ممتاز راشدي
حسام الدين راشدي _ هڪ انسان، هڪ عالم
هاڻي جيئن ته سندس ڪم پورو ٿيو آهي ۽ خير خوبيءَ سان
پورو ٿيو آهي ۽ سندس هيءَ خواهش به پوري ٿي آهي ته
اوڀر جي تاريخ ۽ ادب جا اهم دور نئين دنيا جي ڌيان
تي آندا وڃن، حسام الدين راشدي جي زندگيءَ کي نيٺ
آرام مليو ۽ سندس روح اڏامي وڃي پنهنجي پالڻهار جي
حضور ۾ حاضر ٿيو.
سندس پڙهندڙ، سندس مداح، سندس دوست، سندس خاندان ۽ پڻ
پيشه ور نقادو ورهين تائين سندس موت تي ڏُک ڪندا
رهندا. هاڻي شايد کين وڌيڪ احساس ٿيندو ته هن جي
باري ۾ سندس جيئري جيڪا ڄاڻ هئي، ان کان به وڌيڪ
ڄاڻ کين حاصل ٿئي. تنهن ڪري اهي هن بابت جيڪي به
پڙهندا يا جيڪي به ٻڌندا، ان مان هر هڪ ڌاڳو
جهٽيندا ويندا ته جيئن سندس زندگيءَ جو عاليشان
تاڃي پيٽو اُڻي سگهن _ جيئن معلوم ڪري سگهن ته اها
ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن کيس، ٻين جي ڀيٽ ۾، هڪ اهڙي
خصوصيت بخشي ۽ شهرت ڏني، جو اسان جي هن فاني دنيا
۾ هن پاڻ کي هڪ جاودان حيات حاصل ڪرڻ جي لائق
بڻايو.
حسام الدين کي آءُ پنجويهن ورهين کان سڃاڻان ۽ ان سموري عرصي ۾
مون وٽس بي نيازي ۽ خود اعتماديءَ جو هڪ اڻ کٽ
ذخيرو ڏٺو. ظاهر آهي ته اها خصوصيت هن پنهنجي
زندگيءَ جي شروعات ۾ حاصل ڪئي هوندي. ڪير ائين
سمجهندو ته ڇاڪاڻ ته سندس علمي ڄاڻ تمام اونهي هئي
۽ هن پنهنجي تربيت پاڻ ڪئي هئي، تنهن ڪري پنهنجي
اوسي پاسي جي ماڻهن کان سولائيءَ سان متاثر نه ٿيو
هوندو. دنيا وارن جي لاءِ سندس طور طريقا ۽ عادتون
نشاة الثانيه جي اميرن ڪبيرن جهڙيون هيون، پوءِ
کڻي اها نشاة الثانيه يورپ جي هجي يا نائين صديءَ
جي هسپانيه ۽ اتر افريقه جي عرب مسلمانن جي. هو
نفاست پسند ۽ خوش خلق هو، ان هوندي به ماڻهن کان
ٿورو پرڀرو رهڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن غلطيءَ وچان کيس
مخلص نه سمجهيو ويو.
هو مهربان هو، خوش طبع هو، زندگيءَ جي سٺين شين مان لطف وٺي
سگهندو هو. عمدين ۽ اعليٰ شين جي وٽس سچي پرک هئي.
فن کي سمجهندو هو ۽ چئي سگهجي ٿو ته فن سان ازلي
عشق هوندو هوس، ڇاڪاڻ ته لکڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ علمي
فضيلت کي به فن جو هڪ رخ سڏي سگهجي ٿو. انهن هوندي
به هر اهو ڪم جيڪو هن ڪيو ان ۾ توازن جو هڪ اصول
موجود هو، جنهن جي پويان اڪثر ڪري سختي هئي، جنهن
جي ڪري دل کي تڪليف ٿي پهتي _ ۽ دنيا وارن کيس
اهڙي طرح ئي ڏٺو.
ان هوندي به جڏهن سندس جگري دوستن جهڙوڪ مرحوم آغا بدرالدين
درانيءَ، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ يا سندس روحاني
ساٿيءَ مرحوم ممتاز حسن وفات ڪئي، تڏهن هن شخص
ڀريءَ سٿ ۾ ڏاڍو رنو. انساني جدائيءَ جو مٿس ڏاڍو
اونهو اثر ٿيندو هو: پنهنجين نياڻين جي پيار (جيڪي
حقيقت ۾ سندس نه پر ڀاڻس جون ڇوڪريون هيون) کيس ان
وقت روئاڙي ڇڏيو، جڏهن پاڻ سندن شاديون ڪرائي کين
روانو ڪيو _ ۽ پنهنجي خاندان ۾ کيس حق هو ته اهي
ڪم پاڻ سنڀالي _ ڇو ته ڀاڻس جا سڀئي ٻار هميشه پاڻ
کي سندس ئي اولاد ڪري سمجهندا هئا. خود منهنجي
ماءُ جي لاش کڻڻ وقت، جنهن سان سندس خون جو ڪوبه
رشتو ڪونه هو، حسام الدين جيڪي ڳوڙها ڳاڙيا، انهن
مان سندس دل جي اونهائيءَ جي خبر پوي ٿي.
