حوالا
1- غلام محمد لاکو: ( مضمون) ” سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري
ٻولي.“ مهراڻ 2/1995ع. ص 54
2- مير علي شير قانع/ حسام الدين راشدي: ”مڪلي نامه“ 1967ع. ص
176
3- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ” سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ٽيون
ايڊيشن 1990ع. ص 166- 167
4- مير علي شيرقانع/ حسام الدين راشدي: ” مڪلي نامه“ 1967ع. ص
107
5- Sadarangani, H.I: “Persian poets of Sindh” 1987 P 12.
6- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ” سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ 1990ع
ص 172
7- پير حسام الدين راشدي: ” مڪلي نامه “ 1967ع. ص 52
8- پير حسام الدين راشدي: ” مڪلي نامه “ 1967ع. ص 80
9- غلام محمد لاکو، ” سمن جي سلطنت “ 1987ع. ص 5
10- ڊاڪٽر غلام علي الانا: ” سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ 1987ع ص
332- 333
11- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ” سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ 1990ع
ص 172-173
12- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ 1990ع ص
174
13- Edalji Dosabhai: “ A History of Gujrat” 1986 P 95
14- منگهارام اوجها: ” پراڻو پارڪر“ 1966ع . ص 70
15- ڊاڪٽر اياز قادري: ” سنڌي غزل جي اوسر“ ، ڀاڱو پهريون
1983ع، ص 29- 30
16- مولائي شيدائي: ” جنت السنڌ“ ، 1958ع ص 211
17- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ” سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ،
ٻيو ڇاپو 1974ع. ص 31-32
18- M.H Panhwar. “Chronological Dictionary of Sindh” 1983 P 358
19- Sadarangani. H.I: “ Persian Poets of Sindh” 1987. P 6.
Sadarangani. H. I Ibid Pxii -20
Sadarangani H.I ibid P 13- 21
22- غلام محمد لاکو: ” سمن جي سلطنت“ ، 1987، ص38
23- عبدالله ورياهه: ( مضمون) ” سنڌ ۾ سمن جي دور جا سڪا ۽ انهن
جي تاريخي اهميت“، ” سنڌي ادب“. 1980ع ص- 187-200
محمد پنهل ڏهر
سچل سرمست لئبرري خيرپور ۾ موجود قلمي نسخن جو تعارف
سنڌ ڌرتي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ صدين کان سرسبز ۽ شاداب پئي رهي
آهي، جنهنڪري هر دؤر اندر سنڌ ۾ ذاتي ڪتبخانا سون
جي تعداد ۾ موجود پئي رهيا آهن. سنڌ ۾ تقريباَ هر
ديني مدرسي کي پنهنجو ذاتي ڪتبخانو هوندو هو، جنهن
۾ ڇپيل ڪتابن کان سواءِ اڻڇپيل يعني قلمي نسخن جو
ججهو تعداد پڻ موجود هوندو هو.
اهڙيءَ طرح هن دؤر ۾ سنڌ اندر ذاتي ڪتبخانن کان سواءِ ڪيترائي
ٻيا سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادبي ادارا لئبرريون
موجود آهن، جن ۾ پڻ ڇپيل ڪتابن کان سواءِ ناياب ۽
قيمتي قلمي نسخا به موجود آهن. ليڪن افسوس سان
چئجي ٿو ته علمي حلقا اڄ تائين سنڌ جي انهن
ڪتبخانن ۽ ديني مدرسن جي نالن ۽ انهن ۾ موجود
ڪتابن کان اڻواقف آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ڪتبخانن جو
تعارف ۽ انهن ۾ موجود ڪتابن متعلق ڪونه ڪئٽلاگ يا
فهرست ڇپيل نه آهي، تنهنڪري اسان جي انهن ڪتبخانن
۾ موجود قلمي نسخن جي قيمت ۽ افاديت ايستائين ڪٿي
نٿي سگهجي، جيستائين انهن جي باري ۾ صحيح معلومات
حاصل نٿي ٿئي. جيستائين انهن ڪتبخانن ۾ موجود
ڪتابن جو تشريحي ڪئٽلاگ تيار ٿي ميدان ۾ نٿو اچي،
تيستائين اسان جي عالمن، فاضلن، اديبن ۽ شاعرن جي
علمي ۽ ادبي حيثيت ۽ اهميت صندوقن ۽ المارين ۾ بند
ٿيل سمجهڻ گهرجي. ڪو به محقق ۽ مؤرخ انهن قيمتي
نسخن تائين تيستائين نٿو پهچي سگهي ۽انهن مان
فائدو حاصل نٿو ڪري سگهي، جيستائين انهن جي سامهون
ڪتبخاني ۾ موجود ڪتابن جو ڪئٽلاگ يا فهرست موجود
نه هوندي.
