سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :12

پير صاحب کي ان مثنوي سان ان ڪري به دلچسپي پيدا ٿي جو شايد هُن کي فخر ٿيو هوندو ته سنڌ ۾ ويهي ڪري هڪ شاعر نظاميءَ جي رنگ ۾ مثنوي لکي پئي سگهيو. هُن سندس وصفون مختلف تذڪرن مان جمع ڪيون آهن ۽ جڏهن هُو لکي رهيو هوندو ته، هو عالم، فاضل، بزرگ ۽ صوفي باصفا هيو ته هُن کي اها خوشي ٿي هوندي ته، سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪمال جا صاحب ٿي گذريا آهن.

پنهنجي تحقيق مان جتي به تذڪره نويسن سيد شاهه جهانگير هاشمي بابت ڪجهه غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو آهي ته ان جي تصحيح به ڪندو ويو آهي. مثلاً هُن بابت ڪي تذڪره نگار لکن ٿا ته، هن جي ملاقات ’جامي‘ سان ٿي هئي ته پير صاحب لکي ٿو، ’ان جو ثبوت سندس شعرن مان نه ٿو ملي‘. ڪن تذڪرن لکيو آهي ته هُن ٻه مثنويون، هڪ ’مظهر الاثار‘ ۽ ٻي ’مظهر انوار‘ لکيون. ليڪن پير صاحب جي تحقيق مطابق هن جي هڪ ئي مثنوي هئي، جنهن جو نالو ’مظهر الاثار‘ آهي، مظهر انور هُن جي ڪابه مثنوي نه آهي. پير صاحب مختلف تذڪرن مان ان جا بيت ۽ هڪ قصيدو لکي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

تڪملہ مقالات الشعراء 1958ع:

1958ع ۾ پير صاحب مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي جو تڪملہ مقالات الشعراء شايع ڪيو. جنهن جي نالي مان ظاهر آهي ته هي قانع ٺٽوي جي مقالات الشعراء واري سلسلي جي تصنيف آهي، يعني مقالات الشعراء ۾ جن شاعرن جو ذڪر هيو، ان کان بعد جيڪي فارسي شاعر سنڌ ۾ ٿيا، تن جو احوال هن تذڪري ۾ ڪيو ويو آهي. انهن جو تعداد 82 آهي. پير صاحب کي ان جو نسخو پنجاب يونيورسٽي لاهور مان مليو، جنهن کي پروفيسر محمد شفيع مرحوم، احسن ڪربلائي حيدرآبادي کان خريڪ ڪيو هو. ان جو ٻيو ڪوبه نسخو کيس نه مليو ته ان تي هُن پنهنجي ايڊيٽنگ جو پورو آرٽ ڏيکاريو آهي. پنهنجي عادت مطابق مقدمي ۾ ان تذڪري جي مصنف جا تفصيلي حالات لکيا آهن. هُو 1251هه ۾ پيدا ٿيو. اهو سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي زوال وارو زمانو هو. هُن جو خاندان ’هرات‘ جو هيو. (تڪملہ مقالات الشعراء ص_167) ان ۾ صوفي با صفا، اهلِ دل ۽ صاحبِ سلوڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، جيڪي ان زماني ۾ نقشبنديہ جي سلسلي جا بزرگ هيا. سندن ئي گود ۾ مصنف تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي. ستن سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ ختم ڪيائين. وري صرف، نحو، اصول، منطق، رياضي، حديث، تفسير، فقہ، اصول حديث ۽ علم مناظر جي تعليم به ورتائين. هن جو والد ۽ ڀاءُ ٻئي شاعر هئا، انهيءَ ڪري شاعريءَ جو شوق کيس ورثي ۾ مليو. ان دور ۾ هر شهر مثلاً، حيدرآباد، هالا مٽياري، سکر، شڪارپور ۽ سيوهڻ ۾ فارسيءَ جا سٺا شاعر موجود هيا. مصنف انهن کان به گهڻو فيض حاصل ڪيو، جن جو ذڪر هُن پنهنجي ڪتاب ۾ جا بجا ڪيو آهي ۽ ان زماني ۾ ڪراچي مان هڪ رسالو ”مفرح القلوب“ جي نالي سان نڪرندو هو، جنهن ۾ فارسي جا غزل به شايع ٿيندا هئا. مصنف ان مان به استفادو ڪيو. انهيءَ زماني ۾ ايران افغانستان کان شاعر ۽ اديب سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. مصنف انهن سان به خط و ڪتابت جاري رکي. هُو پنهنجي دور جو سٺو شاعر هو. شروع ۾ ’مسڪين‘ تخلص استعمال ڪندو هو. ’مسڪين‘ تخلص سان گڏ هُن، ”تڪملہ مقالات الشعراء“ ۾ پنهنجي ڪلام جا جيڪي نمونا ڏنا آهن، انهن مان ڪجهه شعر هي آهن.