حسام الدين سن 1911ع ۾ ڄائو هو، جڏهن سندس وڏو ڀاءُ فقط پنجن
سالن جي ڄمار جو هو ۽ جيئن پير علي محمد شاهه
ڏاڍيءَ حسرت ساڻ ٻڌايو ته منهنجي ڏاڏي هن کي هڪدم
کڻي منهنجي ”جهوليءَ“ ۾ وڌو (ڪهڙو نه سهڻو طريقو
هو اهو!).
ان وقت کان وٺي ٻئي هميشه گڏ هئا، ائين جيئن مٽر جي ڦريءَ ۾ ٻه
مٽر گڏ هوندا آهن. لڳي ٿو ته ٻئي راند روند ۽
حرڪتن ۾ لڳي ويا هوندا ۽ انهن ڏينهن ۾ هنن ان رتبي
يا حيثيت بابت اهڙي ڪابه لَکا نه ڏني، جيڪا وڏي
هوندي هر هڪ کي حاصل ڪرڻي هئي. کيس پڪ سان مڪتبي
زندگيءَ جي ڪابه تربيت حاصل نه ٿي، جنهن ڪري هنن
سنڌ جي جاگيرداري ماحول جي سڀني رعايتن ۽ شوقن مان
خاصو لطف ورتو هو.
سن 1923ع تائين حسام الدين کي ڪتابن سان يا مطالعي ڪرڻ سان ڪابه
دلچسپي نه هئي. انهن وچ وارن سالن ۾ سندس وڏو ڀاءُ
”جماعت راشدي“ تنظيم ۾ رڌل هو، جيڪا مشهور بزرگ
پير تراب علي شاهه پنهنجي وڏي خاندان جي سماجي
ڀلائيءَ جي خيال سان ٺاهي هئي. پير علي محمد شاهه
بهمن ڳوٺ مان هڪ هفتيوار اخبار ”الراشد“ جي نالي
سان به ڪڍندو هو. سنڌ جي انهن ننڍڙن ڳوٺن ۾
اونداهيءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي هوندي به بهمن ۾
صحافتي سرگرميون پوريءَ قوت سان شروع ٿي ويون، جن
جي ڪري حسام الدين ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جي خواهش ڄڻ ته
ڀڙڪو کائي اٿي. آءُ خود سندس لفظ ورجائيندس، جيڪي
هن پاڻ مون کي چيا هئا ته ڪيئن نه سندس زندگيءَ ۾
هڪ زبردست ڦيرو آيو، جنهن جي ڪري علم ۽ ادب کي پاڻ
ارپي ڇڏڻ جي شاندار شروعات ٿي.
مون کي شادي ڪئي اڃا هڪ سال مس ٿيو هو ته سن 1957ع جي آرهڙ ۾
حسام الدين چئن ڏينهن جي لاءِ منهنجي گهر ۾ اچي
ترسيو. کيس ڪو ذاتي ڏک پهتل هو، جنهن کان مون کي
سندس ڌيان هٽائڻو هو. منهنجي خاوند جا واضح حڪم
هئا ته آءُ سندس ڌيان انهن شين ڏانهن ڇڪايان، جيڪي
کيس پسند هيون. انهن ڏينهن ۾ آءُ اڃا تائين اولهه
پاڪستان ۾ هڪ اوپري عورت هيس. ٻيو ته جيتوڻيڪ حسام
الدين ٻين جو تمام گهڻو لحاظ ڪندو هو، ان هوندي به
هن مون کي ٿورو ڊيڄاري ڇڏيو، ڇو جو مون کي خبر هئي
ته پاڻ هڪ سنجيدو عالم آهي ۽ ان وقت هڪ ضخيم ڪتاب
”مڪلي نامہ“ لکڻ ۾ مصروف هو.
منهنجي ڦوهه جواني هئي ۽ اڃا مون کي ”مڪلي نامه“، مڪليءَ جي
قبرستان ۽ خود سنڌ جي تاريخ جي ڪابه ڄاڻ ڪين هئي.
مون فيصلو ڪيو ته سندس ڌيان کي ٻئي پاسي هٽائڻ جو
هڪ بهتر طريقو هيءُ آهي ته انهيءَ ڪتاب بابت ئي
ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪريان. ان تي پاڻ نه رڳو کُلي
پيو، پر ڪتاب جو مسودو پڻ کڻي آيو ۽ ان مان ٽڪرن
جا ٽڪرا پڙهي ٻڌائڻ لڳو. آءُ کيس تمام غور سان ٻڌڻ
لڳيس ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڪيترن ڪلاڪن تائين پنهنجن
ذاتي معاملن کي وساري ويٺاسون. سچ پڇو ته سندس
وسيع معلومات ۽ تحقيق جي باريڪ تفصيل مون تي ڏاڍو
رعب وڌو.
مانيءَ کائڻ وقت مون کانئس پڇيو ته اوهان ڪهڙي يونيورسٽيءَ ۾
پڙهيا آهيو. ان سوال تي کن پل لاءِ ٿورو گهٻرائجي
ويو، پر پوءِ هڪدم کل ۾ ٻڏي ويو.