سنڌ ۾”سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لئبرري خيرپور“ جو شمار به اهڙين
لئبررين ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ هزارين ڇپيل ڪتابن کان
سواءِ ڪيترائي اڻلڀ ۽ قيمتي قلمي نسخا به هزارن جي
تعداد ۾ موجود آهن.
لئبرريءَ جو قيام ۽ تعارف:
علمي ۽ ادبي لحاظ کان ڪلهوڙا دؤر کان پوءِ ٽالپرن کي
وڏي اهميت حاصل آهي. ٽالپر حڪمران پاڻ به بلند
پايي جا اديب ۽ شاعر هئا، جنهنڪري عالمن، اديبن ۽
شاعرن جا قدردان به هئا. سندن درٻار عالمن، اديبن
۽ شاعرن سان هميشہ ڀريل رهندي هئي. ٽالپرن جي
درٻار ۾ مقامي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کان سواءِ
ٻاهر جا به ڪيترائي اديب، شاعر ۽ عالم موجود رهندا
هئا، جن پنهنجي علمي شهپارن سان سنڌ جي ادبي شهرت
کي ٻاهرين ملڪن تائين روشناس ڪرايو.
رياست خيرپور جا والي مير صاحبان به علم ۽ ادب جا شوقين
۽ قدردان هئا. ” سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لئبرري
خيرپور“ ۾ موجود علمي ذخيرو سندن علمي ۽ ادبي ذوق
جو جيرو جاڳندو ثبوت آهي. هي لئبرري هِذ هائنيس
مير فيض محمد خان ٽالپر ( واليء رياست خيرپور)
1903ع ۾، ” فيض محل لئبرريءَ“ جي نالي سان قائم
ڪئي. ون يونٽ قائم ٿيڻ ڪري رياست خيرپور جو وجود
به ختم ڪيو ويو ۽ هن لئبرريءَ کي به مرڪزي سرڪار
جي تحويل ۾ ڏنو ويو. هن لئبرريءَ جي موجوده نئين
عمارت جو سنگ بنياد هزهائنيس مير علي مراد خان
ٽالپر 26 جولاءِ 1962ع تي ” ميونسپل پبلڪ لئبرري
خيرپور“ جي نالي سان رکيو. 14 مارچ 1965ع تي ان
وقت جي وزير خارجه جناب ذوالفقار علي ڀٽي هن
لئبرريءَ جو ” ڊويزنل پبلڪ لئبرري خيرپور“ جي نالي
سان افتتاح ڪيو. ون يونٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ هي
لئبرري سنڌ حڪومت جي حوالي ڪئي ويئي. سنڌ جي
تڏهوڪي وزير اعليٰ رٽائرد جسٽس سيد غوث علي شاهه
هن لئبرريءَ جو موجوده نالو ” سچل سرمست سنڌ
گورنمينٽ لائبرري“ رکيو.
هن لئبرريءَ جي عظيم الشان عمارت، مال روڊ تي سابق
خيرپوررياست جي ٽالپر حڪمرانن جي خوبصورت يادگار ”
فيض محل“ جي ڀرسان آهي. لئبرريءَ جي عمارت ٻن
منزلن تي مشتمل آهي. پهرين منزل هڪ وڏي هال تي
مشتمل آهي، جتي انگريزي ڪتابن سان ڀريل ڪٻٽ ديوارن
جي ڀرسان چوڌاري موجود آهن. هال جي وچ تي وڏيون
وڏيون ميزون ۽ انهن جي چوڌاري ڪُرسيون رکيل آهن،
جتي روزانو سَون جي تعداد ۾ مقامي ۽ ٻاهريان
ماڻهو، نڪرندڙ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون ۽
رسالا ويهي پڙهندا آهن. ديوارن تي رياست خيرپور جي
ٽالپر حڪمرانن جون خوبصورت ۽ قيمتي تصويرون لڳل
آهن. ٻيءَ منزل تي پهچڻ لاءِ وچ تي ڏاڪڻ رکيل آهي،
ٻي منزل به هڪ وڏي هال جي صورت ۾ آهي،جتي پڻ ڪتابن
سان ڀريل وڏا وڏا ڪٻٽ ديوارن سان چوڌاري موجود
آهن، جن ۾ هر زبان ۽ هر مضمون تي هزارن جي تعداد
۾ڪتاب موجود اهن. هتي به هال جي آخر ۾ مطالعي
ڪندڙن لاءِ خاص انتظام ٿيل آهي،جتي پڻ ميزون ۽
ڪرسيون رکيل آهن. هر ماڻهو پنهنجي پسنديده مضمون
جو ڪتاب انچارج کان حاصل ڪري پڙهي سگهي ٿو.
