سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :9

نصير مرزا

 

واڪا ڪندي ووءِ، صديون تولئه سنڌڙي

(پير حسام الدين راشديءَ جي ياد ۾)

 

ڪنهن به شخصيت تي ڪجهه به لکڻ لاءِ ڪجهه لفظ ته ضرور گهربل هوندا ئي آهن، ۽ جيڪڏهن عقيدت ۽ مڃتا جا اڇا اُجرا رابيل پير حسام الدين راشديءَ مٿان نڇاور ڪرڻا هجن ته ان لاءِ ته تهائين وڏا لفظ ۽ وڏو وقت درڪار هئڻ گهرجي.

پير سائينءَ جي ڪارنامن تي سوچڻ ۽ لکڻ کان اڳ رڳو سندن نالو ”حسام الدين“ اُچارجي ٿو ته سنڌ جو اڇو اجرو صبح اکين اڳيان اچيو وڃي. اها خوبصورتي، اها اَڇاڻ ۽ اهو ڦهلاءُ سنڌ جي ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترين شخصيتن لاءِ ئي ذهن ۾ ايندو آهي ۽ تحقيق پير سائينءَ جو نالو انهن ۾ سرفهرست آهي.

پير صاحب جا سوانح نگار، دوست، احباب ۽ مداح هن کي ”سنڌ جو مکڻ ماکي شخص“ لکن ٿا. سندن مرڪندڙ تصويرن کي ڏسجي ٿو ته بي اختيار انهن لفظن ۽ لقبن تي ايمان آڻڻو پوي ٿو.

پير صاحب 15_ جون 1955ع تي صبح جي ڪنهن پهر ۾ منهنجي مرحوم چاچن مرزا همايون بيگ فائق ۽ اسد بيگ اسد جن جي سڪ ۽ پنهنجائپ ڀرئي. سڏ تي پهريون دفعو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ڪتبخانو ڏسڻ لاءِ منهنجي جنم ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ۾، محمد ابراهيم جويي صاحب سان گڏجي آيا هئا. هي اهو سن آهي جڏهن منهنجي آمد هن جهان ۾ ڪانه ٿي هئي. اهو واقعو منهنجي پيدائش کان صرف پنجٽيهه ڏينهن اڳ جو آهي ۽ هاڻي مون کي رڳو اها خوشي ئي سرشار ڪري ڇڏيندي آهي ته ان ڏينهن پير صاحب جي آمد جو چؤٻول امڙ ذريعي منهنجن ڪنن به ضرور ڀرسان اوطاق مان ڪنايو هوندو. ۽ انهن يادگار لمحن جو تصور ڪندي مون کي لڳي ٿو ته ان ڏينهن قليچ جي ڪتبخاني جي ڪٻٽن ۾ رکيل ڪتابن جون دليون پير صاحب کي ڏسندي ئي ڪيڏيون نه ڪشاديون ٿي ويون هونديون! امرتا پريتم ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته جڏهن ڪو شاعر، اديب يا دانشور ڪنهن لئبرريءَ ۾ قدم رکندو آهي ته ڪتابن جا ڪٻٽ اڃا به وڌيڪ ويڪرا ٿي ويندا آهن. مون کي يقين آهي ته 15_جون 1955ع تي پير صاحب کي روبرو ڏسي، قليچ جي ڪتبخاني ۾ رکيل ڪتابن جي به اهڙي ئي حالت ٿي ويئي هوندي.

امام مالڪ جي حوالي سان بزرگ ٻڌائيندا آهن ته پاڻ مڪي جي گهٽين ۾ هلندي رستي تي وچ بدران پاسن کان هلڻ پسند ڪندا هئا ته متان وچ رستي تان هلندي مِٺي مرسل جي قدمن جي نشانن تي بي ادبي مان پيرُ اچي نه وڃي! بزرگن وٽان ٻڌل ان ڳالهه جي روشنيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن منهنجو گذر ان گهٽيءَ مان ٿيندو آهي، جتان پير صاحب پير ڀري قليچ ڪتبخاني ڏانهن آيا هوندا، منهنجو ڪنڌ به انهن قدمن جا نشان تصور ۾ آڻيندي، ادب مان جهڪي ويندو آهي.

۽ اجهو هنن لمحن ۾ وري سوچيان ويٺو ته ڪيڏو نه خوشنصيب آهي سنڌ جو اهو نسل، ۽ اهي سڀ نوجوان، جن پير صاحب کي روبرو ڏٺو ۽ انهن محفلن ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ پاڻ محفل جا مور ۽ مکيه مهمان هوندا هئا، ۽ مون کي پڪو ويساهه آهي ته جن جن به سندن پرڪشش شخصيت جو نظارو ڏٺو ۽ روبرو نياز حاصل ڪرڻ جو چانس ’اويل‘ ڪيو هوندو يا سندن خوش بياني ڪن محفلن ۾ ويهي ڪَنائي هوندي، اُهي اڄ پاڻ کي وڏا ڀاڳوند محسوس ڪندا هوندا ۽ فخرمند ٿيندا هوندا ته هنن پير صاحب جهڙي شخصيت کي روبرو ڏٺو به هو ۽ ٻڌو به هو.

مون کي ياد آهي، پنهنجي ٽين _ ايج ۾ پير صاحب کي ٻڌڻ جي سعادت هڪ دفعو مون به ماڻي هئي. اهو ستر وارو ڏهاڪو هو ۽ پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ ڪا ادبي گڏجاڻي هئي ۽ ان ۾ پير صاحب محفل جا مور هئا، مون کي چٽي ساروڻي آهي ته پنهنجي واري اچڻ تي پاڻ جڏهن ڳالهايائون ته خوب ڳالهايائون ۽ اهڙو ڳالهايائون جو ان طويل ادبي ميٽنگ ۾ ٿيل بور تقريرن جو سمورو ٻوجهه ذهن تان لهي ويو هو. پير صاحب جن جي هڪ گهاٽي دوست ڊاڪٽر رياض الاسلام ڪنهن هنڌ ڪيڏو نه صحيح لکيو آهي ته سندن شگفته مزاجي ۽ بزله سنجي هر محفل ۾ رونق ۽ زندگيءَ جو سبب بنجي ويندي هئي.

گفتگوءَ جي فن کي بزرگن ’لطيف فن‘ طور شمار ۾ ڪونهي آندو، پر اها حقيقت آهي ته دل ۾ لهي ويندڙ ۽ ذهن ۾ هميشه لاءِ رهجي ويندڙ ڳالهين ڪرڻ واري فن کان وڏو ڪمال شايد ئي ڪو ٻيو هجي. دراصل ڏٺو وڃي ته اهو ئي اهو ڪمال هو جيڪو گوتم ٻڌ کان مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ سروجني نائيڊوءَ کان علامه نصيرالا جتهادي تائين هر هڪ شخصيت ۾ هو، جن جون ڳالهايل ڳالهيون اڄ به نسل به نسل، سينه به سينه سفر ڪنديون ۽ منتقل ٿينديون رهن ٿيون.