”تنهنجو مڙس ۽ آءُ ڪا يونيورسٽي ته ڇڏيو، پر ڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾
به نه پڙهيا آهيون.“ وري چوڻ لڳو ته ”آءُ ته ڪڏهن
به ڪونه پڙهيس ۽ جوانيءَ جو وقت اجايو وڃائي ڇڏيم،
جنهن طريقي تي ملان اسان کي پڙهائيندو هو، مون کي
پنهنجي ڀاءُ وانگر بلڪل پسند نه هو. البت اسين وڏي
چاهه ۽ حب سان ”گلستان ۽ بوستان“ پڙهندا هئاسون
جيڪي اسان جي ڏاڏي اسان جي لاءِ آندا هئا. پر اهي
ڪتاب اسين پاڻ ئي پڙهندا هئاسون. آءُ ته پڙهڻ ۾
ڏاڍو جَڏو هوس ڇا لاءِ ته آءُ ڪابه ٻولي چڱيءَ طرح
پڙهي نه سگهندو هوس. پوءِ مون کي ياد اچي ٿو ته
سال 1923ع ۾ هڪڙو موقعو اهڙو آيو جو آءُ ادا جي
ڪمري ۾ ويس ۽ وڃي سندس ڪٻٽ کوليم. ادا انهن ۾ ننڍا
ڪتابڙا جيڪي ٻن پائين ۾ ملندا هئا، خريد ڪري گڏ
ڪندو هو. انهن ڪتابڙن جو نالو ”چلٻلي غزليات ڪا
سلسله“ هوندو هو ۽ جن کي ڏاڍي سنڀال سان هڪ هنڌ
رکنو هو. مون انهن ڪتابن مان ٻه _ ٽي ڪتاب کڻي ڏٺا
ته ايتري ۾ ادا ڪمري ۾ لنگهي آيو ۽ مون کي ڇڙٻ ڏئي
سختيءَ سان چوڻ لڳو ”تون ته جاهل آهين، هنن ڪتابن
کي ڏسي ڇا ڪندين.“ مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ مون
ڪوبه جواب نه ڏنو. پر ان گهڙيءَ مون فيصلو ڪيو ته
آءُ نه رڳو مطالعو ڪندس، پر علم ۾ پننجو نالو روشن
ڪندس.“
هو پنهنجي فيصلي تي قائم ٿي بيٺو ۽ سنه 1926ع ڌاري پنهنجي ڀاءَ
سان گڏ صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيو. سال 1929ع ۾ ٻئي
ڀائر سکر ويا، جتي وڏو راشدي ”سنڌ زميندار“ اخبار
ڪڍڻ لڳو جيڪا خانبهادر کهڙي جي ملڪيت هئي. حسام
الدين ان اخبار جو ايڊيٽر هو، ٻنهي ڀائرن ڏکيا
ڏينهن به ڏٺا ته سکيا به، ننڍو ڀاءُ وڏيءَ محنت ۽
هوشياريءَ سان ڪم ڪندو هو ۽ پاري جهڙي شخصيت ۽ ذهن
جو مالڪ؛ وڏو ڀاءُ معاملا ۽ مسئلا حل ڪندو هو.
حسام الدين جو ڀاڻس ۾ وڏو عقيدو ۽ اعتماد هو ۽
سواءِ ڪنهن حيل حجت جي سندس نقش قدم تي هلندو هو.
پر آءُ سمجهان ٿي ته حسام الدين پنهنجي سوچ وارو
هو ۽ هن پنهنجي سر سوچيو هوندو ته کيس هڪ ٿائينڪي
زندگي گذارڻ وڌيڪ پسند ايندي بنسبت ڀاڻس جي
زندگيءَ جي، جيڪا هو صحافت سان گڏ سياسي سرگرمين
جي ڪري گذارڻ تي مجبور هو.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته کيس پنهنجي دور جي انقلابي اندازِ
فڪر ۾ اعتقاد هو. سنه 1938ع تائين پاڻ ان ساڳئي
طريقي سان پنهنجي ڀاءُ جو ساٿ ڏيندو آيو، پر رفتي
رفتي هو هڪ تجربيڪار عالم جو متوازن طريقو اختيار
ڪرڻ لڳو ۽ دنيا جي لاءِ هڪ قيمتي سرمايو ڇڏي ويو.
انهن ڏينهن ۾ حسام الدين شاعري پڻ ڪندو هو. سندس تخلص ”فدائي“
هو. ڀاڻس وڏو سندس شاعراڻي لاڙي تي سندس چرچا ڪري
کيس کٿ ڪندو هو. انهيءَ تي هن وڏي ڀاءُ کي هوڪاريو
ته تون شاعري نٿو ڪري سگهين. اهو ٻڌي ڀاڻس وڏي کيس
هڪ طويل نظم لکرايو، جنهن ۾ ان وقت جي سنڌ جي
انتظاميه تي هڪ اثرائتي سٺَ ڪيل هئي. اهو نظم
اخبار جي پورن ٻن صفحن تي پکڙيل هو. نظم جي ڇپجڻ
کان پوءِ اخبار جي ايڊيٽر پير حسام الدين ۽ چيف
ايڊيٽر پير علي محمد راشديءَ تي بيعزتيءَ جا ڪيس
ڪيا ويا، اهي ڪيس ٽن سالن تائين ڪورٽ ۾ هلندا
رهيا آخرڪار سندس حق ۾ فيصلو ٿيو ۽ ڪيس خارج ڪيا
ويا. هنن اهڙيون تمام گهڻيون تڪليفون وڏي همت سان
۽ کل ڀوڳ ۾ سَٺيون.