 

به پيش حسن تو اي سر و قامت و گل فام
عزيز مصر بود يک غلام يوسف نام
بہ دور خط بہ جمال رخ تو نقص رسيد
کہ زور کفر خود کم رواجي اسلام
دماغ من چو پريشان ز ياد زلف تو شد
خيال چِشم توام کرد فارغ از بادام
بہ چين زلف تو جانان نسيم که ام لقب
کمند آهوي جان يا غزال دل را دام
غزل چو آيہء رحمت بگفتہء ”مسکين“
کجا جواب تو گويد کسي بہ جز الهام
 

’خليل‘ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي قبر تي هي غزل لکرائڻ لاءِ لکيو هو.

بہ قبرم چو رسي در خو است از حق کن بتو قيري
کہ اين بي چاره را از نور غفران بخش تنويري
بظاهر از زبان حال من صد نکتها يا بي
بہ باطن گر فرو ماندم ز تقريري و تحريري
من آنم کزلب و کلکم چہ فن مي خاست ليک اکنون
بنا بہ شکستہ ام چون مفرد اندر جمع تکسيري
طلبگار ضياي ”نور حقم“ بعد مردن هم
ز خاکم بگزراني با خدا روشن دلي پيري
خليل اميد وارث شد بہ مرگ و زندگي يا رب
در آميزي بروحش نور خود چون شکر و شيري
 

هيءَ رباعي به پنهنجي قبر تي لکڻ لاءِ وصيت ڪري ويو هو.

 

گنہ گارم تبہ کارم شعارم جرم و عصيان است
بہ فضلٿ يا ربم ليکن بسي اميد احسان است
مکن شرمنده ام يارم مپرس اعمال نيک از من
بدم راشو بدريائي کہ نامش بحر عرفان است

 

نالو محمد ابراهيم هيس، انهيءَ مناسبت سان اڳتي هلي ’خليل‘ تخلص استعمال ڪرڻ لڳو. سنڌيءَ ۾ به طبع آزمائي ڪندو رهيو، جنهن ۾ تخلص ’اداسي‘ رکيائين هندي يعني اردو ۾ شعر چيائين ان ڪري غلام محمد شاهه گدا جو شڪر گذار رهيو. هُن ٻه ديوان مرتب ڪيا. هڪ جو نالو ’ديوان مسڪين‘ ۽ ٻئي جو نالو ’تحفة الفقير‘ جي نالي سان رکيائين، مگر هُن جي سڀني تصنيفن مان پير صاحب کي ’ديوان خليل‘ ئي ڏسڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ هن جا غزل، مخمسات، قطعات، رباعيون ۽ تاريخي قطعات آهن. هن جا تمام گهڻا شاگرد به هيا. جن جو ذڪر هُن ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ ۾ جا بجا ڪيو آهي. هن 74 سالن جي عمر ۾ 1317هه ۾ وفات ڪئي. کيس حضرت نقشبندي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سندس اولاد مان ڪجهه هُن جي زندگيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو هو ۽ جيڪو زندهه رهيو ان مان هُن جو نسل وڌي نه سگهيو. مگر پير صاحب هن جي ’تڪملہ مقالات الشعراء“ کي تلاش ڪري ۽ ان کي ايڊيٽنگ واري فن سان سينگاري ۽ سندس حالات لکي علمي دنيا ۾ کيس زنده جاويد بڻائي ڇڏيو. قانع ’مقالات الشعراء“ جي تڪميل 1175هه ۾ ڪئي. ان کان پوءِ سندس پٽ ’مجمع البلغاء‘ جي نالي سان هڪ تذڪرو لکيو، جنهن ۾ مير قانع کان بعد جي شاعرن جو ذڪر هيو. مگر اهو هاڻي اڻلڀ آهي. مخدوم محمد ابراهيم خليل تقريباً 133 سالن کان پوءِ ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ لکيو. پير صاحب جي تحقيق آهي ته هي تذڪرو 1307 هه يا 1308 هه ۾ لکيو ويو.