پير صاحب انهن مٿين شخصيتن جي پايي جو خوش بيان مقرر ته هو ئي، پر ساڳئي وقت گفتگوءَ جي فن جهڙي ’جينيئس نيس‘ سندن تحرير جو به خاصو هئي. هونءَ، ائين تمام گهٽ هوندو آهي ته ڪنهن محقق جي بند مُٺ ۾ اهي ٻئي موتي هٿيڪا هجن. ڪي دانشور ڳالهائي ته بيشڪ سُٺو ويندا آهن، پر سندن تحرير ۾ ساءُ ڪونه هوندو آهي. ڪي عالم وري سٺو لکي ته سگهندا آهن، پر عوام آڏو يعني اجتماع جي روبرو ڳالهائڻ جو منجهن ’ڪانفيڊنس‘ خير ڪو هوندو آهي. پير صاحٻ انهن ٻنهي ميدانن جو ”بهترين شهسوار“ هو، يعني پاڻ بطور مقرر جي ڳالهايو به عاليشان ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ لکيو به لاجواب. يعني انهن ٻنهي محاذن تان پير صاحب سنڌ جي ماڻهن کي هڪ پاسي تاريخ ته ٻئي پاسي گهٽ پڙهاڪو ماڻهن ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ شوقيه طور شريڪ ٿيندڙ ’آڊينس‘ کي پنهنجي تاريخ سان دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو الڳ. امر جليل صاحب ان حوالي سان ڪيڏو نه صحيح لکيو آهي ته ”پير صاحب اهو عمل اختيار ڪري سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثارن لاءِ نوجوانن جي دلين ۾ جذبو جاڳائي وڌو هو.“

ڏٺو وڃي ته سنڌي نثر کي بلاشبه شمس العلماء مرزا قليچ بيگ زور وٺرايو هو، پر ثقافتي نثر جا اعليٰ نمونا ڏسڻا هجن ته پير علي محمد راشديءَ ۽ سائين حسام الدين جي لکيل نثر تان نگاهون هٽن ئي ڪونه ٿيون. هڪڙو جي نثر جو آفتاب آهي ته ٻيو مهتاب! ڪهڙو اهڙو ٻيو عالم، دانشور ۽ لسانيات جو ماهر آهي، جيڪو ”راشدي برادران“ جي لکيل نثر جي تاثر ۽ تاثير جو مقابلو ڪري سگهي. ڇا تاريخ، ڇا تحقيق، ڇا مشاهيرن جو مذڪور، ڇا شخصيتن جي خاڪا نگاري _ پير صاحب پنهنجي لاجواب ۽ لافاني نثر سان ڄڻ پوري دور جي ثقافتي تاريخ ڪورن ڪاڳرن تي اسان لاءِ محفوظ ڪري ڇڏي ويو آهي..... ”هُو ڏوٿي هُو ڏينهن“ کان وٺي ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ تائين پير صاحب جون تحريرون پڙهندي لڳندو ائين آهي، ڄڻ ڪناري کان سمونڊ ۾ هلندا پيا وڃون. نه روح کي رهڙ، نه ذهن تي ٻوجهه.... پاڻ جيترو اڳتي هلبو وڃبو، ڄاڻ جا ويتر آبدار موتي هٿ چڙهندا ويندا آهن. پير صاحب جي ان دلفريب اسلوب جو هڪڙو سبب ته اهو به هو جو پاڻ بنيادي طور تي تخليقي ادب جي ذريعي ادب ۾ پير پاتو هئائون. 1940ع کان اڳ واري دور ۾ ماهوار ”سنڌو“ ۾ ڇپيل سندن افسانن ۽ شمسيه ڪتبخاني پاران شايع ٿيل افسانن جي ڪتابن کي ان سلسلي ۾ ثبوت طور سامهون رکي سگهجي ٿو. پوءِ وارو سندن لکيل نثري سرمايو ان ڳالهه جو پڻ اهڃاڻ آهي ته پير صاحب ۾ تخليقي سِٽ لکڻ جي بي پناهه ڏات هئي. نيون نيون لفظي ترڪيبون ٺاهڻ، جملن جو سٽاءُ انوکو رکڻ ۽ نوان نوان لفظ لکت ۾ اختيار ڪرڻ، پير صاحب جي جدت پسند سڀاوَ جو ثبوت آهن. پير صاحب جي اهڙن هزارن تخليقي جملن مان ڪهڙو مثال ڏيئي ڪهڙو ڏجي. سندن لکيل جملن جي جدت جو اندازو هنن چئن جملن مان ئي ڀليءَ ڀت لڳائي سگهجي ٿو.

(1) سنڌ اهڙي وٽئون وئي ڪانه هئي، جو پنهنجي محسن کي موٽائي ماڳ اُماڻي....

(2) پوليس وڏيرن کي استعمال ڪندي هئي ۽ وڏيرا پوليس کي هٿ جو هٿيو بنائيندا هئا.....

(3) مولانا وفائيءَ ”توحيد“ ڪڍي پيرن جي جهروڪي ۾ جهانءِ وجهي ڇڏي. انهيءَ ٺيهي کي ڊاهي ان جا سمورا طلسم ٽوڙي تار تار ڪري هڪ ٻئي کان ڌارؤن ڌار ڪري ڇڏيا.....

پنهنجي عالمانه ڪم ۽ تحقيق کان هٽي ڪري، پير صاحب پنهنجي دور جا هڪڙا زندهه دل انسان به هئا. سندن خوش طبعي، خوش مزاجي ۽ خوش گفتاريءَ جا ڪيئي واقعا منهنجا ٻڌل به آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪن ناميارن ليکڪن جي مٿن لکيل مضمونن ۾ پڙهيا به آهن. ادي ماهتاب محبوب ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته ”دوستن کي سندن زباني ’احمق‘، ’بيوقوف‘ ۽ ان قسم جا ٻيا ’لقب القاب‘ ٻڌڻ سان بنهه ڪو رنج نه رسندو هو، بلڪه هُو ته ڄاڻي واڻي اهڙا وجهه ڳوليندا هئا، جئن سندن شگفته مزاجيءَ مان لطف اندوز ٿي سگهن.....“

مان سمجهان ٿو ته پير صاحب جون بحيثيت انسان، اهي اهڙيون دلآويز خوبيون هيون جو باوجود با رعب پرسنلٽيءَ جي، هر نسل ۽ هر ڄمار جي ليکڪ سندن ويجهو وڃڻ ۾ گهٻراهٽ محسوس ڪانه ڪئي هئي.