جيڪڏهن ايمانداريءَ سان فيصلو ڪجي ته آءُ چونديس ته دنيا جي هڪ
مڃيل مستشرق جي حيثيت ۾ جيڪا سندس حاصلات آهي، ان
کان هَٽي ڪري ڏسجي ته پاڻ پنهنجي سماج جي جيڪا وڏي
۾ وڏي خدمت ڪيائين اها هيءَ هئي ته هن پاڻ کي ان
لائق بڻايو جو جاگيرداري سرشتي جي هر رجعت پذير
شئي کي نه رڳو پاڻ ٿڏي ڇڏيائين، پر سندس ويجهو
جيڪي به آيا تن سڀني ۾ آزادي پسنديءَ ۽ انسان
دوستيءَ جا ڳُڻ پيدا ڪيائين. سنڌ، ايران ۽ وچ
ايشيا جي پراڻي تاريخ ۽ مشرقي علم و ادب ۾ جيڪو هن
تحقيقي ڪم ڪيو آهي، تنهن لاءِ کيس انهن درٻاري
وقائع نويسن جي ضخيم قلمي ڪتابن جو تمام اونهو
اڀياس ڪرڻو پيو، جن رڳو بادشاهن ۽ حاڪمن جا
ڪارناما بيان ڪيا آهن.
سندس علمي تحقيق جي خصوصيت حقيقت ۾ سچ سان سندس پڪي پختي خلوص
جو نتيجو هئي _ اهو سچ ته معلوم ڪجي ته انهن ڏينهن
۾ حاڪم طبقي تي نه پر عام ماڻهن تي ڇا وهيو واپريو
۽ ڪهڙين حالتن هيٺ اهي واقعا ٿيا. سندس پنهنجي
زندگي ثبوتيت
(Positivism)
جي تصوير هئي. ان هوندي به سندس هلت چلت ۾ هن
پنهنجي اميراڻي طبقي واري خوبي ۽ فياضي قائم رکي.
ڪتابن، چينيءَ جي قيمتي ۽ نادر ٿانون، هٿ جي ٺهيل
تصويرن ۽ فن جي ٻين شين بابت سندس ذوق، سندس ڪپڙن
۽ مهمانن جي لاءِ سندس دسترخوان مان سندس اميراڻو
پس منظر ظاهر ٿيندو هو. اهڙيءَ ريت هن زندگيءَ ۾
جيڪو توازن ۽ جيڪا خود اعتمادي حاصل ڪئي، اها هڪ
اهڙي شخص جي لاءِ تعريف جوڳي آهي جنهن ڪڏهن به
تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل نه ڪئي، پر جنهن جي
زندگيءَ جي شروعات ۽ اوسر هڪ خاص جاگيرداري سماج ۾
ٿي.
هو گهڻي قدر الرازي، گليليو يا مائيڪل انجيلو جهڙو هڪ عظيم
انسان هو، جنهن پنهنجي ماحول جا زنجير ٽوڙي ۽
رنڊڪون هٽائي ذاتي ۽ ذهني آزادي حاصل ڪئي ۽ دنيا
کي ايندڙ صدين تائين حيرت، سونهن ۽ سوچڻ جي لاءِ
مواد ڏنو.
(ترجمو: مراد علي مرزا)
(بشڪريه ڊان، ڪراچي)
* * *
مرڪز جي انهيءَ طوائف الملوڪيءَ، بدحاليءَ ۽ بي وقاريءَ جو اثر
مغل سلطنت جي جيئن ٻين صوبن تي پيو، تيئن سنڌ تي
به ٿيو، ۽ هتي به حڪومت جو رعب، دٻدٻو ۽ وقار ختم
ٿي ويو. مقامي قوتون جيڪي اڳ دٻيون پيون هيون، سي
اڀري آيون. سنڌ تي ڪلهوڙن جو اثر وڌي ويو، جنهن
اڳتي هلي آزاد حڪمرانيءَ جي صورت اختيار ڪئي.