هن لئبرريءَ ۾ روزانو سون جي تعداد ۾ عام ماڻهو ۽ تحقيق
ڪندڙ مطالعي لاءِ اچن ٿا. تحقيق ڪندڙن لاءِ فوٽو
ڪاپي ڪرائڻ جي به اجازت آهي. مطلب ته لئبرريءَ جو
عملو اسڪالرن ۽ ٻين پڙهندڙن سان پورو پورو تعاون
ڪري ٿو.
هن لئبرريءَ ۾ ٻيءَ منزل تي هڪ ” قلمي قرآن پاڪ“ فارسي
ترجمي سان شيشي جي هڪ ننڍڙي ۽ خوبصورت ڪٻٽ ۾ بند
ٿيل آهي. مٿس نقش نگاري سون جي پاڻي سان ٿيل آهي.
مير رستم خان والي رياست خيرپور، پنهنجي ننڍي ڀاءُ
مير علي مراد خان ٽالپر جي حق ۾ تخت و تاج ۽ رياست
جي حدن بابت 1258هه ۾ جيڪو عهدنامو ڪيو هو، سو پڻ
هن قرآن پاڪ جي آخر ۾ ٻن خالي صفحن تي تحرير ٿيل
آهي.
لئبرريءَ ۾ موجود عربي، فارسي ۽ اردو جي قلمي نسخن جو
تفصيلي ڪئٽلاگ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي
هڪ ليڪچرار جناب محمد يوسف خشڪ وڏيءَ محنت ۽ جاکوڙ
سان تيارڪيو آهي، جيڪو اڃا ڇپيو نه آهي. محمد يوسف
خشڪ جو چوڻ مطابق لئبرريءَ ۾ 1406( چوڏهن سؤ ڇهه)
قلمي نسخا موجود آهن، جن مان گهڻو تعداد فارسي ۽
عربي نسخن جو آهي ۽ ڪجهه اردو نسخا به آهن. سنڌيءَ
۾ لکيل قلمي نسخا تمام ٿوري تعداد ۾ آهن.
لئبرريءَ ۾ موجود سنڌيءَ ۾ لکيل قلمي نسخن جي تشريحي فهرست راقم
الحروف تيار ڪئي آهي. هن فهرست جي تياريءَ ۾
لئبرريءَ انتظاميه مان جناب محمد يوسف بلوچ ۽ حافظ
محمد اسماعيل بروهي تمام گهڻو تعاون ڪيو، جنهن
لاءِ راقم سندن گهڻو شڪر گذار آهي. لئبرريءَ ۾
موجود سنڌي قلمي نسخن جي تشريحي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:
(1) نور نامو:
هن ڪتاب جو مصنف سيد نور محمد آهي ۽ ڪاتب به پاڻ مصنف آهي.
ڪتابت جي تاريخ پهرئين محرم. 1340هه ڄاڻايل آهي. سائيز
10+ 17 س. م اٿس. پهرئين صفحي تي هيڊي ۽ ڳاڙهي مس
سان سٺو ۽ ويڪرو بارڊر نڪتل آهي. بارڊر ۾ وري
ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان نقش نگار ٿيل آهي. بارڊر جي
چوڌاري سونهن لاءِ ڪاري مس سان ننڍيون ننڍيون
لڪيرون ڏنل آهن. پهرئين صفحي تي ڪاري مس سان صرف
چند عربي لفظ لکيل آهن ۽ ان کان پوءِ لکندڙ يعني
سيد نور محمد جي سنڌي ۾ صحي ٿيل آهي ۽ ان جي هيٺان
سن ڪتابت ڄاڻايل آهي.