هڪ نسل کان ٻئي ۽ ٻئي نسل کان ٽئين نسل تائين سندن هي ذڪر جو جاري و ساري آهي ته، ڇو جاري آهي؟ شايد نه پر پڪ سان اِن ڪري جاري آهي جو هُو پنهنجي پويان Good Will ڇڏيا ويا آهن، سُٺايون، محبتون ۽ دوستيون ڇڏي ويا آهن. مون کي پڪ آهي ته جيستائين ڌرتيءَ تي ماڻهو موجود آهن، ساڻن ماڻهن جي محبت جو اهو سلسلو به جاري رهندو، ويندي ڏينهن قيامت تائين!

مون کي ياد آهي ته سال چورانوي جي آخري مهيني ڌاري گورنمينٽ ڪاليج مڪليءَ جي هڪ تقريب ۾ شرڪت جي بهاني تاريخ جي جاڳندڙ شهر ٺٽي ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو، تڏهن راشدي صاحب سان منهنجي قربت، سندن تربت جي تلاش لاءِ مون کي اُتساهيو هو ۽ مان صبح سان پنهنجي شاعر دوست مانجهيءَ جي مدد سان مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار مبارڪ جي احاطي تائين وڃي پهتو هئس. ڏٺم ته چوڌاري بي انت خاموشيءَ ۾ هڪ خوبصورت تربت اندر پير صاحب آرامي هئا. تڏهن مون دل مان دعائن جو گلدستو ڪڍيو ۽ سندن سيرانديءَ کان رکي چپ چاپ بيهي رهيس. دل ۾ سوچيم: پير صاحب کي هن دنيا مان لانگهائو ٿيندي تيرهن سال گذري چڪا آهن ۽ صرف پنجن سالن کان پوءِ اسين ايڪوهين صديءَ ۾ داخل ٿي وينداسين. سوچڻ جهڙي ڳالهه رڳو هتي هيءَ آهي ته ڇا ان گذريل سموري صديءَ دوران اسان وٽ ڪو ٻيو راشدي صاحب پيدا ٿيو؟ يا ڇا ڪو ٻيو راشدي صاحب پيدا ٿيندو؟ ۽ آسمان جي وسعتن تائين منهنجي ان پڙاڏجندڙ آواز جي گونجار مان هڪ آواز ورندو منهنجي ڪنن تائين پهتو: ’نه‘....... ’نه‘........ ‘نه‘........ قطعي نه!

تڏهن الائي ڇو ان وقت منهنجي ذهن ۾ شيخ اياز جون هي سٽون روائينڊ _ فارورڊ ٿينديون، گردش ۾ ڦرنديون پئي ويون:

تون چئه مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا؟

واڪـــا  ڪندي  ووءِ، صديـون تــو  لئه  سـنـڌڙي.

 

غلام رباني آگرو

پير حسام الدين راشدي

_ احوالُ ۽ احبابَ _

 

پير سائين، حسام الدين شاهه راشدي هڪ ديانتدار اهل قلم هو. ’سنڌ جي تاريخ‘ سندس دلپسند موضوع هو. ان ۾ به سندس خاص دلچسپي ارغون، ترخان ۽ مغل دور سان هئي، جنهن تي جڏهن به قلم کڻندو هو ته غير مستند ڳالهين لکڻ کان پاڻ بچائيندو هو. مستند معلومات، سون جي ذرڙن وانگر گڏ ڪري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪندو هو.

الله سائينءَ کيس هونئن ته گهڻين ئي خوبين سان نوازيو هو، پر هڪ اديب، عالم ۽ محقق جي حيثيت ۾، جنهن به قلمي نسخي کي ايڊٽ ڪندو هو، تنهن جي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان معلومات گڏ ڪندو هو، وس آهر، انهيءَ جا ٻيا قلمي نسخا به هِتان هُتان هٿ ڪندو هو. ڀلا جي قلمي نسخا نه مليس، ته پوءِ انهن جون فوٽو _ ڪاپيون (Photo-stat) هٿ ڪندو هو.

ڪنهن زماني ۾ اهڙن ناياب نسخن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ مئڪرو فلمن (Micro-Films) جو رواج پيو، ته پوءِ، مطلوبه قلمي نسخي جون مئڪرو فلمون گهرائيندو هو. انهن ۾ رامپور (انڊيا) واريءَ لئبرريءَ، بالڊين (جرمني) واريءَ لئبرريءَ ۽ برٽش ميوزم (انگلنڊ) ڏانهن سندس خاص توجهه هوندو هو. پر، روسي عالمَ ۽ سوويٽ پريذيڊيم جي ميمبر، بابا غفوروف سان دوستانه ناتا قائم ٿيڻ کانپوءِ، روس جي لئبررين ۾، مشرقي علومن وارن گوشنِ (Oriental-Sections) مان به استفادو ڪندو هو.*

اهڙيءَ ريت، موضوع سان متعلق سمورو موادُ، قلمي نسخي جي مصنفَ جي حياتيءَ جو احوال، سندس لکيل ٻين ڪتابن ۽ همعصر اهل قلم ساٿين، ۽ ان دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي باري ۾ مڪمل معلومات گڏ ڪندو هو. سندس اهڙيءَ اورچائيءَ جو هڪ مثال مير معصوم تي سندس تحقيق آهي. مير صاحب جا حال احوال گڏ ڪندي، سندس پيارا کڻندي، سنڌ مان وڃي افغانستان ۽ ايران پهتو، جتان ان زماني جي تاريخي جاين تي مير معصوم جي هڻايل ڪتبن جون تصويرون ڪڍي آيو.

ان ريت، سمورو سامان گڏ ڪري، رٿيل ڪم جو ذهن ۾ نقشو ٺاهي، ”بسم الله“ ڪندو هو. جيڪي لکندو ويندو هو، تنهن تي جڏهن نظر ثاني ڪندو هو، ته ڪي نه ڪي درستيون ضرور ڪندو هو. سو، مسودي جي صاف ڪاپي اتارڻ جو ڪم، فارسي ڪتابن جي صورت ۾، مولوي اعجاز الحق قدوسيءَ يا حبيب الله رشديءَ کي ڏيندو هو. ٻئي ڄڻا سنڌي ادبي بورڊ ۾ نقل نويس هئا. ٽيون نقل نويسُ مولوي محمد صديق ”ماعر“ هوندو هو، جيڪو عربي ۽ سنڌي قلمي ڪتابن جي نقل نويسيءَ جو ڪم ڪندو هو. سندس سنڌي، توڙي فارسي ۽ عربي اکر موتيءَ جا داڻا هئا.