1118هه کان 1131هه تائين، چوڏهن سالن ۾ پورا نو
صوبيدار دهليءَ کان سڌ تي آيا، جن مان ڪو سال ته
ڪو چند مهينا هتي رهيو. خود فرخ سير جي زماني ۾
چار صوبيدار آيا ۽ ويا، جن مان هڪ صوبيدار عطر
خان، ٺٽي جي ٻئي صوبيدار مير لطف علي خان رضويءَ
سان وڙهندي، ٺٽي ۾ قتل ٿي ويو. ٻه سال کن اهو جنگ
و جدل ٺٽي جي شهر ۾ هليو، جنهن شهر تي ايڏي تباهي
آندي، جو انهيءَ دور جي شاعرن ان تي شعر آشوب
لکيا. قحط، بدحالي، شريفن جي بربادي ۽ رذيلن جي
پوئواري هتي به اهڙي ئي پيماني تي ٿي، جهڙي دهليءَ
۾ ٿي رهي هئي. رات _ ڏينهن ٺٽي ۾ سازشون ۽ منصوبا
هلي رهيا هئا. هڪٻئي جي پٽڪي لاهڻ جي فڪر ۾ ماڻهو
سرگردان هئا. نوان پراڻا وير ورتا ٿي ويا. ٺٽي جي
بدحالي، ويرانيءَ ۽ ملڪي انتشار جي جيڪا حالت ٺٽي
جي شاعرن چٽي آهي، تنهن کي ڏسبو ته عجب وٺيو ٿو
وڃي.
سيد حسام الدين راشدي
(مضمون: شاهه شهيد جي سوانح جا ماخذ)
(ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون: ص 316)
سيد غلام مرتضيٰ شاهه
پير سيد حسام الدين شاهه راشدي
ولد سيد محمد حامد شاهه راشدي
سيد حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد شاهه راشديءَ
جو ٻيو نمبر ڀاءُ آهي. هي انهيءَ بختاور ڪٽنب مان
آهي، جنهن ۾ هڪ والد جا ٻه فرزند هڪٻئي کان وڌيڪ
امتيازي لياقتن جا مالڪ ٿيا هجن.
سندس جنم خميس ڏينهن، ساڍي ستين بجي صبح جو، 25 رمضان
1329هه، مطابق 20 سيپٽمبر 1911ع تي، نصرت اسٽيشن
جي ڀر ۾، راشدي پيرن جي ڳوٺ ۾ ٿيو.
هن ابتدائي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ وٽ ورتي. ان کان پوءِ هن
مولوي محمد الياس پنوهر کان درس ورتو. آخر ۾ مولوي
سيد علي شاهه لڪياري ساعدي وٽ پڙهيو. انهن جملي
استادن وٽ چار درجا سنڌي ۽ فارسي تعليم سڪندر نامه
تائين حاصل ڪيائين. فارسي انهن ڏينهن
نوٽ: محترم شاهه صاحب جو هيءُ ويهارو کن اڳ جو لکيل مضمون آهي،
جو سندس ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ تان ورتل آهي.
شاهه صاحب ڪافي عرصي کان پنهنجي ڳوٺ ۾ نظر بند
آهي، جنهن ڪري ساڻس ملاقات ڪري يا خط پٽ لکي،
مرحوم پير صاحب تي سندس تاثرات حاصل ڪرڻ جي صورت
ڪانه هئي. هن مضمون جي خاص افاديت اها آهي ته ان ۾
مرحوم پير صاحب جي حياتيءَ جو احوال پيرائتي نموني
۾ ڏنل آهي. _ ادارو
۾ قديم خاندانن ۾ پڙهڻ ضروري ڄاتي ويندي هئي. ان کان پوءِ
انگريزي خانگي طرح نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماستر وٽ
پڙهيائين.
هن جو ننڍي هوندي کان وٺي اخبارن ۽ ڪتابن پڙهڻ تي شوق هوندو هو،
جنهن ڪري سندس معلومات وڌندي ويئي. باوجود تعليم
گهٽ هئڻ جي، هيءُ مطالعو ۽ محنت ڪري، پاڪستان جي
چوٽيءَ وارن عالمن جي درجي تي پهتو آهي، جو هيءُ
اڄڪلهه تاريخ ۽ ادب جي ماهرن مان شمار ڪيو وڃي ٿو.
سندس ڪتب خاني ۾ چونڊ ۽ ناياب ڪتابن جو ذخيرو ڪٺو ٿيل آهي. ڪي
ڪتاب وٽس اهڙا به آهن، جي ٻئي ڪنهن خانگي يا پبلڪ
لئبرريءَ ۾ مشڪل ملي سگهندا.
ميان علي محمد شاهه به سنڌي ادب جي ماهرن مان شمار ڪيو وڃي ٿو،
ليڪن ان جو توجهه سياست ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين طرف
ڇڪجڻ ڪري هو ڪن بهترين مضمونن ۽ ننڍن ڪتابن کان
سواءِ گهڻا ڪتاب لکي نه سگهيو آهي. پير ميان حسام
الدين جو سمورو توجهه ڪتب بينيءَ، تاريخي ۽ علمي
کوجنا طرف هو، جنهن ڪري سنڌ خواهه پاڪستان ۾ ممتاز
درجو حاصل ڪري ويو آهي. هن وقت تائين ڪافي ڪتاب
تاليف ۽ تدوين ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن ميان علي محمد
شاهه بنا درسي علم جي پنهنجي خداداد ذهني لياقتن
جي آڌار تي، پيسي جي ڪميءَ جي باوجود ملڪي سياست ۾
مکيه درجي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيوآهي، ته هيءَ به،
ساڳين حالتن هوندي، سنڌ ۽ پاڪستان جي علمي مرڪزن ۾
اها حيثيت حاصل ڪري ويو آهي، جا ڪن ڇٽن ماڻهن کي
نصيب ٿي هوندي.