پير صاحب ٻين تذڪرن جيان هن مان به مطمئن نه هيو ڇو ته ان ۾ شاعرن جا حالات لکڻ ۾ اختصار کان ڪم ورتو ويو آهي ۽ انهن جي وفات جو سن لکڻ جو به اهتمام نه ڪيو ويو آهي. ان ڪميءَ کي ڪنهن حد تائين ان کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ پورو ڪيو ويو آهي. ان ۾ وڏي محنت سان ڏيڍ سوَ صفحن جا تعليقات لکيا ويا. انهن جي لکڻ ۾ جيڪا محنت ڪيل آهي ان جا ڪجهه نمونا هي آهن:

هڪ شاعر ’انور‘ جو ذڪر، خليل هڪ سٽ ۾ ڪيو آهي ۽ پنجن صفحن ۾ سندس ڪلام جو نمونو ڏنو آهي. پير صاحب کي هڪ  بياض ۾ ان جا ايترا شعر مليا جو انهن کي 29 صفحن ۾ نقل ڪيو ويو آهي. جيڪي هن جي بيتن، قصيدن، مخمس، هجو ۽ غزلن تي مشتمل آهن. مخدوم محمد هاشم جي ذڪر ۾ خليل صرف ايترو لکيو آهي ته:

”تصانيف کثيره دارند جملہ يک صد و چار ده“

پير صاحب هُن جي 138 تصنيفن جو پتو لڳايو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙيون ڪهڙيون ڇپيون آهن ۽ ڪهڙيون اڃا مخطوطن جي شڪل ۾ آهن. پير صاحب هن جي تصنيفات جي جيڪا فهرست ڏني آهي، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته مخدوم محمد هاشم عربي، فارسي ۽ سنڌي ٽنهي ٻولين ۾ ڪتاب لکيا، مگر عربي ڪتابن جو تعداد ٻين کان گهڻو آهي. اهي گهڻو ڪري تفسير، ڪلام، حديث، سيرت رسول صه، صوم و صلواة، تصوف ۽ ديني مسئلن بابت آهن. انهن ڪتابن مان اندازو ٿئي ٿو ته ’باب الاسلام‘ سنڌ ۾ جنهن ڪثرت سان مذهبي ڪتاب لکيا ويا، انهن جي بنياد تي ان کي ”عرب صغير“ چيو وڃي ته وڌاءُ نه ٿيندو. پير صاحب مخدوم محمد هاشم جي تصنيفن جا نالا لکي وڏي علمي خدمت ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح ٻين شاعرن بابت به مفيد معلومات ڏيندو ويو آهي. مثلاً ’جعفري‘ جي ذڪر ۾ ’خليل‘ ان جي ٻين سفرنامن جو ذڪر ڪيو آهي. هُن انهن سفرنامن جا شعر نقل ڪرڻ پسند نه ڪيا هئا، مگر پير صاحب هن جي ٻن منظوم سفرنامن کي پنهنجي تعليقات ۾ سڄو نقل ڪيو آهي. خليل، ٽالپر شاعرن ۾ جعفري، حيدري، عبدالحسين ۽ مير ولي وغيره جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن پير صاحب انهن ٽالپرن شاعرن مان مير حسن علي خان ’حسن‘، مير عباس علي خان ’مومن‘ ۽ مير حسين علي خان ’حسين‘ جي نالن جو اضافو ڪيو آهي. ان ۾ مير محمد علي خان بهرور جي تصنيفن، ’داستان رزم نادر شاه‘ ۽ ’قصه رزم شير‘ جي نشاندهي ڪرائي، ’مثنوي رزم نامه شير‘ جو سڄو متن نقل ڪيو آهي. اهڙي طرح مير عباس علي خان مومن جي هڪ مثنوي به نقل ڪئي آهي. ۽ مير حسين علي خان جي سڀني تصنيفن جا نالا لکيا آهن. جيڪي هي آهن. (1) مناقب علوي (فارسي نثر)، (2) شاهد الامامت (فارسي نثر)، (3) لب لباب (فارسي نثر)، (4) ديوان حسين (فارسي ۽ اردو)، ديوان حسين (اردو)_ خليل لکيو هو ته حيدريءَ جي وفات جي تاريخ مرزا