سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :8

غلام محمد لاکو

 

راشدي صاحب جو ڪتابي ورثو

 

سنڌ جو مايه ناز اسڪالر، محقق ۽ مؤرخ سيد حسام الدين راشدي 1_ اپريل 1982ع تي وفات ڪري ويو. ٺيڪ هڪ سال پوءِ رسالي ”مهراڻ“ راشدي صاحب جي ياد ۾ هڪ خاص نمبر شايع ڪيو. (نمبر 1م سال 1982ع). هن پرچي ۾ تمام گهڻن عالمن، اديبن ۽ لکندڙن، پنهنجي هن مرحوم عالم کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن قلمي ڪاوشن جو جائزو ورتو. مون پنهنجي مقالي ۾ ڪوشش ڪري، پير صاحب جي ڪتابي ورثي جو هڪ ڀرپور احاطو ڪيو ۽ درست ڄاڻ ڏيڻ جو جتن ڪيو. ليڪن ان وقت پير صاحب بابت منهنجي ڄاڻ محدود هئي، ۽ وڌيڪ هي ته ڪي ڪتاب پڻ نظر مان نه نڪتا هئا. ان ڪري مذڪوره جائزي ۾ ڪي گهٽ وڌايون رهجي ويون. سال 1984ع ۾ هندستان جي هاڪاري اسڪالر سيد صباح الدين عبدالرحمان جو ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي اور ان کي علمي کارنامي“ ڇپجي منظر تي آيو. هي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وچ ۽ اولهه ايشيا جي مطالعاتي مرڪز پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ مصنف وڏي محنت سان، راشدي صاحب جي علمي ۽ ڪتابي اثاثي جو تنقيدي سروي پيش ڪيو آهي. هن سروي ۾ ڪجهه معلومات غلط ناقص ڏسجي ٿي. اردو ڪتابن کي سنڌي، سنڌي ڪتابن کي فارسي ۽ فارسي ڪتابن کي اردو يا سنڌي ٻولين جو ڏيکاريو ويو آهي. ان پس منظر ۾ راشدي صاحب تي ڪم ڪندي، صباح الدين مرحوم جي ڏنل معلومات کي، اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ درست نه ٿيندو!

مون گذريل پندرنهن ورهين کان راشدي صاحب بابت پنهنجو اڀياس جاري رکيو آهي. ڪتاب، مضمون، مقالا، پيش لفظ ۽ انٽرويوز کان وٺي، ويندي راشدي صاحب جي سوانحي ماخذن جو مطالعو ۽ تلاش جاري رکي اٿم(1). پير صاحب جي اردو ڪتاب ”سنڌي ادب“ جي ترجمي کان پوءِ سندن هڪ وڌيڪ ڪتاب ترتيب ڏيڻ جو موقعو پڻ مون کي مليو. هي ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ نالي سان، سال 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. هن ۾ پير صاحب جو ٽڙيل پکڙيل ادبي ذخيرو گڏ ڪري ڇپرايو ويو. ان ريت پير صاحب جي ڪتابي ورثي بابت، پندرنهن سال اڳ واري ڄاڻ جي ڀيٽ ۾، منهنجي راءِ ۽ سوچ ۾ به تبديلي ۽ واڌارو ٿيو آهي. هن مقالي ۾ پير صاحب جي ڪتابي ورثي بابت، مختصر مگر حقيقتن تي مبني معلومات ڏجي ٿي.

1. فنڪشن: راشدي صاحب ابتدا ۾ شعر به چيو ۽ پوءِ افسانا به لکيائون. انهن ۾ ”انارڪلي“، ”پاڪدامن عورت“، ”گلن واري ڇوڪري“، ”امانت“ ۽ ”بدنصيب شهزادو“ ڇپيل ۽ شايع ٿيل ملن ٿا. ان کان علاوه هڪ طويل افسانو ”الزليخا“ به لکيائون، جنهن کي اڄوڪي دور ۾ ناوليٽ جو نالو به ڏنو ويو آهي. ان جو ٽيون ڇاپو ڪرائون سائيز ۾ 62 صفحن تي  1951ع ۾ سکر مان نڪتو هو. افسانا ڪتابڙن جي صورت ۾ به پڌرا ٿيا، جن جا متعدد ايڊيشن نڪتا. ان زماني ۾ پاڻ ”سيد فدائي الراشدي“ جي قلمي نالي سان لکندا هئا(2). سنڌي ساهت جي هن آڳاٽي ذخيري کي محفوظ ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي.