*      *      *

ڊاڪٽر بلوچ صاحب به مولوي محمد صديق کي ڪڏهن ڪڏهن قلمي ڪتاب اتارڻ جو ڪم ڏيندو هو. هڪ دفعي کيس ڪو ناياب قلمي نسخو ڏنائين. غالباً، سانگيءَ جو ”لطف اللطيف“ هو. پير صاحب حيدرآباد آيل هو. سو، حسب دستور بورڊ جي آفيس ۾ آيو، ته مولوي ماعر کان پڇيائين ته، ”ڇا ٿا ويٺا نقل ڪريو؟“

مولوي ماعر قلمي نسخو کڻي اڳيان رکيس. ڏسي موٽائي ڏنائينس. پير صاحب جڏهن بورڊ جي آفيس مان ڪم لاهي واندو ٿيو، ته مولوي ماعر کي سڏ ڪري، چيائينس ته ”اهو نسخو به کنيو اچ.“ پاڻ وڃي ڪار ۾ ويٺو.

مولوي صاحب به خوشي مان نسخو کڻي وڃي ڪار ۾ ويٺو، ته پير صاحب ڊرائيور کي چيو: ”هل ڪراچيءَ.“

مولوي ماعر وائڙو ٿي ويو.

ڪراچيءَ پهچي، سڌو National Archives  وارن جي آفيس ۾ ويو، ۽ قلمي سنخي جي فوٽو ڪاپي ڪرايائين. (تن ڏينهن ۾، حيدرآباد ۾ فوٽو اسٽيٽ جو رواج ڪونه هو) ڪم لاهي، مولوي صاحب کي بس تي ويهاري، ٽڪيٽ وٺي ڏنائينس، سو نسخي سميت اچي حيدرآباد پهتو. ڏينهن ٻن کان پوءِ مون سان ڪن ۾ اها ڳالهه ڪيائين. ڏاڍو ڊپ هئس ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي خبر نه پوي!

*      *      *

ڳالهه پئي هلي قلمي ڪتابن جي نقل نويسيءَ جي. پير صاحب نقل نويسيءَ ۾ چڪ اصل برداشت ڪونه ڪندو هو. هڪ دفعي مولوي اعجاز الحق قدوسيءَ سندن ڏنل مواد جا ويهه پنجويهه صفحا اتاريا. مون کان پڇيائين ته ”ڪاڏي ٿا وڃو؟“

مون چيو ته، ”پير صاحب وٽ، جو مون کي هي ڪم چيو هئائين.“

چيائين ته، ”مان به ٿو هلان، جو هي اتاريل ڪاغذ کيس ڏيڻا اٿم ۽ نوان ڪاغذ کانئس اتارڻ لاءِ وٺڻا اٿم.“

اسان ٻئي ڄڻا بورڊ جي جيپ ۾ چڙهي، بيت الضياء (جمشيد روڊ) روانا ٿياسين. ڀانيان ٿو ته يارهين ساڍي يارهين بجي صبح جو ٽائيم هوندو، جو اتي پهتاسين. نوڪر پير صاحب وٽ وٺي هليو. حسب دستور، لئبرريءَ ۾ ڪو ڪتاب ويٺي لکيائين. اسان سندس ميز جي سامهون ڪرسين تي وڃي ويٺاسون. جڏهن پئرا پوري ڪيائين، ته ڪنڌ مٿي کڻي، اسان ڏانهن نهاريائين، ۽ اول مولوي صاحب کان پڇيائين ته، ”جيڪي ڪاغذ ڏنا هئم، سي نقل ٿي ويا؟“ مولوي صاحب جي وات ۾ پان هو. سو، جواب ڏيڻ بدران ساڻ آندل ڪاغذ سندس اڳيان رکيائين. پير صاحب پڙهڻ شروع ڪيا. پهرئين ئي صفحي ۾ ڪا چُڪ نظر آيس، سو، اول ته مولوي صاحب ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ، ميز تان پين کڻي، چڪ درست ڪيائين. ٻيو صفحو ورايائين، ته ان ۾ به ڪا هڪ اڌ چڪ هئي، اها به نرڙ ۾ گهنج وجهي درست ڪيائين. پر، ٽئين صفحي ۾ به جو چُڪَ نظر آيس، ته غصي ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. مولوي صاحب جا اتاريل سمورا ڪاغذ ڦاڙي، چار ٽڪر ڪري، ردي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايائين، ۽ چيائينس ته ”چلي جائو“.

مولوي صاحب ڪرسيءَ تان اٿيو، ته مان به اٿيس. ٻئي ڄڻا موٽي بورڊ جي آفيس ۾ پهتاسون. رستي تي ويچاري مولوي صاحب ته ڪو اکر ئي ڪونه ڪڇيو. بلڪه، کانئس ٻيو پان کائڻ به وسري ويو.

هونئن پير صاحب کي مولوي صاحب سان وڏي محبت هئي ۽ اها آخر تائين قائم رهي. ورهين جا ورهيه، پاڻ مولوي صاحب کان سواءِ ماني ڪونه کائيندو هو. مولوي صاحب پاڻ وقت تي نه پهتو، ته پير صاحب کيس موٽر موڪلي گهرائيندو هو.

هن واقعي بيان ڪرڻ مان منهنجو مقصد رڳو اهو ڏيکارڻ آهي، ته علمي ڪم ۾ چڪ پير صاحب برداشت ڪونه ڪندو هو. جيڪو به لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻندو هو، ان تي پاڻ جو رات ڏانهن محنت ڪندو هو، ته ماتحت ماڻهن مان به اهڙي ئي اميد رکندو هو.

”مقالات الشعراء“ ۽ ”تذڪرهء شعراء ڪشمير) (پنج جلد) سندس اورچائيءَ ۾ بي پناهه محنت جا ثبوت آهن. انهن ٻن ڪتابن تي ڏاڍي محنت ڪيائين. لڳ ڀڳ اوڏي ئي محنت ”تحفة الڪرام“ (فارسي) جي ايڊيٽنگ تي ڪيائين. مقالات الشعراء جو ڌڪ ته پچائي ويو، پر مان ڀلجان نٿو ته ”تذڪره شعراء ڪشمير“ تي رات ڏينهن جيڪا هڻ هڻان ڪيائين، تنهن جي نتيجي طور کيس دل جو دورو پيو.