ٻيئي ڀائر پاڻ ۾ نهايت وفادار رهيا آهن. کين اها سمجهه ۽ محبت
عطا ٿيل آهي، جا عام طرح ملڻ مشڪل آهي. ڏٺو ويو
آهي، ته اڪثر رشتيدار باهمي حسد ۽ غلط فهمين ۾
گرفتار هوندا آهن، پر باوجود طبيعتن جي جدا هئڻ
جي، هنن ۾ مڪمل سمجهوتو پئي رهيو آهي. آءُ نٿو
سمجهان ته هنن ۾ ڪڏهن ڪا شڪر رنجي ٿي هوندي.
علي محمد شاهه طبيعت ۾ جوشيلو ۽ سخت گير آهي، زود رنج ۽ زود جوش
ٿيڻ جون صفتون رکي ٿو. هيءُ ان جي برعڪس ٿڌو،
درگذر ڪندڙ، ديرينه طبع ۽ خاموش زندگي گذاريندڙ
پئي رهيو آهي. هن جو هجوم سان ملڻ ۽ سنگت رکڻ طرف
لاڙو رهيو آهي. هن مخصوص ماڻهن جي دوستيءَ ۽
تنهائيءَ کي زياده ترجيح ڏني آهي. ٻيئي خوش
خوراڪ، خوش پوشاڪ رهيا آهن. ٻنهي جو خانداني
روايات ۽ تربيت جي سبب معيار زندگي بلند رهيو آهي.
هن کي وڌيڪ اولاد پيدا ڪرڻ ۾ خاص مهارت رهي آهي،
هن دريڪتا ٿيڻ پسند ڪيو آهي. علي محمد شاهه سياست
۾ رهڻ ڪري، زياده دلبر رهيو آهي. هن ادبي ڪمن ۾
دلچسپي وٺڻ سبب دورانديشيءَ کي ترجيح ڏني آهي. علي
محمد شاهه جو سياست ۾ رهڻ ڪري، ڪيترا دشمن به لڀي
سگهندا، ليڪن هن ڄاڻي واڻي پنهنجي همنوا صحبتن جو
دائرو محدود پئي رکيو آهي. علي محمد شاهه جيڪڏهن
ڪنهن تي ڪاوڙبو آهي ته ان جوش کي عملي صورت ڏيڻ
کان ڪوتاهي نه ڪندو آهي، مگر ميان حسام الدين ٺلهي
زباني جوش کان اڳتي نه وڌندو آهي _ تنهن ڪري هن
مان ڪنهن کي شڪايت جو موقعو نه رهندو آهي. علي
محمد شاهه سياست ۾، باوجود ڪن خامين ۽ ڪمزورين جي،
سنڌ ۾ چوٽيءَ جو سياستدان شمار ٿئي ٿو، ته هن جو
نالو ادبي دنيا ۾ محب وطن، ترقي پسند، سمجهدار
اديبن جي لسٽ ۾ داخل آهي.
دورانديشيءَ زمانه شناسيءَ جي صفتن ڪري، ميان حسام الدين سنڌي
ادب جي، جا خاموش خدمت ڪري سگهيو آهي، اها ڪنهن
جوشيلي، انتها پسند اديب کان مشڪل ٿي هوندي.
دورانديشي ۽ زمانه شناسي ماڻهن کي ابن الوقت بنجڻ
طرف مائل ڪندي آهي ليڪن هن طبعي صلاحيت کيس ان گپ
کان آزاد پئي رکيو آهي. ڪجهه وقت کان ڪيترا اديب،
مصلحتن جي کڙي ڪيل بتن اڳيان، مصلحت وقت، ملڪي
تقاضائن، يا ساده فهميءَ ڪري، سربسجود پئي ٿيا
آهن، پر هن جي پيشاني، باوجود حڪام وقت سان سٺا
تعلقات هئڻ جي، پاڪ پئي رهي آهي.
انهيءَ مختصر تعارف کان پوءِ، سندس زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو
ذڪر ڪريان ٿو.
صحافت: هي اول ۾ اخبار ”جاڳڻ“ جا نواب، ميان خالقداد، ڀيو، جاڳڻ
جي ڳوٺ نزديڪ شڪارپور مان 1926ع ڌاري ڪڍندو هو، ان
جو نامه نگار ٿي رهيو. ان کان پوءِ 1929ع ڌاري، هڪ
ماهوار رسالي ”المنار“ جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ٿي
ڪم ڪيائين. ساڳئي وقت ۾ ماهوار اخبار ”پيغام“ جا
مولانا عبدالڪريم چشتي ڪڍندو هو، ان جو نامه نگار
پڻ ٿي رهيو. ان کان پوءِ، خانبهادر کهڙي جي نظر
هيٺ سکر مان هڪ اخبار ”سنڌ زميندار“ نالي نڪرندي
هئي، جنهن جو مئنيجر آغا نظر علي هوندو هو، ان
اخبار جو هيءُ 1930ع کان 1934ع تائين ايڊيٽر ٿي
رهيو. پوءِ سکر مان ميان علي محمد شاهه ۽ هن گڏجي،
1934ع ۾، هڪ هفتيوار اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪئي،
جنهن ۾ بهترين علمي، ادبي، تاريخي ۽ سياسي مضمون
شايع ٿيندا هئا. ان جو 1937ع تائين هيءُ ايڊيٽر ٿي
رهيو. 1941ع ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾، هن بنا نالي جي
ڪيترائي مضمون لکيا. 1945ع ۾ جڏهن اسان مسلم ليگ
کان ٻاهر نڪتاسين، تڏهن قوم پرست مسلمانن جي نقطهء
نگاهه پيش ڪرڻ لاءِ ”قرباني“ اخبار جاري ڪئيسين.