2. اسلامي ڪتبخانا: هي مختصر ڪتاب اطالوي خاتون مس اولنگا پنٽو پنهنجي زبان ۾ لکيو هو. ان جو پوءِ انگريزي ۾، پوءِ اتان اردو ترجمو قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهيءَ شايع ڪيو. ان اردو ترجمي تان بعد ۾ اخبار ”ستاره سنڌ“ سکر جي مدير سيد حسام الدين راشديءَ، 7_ جون 1937ع تي سنڌي ترجمو مڪمل ڪيو. هي ڪتاب سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد 1939ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. رسالي ”مهراڻ“ نمبر 2/1984ع ۾ ان کي دوباره شايع ڪيو ويو آهي(3).

3. سنڌي ادب: هي ڪتاب اردو ۾ پاڪستان پبلڪيشن ڪراچي 1952ع ۾ ڇپيو. بعد ۾ ان جو روسي ترجمو مس ييگورووا رئيسه (Miss Yegorova Raissa) ماسڪو مان پڌرو ڪيو. مون ”سنڌي ادب“ جو سنڌي ترجمو سال 1981ع ۾، مصنف جي اجازت سان ڪيو ۽ ان کي گرامي پبليڪيشن

 

دولت پور صفن مان شايع ڪيو. اردو ۽ روسي ايڊيشن ذريعي سنڌي ساهت جو تعارف يورپ ۾ عام ٿي پيو. ان کان علاوه سنڌي تذڪره نويسن به ان مان خوب استفادو ڪيو. اپريل _ مئي 1983ع جي ماهنامه ”اظهار“ ۾ اصل اردو ڪتاب وري ڇپيو آهي. سنڌي ڇاپي جو ٻيو ايڊيشن سال 1996ع ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد پاران نڪتو آهي.

4. مهراڻ جون موجون: سيد حسام الدين راشديءَ جي ترتيب سان هن ڪتاب ۾ ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڇپيل مضمونن، افسانن ۽ شعرن جو انتخاب ڏنل آهي. هي ڪتاب پاڪستان پبلڪيشن ڪراچي 1956ع ۾ ڇپيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1964ع ۾ نڪتو هو.

5. مثنوي چنيسر نامه: ادراڪي بيگلاري سنڌ جي عشقيه داستان ”ليلا چنيسر“ تي مبني هي فارسي مثنوي 1010هه / 1601ع ۾ مڪمل ڪئي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي مطبوعات جي پهرين ڪڙيءَ طور 1956ع ۾ ڇپيو هو. سيد حسام الدين راشدي مرحوم ان تي طويل مقدمو سنڌيءَ ۾ لکيو ۽ ان کي ايڊٽ ڪيو(4).

6. مثنوي مظهر آلاثار: سيد جهانگير هاشمي هي فارسي مثنوي سن 940هه / 1533ع ۾ لکي. شاعر ارغون دور ۾ سنڌ ۾ آيو۽ پوءِ حج تي ويندي ڪيچ مڪران وٽ 946هه/1539ع ۾ مارجي ويو. مفصل فارسي مقدمي ۽ شاعر جو تصوير سان، هي مثنوي راشدي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي 1957ع ۾ شايع ڪئي.

7. مقالات الشعرا: فارسي گو شاعرن جو هي تذڪرو سنڌ جي مشهور اديب، مؤرخ ۽ شاعر، مير علي شير قانع سن 1174هه / 1760ع ۾ لکيو، جنهن ۾ 719 شاعرن جو احوال ملي ٿو. راشدي صاحب مفصل مقدمو فارسيءَ ۾ لکيو آهي. ان کان علاوه ڪتاب ۾ مفصل حاشيا ۽ چوٽيهه عدد ناياب تصويرون به شامل ڪيون آهن. هي تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪيو.