ڪتاب منظوم آهي ۽ حضور اڪرم صلعم جي نور مبارڪ متعلق
آهي. ڪتاب جو متن صفحي ٻه کان شروع ٿئي ٿو. شروع
وارا لفظ هن طرح اٿس:
” ساراهيا سو دين جو آگو عليما جل شانہ “
هي نسخو 48 صفن تي آهي. هر هڪ صفحي تي يارهن سٽون آهن. خط سٺو
آهي. نسخو آخر ۾ ناقص آهي. آخري صفحي تي آخري سٽ
هن طرح اٿس:
” جيکه کُري سُو کري مُو لُو مختارا اي پاني اهي “
سمورو نسخو ڪاري مس سان لکيل آهي، البته ڪٿي ڪٿي ڪي خاص
لفظ ڳاڙهي مس سان به لکيل آهن. هي نسخو لئبرري جي
رجسٽر ۾ 411-891 نمبر تي درج ٿيل آهي.
(2) قصيده صديقيه :
هي ڪتاب اصل عربيءَ ۾ لکيل آهي. هن جي مصنف جي خبر نه پئجي سگهي
آهي. ڪنهن نامعلوم شخص هن جو سنڌي نثر ۾ ترجموڪيو
آهي.
ڪتاب جو مضمون دُعائيه آهي. هن نسخي جو ڪاتب سعد الله
انصاري آهي. ڪتابت جو سن ۽ هنڌ به ڄاڻايل نه آهي.
نسخي ۾ 15x
19 س. م جا 28 صفحا آهن. هر هڪ صفحي تي 14 سٽون
لکيل آهن. نسخي جا شروع وارا ڪجهه ورق خالي آهن ۽
وچ مان به ڪي صفحا خالي آهن. جهڙوڪ صفحو 19،18 ۽
20. صفحي 21 کي ڳاڙهي مس سان ڪاٽيو ويو آهي. مس
ڪاري ۽ ڳاڙهي استعمال ٿيل آهي، اکر صاف ۽ سٺا آهن.
هر هڪ صفحي تي عربي عبارت پهريائين مٿئين سِٽ تي
ڪاري مس سان لکيل آهي ۽ هيٺيان وري ٻي سٽ تي ڳاڙهي
مس سان. سنڌي لفظي ترجمو هاڻوڪي سنڌي صورتخطيءَ ۾
لکيو ويو آهي.
ڪتاب جو متن صفحي 2 کان شروع ٿئي ٿو ۽ صفحي20 تي ختم
ٿئي ٿو. ان کان پوءِ صفحي 21 کان 25 تي عربي ۾ هڪ
دعا لکيل آهي ۽ صفحي 15 کان 25 تي فارسي جون ڇهه
(6) رباعيون لکيل آهن ۽ انهن جي هيٺان ڪاتب جو
نالو لکيل آهي.
انهن صفحن کان پوءِ 22 صفحن جو هڪ ٻيوعربي ڪتاب” آيات
حفظ ساترده“ساڳئي ڪاتب جو هٿ اکرين لکيل آهي.انهي
ڪتاب کان پوءِ مذڪوره نسخي جي آخر ۾ به ڪافي ورق
خالي ڇڏيل آهن. مذڪوره نسخي جو سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ
شخص هڪ ٻئي عربي ڪتاب جو به شايد سنڌي ترجمو ڏيڻ
چاهيو پئي، ليڪن ڪنهن مجبوري سبب لکي نه سگهيو. (
ڇاڪاڻ ته عربي عبارت جي هر هڪ سٽ هيٺان هڪ سٽ خالي
ڇڏيندو ويو آهي.)
قصيده صديقيه جي هن نسخي جي پهرئين عربي سٽ ۽ ان جو
سنڌي ترجمو هن طرح آهي.
عربي عبارت: جُد بِلطفڪ يا الهي من لہ زاد قليل
( ترجمو: امداد ڪر پنهنجي لطف سان خداوند؛ انهيءَ تي جنهن جو
ثمر ٿورو آهي.)
لئبرريءَ جي قلمي نسخن واري رجسٽر ۾ هن نسخي جو نمبر ڄاڻايل نه
آهي.
(3) مجموعو:
هن نسخي ۾ ٻه ڪتاب آهن. ٻنهي ڪتابن ۾ به سي حرفيون ڏنل
آهن. هيٺ هر هڪ جو علحده علحده تعارف ڏجي ٿو.
(الف) سه حرفي: لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن واري رجسٽر ۾ هن
مجموعي جو نالو ” ثنائي“ لکيل آهي، جيڪو غلط آهي.