حسن علي ’وفا‘ لکي هئي. پير صاحب پنهنجي تعليقات ۾ مير حسين علي مناقب علوي مان ’وفا‘ جا حالات نقل ڪيا آهن ۽ محڪ خسروي مان ان جا بيت ڇهن صفحن ۾ نقل ڪيا آهن. حيدري جي ذڪر ۾ ان جا اهي غزل به نقل ڪيا آهن جيڪي هُن ’سورت‘ ۾ لکيا هئا. هن جي اها مثنوي به نقل ڪئي آهي جيڪا هن ’غريب الوطني‘ جي عنوان سان لکي آهي. هي شيون ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ ۾ نه آهن. ناطق مڪراني کي غالب انهن اعتراضن جي سلسلي ۾ جيڪو خط لکيو هو، اهو تعليقات ۾ نقل ڪيو آهي. جيڪو ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ ۾ نه آهي. ان ۾ هڪ شاعر علي جي ذڪر ۾ هڪ ڪتاب ’سلسلہ قادريہ‘ جو ذڪر آيو آهي، جيڪو 1326هه ۾ لکيو ويو ۽ شايع به ٿيل آهي. ليڪن ان جي مصنف جي هٿن سان لکيل نسخو پير صاحب کي ملي ويو هو. تعليقات ۾ ان جا منظوم اقتباسات ڏنا ويا آهن، جن سان ان جي مصنف جا حالات معلوم ٿين ٿا. انهن ۾ سڌ جي مدح به آهي، ’ساقي نامہ‘ به آهي ۽ غزل به آهن. خليل ڪراچيءَ جي سردار غلام محمد خان کي جيڪي ٽي خط لکيا هئا، اهي به تعليقات ۾ نقل ڪيا ويا آهن.

اهڙيءَ طرح ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ جي حاشين ۾ تمام مفيد معلومات ڏني ويئي آهي. مثلاً خاڪي جي تذڪرن ۾ هُن جي ڪتاب، ”مرغوب الاحباب في النساب الاقطاب“ جو ذڪر ڪيو آهي. خليل ان جو ڪوبه تفصيل نه لکيو آهي. پير صاحب حاشيي ۾ لکيو آهي ته ڪتاب 1273هه (1845ع) ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ نقشبندي سلسلي جي مشائخن جو احوال آهي. آخر ۾ لواري جي مشائخن جا حالات به آهن. هي اڃا تائين نه ڇپيو آهي ۽ لواري جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. وري انهيءَ سلسلي ۾ پير صاحب اها ڄاڻ به ڏيندو رهيو آهي ته ان موضوع تي سيد رفيق علي حسيني پيشنگي 1120هه (1708ع) ۾، لطيفة التحقيق، مير بلوچ خان ٽالپر 1201هه (1786ع) ۾، فردوس العارفين، بلال 1221هه (1806ع) ۾ الجواهر البدايع، خواجہ محمد سعيد 1303هه (1885ع) ۾ صقائل الضمائر لکيو. انهن مان صرف آخري ذڪر ڪيل ڪتاب ڇپيو، باقي اڃان تائين نه ڇپجي سگهيا آهن. خاڪيءَ جي تذڪري ۾ ئي فقير عبدالرحيم گرهوڙي جو ذڪر آيو آهي. پير صاحب ان جو پورو تفصيل حاشيي ۾ لکيو آهي. خاڪيءَ ان جي وفات تي جيڪو قطع تاريخ لکيو هو، خليل ان جو نقل نه ڪيو، ليڪن پير صاحب ان کي سڄو درج ڪيو آهي. وري عربي ۽ فارسي ۾ ان جي تصنيفات مان فتح الفضل، شرح ابيات سنڌي، رسالہ گل نما، مڪتوبات (فارسي) سنڌي نظمن جو مجموعو ۽ مرغوب الاحباب جي ڄاڻ ڏني آهي ۽ ان جي شعرن جو ڪجهه نمونو به ڏنو آهي. اهڙيءَ طرح ڪٿي شاعرن جي ولادت ۽ وفات جا سن، ڪٿي انهن جا اهي حالات، جيڪي خليل نه لکي سگهيو آهي، انهن جو پير صاحب حاشيي ۾ اضافو ڪندو ويو آهي.