8. تڪمله مقالات الشعرا: مخدوم ابراهيم خليل ٺٽويءَ سنڌ جي فارسي شاعرن بابت، هي آخري تذڪرو سن 1307هه / 1890ع ۾ لکي تيار ڪيو. راشدي مرحوم ڪتاب ايڊٽ ڪندي، ان تي فارسيءَ ۾ مقدمو لکيو ۽ وڏي تعداد ۾ ناياب تصويرون، تعليقات ۽ فوٽ نوٽس شامل ڪيا. ابتدا ۾ مشهور ايراني اسڪالر آقاي سعيد نفيسيءَ جو پيش لفظ به هن ڪتاب جو سينگار بنيو آهي. ادبي بورڊ هي تذڪرو 1985ع ۾ ڇپيو.

        9. تذڪره امير خاني: سنڌ جي امير خاني سيدن بابت هي تذڪرو، راشدي صاحب سنڌيءَ ۾ لکيو آهي. مغل دور ۾ امير خاني سادات سنڌ جي سياست، تمدن ۽ ادب تي ڇانيل هئا. هن خاندان ۾ مير ابوالقاسم نمڪين، مير ابوالبقا امير خاني ۽ ميرڪ يوسف ٿي گذريا، جن پنهنجي دور ۾ وڏي حيثيت ماڻي. هي منفرد تذڪراتي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن بابت معياري معلومات ڏئي ٿو، جنهن جي آخر ۾ فوٽن جو پڻ وڏو تعداد شامل ڪيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ”تذڪره امير خاني“ سال 1961ع ۾ پڌرو ڪيو.

10، 11، 12، 13 مثنويات و قصائد قانع: هڪ جلد ۾ مير علي شير قانع جون چار تصنيفون_ مثنوي قضا و قدر، مثنوي محبت نامه، مثنوي قصاب نامه، قصيدا منقبت _ شامل آهن. ابتدا ۾ راشدي صاحب طويل سنڌي مقدمو شامل ڪيو آهي ۽ بورڊ ان کي 1961ع ۾ شايع ڪيو.

14_ تاريخ مظهر شاهجهاني: ميرڪ يوسف سنڌ جي تاريخ تي هي ڪتاب سن 1044 هه / 1634ع ۾ لکيو، جنهن ۾ مغل دور بابت قيمتي معلومات ملي ٿي. سيد حسام الدين راشدي هن ڪتاب کي دريافت ڪيو ۽ ايڊٽ ڪندي ان تي اردو ۾ تفصيلي مقدمو لکيو ۽ آخر ۾ معلوماتي تعليقات شامل ڪيا. سنڌي ادبي بورڊ تاريخ جو هي منفرد ڪتاب سال 1962ع ۾ ڇپيو. اداري ان جو سنڌي ترجمو پڻ 1979ع ۾ شايع ڪيو، جو نياز همايونيءَ جو ڪيل آهي(5).

15. هشت بهشت: هن ڪتاب ۾ مغل دور جي مشهور شاعر عطا ٺٽويءَ جون اٺ فارسي مثنويون ڏنل آهن. مثنوين تي تاريخي توڙي ادبي نوعيت جو طويل سنڌي مقدمو سيد صاحب لکيو آهي، جو پڙهڻ وٽان آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1963ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو(6).

16. منشور الوصيت و دستور الحڪومت: والي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي هي مختصر رسالو سن 1163هه / 1749ع ۾ لکيو. اٺن تاريخي ضميمن، مفصل سنڌي مقدمي ۽ ڪجهه تصويرن سان سينگاري، هي ڪتاب راشدي صاحب سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ايڊٽ ڪيو ۽ سال 1964ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب ڪيو، جو سال 1996ع ۾ ڇپيو آهي.

17. ترخان نامه: هي ڪتاب سنڌ جي ترخان دور بابت آهي، جو ٺٽي جي سيد مير محمد سن 1065هه/ 1654ع ۾ مڪمل ڪيو. راشدي صاحب ابتدا ۾ مفصل مقدمو فارسيءَ ۾ لکيو آهي ۽ آخر ۾ تاريخي شجرن ذريعي ڪتاب جي اهميت کي وڌايو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ان کي 1964ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو مرزا عباس علي بيگ ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ سال 1994ع ۾ نروار ڪيو آهي.