ان اخبار ۾ ڪيترو وقت بنا نالي جي ميان علي محمد
شاهه مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکندو هو. ان اخبار ۾
ڪيترن وقتن تي ميان حسام الدين به بنا نالي جي
مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکندو هو. جڏهن مسلم ليگ وارن
پنهنجا مخصوص ذريعا استعمال ڪري، مون کي سنڌ
اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شڪست ڏياري، ته ان وقت هن جو
”قربانيءَ“ ۾ لکيل ايڊيٽوريل ادبي شهڪار ڪري ليکجي
ته بجا ٿي سگهندو.
ادبي ادارن ۾ شموليت: ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ کي،
تڏهوڪي وزير تعليم سنڌ، ميان غلام نبي خان پٺاڻ،
1950ع، نئين سر ٺاهي، سنڌي ادبي بورڊ جي نالي
هلايو، ته ان ۾ ٽن سالن کان پوءِ 1953ع کان ميان
حسام الدين کي ميمبر ڪري رکيو ويو، جنهن تي اڃا
تائين هلندو اچي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن
”انجمن ترقي اردو“ جو دفتر دهلي کان مولوي عبدالحق
صاحب کڻي ڪراچيءَ ۾ آيو، ته ان بورڊ تي پير صاحب
کي شريڪ ڪار ڪيو ويو، جنهن تي اڄ تائين ڪم ڪري
رهيو آهي. هي مولوي عبدالحق جي ويجهي ۾ ويجهن
دوستن مان هڪ آهي. پاڪستان حڪومت، اردوءَ کي ملڪ
جي قومي زبان ٺهرائي، ترقي ڏيارڻ لاءِ هڪَ ”اردو
ڊيولپمينٽ بورڊ“ ٺاهيو ويو، جنهن تي پير صاحب کي
1958ع کان رکيو ويو، ۽ اڃا تائين ان تي هو ڪم ڪندو
رهي ٿو. نوابزاده لياقت علي خان وزير اعظم پاڪستان
جي ياد قائم رکڻ لاءِ حڪومت طرفان لياقت نئشنل
لئبرري قائم ڪئي ويئي، جنهن جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ
تي هن کي 1949ع ۾ رکيو ويو، جنهن تي اڃا تائين ڪم
ڪري رهيو آهي. پاڪستان سرڪار 1958ع ۾ نئشنل ميوزم
ٺاهڻ لاءِ هڪ ”مرڪزي اردو ڊويلپمينٽ بورڊ“ قائم
ڪيو آهي. 1962ع ۾ هن کي ان تي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ۽
پڻ ميمبر ڪري رکيو ويو آهي، جنهن تي هن وقت تائين
ڪم ڪندو رهي ٿو. ڪراچي يونيورسٽي ائڪيڊيمڪ ڪائونسل
تي 1957ع ۾ هن کي ميمبر ڪري رکيو ويو آهي، جنهن
جاءِ تي اڃا تائين هلندو اچي ٿو. سنڌ يونيورسٽيءَ
جي سينٽ جو ميمبر 1957ع کان 1958ع تائين رهيو آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ تي 1963ع کان ميمبر
مقرر ٿيو آهي ۽ اڃا تائين رهندو اچي. لاهور
يونيورسٽيءَ طرفان مقرر ڪيل ريسرچ سوسائٽي آف
پاڪستان جو 1963ع کان ميمبر هلندو اچي.
سندس هن وقت تائين ڪيل تصنيفن جو انگ اٽڪل ٽيهاري کن تائين پهچي
چڪو آهي.
سير و سياحت: 1952ع ۾ عراق، مصر، لبنان (بيروت)، شام ۽ لنڊن جو
سير ڪيائين، جتي قديم تاريخي جڳهن، ميوزمن ۽
ڪتبخانن ڏسڻ جو موقعو ميسر ٿيس ۽ اتي جي مکيه
اديبن سان ملاقاتون ڪيائين. 1956ع ۾ وري هڪ دفعو
بغداد، شام ۽ لبنان جي سير تي ويو. 1958ع ۾
افغانستان ويو. 1958ع کان 1962ع تائين فلپائين طرف
سير لاءِ ويو، جتي سندس ڀاءُ ميان علي محمد شاهه
سفير هو. اتي کيس ڏور اوڀر ڏسڻ ۽ اتان جي رسم رواج
۽ ماڻهن جي حالات معلوم ڪرڻ جو موقعو مليو. 1963ع
۾ بغداد جي ٻارهن سو ساله جشن ۽ الڪنديءَ جي
ورسيءَ ۾ شموليت لاءِ ويو. ساڳئي سال ۾ ايران جي
حڪومت طرفان ”نشان سپاس“ جو تمغو کيس ڏنو ويو.