انهن حاشين ۽ تعليقات مان اندازو ٿيندو ته پير صاحب کي علمي تلاش ۽ جستجو سان ڪيترو چاهه هو. تذڪري ۾ جنهن شيءِ جي کوٽ جو احساس هُن کي ٿيندو هو ته ان کي پورو ڪرڻ ۾ سندس دل جو اندريون آواز به هُن کي مجبور ڪندو هو. اهو چاهه موجوده دور جي مصنفن ۾ تمام گهٽ ڏسجي ٿو ۽ شايد اهو چاهه به هن سان گڏ دفن ٿي ويو.

’تڪملہ مقالات الشعراء“ ۾ سنڌ جي بزرگن ۽ اوليائن ۾ مخدوم عبدالله ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبداللطيف خاڪي ٺٽوي، مخدوم محمد ابراهيم مڏئي، مخدوم عبدالله، مخدوم غلام حيدر ٺٽوي، مخدوم ابو القاسم نقشبندي ٺٽوي، مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي، مخدوم فضل الله، مخدوم فيض احمد ٺٽوي وغيره جا حالات به آهن. انهن سڀني بزرگن جي مصروفيات ۽ حالات زندگي ۽ تعليمات باطني وغيره جو تفصيل آيل آهي. اهڙيءَ طرح ان ڪتاب جي اشاعت سان نه صرف ادبي ۽ شعري بلڪه ديني خدمت به ٿي وئي آهي. خود ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ جي مصنف پنهنجي خاندان جي بزرگن مان مخدوم ڪرم الله، مخدوم امين محمد، مخدوم عنايت الله، مخدوم محمد زمان، مخدوم عبدالڪريم، مخدوم غلام حيدر ۽ مخدوم عبدالڪريم جو ذڪر به آيو آهي. خود به پير صاحب ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ جي مصنف واري زماني جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته:

”ان وقت ٺٽي ۾ چار خاندان هئا، جيڪي علم، سلوڪ ۽ طريقت جا مرجع بڻيل آهن، جيڪي نه رڳو ٺٽي بلڪه سڄي سنڌ ۾ ڇانيل هئا. هڪ ته مخدوم ابو القاسم نورالحق نقشبندي جو خاندان هو، ٻيو مخدوم علامہ محمد هاشم ٺٽوي جو گهراڻو هو، جيڪو نه رڳو رشد و هدايت جو سرچشمو هو، بلڪه تمام وڏي ديني ۽ معقولي علمن جو سرچشمو به هو. ٽيون مير احسن الله ۽ مير نظر علي جو خاندان هو. هي به تصوف ۽ طريقت جو سرچشمو هو. چوٿون خود ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ جي مصنف خليل جو خاندان هو، جنهن جو هر فرد ماڻهن جي نظرن ۾ بزرگيءَ جو حامل هو. آخري ٽئي خاندان نقشبندي سلسلي سان منسلڪ هئا ۽ اهي ٽئي هڪ ٻئي جي ويجهو رهيا. معرف الاهيءَ ۾ چارئي خاندان مشهور هئا. سندن اثرات سڄي سنڌ کان علاوه ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بلوچستان، قلات ۽ مڪران تائين پکڙيل هئا ۽ انهن علائقن ۾ سندن بيشمار مريد به هئا_“ (مقدمہ ص 24_23).