18. ماڪ ڀنا رابيل: نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جو انتخاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ زبان بابت، مستند معلومات ملي ٿي. پاڪستان پبليڪيشن لاءِ راشدي صاحب هي ٻيو انتخاب ترتيب ڏنو، جيڪو سال 1965ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

19. مڪلي نامه: تاريخي قبرستان مڪليءَ تي مدفون نامور اميرن، بادشاهن ۽ وزيرن بابت هي مختصر ڪتاب، مير علي شير قانع سن 1174هه/1760ع ۾ فارسي نثر توڙي نظم ۾ لکي پورو ڪيو. ابتدا ۾ سيد حسام الدين راشدي ان کي رسالي ”مهراڻ“ (1956ع) ۾ شايع ڪيو. بعد ۾ ڪتابي ايڊيشن تيار ڪندي، مٿس قيمتي حاشيا، تعليقات ۽ ضميما لکندي، فاضل ايڊيٽر ”مڪلي نامه“ کي هڪ هزار صفحن تي شايع ڪيو. ان طرح هي ڪتاب ٺوس تاريخي اهميت حاصل ڪري ويو، جنهن ۾ سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن بابت وڏي معلومات ملي ٿي. هي سمورو ڪم سنڌي زبان ۾ ٿيل آهي. آخر ۾ تصويرن جو وڏو تعداد به شامل ڪيل آهي. هي ڪتاب سنڌي  ادبي بورڊ 1967ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1994ع ۾ نڪتو آهي.

20. مرزا عيسيٰ ترخان: مڪلي نامه ۾ مرزا عيسيٰ ترخان ثانيءَ بابت آيل مواد کي جداگانه ترتيب ڏئي، سال 1967ع ۾ راشدي صاحب پاڻ ڇپرايو. هن ڪتاب جو انتساب دولهه دريا خان ڏي ڪيل آهي.

21. هفت مقاله: سه ماهي اردو ۾ فارسي ادبيات متعلق ڇپيل مقالن جو هي انتخاب، انجمن ترقي اردو پاڪستان سال 1967ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جي مرتب سيد حسام الدين راشدي مرحوم، ابتدا ۾ مختصر پيش لفظ به شامل ڪيو آهي، جو نهايت دلچسپ آهي.

22. حديقة الاوليا: سنڌ جي اوليائن جو هي تذڪرو ٺٽي جي سيد عبدالقادر سن 1016هه / 1607ع ۾ لکيو هو. پير صاحب ايڊٽ ڪندي، مٿس سنڌيءَ ۾ طويل مقدمو لکيو آهي. هن تذڪري کي سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ شايع ڪيو.

23. تذڪره شعراي ڪشمير: انهن فارسي گو شاعرن جو تذڪرو آهي، جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪشمير سان لاڳاپيل هئا. ڪي ڪتاب مرزا اصلح سن 1161هه / 1747ع ۾ تيار ڪيو. اقبال اڪيڊمي 1967ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1983ع ۾ ڇپيو آهي.

24. تذڪره شعراي ڪشمير جلد اول: مٿئين تذڪري کي ايڊٽ ڪندي سيد حسام الدين کي هڪ وڌيڪ ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال آيو. سندن هن ڪاوش کي مرزا اصلح جو تڪلمو سڏڻ بهتر ٿيندو. جلد اول اقبال اڪيڊمي 1967ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ 120 شاعرن (الف _ ش) جو احوال ملي ٿو. 1983ع ۾ هي جلد وري ڇپيو آهي.

25. تذڪره شعراي ڪشمير جلد دوم: هي ٻيو جلد آهي، جنهن ۾ وڌيڪ 54 شاعرن (ص _ غ) جو ذڪر ٿيو آهي. اقبال اڪيڊمي ان کي 1967ع ۾ ڇپيو. هي جلد دوباره 1982ع ۾ شايع ٿيو آهي.

26. تذڪره شعراي ڪشمير جلد سوم: هن ٽئين جلد ۾ ڪشمير جي وڌيڪ 69 شاعرن جو (ف _ م) تذڪرو ٿيو آهي. پهريون ڇاپو 1968ع ۾ ڇپيو. ۽ ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ نروار ٿيو آهي.

27. احوال و آثار ملڪ الشعراءِ ابوالفيض فيضي: راشدي صاحب شعراءِ ڪشمير جي ٽئين جلد ۾ فيضيءَ بابت نهايت مفصل معلومات ڏني آهي. اهو سمورو مواد جداگانه ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏئي، پاڻ سال 1968ع ۾ مٿئين عنوان سان شايع ڪيو اٿن. ڪتاب فارسي زبان ۾ آهي.