اهو نالو انهي ڪري لکيو ويو آهي جوهن مجموعي ۾
موجود بي سي حرفي ( ٽيهه اکري) ” ثنائي“ تخلص واري
ڪنهن شاعر جي چيل آهي. هي پهرئين سه حرفي احمد
فقير نالي شاعر جي چيل آهي، جيڪا موجوده سنڌي
صورتخطي ۾ لکيل آهي. ڪاتب جو نالو ” دين محمد ولد
ملان صفر ويٺل الور تعلقوروهڙي ضلعو شڪارپور“ (
اروڙ نزد روهڙي، تعلقو روهڙي ضلعو سکر) ڄاڻايل
آهي. ڪتابت جوسنه ڪونه لکيل آهي. هي سه حرفي 36
صفحن تي آهي. هر هڪ صفحو 14x19
س. م سائيز جو آهي. هر هڪ صفحي ۾ ڏهه سٽون آهن. خط
سٺو آهي ۽ مس ڪاري استعمال ٿيل آهي. سه حرفي جا
شروع وارا لفظ هي آهن:
” الف اول اي سچا الهه سار سونهارا سگهو تون سيدا.“
آخري سٽون هن طرح آهن:
” يا رسول الله عرض منهنجو اهوئي دمدم،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجي شرم.“
هن سه حرفي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ آخر ۾ ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
(ب) سه حرفي ثنائي: هي سه حرفي ” ثنائي“ تخلص واري ڪنهن شاعر جي
چيل آهي. هن سه حرفي جو ڪاتب دين محمد چنه
آهي،جيڪو اروڙ جو ويٺل آهي. ڪتابت جو سنه ڄاڻايل
ڪونه آهي. هي سه حرفي 20 صفحن تي آهي. هر هڪ صفحي
۾ ٻارهن سٽون آهن. خط سٺوآهي ۽ مس ڪاري استعمال
ٿيل آهي. سه حرفي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ ورق خالي
ڇڏيل آهي. هي سه حرفي هن سِٽ سان شروع ٿئي ٿي:
” اول ڪر صفت ساره سچي سبحان جي.“
۽ ختم هن سِٽ تي ٿئي ٿي:
” ماڙ ڪر مسڪين جي يا شافعي يوم الحشر.“
سه حرفي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪلموشريف ۽ ان جي هيٺان ڪاتب جو نالو
لکيل آهي.
هن مجموعي جي آخر ۾ پنج ورق خالي آهن ۽ اُنهن خالي ورقن کان
پوءِ چند ورقن تي دوا
ئن جا نسخا، تعويذات ۽ مختلف فارسي شاعرن جا ڪجهه
غزل لکيل آهن، جن مان هڪ غزل شمس تبريزيءَ جوبه
آهي. آخر ۾”راقم الحروف فقير عبدالرحمان“ لکيل
آهي.
(4) قصيده غوثيه :
هي قصيدو مشهور عربي قصيدي ” قصيده بانت ِ سعاد“ جو سنڌي ترجمو
آهي. هن قصيدي ۾ حضور اڪرم صلعم جو منهن مبارڪ
بيان ٿيل آهي. ترجمو لفظي آهي ۽ نثر ۾ آهي. ترجمو
ڪندڙ شايد. ” ابو المحمود جمالي“ نالي ڪو شخص آهي،
جيڪو انهيءَ نسخي جو ڪاتب پڻ آهي. ڪتابت جو سن
1913ع لکيل آهي ۽ ڪتابت جو هنڌ ڪونه ڄاڻايل آهي.
هي نسخو 78 صفحن15x20س.
م سائيز ۾ آهي. هر هڪ صفحي ۾ يارهن سٽون آهن. خط
سٺو آهي ۽ ڪاري مس استعمال ٿيل آهي.
قصيدي جا شروعاتي لفظ هي آهن، ” ڪر تون ساڻ رحمت،
پنهنجي اي زور“ ۽ آخر ۾ هنن لفظن تي ختم ٿئي ٿو، ”
رحم ڪندڙ ٻاجهه ڪندڙن جا.“
(5) تعبير خواب :
هن ڪتاب جو لکندڙ شايد ” احمد فقير“ نالي ڪوماڻهو آهي. هي نسخو
منظوم آهي ۽ الف اشباع واري قافيه ۾ آهي. نسخو42
صفحن تي 10x20
س.م سائيز جو آهي. هر هڪ صفحي ۾ 13 سٽون آهن. ڪاري
۽ ڳاڙهي مس استعمال ٿيل آهي. نسخي جو پهريون صفحو
خالي آهي. متن صفحي ٻه کان شروع ٿئي ٿو. هر صفحي
جي چوڌاري ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان بارڊر نڪتل آهي. سن
ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو نامعلوم آهي، ليڪن آڳاٽو
لکيل معلوم ٿئي ٿو. شروعاتي سٽ هي اٿس:
” سار هجي سو دهني جو ساءِ سباجو ساءِ“
۽ آخر واري سٽ هن ريت اٿس:
” ويندا سي ايمان سين جي ڪلمو چون مها.“
لئبرري رجسٽر ۾ هي نسخو 57- 297 نمبر تي درج ٿيل آهي.