وري ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ ۾ جن اولياء ڪرامن جو مختصر ذڪر آيو آهي، پير صاحب انهن جا تفصيلي حالات ۽ معلومات فراهم ڪيا آهن. مثلاً سيد سعد الله سورت واري جو احوال ’گلدسته صلحاي سورت‘ مان نقل ڪيو آهي. اورنگزيب ان کي سيدي وسندي پنهنجي خطن ۾ لکندو هو. اهڙيءَ طرح مخدوم صفا بن مخدوم ابراهيم جو احوال گڏ ڪري انهن جي وفات تي ٺٽي جي شاعرن جيڪي قطعات لکيا هئا، انهن کي به درج ڪيو آهي. مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم جا احوال ’تحفة الڪرام‘ مان کڻي ڏنو آهي، وري مخدوم ابراهيم بن مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم جا حالات ’مونس المخلصين‘ مان جمع ڪيا آهن. عربيءَ ۾ هنن جي ايڪيهه تصنيفات جو پتو لڳائي، انهن جا نالا ڏنا ويا. مخدوم آدم نقشبندي ۽ شيخ تپہ ديول جا حالات ’تحفة الڪرام‘ مان ڏنا آهن. شيخ تپہ ديول جي تعريف ۾ ’حديقة الاولياء‘ جي صاحب جيڪا طويل نظم لکي هئي، اها سڄي نقل ڪري ڏني آهي. شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جي خاندان مان شيخ جيو ولد شيخ نعمت الله جو احوال ’تحفة الڪرام‘ مان کڻي يڪجا ڪيو آهي. ’مڪلي نامہ‘ ۾ انهن تي جيڪي شعر درج آهن، اهي به نقل ڪيا آهن.

غلام محمد معين بن مخدوم محمد امين بن مخدوم طالب الله جا حالات ’تحفة الڪرام‘ جي مدد سان تفصيل سان درج ڪيا آهن. سندس انتقال 1161هه ۾ ٿيو. محسن ٺٽوي هُن جي وفات تي جيڪي قطعات لکيا هئا، اهي به داج ڪيا آهن. سندس ايڪيهه تصنيفن جا نالا به لکيا آهن. هي اهو ئي محمد معين آهي، جنهن جو ديوان غلطيءَ مان حضرت خواجه معين الدين چشتي جي نالي سان منسوب ٿي ويو آهي.

’تحفة الڪرام‘ مان مخدوم الملڪ ابوالقاسم جو احوال به ڏنو ويو آهي ۽ قانع جي طومار سلاسل جي حوالي سان هن جي ويهن مريدن جا نالا به لکيا آهن. انهن حاشين ۽ تعليقات مان اندازو ٿئي ٿو ته پير صاحب کي نه رڳو فارسي شاعرن سان دلچسپي هئي، بلڪه سنڌ جي اوليائن سان به کيس عقيدت هئي. انهيءَ ڪري جتي به انهن جو نالو آيو آهي ته انهن بابت گهڻي کان گهڻي معلومات ڏئي نه صرف پنهنجي پڙهندڙن کي محظوظ ڪيو، بلڪه پنهنجي ذهن کي به تسڪين ڏيندو هو.