”تاريخ مظهر شاهجهاني “ به ايڏيءَ ئي محنت سان ايڊٽ ڪيائين. انهن ڏينهن ۾، اٿي ويٺيءَ، اها ڳالهه سندس زبان تي هئي، ته ”مغلن جي حڪومت ۾ سنڌ تي ڏاڍو ظلم هو.‘ هڪ ڏينهن چيائين ته ’ڪتاب ۾ راڻيءَ نورجهان جو شجرو ڏيئي، ڏيکارڻ گهران ٿو ته سندس اوج واري زماني ۾، سندس مڙئي مٽ مائٽ، سڄي هندستان ۾ اهم سرڪاري عهدن تي ڪيئن قابض ٿي ويا هئا. سندس پنهنجا اکر هي هئا: ’نورجهان جو خاندان ڪينسر وانگر سڄي مغل هندستان ۾ پکڙجي ويو هو.‘

جڏهن نورجهان جو شجرو ٺاهڻ شروع ڪيائين ته پڻس جو جدا ٺاهيائين ۽ ماڻس جو جدا. ٻئي شجرا هاڻي مظهر شاهجهانيءَ ۾ موجود آهن. انهن شجرن لاءِ الائي ته ڪٿان ڪٿان معلومات جمع ڪيائين، ۽ آخر ۾ انهن کي انهيءَ نقطي تي وڃي پهچايائين، جتي ملڪہ نورجهان جو جسماني پيڪر هن دنيا ۾ تشريف آوريءَ لاءِ، اڃا سندس وڏڙن جي رت ۾، ابتدائي جزن جي صورت ۾ به ظهور پذير ڪونه ٿيو هو. انهيءَ ئي منزل ۽ ماڳ تي هو، جنهن جو ذڪر ڪندي، سنڌ جي سياڻن چيو آهي ته:

نــڪي پاڻيءَ مان پيدا ٿيو، نڪي ڄائون ڪَنهن ريجَ،

جڏهن سارنگ چڙهيو سيجَ، ته ڪڪر هئو ئي ڪونه.

پير صاحب جي محنت ۽ اورچائيءَ جو هڪ ٻيو مثال ’سير العارفين‘ جو مقدمو آهي. پير صاحب جي جنهن عقيدتمند اهو مقدمو نه پڙهيو آهي، تنهن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. اڃا به ٻيو مثال مير علي شير جي سوانح حيات وارو مضمون آهي، جو ”تحفة الڪرام“ ۾ ڇپيل آهي.

سيوهڻ جي مشائخن جي باري ۾ (جن ۾ قلندر شهباز به شامل آهي)، پير صاحب ”حديقة الاولياءَ “ جي مقدمي ۾ به سٺي معلومات ڏني آهي. در حقيقت، انهيءَ مقدمي ۾، پير صاحب اهڙن تذڪرن جي فهرست، مختصر جائز سميت ڏني آهي، جيڪا سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ لکڻ ۾، سڌي ۽ ضروري ماخذَ (Basic sources) جي حيثيت رکن ٿا. هڪ ڏاهي شخص مون کي چيو ته، ”جڏهن مڙئي وطن فروش مَروانَ مري ويندا، ۽ سنڌ جا حقيقي وارث ساماڻبا، تڏهن پير صاحب جا اهي ڪتاب سونهاريءَ سنڌ جي تعميرنؤ لاءِ کين ڏاڍا ڪم ايندا.“

*      *      *      *

پير صاحب دل جي دوري ڪري وفات ڪئي. ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ عثمان علي انصاريءَ به دل جي دوري ڪري وفات ڪئي هئي.

پير صاحب کي پهريون دل جو دورو 1958ع ۾ پيو هو. انهن ڏينهن ۾ ”روضة السلاطين“ ايڊٽ پئي ڪيائين. اهڙو ڪو نفسياتي اثر پيس، جو جڏهن چاق ٿيو، ته ورهين جا ورهيه انهيءَ جي رهيل ڪم کي هٿ ڪونه لاتائين. هڪ دفعي مون سان دل جي ٻاڦور ڪڍندي چيائين، ته ”ڊاڪٽر دائود پوٽي کي به روضة السلاطين جو قلمي نسخو ايڊٽ ڪندي دورو پيو هو.“ بهرحال، اڳتي هلي، اهو ڪتاب ايڊٽ ڪيائين، جو پوءِ بورڊ شايع ڪيو.

پير صاحب کي ٻه ٽي دفعا دل جو دورو پيو. پهريون ڀيرو 1958ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻيو ڀيرو لاهور ۾. انهن ڏينهن ۾، علامه اقبال تي قومي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اتي ويو هو. ابوالخير ڪشفيءَ ڳالهه ڪئي، ته اسان شام وارو اجلاس پورو ڪري اٿياسين. پرل ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ ٽڪيل هئاسين. ڪانگريس جا ڪي نمائندا مغرب جي نماز لاءِ وضو ڪرڻ ويٺا ۽ ڪي وري هوٽل ڏي هليا. پير صاحب غير سنجيده انداز ۾ چيو ته، ”هُنن کي ڏسو! منافقت جا سجدا ڏيڻ لاءِ وضو ڪري رهيا آهن.“ هڪ ترڪ نمائندي ڏانهس غصي ۾ گُهوري چيو ته، ”خيال ڪر! اهو ’سريع الحساب‘ اٿئي!“

پير صاحب ڪجهه ڪونه ڪڇيو. هوٽل ۾ پنهنجي ڪمري ۾ گهڙيو. مان به پنهنجي ڪمري ڏي ويس. اندر داخل ٿيس، ته فون جي گهنٽي وڄي رهي هئي. رسيور کنيم، ته پير صاحب هو. چيائين ته، ”جلد اچ.“ موٽي سندس ڪمري ۾ ويس: پگهر ۾ شل هو. کيس دل جو دورو پيو هو.

اهو واقعو ڊسمبر 1977ع جو آهي. مان تڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو _ وائيس چانسر هئس. پير صاحب جي بيماريءَ جو ٻڌم، ته ڪراچيءَ ويس. جهاز ۾ چڙهي، لاهور لٿس. صبح جو يارهن ساڍا يارهن ٿيا هوندا، جو مان ميو اسپتال پهتس. سيارو هو. سندس طبيعت ڪجهه بهتر ٿي هئي، سو کيس انتهائي نظرداريءَ جي وارڊ مان ڪڍي، پرائيويٽ روم ۾ منتقل ڪيو هئائون. سياري جي مند هئي ۽ پرائيويٽ روم جو فرش سنگمرمر جو هو. ليڪن، پراڻو ۽ ڏاڍو ٿڌو هو. پير صاحب پنهنجي ڀائٽي، ڊاڪٽر شمن شاهه راشديءَ سان گڏ، بجليءَ جي هيٽر جي اڳيان، ڪرسيون وجهي ويٺو هو. مان ساڻس مليس ۽ ڪرسي ڇڪي گڏ ويٺس. ماحول مجموعي طرح ڏاڍو افسرده هو. هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪيوسون. ڏينهن گذري ويو. مان کانئس موڪلائي، شام واري جهاز ۾ موٽي حيدرآباد آيس.