(6) ڪربلا جي واقعي متعلق:
هن ڪتاب جو اصل نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي. منجهس
ڪربلا جي واقعي متعلق منظوم احوال آهي، تنهنڪري
احوال جي مناسبت سان اهو نالو لکيو ويو آهي. هن
ڪتاب جي لکندڙ جو نالو به معلوم نه ٿي سگهيو، ڇا
ڪاڻ ته نسخو اول ۽ آخر کان ناقص آهي. وچ مان به
شايد ڪي صفحا نڪتل اٿس. جلد تمام زبون حالت ۾ اٿس،
جنهنڪري ڪيترائي اندريان صفحا به جُلد واري ڌاڳي
مان نڪري چڪا آهن. هي نسخو آڳاٽي سنڌي صورتخطيءَ ۾
منظوم الف اشباع واري قافيه ۾ لکيل آهي. ڪاتب جو
نالو ۽ ڪتابت جو سن معلوم نه ٿي سگهيو آهي، البته
آڳاٽو لکيل معلوم ٿئي ٿو. نسخو308 صفحن تي 14
x.20
س. م سائيز ۾ آهي. هر هڪ صفحي ۾ تقريباً 15 سٽون
آهن، ڪاري ۽ ڳاڙهي مس استعمال ٿيل آهي. سڀ لفظ
ڪاري مس سان لکيل آهن. ڳاڙهي مس سان صرف ڪٿي ڪٿي
ڪن لفظن جي هيٺان لڪير ڏني ويئي آهي. نسخي تي صفحا
ڪونه لڳل آهن، جنهنڪري نسخي جي صفحن جي ترتيب به
هيٺ مٿي ٿيل هئي. هي نسخو لئبرريءَ جي رجسٽر ۾
داخل به ڪونه ٿيل آهي.
(7) شرح قصيده برده:
” قصيده برده “ عربيءَ جو مشهور دعائيه قصيدو آهي.
ڪلهوڙا دؤر جي مشهور عالم مخدوم غلام محمد بگائي
هن قصيدي جي اها منظوم شرح لکي آهي. هن نسخي جو
ڪاتب مولانا ثناءُ الله جمالي (وفات 1983ع) تخلص ”
بدر“ آهي. ڪتابت جو سن 1912ع ڄاڻايل آهي ۽ ڪتابت
جو هنڌ نواب شاهه جي ڀرسان ڄاڻايل آهي. هي نسخو
251 صفحن تي مشتمل آهي. هر هڪ صفحي ۾ 13 ( تيرهن )
سٽون آهن. اکر وڏا ۽ سٺا موجوده صورتخطي ۾ لکيل
آهن. مس ڪاري استعمال ٿيل آهي.
هي ڪتاب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ايڊٽ ڪيو آهي اهو
ڪتاب پهريون ڀيرو 1990 ۾ سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو
پاران ڇپيو آهي. مذڪوره ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ وقت ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌي جي سامهون به زياده تر هي نسخو
رهيو آهي. هي نسخو لئبرريءَ جي رجسٽر ۾ ته درج ٿيل
آهي، ليڪن لئبرريءَ ۾ موجود نه آهي، شايد ڪنهن
ادبي چور جي ور چڙهي ويو آهي، تنهنڪري مٿيون احوال
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڇپيل ڪتاب جي صفحي
36- 37 تان ورتو ويو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جي
انهيءَ ڇپيل ڪتاب مان معلوم ٿيو ته انهيءَ ڪتاب جو
هڪ ٻيو قلمي نسخو به سيوهڻ ۾ ڪنهن ادبي گهراڻي جي
ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
(8) سچل سرمست ۽ ان جي همصعر شاعرن جي ڪلام جو بياض:
هن بياض جومرتب ڪندڙ ” فقير امير بخش ميتلو صوفي
القادري“ آهي. ڪاتب به مرتب پاڻ آهي. ڪتابت جو سن
لکيل نه آهي، البته معلوم ٿئي ٿو ته اهو بياض
ويجهڙائيءَ واري دور جو لکيل آهي. بياض جو مرتب
خيرپور جي ڀرپاسي جو معلوم ٿئي ٿو. هن بياض ۾
مختلف شاعرن جو سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ڪلام
صورتخطي ۾ لکيل آهي هي نسخو 256 صفحن تي آهي ۽
سائيز 15x21س.