28.  تذڪره روضة السلاطين: هي فارسي ڪتاب انهن اميرن، وزيرن ۽ بادشاهن  بابت آهي، جي شاعر هئا. هن تذڪري کي فخري هرويءَ سن 958هه/ 1551ع ۾ ترتيب ڏنو ۽ شاهه حسن ارغون ڏانهن منسوب ڪيو. راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ سان 1968ع ۾ شايع ٿيو. ان کان اڳ ”روضة السلاطين“ تبريز مان ڊاڪٽر خيام پور پڻ ڇپيو هو، ليڪن اسان جي هن مانائتي عالم ان کي ناقص ايڊيشن سڏيو آهي.

29. جواهر العجائب: سن 962هه / 1554ع ۾ فخري هرويءَ ترتيب ڏنو ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي زال ماهم بيگم کي منسوب ڪيو. هن ۾ اهڙين عورتن جو ذڪر ملي ٿو، جن شعر و شاعريءَ ۾ حصو ورتو. راشدي صاحب هي تذڪرو ايڊٽ ڪري سال 1968ع ۾ ڇپرايو. ان کان اڳ به هن تذڪري جا ڪجهه ايڊيشن نڪتا هئا، جن کي ناقدين ناقص سڏيو آهي.

30. ديوان فخري: هي فارسي ديوان آهي، جو پڻ 1968ع ۾ پڌرو ٿيو. فخري هرويءَ جا هي ٽئي ڪتاب هڪ جلد ۾ مرتب ٿي، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي ڇپيا آهن. فاضل ايڊيٽر راشدي صاحب، نهايت قيمتي مقدمو اردو ۾ لکيو آهي ۽ آخر ۾ تعليقات ذريعي مفيد واڌارا پڻ ڪيا آهن، جي فارسي زبان ۾ آهن.

31. دود چراغ محفل: اهڙن پنجن شاعرن جو تذڪرو آهي، جي مرزا غالب سان وابسته هئا. هي اردو ڪتاب غالب جي صد ساله ورسيءَ جي موقعي تي، اداره يادگار غالب ڪراچي، سال 1969ع ۾ ڪراچيءَ مان ڇپيو آهي.

32. تذڪره شعراي ڪشمير جلد چهارم: ڪشميري شاعرن بابت راشدي صاحب جي رٿيل تذڪري جو هي آخري جلد آهي، جنهن ۾ ڪل 130 شاعرن (ن_ ي) جو احوال ملي ٿو. هي جلد اقبال اڪيڊمي 1969ع ۾ شايع ڪيو. مجموعي طرح سان چئن جلدن ۾ 373 شاعرن جو ذڪر ٿيو آهي. چارئي جلد ٻه هزار صفحن تي مشتمل آهن، جن ۾ لاتعداد تصويرون، عڪس ۽ آخر ۾ فهرستون به ڏنل آهن.

33. مرزا غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب: سنڌ جي آخري ترخان حاڪم بابت هي ڪتاب، راشدي صاحب اردو ۾ لکيو آهي، جنهن کي انجمن ترقي اردو ڪراچي 1970ع ۾ ڇپيو. پهرئين حصي ۾ مرزا بابت احوال ملي ٿو ۽ ٻئي حصي ۾ اهڙن 35 شاعرن جو ذڪر ۽ شعر ملي ٿو، جي مرزا سان وابسته هئا.

34. ديوان بيرم خان: مشهور سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان جو والد بيرم خان نه رڳو نامور امير هو، پر پنهنجي دور جو اعليٰ پايي جو فارسي ۽ ترڪي ٻولين جو شاعر پڻ هو. فارسي شعر راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ ڊاڪٽر صابر ترڪي شاعري ترتيب ڏني، جنهن کي ڪراچي يونيورسٽي جي وچ ۽ اولهه ايشيا جي مطالعاتي مرڪز سال 1971ع ۾ ڇاپيو. بيرم خان بابت مقدمو ڊاڪٽر ايم. ايڇ. صديقي لکيو جو انگريزي زبان ۾ آهي.