’تڪملہ مقالات الشعراء‘ کي ’مقالات الشعراء‘ وانگر اهم  ۽ مفيد بنائڻ جي لاءِ ان جي مصنف خليل جي نسب نامي، سندس قبر جي تصوير ان جي خط جو نمونو به ڏنو آهي. وري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مير اصغر خان ٽالپر جعفري، مير شهداد خان حيدري، حضرت ابوالقاسم نقشبندي، زين العابدين عابد، سردار غلام محمد خان طرزي، مير عبدالحسين خان، مير علي اصغر علي، مير صوبدار خان ٽالپر، مير نظام الدين، ولي محمد خان ولي، مير ڪرم علي خان ٽالپر ڪرم، مير مراد علي خان ٽالپر، مير محمد علي خان، سرور، مير عباس علي خان مومن، مير حسن علي خان حسن، مير يار محمد خان، مير حسين علي خان حسين ۽ ميرزا آغا بزرگ جون يا انهن جي قبرن جون تصويرون، انهن جا ڪتبا ۽ انهن جي خطن جا نمونا به ڏنا آهن. اهڙو اهتمام ٻين مصنفن جي ڪتابن ۾ نه ٿو ڪيو وڃي. اهو پير صاحب جي ذاتي ذوق جي مرهون منت هو. انهن ۾ جيڪي تصويرون آهن، انهن جي اهميت تهذيبي ۽ تمدني حيثيت ان لحاظ کان به آهي جو ان زماني جي لباس ۽ رنگ ڍنگ جو پورو اندازو ٿئي ٿو. پير صاحب کي پنهنجي مادر وطن سنڌ جي ادبي، علمي، تاريخي، تهذيبي، تمدني ۽ اثري رواين سان ڪجهه اهڙي غير معمولي دلچسپي هئي، جو هُو ان جي هر شيءِ کي پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڪتابن جي ورقن ۾ منتقل ڪرڻ جي فڪر ۾ لڳو رهندو هو.

هن ڪتاب ۾ ايران جي مشهور دانشور سعيد نفيسي جي راءِ به آهي. جنهن ۾ لکي ٿو ته، ’هُو ان جو قائل آهي ته، جوان يا پوڙهو. داناءُ يا نادان، عورت يا مرد جيڪي ڳالهيون منظوم ڪيون آهن، اهي سڀ ساڳيءَ طرح محفوظ ڪيون وڃن. انهن تي گهڻي جرح نه ڪئي وڃي ۽ انهن ۾ تصرف ڪيو وڃي. جيئن اصلي حالت ۾ انهن جو مطالعو ڪري سگهجي!‘ هُو پير صاحب مان ان ڪري خوش هو، جو هُن سنڌ جي شاعرن جو فارسي ڪلام گڏ ڪري، سندس خواهش مطابق اها خدمت انجام ڏني. انهيءَ ڪري هُو کيس پنهنجو دوست، ڏاهو ۽ بزرگ سمجهندو رهيو. هن کي افسوس هو ته ايران ۽ پراڻي هندستان کان رشتو ٽٽي رهيو آهي ۽ جڏهن فارسي زبان هتي زوال پذير ٿي رهي هئي ته، سنڌي ادبي بورڊ نهايت سچائي ۽ ايمانداريءَ سان فارسي زبان جو واڌارو ڪري ڏاهپ جو ثبوت ڏنو. پير حسام الدين راشديءَ ان سلسلي ۾ جنهن همت جو ثبوت ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ ايرانين جي طرفان شڪر گذار ٿيو آهي ۽ ’تڪملہ مقالات الشعراء‘ کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ جيڪا سليقہ مندي ۽ وسيع النظري ڏيکاري آهي ۽ وري ان جو مقدمو، حاشيا، تعليقات ۽ ماخذن جي فهرست ۾ عالمانه رنگ اختيار ڪيو آهي، ان جي به تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي ۽ اهو به لکيو آهي ته هي ڪتاب ايرانين لاءِ فائديمند ۽ سودمند ٿيندو. هي خراج عقيدت پير صاحب جي محنت جو تمام گهڻو صلو آهي. هڪ مصنف جي وڏي خوش قسمتي اها هوندي آهي ته هو پنهنجي همعصر مصنفن جي نظرن ۾ بلند ۽ اهم سمجهيو وڃي. پير صاحب ان لحاظ کان ڏاڍو خوش قسمت هو ته پاڪستان کان علاوه هندستان، ايران ۽ يورپ جي علمي حلقن ۾ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. 1976ع ۾ راقم سيرت النبي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي آيو هو ته ايران جا گهڻا مندوبين به آيل هئا. پير صاحب انهن کي پنهنجي گهر مدعو ڪيو هو. هن خاڪسار کي به گهرايو ويو. ان موقعي تي پير صاحب کي شمع ۽ ايرانين کي پروانو ڄاتم ۽ انهن جي چرچن ڀوڳن جو جواب به پنهنجي سهڻي سڀاءُ سان ڏئي رهيو هو. هنن جي علمي ۽ ادبي گفتگو ۾ پنهنجي وزن ۽ وقار جو ثبوت ڏيندو رهيو. ايران، علمي ڪانفرنسن ۾ کيس برابر گهرائيندو رهيو. اتان جي هڪ رسالي ”ايران شناسي“ جو ايڊيٽر به بڻايو ويو ۽ اتان جي حڪومت هن جي علمي خدمتن جو اعتراف به ڪيو.