م اٿس. مس ڪاري ۽ ڳاڙهي استعمال ٿيل آهي. ڳاڙهي مس
سان صرف ڪافي جو نمبر ۽ سُر لکيو ويو آهي.
بياض جي وچ وارن ڪجهه صفحن جو هيٺيون حصو ڦاٽل آهي،
جنهنڪري انهيءَ هنڌان ڪلام جو ڪجهه حصو ضايع به ٿي
ويو آهي. هن نسخي جي شروع ۾ هي عبارت لکيل آهي: ”
هي بي بها ۽ ناياب قلمي نسخو مون پنهنجي والد صاحب
فقير امير بخش الصوفي القادري کان حاصل ڪري ڊويزنل
پبلڪ لائبرري خيرپور ۾ سرمست سائين جي عاشقن ۽ علم
ادب سان ذوق رکندڙن جي پڙهڻ لاءِ رکڻ واسطي جناب
مشتاق احمد گاد لئبررين کي پيش ڪيو. اميد اٿم ته
پڙهندڙ منهنجي لاءِ ۽ منهنجي والد صاحب لاءِ الاهي
ذوق شوق جي دعا گهرندا رهندا.
خادم الفقراءَ
علي سائين ڏنو ميتلو سول جج ڪراچي
تاريخ 1980-6-22
نسخو اول ۽ آخر کان ناقص آهي. چند ورق ڦاٽل اٿس. نسخي جي شروع ۾
سُر بروه مان هڪ سرائڪي ڪافي لکيل آهي، جنهن جو
ٿلهه هن طرح آهي: ” جاني جواب نه ڏيندا عرض اساڏي
دا سائين.“
آخري صفحي تي هڪ ريخته ڪلام جي آخري سِٽ هن ريت آهي:
” آب تو بن تهسن ڪي سجن رن ڪا سامان.“
هن نسخي ۾ زياده تر سچل سرمست جو سنڌي ، سرائڪي، هندي
ريخته ۽ اردو ڪلام آهي، جيڪو تقريباً 348 ڪافين تي
مشتمل آهي. انهي کان علاوه ڪيترن ٻين شاعرن جو به
سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ فارسي ڪلام منجهس موجود آهي،
جنهن جو وچور هن طرح آهي.
(1) گهرام فقير 25 ڪافيون، (2) بُلا شاهه 13 ڪافيون،
(3) گل محمد 13 ڪافيون، (4)قلندرشاهه 3 ڪافيون،
(5) خيرشاهه 3 ڪافيون (6) شاهه حسين هڪ ڪافي، (7)
نبي بخش هڪ ڪافي، (8) محڪم الدين سيلاني هڪ ڪافي،
(9) ابوبڪر 2 ڪافيون (10) مراد فقير 1 ڪافي، (11)
روحل فقير 2 ڪافيون، (12) حافظ عبدالله 9 ڪافيون،
(13) جمع فقير هڪ ڪافي، (14) عظيم الدين هڪ اردو
ڪلام (15) هندو فقير شهيد هڪ ڪافي، (16) صالح
درويش هڪ ڪافي، (17) شاهو فقير هڪ ڪافي، (18)
نامعلوم شاعر جو هڪ سنڌي مرثيو امام حسين عليہ
السلام متعلق، (19) نانڪ يوسف هڪ سنڌي ۽ هڪ فارسي
ڪلام، (20) سچل سرمست هڪ سرائڪي سه حرفي (21) شاهه
عبداللطيف ٻه ڪافيون، (22) شاهه شرف هڪ اردو ڪلام.
(9) مخزن الانوار:
هي ڪتاب فارسي ۾ منظوم آهي. هن جو لکندڙ شيخ صفي الله آهي.