35. تحفة الڪرام: مير علي شير قانع جو هي چوٿون ڪتاب آهي، جو سيد حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪيو. قانع ”تحفة الڪرام“ سن 1181هه 1768ع ۾ مڪمل ڪيو. ڪتاب جو ٽيون جلد سنڌ جي تاريخ، مشاهيرن ۽ شهرن بابت آهي. فاضل ايڊيٽر هن جلد جو به تاريخ وارو حصو ايڊٽ ڪيو ۽ ان ۾ نهايت مستند ۽ معتبر تاريخي حاشيا، ضميما، تعليقات ۽ نسب ناما شامل ڪيا. گڏوگڏ تصويرن جو سهڻو سيٽ به شامل ڪيل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1971ع ۾ ڇاپيو. رٿا موجب ڪتاب جي ٽئين جلد جا ٻه ڀاڱا شايع ٿيڻا هئا پر اهي آخر تائين منظر تي نه آيا.

 

36: تذڪره مشايخ سيوستان: هي مختصر تذڪرو سيوهڻ جي صوفين بابت آهي، جو عبدالغفور بن حيدر سيوستانيءَ سن 1039هه/1629ع ۾ مڪمل ڪيو. ان جي اڪيلي ڪاپي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ موجود آهي، جتان راشدي صاحب فوٽو حاصل ڪري، ان کي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪرايو (3_4/1974ع). هن مختصر تذڪري جو سنڌي ترجمو نياز همايوني صاحب ڪيو، جيڪو پڻ رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو. (3_4/1979ع).

 

37_ مثنوي مهر و ماه: جمالي دهلويءَ هي مثنوي سن 905هه/1499ع ۾ مڪمل ڪئي. سنڌ جي هن مانائتي عالم جي سعيي ۽ مقدمي سان، هي مثنوي مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد 1974ع ۾ ڇپي آهي. مفصل مقدمو فارسي زبان ۾ آهي(1).

38. تذڪره مشاهير سنڌ _ جلد اول: مرحوم مولانا دين محمد وفائيءَ جو لکيل هي ڪتاب سنڌ جي اڀياس ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. راشدي صاحب جلد اول ترتيب ڏنو، ان تي مقدمو لکيو ۽ وضاحتي حاشيا لکيا. هي جلد سنڌي ادبي بورڊ سال 1974ع ۾ ڇاپيو(2). ان جو اردو ترجمو به هن اداري سال 1991ع ۾ ڇپيو آهي، جو ڊاڪٽر عزيز انصاري ۽ عبدالله ورياهه جو ڪيل اهي.

39. هو ڏوٿي هو ڏينهن: راشدي مرحوم جي يادگيرين تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ سال 1977ع ۾ ڇپيو آهي. ڪتاب سنڌي ثقافت، ٻولي، مواد ۽ پيشڪس جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو.

40. تذڪره رياض العارفين جلد اول: سن 1300هه / 1888ع ۾ آفتاب راي لکنويءَ هي تذڪرو پورو ڪيو، جو فارسي گو شاعرن بابت آهي. مختصر اردو مهاڳ سان راشدي صاحب ان کي مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد ذريعي 1977ع ۾ شايع ڪيو.

        41. مير محمد معصوم بکري: هي مفصل تاريخي ڪتاب ”تاريخِ سنڌ“ جي مؤلف مير محمد معصوم جي سوانح تي لکيل آهي. ڪتاب نهايت اهميت رکي ٿو. هن ۾ ڪافي تاريخي تصويرون به ڏنل آهن. سال 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، هي ڪتاب وڏي اهتمام سان پڌرو ڪيو.

42. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون: هي ڪتاب راشدي صاحب جي 43 مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جو انجمن تاريخ سنڌ 1981ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.

43. تذڪره رياض العارفين _ جلد دوم: هي جلد سيد صاحب جي وفات کان پوءِ، مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد سال 1982ع ۾ ڇپيو آهي. هن جلد تي فارسي زبان ۾ سيد عارف نوشاهيءَ مهاڳ لکيو، جنهن ۾ راشدي صاحب جي ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتابن جو احاطو ڪيل آهي.

44. مراة الجمال: راشدي صاحب جي پسنديده فارسي، سنڌي ۽ اردو شعرن جو انتخاب آهي، جو سنڌالاجيءَ سندن ٻين ورسيءَ جي موقعي تي 1984ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.

45. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: هن مقالي جي لکندڙ هي ڪتاب ترتيب ڏنو، جنهن ۾ راشدي صاحب جا انٽرويو، تقريرون ۽ مقالا شامل ڪيا ويا آهن. راشدي صاحب جي تحريرن جو هي ٻيو مجموعو آهي. آخر ۾ ”تذڪره مشايخ سيوستان“ جو سنڌي ترجمو به ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1992ع ۾ نروار ڪيو.

