور سان سيرانديءَ کان بيهي پڇيو مانِ: ڇا ٿا محسوس ڪريو امي....؟ ڌيرج سان نحيف آواز ۾ وراڻيائون: صحيح ...

        ۽ صفدر اُن شام جوپنهنجي پياري اميءَ جون ڳالهيون ڪندي ڪندي آب ديده پئي ووي. .... وري ڪجهه لمحا ترسي ٻڌايائين ته وچ ۾ڪجهه وقت لاءِ امي ٺيڪ به ٿي ويئي هئي تڏهن چيو ها مانِ ته  اوهان مڪمل صحتياب ٿي ويٺو ته رمضان شريف اچڻ کا اڳ عمرو ادا ڪرڻ لاءِ هلنداسين، ۽ پاڻ نهايت پُر اميد انداز ۾ زيرِ لب وراڻيو هو: انشاء الله ضرور هلنداسين. سچ پچ ته اَمي ... صفدر ڌيرج سان ڳالهائي رهيو هو، اسان لاءِ محبت ۽ شفقت جي هڪ شفاف نديءَ وانگر هئي، جيڪا خاموشيءَ سان پاڪيزگيءَ جي اٿاهه سمنڊ ۾ هلي ويئي ۽ اِهي پويان لفط مون چپن ۾ چيا هئا.

        ۽ هن جون ڳالهيون ڪندي، منهجي تصور ۾ اهو پهريون روشن ٿيندو ويو، جڏهن پهريون دفعو منهنجي هُن سان روبرو ۽ باقاعده هيلوهاءِ ٿي هئي. ادب ۾ پير پاتو هئم ته صرف هن جي مانائتي نالي سان شناسائي ٿي هئم. ريڊيو ۾ آيس ته به نفسِ نفيس هن کي اکين سان ڏٺم. ڊيوٽي روم ۾ ويٺو هئس جو ڪنهن ٽاڪ رڪارڊ ڪرائڻ جي سلسلي ۾ هُوءَ اچي ويٺي هئي. بدن تي چادري ۽ اکين تي ڪارا گلاس ۽ اُن ڏينهن هوءَ ڪيڏي نه وضعدار، باوقار، بُردبار ۽ شاندار شخصيت واري خاتون لڳي رهي هئي. مونکي ياد آهي. ته 1989ع واري ريڊيو جي ” ڪل سنڌ اردو سنڌي مشاعري“ ۾ جڏهن هعصرن جي وچ ۾ هن خاتون کي ڏٺو هئم ته اُنهن سڀني ۾ مون کي سچ پچ ته هوءَ ڪنهن جهرڪندڙ ستار وانگر لڳي رهي هئي.

        ۽ ان جهرڪندڙ ۽ پر گمامين ۾ رهندڙ شاعره جي وفات جي خبر سنڌي اخبارن ۾ ڪيڏي نه مختصر ۽ غير اهم انداز ۾ شادي ٿي هئي! ’نور شاهين وفات ڪري وئي‘

        ۽ اُها ليکڪا، جنهن کي سنڌي ۾ ’خاتون اول شاعره‘ جي حيثيت حاصل هئي، ڪيڏو نه چُپ چاپ ۽ خاموشيءَ سان دنيا مان هلي ويئي. ادب ۾ نالو آهسته آهسته پيدا ٿيندو آهي، پر هُن ته ’بشارت‘ اخبار ۾ ڇپيل پنهنجي پهرئين غزل سان ئي پنهنجي لاءِ سڃاڻپ جو حلقو پيدا ڪري ورتو هو. رجعت پسند، ترقي پسند، جعميت الشعراءِ، بزم شعرا، بزمِ خليل ۽ لاءِ ڇاڇا. پر هُن پنهنجي سڃاڻپ ڪنهن تنظيم جي پليٽ فارم بدران پنهنجي شاعراڻي صلاحيتن  ذريعي پيدا ڪئي. ڇا غزل، ڇا نظم، ڇا گيت، ڇا ڪافي، ڇا حمد، ڇا نعت، منقبت _ هُن جو قلم هر هنڌ ۽ هر صنف ۾ روان دوان نظر آيو. سنڌ جي هوءَ اڪيلي سنڌي شاعره هئي، جنهن مردن سان ’شانهِ بشانه‘ کسر کان جيڪب آباد تائين مشاعرا پڙهيا. مشاعرن ۽ ادبي گڏجاڻين جي صدارت ڪئي ۽ خوب خوب پاڻ ملهايو. وڏي ڳالهه ته سنڌ  جي هوءَ واحد ۽ اڪيلي خاتون شاعره هئي، جنهن پهريون دفعو بطور ليکڪا وقت جي اهم ميڊيا ’ريڊيو‘ لاءِ فيچر، ڊراما، گيتن ڀريون ڪهاڻيون، تقريرون ۽ گيت لکيا ۽ ٻين پڙهيل لکيل ۽ گهريلو خواتين لاءِ اهڙن ادارن۾اچڻ جي راهه هموار ڪئي،  جتي شروع زماني ۾ وڏن گهرن جو خواتين ايندي عيب  محسوس ڪنديون هيون.