فارسي عبارت جي هيٺان سنڌي نثر ۾ ڪنهن نامعلوم شخص
هن جو ترجمو ڪيو آهي. ڪاتب ”صاحبڏنو فقير بن
عبدالواحد“ آهي. ڪتابت جي تاريخ 3- جمادي الثاني
1314هه لکيل آهي. نسخي ۾ 104 صفحا آهن. سائيز 17x25 س. م اٿس. پهرئين سٽ يعني مٿئين سِٽ تي اصل فارسي عبارت ڏنل
آهي ۽ ان جي هيٺان ٻي سٽ تي سنڌي ۾ نثري ترجمو
لکيو ويو آهي. شروعات ۾ فارسي عبارت ڪاري مس سان ۽
ترجمو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي، ليڪن صفحي 26کان 27
تائين ترجمو نيري مس سان لکيو ويو آهي ۽ ان
کانپوءِ وري ترجمو ڳاڙهي مس سان لکيو ويو آهي.
نسخي جي پهرئين صفحي تي ڪتاب جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل
آهي ۽ انهي صفحي جي چوڌاري پڻ ڳاڙهي مس سان بارڊر
ڪڍيو ويو آهي ۽ ڪاري مس سان چند ٻيا اکر به لکيا
ويا آهن. نسخي جو متن شروعاتي ٻن ورقن کان پوءِ
شروع ٿئي ٿو. نسخي جي شروعات ۾ نامڪمل فهرست ڏني
ويئي آهي. نسخي جي آخري ڪجهه صفحن تي به چوڌاري
ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. نسخي جي آخر ۾ فارسي
جو هڪ نظم ڏنل آهي ۽ ان بعد ڪتاب جي مصنف ۽ ڪاتب
جو نالو ۽ ڪتابت جو سن لکيل آهي. هي نسخو لئبرريءَ
جي قلمي نسخن واري رجسٽر ۾ 5-297 نمبر تي درج ٿيل
آهي.
فارسي عبارت ۽ ان جي سنڌي ترجمي جو نمونو هن طرح آهي:
” تاڪند جان اندران حالت نثار هر دل افسرده را نخشند بهار.“
(ترجمو) تا ڪري ساهه مج ان حالت صدقو سڀڪه دل... نماز کي ڏيئي
بهار.
(10) بياض طب:
هي نسخو طِب تي سنڌي نثر ۾ لکيل آهي. مصنف جو نالو
ڪونهي لکيل. ڪاتب جونالو ” محمد شريف“ لکيل آهي ۽
ڪتابت جي تاريخ 20 ذوالحج 1336 هه لکيل آهي. ڪتابت
جو هنڌ “ مڏنزديڪ امير پير “ لکيل آهي. هن نسخي ۾
متن جا 362 صفحا آهن ۽ سائيز 15x20
س. م آهي . هر هڪ صفحي ۾ تقريباً 9 سٽون آهن خط
سٺو آهي ۽ مس ڪاري استعمال ٿيل آهي. نسخي جي متن
شروع ٿيڻ کان پهريائين به تقريباً 56 صفحن تي
دوائن جا ڪيترائي نسخا لکيا ويا آهن. ڪجهه نسخا
ڪاري مس سان ۽ ڪجهه پينسل سان لکيل آهن. ان کان
پوءِ 18 صفحا خالي آهن ۽ پوءِ مذڪوره ڪتاب جو متن
شروع ٿئي ٿو. هر صفحي جي چوڌاري ڪاري مس سان ٻن
لڪيرن جو بارڊر نڪتل آهي. نسخي جي اندر ڪيترن ئي
صفحن جي حاشين تي چوڌاري ڪاتب کان علاوه ڪو ٻيو
شخص به بعد ۾ دوائن جا نسخا لکندو رهيو آهي. نسخو
پهرئين صفحي يعني متن شروع ٿيڻ کان صفحي 260 تائين
سنڌيءَ ۾ لکيل آهي. البته ڪنهن ڪنهن صفحي تي
فارسيءَ ۾ به چند سٽون لکيل آهن. صفحي 260 جي اڌ
کان وٺي صفحي 359 تائين زياده تر فارسيءَ ۾ لکيو
ويو آهي، ليڪن ڪنهن ڪنهن صفحي تي چند سٽون سنڌيءَ
۾ به لکيل آهن.
متن جي آخر ۾ ڪاتب جو نالو ۽ هنڌ لکيل آهي. مذڪوره نسخي
جي متن ختم ٿيڻ کان پوءِ به 70 صفحن تي دوائن جا
نسخا لکيا ويا آهن ۽ ان کان پوءِ ڏهه صفحا خالي
ڇڏيل آهن ۽ آخر وارن ٻن صفحن تي به دوائن جا ڪي
ٻيا نسخا لکيا ويا آهن. متن کان پوءِ وارا واڌارا
ڪنهن ٻئي شخص جا لکيل معلوم ٿين ٿا. |