پير صاحب جي ڪتابن جي سروي ڪندي، فهرست نگارن ڪجهه مضمونن ۽ مقالن کي به سندن ڪتابي ورثي ۾ شمار ڪيو آهي. هن ڏس ۾ ”ٺٽي جي آڳاٽي جاگرافي“ ۽ ”ڏهن صدي هجريءَ جي سنڌ“ جو اڪثر ذڪر ٿيندو رهي ٿو. اهي ٻئي مقالا اصل ۾ رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا ۽ پوءِ سندن مقالن جي ڪتاب ۾ به شايع ٿيا(1). ڊاڪٽر محمد ايوب قادري مرحوم، هڪ اردو مقالي ”مولانا محب علي سنڌي“ کي به سندن ڪتاب ۾ لکيو آهي(2). اصل ۾ هي هڪ مقالو آهي، جيڪو سال 1950ع ۾ ڇپيو. اهو ڪٿي ڇپيو ۽ ڪهڙي رسالي ۾ شايع ٿيو، ان بابت في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي. سيد سرفراز علي سہ ماهي ”اردو“ جي آڪٽوبر 1951ع ۾ ”مولانا محب علي سنڌي“ بابت ڇپيل هڪ مقالي کي راشدي صاحب ڏي منسوب ڪيو آهي(1). هي معلومات درست ڪانهي. مون پاڻ انجمن جي ڪتبخاني ۾ وڃي، مذڪوره پرچو نظر مان ڪڍيو، تڏهن خبر پئي ته راشدي صاحب ڏي منسوب مقالو، اصل ۾ محمد مطبع الله راشد برهانپوريءَ جو لکيل آهي. ياد رهي ته راشد برهانپوري مرحوم ”ديوان عطا“ ۽ ”برهانپور کي سندهي اوليا“ نالي ڪتاب ترتيب ڏنا هئا، جي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا هئا.


(1)  اهڙي مواد جي فهرست محمد قاسم سومري صاحب منهنجي نگرانيءَ ۾ تيار ڪئي، ۽ رسالي ”مهراڻ“ نمبر 1 سال 1997ع ۾ ”سيد حسام الدين راشديءَ جي سوانحي ماخذن جو جائزو“ عنوان سان شايع ڪئي.

(2)  رشيد ڀٽيءَ جو مقالو، هلال پاڪستان ميگزين، ص 69_71، سيپٽمبر 1983ع، ڪراچي.

(3)  اسلامي ڪتبخانا جو هڪ ايڊيشن سه ماهي ”الرحيم“ ۾ به ڇپيو آهي (ٻيو نمبر، بهار، 1965ع).

(4)  ادراڪي بيگلاريءَ سنڌ جي تاريخ بابت مکيه ڪتاب ”بيگلارنامه“ پڻ فارسي زبان ۾ لکيو هو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ  1980ع ۾ شايع ڪيو.

(5)  هن ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن ”سنڌ انڊر دي مغلس“ جي نالي سان، سال 1990ع ۾ اسلام آباد، مان تاريخ ۽ تمدن بابت قومي اداري ڇپيو آهي. هي معياري ڇاپو ڊاڪٽر محمد سليم اخترجو تيار ڪيل آهي.

(6)  سنڌي ادبي بورڊ ان کان اڳ عطا جو فارسي ديوان به ڇپيو، جيڪو سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوريءَ ايڊٽ ڪيو هو.

(1)  جمالي دهلويءَ جي ڪتاب ”سير العارفين“ جو اردو ترجمو ڊاڪٽر محمد ايوب قادري ڪيو، جو مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1976ع ۾ شايع ڪيو. ان تي پڻ مفصل مقدمو راشدي صاحب جو لکيل آهي.

(2)  پير صاحب جي وفات بعد ”مشاهير سنڌ“ جا باقي ٻه جلد بورڊ ڇپيا آهن. جلد ٻيون سال 1985ع ۾، ۽ جلد ٽيون سال 1986ع ۾ شايع ٿيو.

(1)  ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، سال 1981ع.

(2)  ماهنامه ”قومي زبان“ پير حسام الدين راشدي نمبر ڊسمبر 1982ع

(1)  اشاريه اردو، ص42، انجمن ترقي اردو پاڪستان، ڪراچي سال 1976ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com