*      *      *      *

پير صاحب اول ۽ آخر هڪ اديب ۽ عالم هو. سندس اٿي ويٺي اديبن ۽ اهل قلم ماڻهن سان هوندي هئي. هڪ دفعي سائين جي. ايم. سيد سان گفتگو ڪندي، چيائينس ته ”مان اوهان جي سياسي ڪمن ۾ شريڪ ته برابر ڪونه ٿو ٿيان. پر، انهن جو اکين ڏٺو شاهد ته آهيان.“

سائين جي. ايم. سيد سان ڏاڍي گهرائپ ۽ محبت هئي. پر، حقيقت اهائي آهي ته سندس سياسي سرگرمين ۾ پاڻ شريڪ ڪونه ٿيندو هو.

جڏهن سائين ڪراچيءَ ۾ هوندو هو، ته پاڻ روزانو سندس بنگلي ”حيدر منزل“ تي شام جو ساڻس ملڻ ايندو هو. ٻيا ڏهه ٻارهن ڄڻا به مقرر ايندا هئا. يارهين ٻارهين وڳي محفل پر خواست ٿيندي هئي، پر، 1958ع واريءَ مارشل لا کان پوءِ، سائين نظربند ٿيو، ته بعضي ڇهه اٺ مهينا پنهنجي ڳوٺ سن ۾ هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ پاڻ جويي صاحب ۽ مون کي ساڻ وٺي، ساڻس سن ملڻ هلندو هو. ڏينهن ٻه اتي ٽڪندو هو.

پاڪستان کان اڳ (مرحوم) ذوالفقار علي ڀٽي جي سهري، احمد خان ڀٽي کي به ائين ڏاڍو ڪو ويجهو هو. سائين جي. ايم. سيد چوندو هو ته ”حسام الدين شاهه، لٽي ڪپڙي، کائڻ پيئڻ، ٻيو ته ٺهيو، جو ڪراچيءَ جي صدر بزار ۾ هواخوريءَ جون سڀ عادتون احمد خان ڀٽي کان پرايون هيون.“

احمد خان ڀٽي جي قرب ڪري، (مرحوم) ذوالفقار علي ڀٽي کي به ويجهو ٿيو. ڀٽو صاحب جڏهن پاور ۾ آيو، ته وڏي ڀاڻس، پير علي محمد راشديءَ سان سياسي اختلافن هوندي به، سائين حسام الدين سان لڳ لاڳاپا نڀائيندو آيو. جڏهن پير صاحب جي گهر واري، بيبي زليخا گذاري وئي، تڏهن ڀٽي صاحب جي گهرواري، امير بيگم، پير صاحب کي سندس ڪراچيءَ واري موجوده گهر ۾ تعزيت ڏيڻ وئي هئي. ڀٽي صاحب کيس ٽوياٽا ڪار جي پرمٽ به وٺي موڪلي هئي. ٻين به گهڻين ڳالهين ۾ سندس خيال رکندو هو.

سنڌ جي سياستدانن ۾ پير صاحب جي شيخ عبالمجيد سنڌيءَ سان به وڏي محبت هئي. ساڻس ڏاڍو حجائتو به هو، پر سندس وڏو ادب ڪندو هو. شيخ صاحب وانگر رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سان به حجائتو هو. ٻنهي جي ميل ملاقات ۽ ڪچهري اڪثر ڪري، سائين جي. ايم. سيد جي ڪراچيءَ واري بنگلي تي ٿيندي هئي.

هڪ دفعي سائين ميران محمد شاهه ۽ پير صاحب اتي ڪچهري ڪري اٿيا، ۽ سائينءَ جي موٽر ۾، پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا، ته رستي تي پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪندي، الجهي پيا. مان به موٽر ۾ موجود هئس. جڏهن سال ٻه گذريو، ته اٽڪل سان سندس پرچاءُ ڪرايم. پوءِ ته سائين ميران محمد شاهه حيدرآباد ۾ سندس شاندار دعوت ڪئي، جنهن ۾ ايراني عالم، آقاي ماهيار نوابي پڻ شريڪ ٿيو.

زندگيءَ جي پوئين زماني ۾ سندس دوستي نواب نور احمد لغاريءَ ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ سان ٿي. نواب صاحب جي ڊاڪٽرس ڪالونيءَ واري رهائشگاهه تي ڏينهن جا ڏينهن رهندو هو. سندس ئي ڪوشش سان شاهه ايران جي وزارت ثقافت، نواب صاحب ۽ مون کي ايران گهمڻ جي دعوت ڏني.

سنڌ جي بزرگ عالمن ۽ اديبن ۾ سندس پهرين پهرين ميل ملاقات شايد مولوي دين محمد وفائي مرحوم سان ٿي. انهيءَ ئي نسبت سان سندس وفات کان پوءِ، سندس فرزند، علي نواز وفائيءَ سان به رستو هيس. پر، مولوي دين محمد کان به اڳ سندس ادبي ناتو حنيف صديقيءَ سان ٿيو هو، جو ٻنهي ڄڻن پڇاڙيءَ تائين نڀايو.

اڳوڻي زماني جي ٻين اهڙن بزرگن مان، جن جي ادب ۽ سياست ٻنهي ۾ دلچسپي هئي، تن ۾ پير صاحب جو محمد امين کوسي ۽ جي الانا سان گهرو گهاٽو لاڳاپو هو. ناشاد جي روايت موجب، جي. الانا ته سندس وفات جي ٻئي ڏينهن مٿس اخبار ۾ ڏاڍو پيارو مضمون به لکيو هو.

محمد امين کوسي سان گهڻو حجائتو هوندو هو، ۽ ٻنهي جو لڳ لاڳاپو به پراڻو هو. محمد امين خان پنهنجن دوستن کي خطاب ڏيندو هو. حسام الدين شاهه کي ”داناي راز“ جو خطاب ڏنائين.

*      *      *      *

پير، صاحب پوين ڏينهن ۾، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ علام آءِ. آءِ. قاضي کي به گهڻو ويجهو ٿيو. سنڌ ۾، توڙي سنڌ کان ٻاهر، جن به عالمن ۽ اديبن سان سندس لڳ لاڳاپو ٿيو، تن سان برابريءَ جي بنياد تي ٿيو. هو کين دوست تصور ڪندو هو ۽ اهي به موٽ ۾ ڏانهس ائين ئي ڏسندا هئا. پر، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ ڏانهن سندس رويو مختلف هوندو هو. ساڻس به ڀاڪر پائي ملندو هو، پر، ادب سان جهڪي. کيس ”سائين“ ڪوٺيندو هو. هڪ دفعي ڳالهه ڪيائين ته ڪنهن دوست جي آفيس ۾ ويس.  فون تي ڳالهائي رهيو هو. جواباً ”جي سائين“ ”جي قبلا سائين“ ڪري رهيو هو. مون کيس چيو ته منهنجا به سلام ڏينس. هن ائين ڪيو. مون سمجهيو ته علامه صاحب سان ڳالهائي رهيو هو. جڏهن فون تي ڳالهائي بس ڪيائين، ته ان ماڻهوءَ جو نالو پڇيومانس. ڪو ٻيو کنيائين. مون کي ڏاڍي ندامت ٿي، جو سمجهيم ته اڳلو شخص ائين ئي ڀائيندو، ته پير صاحب به مون کي ”قبلا سائين“ ڪري، مخاطب ٿئي ٿو.