        بزرگ مؤرخ اسماعيل رزي جئپوريءَ هن جي بايو گرافيءَ ۾ لکيو آهي ته نور شاهين صاحب جو پيدائشي  نالو بخت بلند هو. اسڪول جي پرنسپل گهر وارن جي اجازت سان سندن نالو نورجهان رکيو. سندن والد شاهه محمد خان علي زئي ڪاڪڙ پٺاڻ قنڌار مان ڪوئٽا ۽ پوءِ اتان سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. 1954ع ۾ والد جي وفات وقت هوءَ لڳ ڀڳ چوڏهن سالن جي هئي. هوءَ ٽن ڀائرن ۾ ٽن ڀيڻن جي نهايت لاڏلي ڀيڻ هئي. تعليم لاءِ 1956ع کان 1957ع جي وچ ڌاري اورينٽل ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ ان کان اڳ سينٽ ميريز ۾ پڙهي چڪي هئي. اُتي هوءِ انگريزي ٻولي انتهائي ذهين شاگرد ۽ ڊبيٽر مڃي ويئي. تقرير هن لکي ڪڏهن به نه ڪئي، بس ڪجهه پوئنيٽس آڏو رکندي هئي ۽ سندس گفتگو جي رواني ٻڌڻ وٽانهوندي هئي. اُن دؤر ۾ حاصل ڪيل ڪئي ايوارڊ، ڪپ ۽ شيلڊون هن جي گهر جي شوڪيسن ۾ موجود آهن. 1965ع ۾ هن اديب فاضل جو امتحان پاس ڪيو. تاريخ، جاگرافي، اخلاق تصوف، اقتصاديات، سياسيات، سماجيات ۽ هوميو پيٿيءَ ۾ هُن جو خاص مطالعوهو. 1963ع ۾ هن هوميو ٽريننگ ڪاليج لاهور مان ايم .ڊي. ايڇ. جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيوهو. هن جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود هزارين ڪتاب هن جي مطالعي ۽ ڪتابن سنا محبت جوثبوت فراهم ڪن ٿا. اردو، سنڌي، انگريزي،عربي، فارسي، هندي ۽ سرائڪي ٻولين جو هُن کي نه فقط مطالعو هو، پر هُن انهن ٻولين ۾ لکيو به آهي. اديب فاضل جو نصاب پڙهندي هن صف و نحو جا قاعدا، علم بديع ، علم بيان، علم معاني، علم عورض کان سواءِ مضمون نگاري ۽ افسانه نويسي جي مطالعي کان علاوه غزل، مثنوي، نظم، رباعي، قطع، ڪافي ۽ تنقيد تي ڪافي عبور حاص ڪري ورتو هو. ڪو زمانو هو جو هن ”شارڌا“ ۽ ”شگفته“ جي نالن سان سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ تنقيدي ليک لکي ’تهلڪو‘ مچائي ڇڏيو هو. بطور اسسٽنٽ ايڊيٽر ماهوار ”اديون“، هُن سنڌ جي ڪيئي اُڀرندڙ ليکڪائن جي همٿ افزائي ڪئي ۽ کين ادب ۾ اُسري اڳيان وڌي اچڻ جو حوصلو ڏنو ۽ پنهنجي وفات کان اڳ تائين،هنجو گهر، اڀرندڙ ليکڪائن لاءِ ڄڻ هڪ ” روان دوان درسگاهه“ وانگر هوندو هو.

        ۽ ڪهه شخصيتون بظاهر منظر تي نظر ناهن اينديون پرجڏهن هليون وينديون آهن ته لڳندو آهي ته منظر خالي ٿي ويو آهي. نورشاهين صاحبه جهڙيءَ ”خاتون اول شاعره“ جي هليو وڃڻ سان آءٌ ائين ئي محسوس ٿو ڪريان. هن پنهنجن همعصرن ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، مظفر حسين جوش، سردار علي شاهه ذاڪر،سيد منظوري نقوي، ۽ رشيد احمد لاشاري وغيره جي دؤر  ۾ لکڻ شروع ڪو هو ۽ اسان جي دؤر تائين ايندي ايندي جهڙوڪر پس منظر ۾ هلي ويئي هئي. بس، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مقامي مشاعري، ادبي محفل يا ريڊيو تي هلي ايندي هئي، نه گهر ... گهر جي ٽئبل .... مطالعو ... ۽ بس.

        ۽ 20 سيمٽمبر 1995ع جي صبح جوڏهه لڳي پندرهن منٽن تي ’رسُ مَ رُسڻ گهوريو‘ جهڙي اهم ڪتاب جي شاعره، لڳ ڀڳ، ’هڪ سال صاحبِ فراش‘  رهڻ کان پوءِ، پنهنجي مهربان ماءُ ۽ شفيق پيءُ ڏانهن وڃي چڪي آهي.

        ۽ آخري وقت ۾ نوشاهين صاحبه پنهنجي سڀاوَ ۾ ڪيڏو نه خاموش رهندڙ شاعره هئي ۽ ڪيڏو عجيب اتفاق آهي جو دنيا مان رخصت  ٿيڻ لاءِ به هن خاموشيءَ سان ئي وڃڻ کي ترجيح ڏني، ۽ شهرِ خموشان ڏانهن سندن ان ريت وڃڻ تي مون کي ته ائين ٿو لڳي، ڄڻ هوءِ ڪائي نورُجي شفاف ندي هئي، جيڪا زندگيءَ جي سفر جا لاها چاڙها طئه ڪري بلآخر محت جي اَٿاهه سمونڊ ۾ لهي ويئي، چُپ چاپ!

دعا اهي ته شالَ تبرت ۾ چؤطرف هِيرنُ جو هُٻڪارون هجن. آمين

_ نصير مرزا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com