1964ع ۾، پاڪستان سرڪار طرفان کيس روس ۾ علمي
کوجنا لاءِ موڪليو ويو، جتي هن کي مختلف تاريخي
مقامات ۽ ڪتبخانن ۽ نئين طور برپا ڪيل ادارن ۽
شهرن ڏسڻ جو موقعو مليو. 1964ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه
وقت وڃي رهيو، جتان نومبر 1964ع ۾ موٽي آيو.
1964ع ۾ هن کي حڪومت پاڪستان طرفان صدر صاحب ”تمغه امتياز“ عطا
فرمايو.
1965ع ۾ ايران جي وزارت فرهنگ و هنر خاص دعوت ڏيئي، کيس ايران
گهرايو، جتي هڪ مهينو (22 آڪٽوبر کان 19 نومبر
تائين) رهي، مختلف شهرن ۾ تاريخ تي ليڪچر ڏنائين.
انهيءَ موقعي تي شهنشاهه ايران سان سندس خاص طرح
اهتمام سان ملاقات ڪرائي ويئي، ۽ ڪيترن ايراني
شاعرن سندس مدح ۽ قصيدا ۽ قطعا تصنيف ڪيا. 1965ع
۾، جنهن وقت ايران ويو، ان وقت ايران جي شهنشاهه
سندس علمي خدمتن جي بناءَ تي کيس ”نشان سپاس _
درجه اول“ جو تمغو ڏنو. 1965ع ۾ کيس روس ڪلچرل
ائسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾
پاڪستاني لکندڙن جي وفد ۾ چين جي دوري (20 اپريل
تا 15 مئي) تي ويو. مستشرقين جي عالمي ڪانفرنس ۾
شريڪ ٿيڻ لاءِ روس، هندستان ۽ آمريڪا ۾ ٿيل اجلاسن
۾ شرڪت لاءِ کيس دعوت ڏني ويئي، ليڪن خانگي ڪمن
سبب وڃي نه سگهيو. 1966ع ۾ شهنشاهه ايران طرفان
پهلوي ڪتبخاني جي تت ٿيندڙ ايران شناس عالمن جي
عالمي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس خاص طرح مدعو ڪيو
ويو (6 سيپٽمبر تا 16 سيپٽمبر). هو 1966ع ۾ افغان
حڪومت جي دعوت تي افغانستان ويو، جتي هن سنڌ ۽
افغانستان جي مشترڪ تاريخ تي مواد هٿ ڪيو.
”...... سنڌ کي پنهنجي تهذيب، پنهنجو تمدن ۽ پنهنجو فڪر آهي،
جنهن جي اظهار جا ادبي ذريعا به وٽس پنهنجا ۽
مخصوص آهن، جن کي ڪافي ۽ ڏوهيڙو چئجي ٿو. انهن جا
استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون پنهنجون ۽ نج ملڪي
آهن. اهي، جيڪي هتان جو ماڻهو اکين سان ڏسي ٿو، جن
سان صدين کان سندس سروڪار آهي ۽ پيڙهين کان سندس
پيچ پيل آهي. مسلسل نظم جو به سنڌ کي پنهنجو نمونو
آهي، جنهن ۾ داستان ۽ پنهنجي تاريخ جا ڪارناما
بيان ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ سُر ۽ ساز به پنهنجا
ته تند ۽ تنوار به پنهنجي آهي، باوجود هن جي جو
سنڌ تي صدين تائين ڌارين جي قبضي جي پيڙا رهي؛
غيرن جو تسلط ۽ تمدن قابض رهيو؛ ٻاهرين جون رسمون
۽ رواج حاڪماڻي ڏاڍ ۽ ڏَڍَ تي نافذ رهيا، ليڪن سنڌ
۽ سنڌين جي پنهنجي فطرت ۽ فڪر تي نه اثر انداز ٿي
سگهيا ۽ انهيءَ کي زائل ڪري سگهيا. سنڌ جي حسن جي
پرک پنهنجي، عشق جو معيار جدا، محبوب جو تصور
مخصوص ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذبن ۽ احساسن جو اظهار
انتهائي نازڪ ۽ بازاري خواه اوباش طرز کان پاڪ ۽
صاف ٿئي ٿو. سنڌي شعر ۾ ڪڏهن به عاميانه ۽ اخلاق
کان ڪريل نه خيال هوندو نه تصور. ڳالهه توڙي جو
مجاز کان شروع ٿيندي ليڪن انت وڃي حقيقي عشق سان
ٿيندس.
_ سيد حسام الدين راشدي
(عنايت بلوچ جي شعري مجموعي ”تند ڪٽارو
ڪنڌ“ جي مهاڳ مان کنيل اقتباس.) |