پير صاحب هڪ ڀيري ايران مان موٽيو ته اخبار ۾ خبر آئي ته اتي شاهه ايران سان طويل ملاقات ڪيائين. حيدرآباد آيو، ته ٻئي ڄڻا گڏجي علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب سان ملڻ وياسين. رات جو علامه صاحب مون کي فون ڪئي ته ”ابا، حسام الدين هاڻي ملي ٿو بادشاهن سان، سو سندس روش ۾ مڙئي ڪجهه فرق آهي.“

مون پير صاحب سان ڳالهه ڪئي. کلي چيائين ته ”ير! مون کي به اهو احساس ٿيو. علامه صاحب سان سدائين سڪ سان ڀاڪر پائي ملندو آهيان. پر، هن ڀيري سهو ٿي وئي. ان جو ڏوراپو مليو آهي.“

پير صاحب جي سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان به گهري گهاٽي دوستي هوندي هئي، ايوب خان واريءَ مارشل لا کانپوءِ جڏهن سنڌي ٻوليءِ کي ڌڪ هڻڻ لاءِ هڪ غلط قاعدو ٺهيو، تڏهن سنڌ ۾ ان جي خلاف وڏي تحريڪ هلي. انهيءَ تحريڪ جي نتيجي طور جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو اصلوڪو درجو بحال ٿيو، ته ان ۾ پير صاحب ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه گڏجي سهڻو رول ادا ڪيو.

*      *      *      *

 پير صاحب جهڙي وڏي عالم بابت معياري علمي مضمون لکڻ جو حق ادا يا ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي آهي يا جويي صاحب کي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان پير صاحب جي دل هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ڇيڙخاني به ڪندو هو. ان ۾ حيرت جي ڪابه ڳالهه ڪانهي. ماڻهوءَ جي مٽيءَ ۾ سڀ رَنگ موجود آهن.

سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون سنه 61ع_ 62ع ۾ حيدرآباد کڄي آيون. سرڪاري حڪم هو. ٻي جاءِ ته ڪانه هئي، سو بورڊ جي ڪارڪنن مخدوم صاحب جي بنگلي نمبر 3، سول لائين ۾ اچي خيما کوڙيا. پير صاحب بورڊ جي ميٽنگ تي ايندو هو. ڊاڪٽر صاحب اولڊ ڪئمپس واري موجوده گهر ۾ رهندو هو. اڪٽر، پير صاحب جي روزانو ماني ڪندو رهندو هو. مون کي ۽ سائين جويي صاحب کي به سڏيندو هو. هڪ ماني سٺي، ٻيو محبت  ڀريو ماحول، ٽيون علمي ڳالهيون، ۽ چرچا گهٻا _ ڏاڍو مزو ايندو هو.

تن ڏينهن ۾ شير محمد مري به ڊاڪٽر صاحب وٽ رهندو هو. بلوچستان مان ڀڄي سنڌ ۾ آيو هو. ”ڪهني بلوچي شاعري“ نالي ڪتاب لکيو هئائين، جو بورڊ ڇپائيءَ لاءِ منظور ڪيو هو، ۽ سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ ڇپجڻ لڳو هو.

شير محمد تڏهن مٺو ماڻهو هو. پر، بلوچستان موٽي ويو، ته روسي ايجنٽن سان لڳ لاڳاپو ٿيس، سو شير محمد مان ڦري شيروف ٿي پيو. ستت، جنرل شيروف ٿي ويو. ڪامريڊ پوهومل سان سنگت هوندي هئس. سو، ٻڌائيندو هو ته جڏهن کان جنرل شيروف ٿيو آهي، تڏهن کان ساندهه ٻه ٻه ڪلاڪ ويٺو ڏاڙهي وٽي. حيدرآباد ۾، شير محمد جو ٻيو ڪامريڊ دوست ابن حيات پنوهر هوندو هو ۽ ٽيون جمال رند. جمال وٽ انهن ڏينهن جو الاهي خبرون آهن، پر لکڻ کان زور آهن. جڏهن جنرل شيروف ٿيو، تڏهن هڪ دفعي مير رسول بخش ٽالپر سان ملڻ لاءِ حيدرآباد آيو. موٽندي، گاڏي کاتي ۾، ابن حيات پنوهر سان به ملڻ لاءِ ادبي بورڊ جي آفيس ۾ آيو. ابن حيات ته ڪڏهوڪو بيماريءَ سببان موڪل تي هو. مون کيس وڏيءَ عزت سان آفيس ۾ سڏيو. ڏٺم ته همراهه جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ مخرج هئي. ڏاڙهي به چڱيءَ طرح وٽيل هئس. ٻه ٽي بندوقچي به باڊي گارڊن وانگر ساڻ هئس، هڪڙي ڳاڙهي رنگ جي موٽر به هئس. چاءِ ڪافي پياريمانس. هتان هُتان جون ڳالهيون ٿيون. ڪوئيٽا روانو ٿيو.

جڏهن قسمت مون کي اسلام آباد وٺي وئي، ته ڪئي دفعا سرڪاري ڪم ڪار سان ڪوئيٽا ويس. گهڻيئي بلوچ اديب دوست ٿيا. چيائون ته ”گھر ۾ هڪ هنڌ پيو آهي. بيمار آهي. اکين کان ويهي ويو آهي. سندس ڪو نينگر ڊاڪٽر آهي، سو نظرداري ڪندو اٿس.“

شير محمد جو ”بلوچي ڪهني شاعري“ ڪتاب آخر تائين ڪونه نڪتو. هڪ دفعي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ياد ڏياريم. پر، چيائين ته ”اڃا مهل موقعو مناسب ڪونهي.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڏو داناءُ ماڻهو آهي. کيس خبر آهي، ته ڪهڙيءَ مهل، ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ کپي ۽ ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي.

سنڌ ۾ مظلوم ترين فرد شايد سنڌي ماستري آهي. داروغي ۽ تپيدار جو درجو کانئس مٿي آهي. پر، اديب، جو حالُ کانئس به بڇڙو آهي. دراصل، جاهل سماج ۾ علم جو قدر ٿيندو ئي ڪونهي. پر، ڊاڪٽر صاحب سڄي عمر علم ادب جي خدمت ڪئي، ۽ حيرت آهي ته پوءِ به سنڌ ۾ پنهنجي لاءِ عزت ڀريو مقام پيدا ڪيو! بلاشڪ، اهو سندس معجزو آهي.

هاڻوڪي دور ۾، ڪنهن به قومي يا بين الاقوامي مجلس ۾، سنڌ جي ادب ۽ تهذيب جي باري ۾، انگن اکرن سان صحيح معنيٰ ۾ ڳالهه پيش ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ٻه ماڻهو هئا: هڪڙو پير سائين حسام الدين شاهه راشدي ۽ ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. ٻنهي ڄڻن مان هڪڙو اٿي ويو. ٻيو اسان وٽ اڃا موجود آهي. الله پاڪ کيس خوش رکي، وڏي عمر ڏئي!

علامه آءِ. آءِ. قاضي هن زمري ۾ ڪونه ايندو. سندس درجو مٿي آهي. هڪ دفعي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب مون کي چيو ته، ”اسان جي زماني ۾، ٽي ماڻهو سڄيءَ مغربي دنيا (West) کي سندس ئي محاوري (Idiom) ۾، خطاب ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هئا: هڪ علامه مشرقي، ٻيو علامه اقبال ۽ ٽيون علامه قاضي.“

*      *      *      *

مون کان جيڪڏهن ڪو شخص سوال پڇي ته سنڌ جي اديبن ۾، پير صاحب، سڀ کان گهڻو ڪنهن کي ويجهو هو، ۽ ڪنهن کان متاثر هو، ته مان بنا ڪنهن هٻڪ جي سائين جويي صاحب جو نالو کڻندس.

سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون جڏهن ڪراچيءَ ۾ هيون، ته پير صاحب روزانو صدر مان چڪر ڏئي، يارهين بجي صبح ڌاران سنڌي ادبي بورڊ ۾ ايندو هو، ۽ جويي صاحب سان ڪلاڪ کن ڪچهري ڪري، منجهند جي مانيءَ مهل، پنهنجي گهر، (بيت الضيا، جمشيد روڊ) هليو ويندو هو. موٽر ڪانه هوندي هئس. پيلي ٽيڪسي ڪرائي تي ڪندو هو.

جويي صاحب سان سندس ڪچهرين جا موضوع علمي ادبي هوندا هئا. ڪنهن به شخص جي گلا يا مدح سرائي ڪانه ٿيندي هئي. هونئن اسان سنڌي انهيءَ فن ۾ وڏا ماهر آهيون. جيڪڏهن بين الاقوامي ليول تي انهيءَ فن جي ڪا چٽا ڀيٽي ٿئي ته گهڻين قومن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. پير صاحب جي ڪچهرين جويي صاحب جي ذهن تي ڪهڙو اثر ڇڏيو، سو ته مون کانئس ڪڏهن به ڪونه پڇيو آهي. پر، پير صاحب هڪ ڀيري پنهنجا تاثرات بيان ڪندي مون کي ٻڌايو ته، ”اسان کي سنڌ دوستيءَ جا سبق جويي صاحب ڏنا.“

1958ع ۾، پير صاحب کي دل جو پهريون دورو پيو. پيرن تي بيهڻ جهڙو ٿيو، ته هڪدم پنهنجي وڏي ڀاءُ، پير علي محمد راشديءَ وٽ، علاج لاءِ منيلا هليو ويو، جو اتي پاڪستان جو سفير هوندو هو. ڇهه ٻارهن مهينا منيلا رهيو، ۽ ڪنهن آمريڪي ڊاڪٽر کان علاج ڪرايائين. موڊ ٿيندي هئس، ته اتان مون کي ڊگها ڊگها خط لکندو هو. ڏهن، پندرهن ۽ ويهن صفحن جا. مان ڀايان ٿو ته پرديس ۾ ماڻهوءَ کي جڏهن وطن جي سڪ لڳي، تڏهن کيس ڪو دل گهريو ماڻهو کپي، جنهن سان ويهي دل جون ڳالهيون ڪري. سندس انهن خطن جو مقصد اهوئي هو. افسوس آهي ته مان اهي خط، ڪيترن ٻين اهم خطن وانگر، سانڍي ڪونه سگهيس.

منيلا وڃڻ کان اڳ پاڻ ماهيانه مقرر معاوضي تي بورڊ لاءِ ڪم ڪندڙ محترم ۽ معزز عالم هو. اهڙا ٻه ٻيا عالم به هئا: هڪ شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ ٻيو علامه آءِ. آءِ. قاضي. پير صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب گڏ مقرر ٿيا هئا. ڀلجان نٿو، ته غالباً 1956ع ۾ يعني اڄ کان چاليهه ورهيه اڳ. بورڊ هر هڪ کي هزار رپيا ماهيانو ”اعزازيه“ ڏيندو هو. ٻئي ڄڻا، پنهنجي ليکي، پنهنجي گهر ۾ پنهنجيءَ مرضي سان علمي ڪم ڪندا رهندا هئا. بعد ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءِ مان استعيفا ڏني ته هو به انهيءَ منصب تي مقرر ٿيو. کيس ماهيانو ۽ ٻه هزار رپيا ”اعزازيه“ ملندو هو.

جڏهن پير صاحب منيلا مان ڇهه ٻارهن مهينا علاج ڪرائي ملڪ موٽيو ته جويي صاحب سان ٻاڦور ڪڍيائين، ته ”اهو اڳوڻو انتظام ته ختم سمجهڻ گهرجي.“ جويي صاحب مڪمل اعتماد سان چيس ته ”نه، اهو انتظام موجود آهي ان باري ۾ بورڊ کان دوباره فيصلي وٺڻ جي به ضرورت ڪانهي.“ چنانچه، پير صاحب اڳئين وانگر ڪافي عرصو پوءِ به بورڊ جو ان انداز سان علمي ڪم ڪندو رهيو.


*  هڪ دفعي مون کي چيائين ته ’بورڊ جي ڪتابن جو سيٽ، منهنجي طرفان، سوويٽ يونين جي پريذيڊيم جي ميمبر، بابا غفوروف لاءِ، روسي سفارتخاني وارن کي تحفي طور ڏئي اچ‘. تڏهن روسي سفارتخانو ڪراچيءَ ۾ هوندو هو. مان کين سندس امانت پهچائي آيس.

اڳتي هلي، روسي سفارتخاني وارن سان پنهنجا لڳ لاڳاپا اهڙيءَ عقلمنديءَ سان وڌايائين، جو هنن کيس Friendship House  جو نائب صدر چونڊيو. (صدر فيض احمد فيض هو.) جڏهن ڪئنسر جو مرض ٿيس، ته روسي سفارتخاني وارن کيس پاڪستان جي ”ممتاز شخصيت“ جي حيثيت ۾، علاج لاءِ ماسڪو موڪليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com