 

مثنويات و قصائد از قانع ٺٽوي 1961ع:

پير صاحب کي قانع ٺٽوي سان اهڙي دلچسپي ٿي وئي هئي، جو هُن ان جي قصيدن ۽ مثنوين جو هڪ مجموعو به 1961ع ۾ شايع ڪيو. ان جو مقدمو سنڌيءَ ۾ لکيائين، جنهن کان آءُ ناواقف آهيان.

ناواقفيت سبب آءُ، هُن جي بيان ڪيل انهن شعرن جي خوبين کان لطف اندوز نه ٿي سگهيس. ان ۾ جيڪي مثنويون گڏ ڪيون ويون آهن، انهن جا نالا هي آهن. مثنوي قضا و قدر، قصاب نامہ ۽ محبت نامہ. وري قصيدن ۾ ٻه نعتون، سورنهن حضرت علي ڪرم الله وجهه جون منقبتون آهن، هڪ ماه رمضان تي آهي. هڪ ميان سرفراز خان بن ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ۽ هڪ ميان عبدالنبي بن ميان نور محمد خان ڪلهوڙو واليءِ سنڌ جي مدح ۾ آهي.

قانع، مثنوي قضا و قدر ۾ پنهنجي قادر الڪلاميءَ جو اظهار اهڙي طرح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جهڙي طرح ان کان اڳ، هُن جي استادن مان نور الله ضياء اصفهاني، محمد قلي سليم طهراني (م 1057هه)، طالب آملي (م1035 هه)، حڪيم رڪنا ڪاشي (م1066هه)، مير يحيٰ ڪاشاني (م 1074هه)، محمد علي تسليم (م قبل 1077هه) پنهنجي پنهنجي مثنوي قضاء قدر لکي شعر گوئي تي پنهنجي قدرت جو اظهار ڪيو هو. قانع کي به شايد اهو شوق ٿيو هوندو ته هُو به انهن استادن جي صف ۾ شامل ٿي وڃي.

’قصاب نامه‘ ۾ هڪ قصو آهي ته هڪ ڪاسائي جي خوبصورت پٽ جي شادي ٿي ليڪن شادي واري ڏينهن ئي هُو مري ويو. سندس سونهن ۽ وري هُن جي وفات جي ڏکوئيندڙ روئداد، پوري شاعرانه انداز ۾ ڪئي وئي آهي. ’محبت نامه‘ جي شروع ۾ محبت ۽ عشق جا راز و نياز هن طرح ٻڌايا ويا آهن:

محبت را پديد آور ده از خونش،

کزان دلهائي عشاقش بود ريش،

بہ مجنون در رخ ليليٰ نموده،

اگرچہ خويشتن مقصود بوده

نہ بوده غير مجنون کام ليليٰ،

چہ شد گربود او بدنام ليليٰ

ميان وامق و عذراء دوئي چيست،

کہ غير از عشق در ما بين آن نيست

محبت درد و تن چون کرد ماو آ،

دوئي شد از ميان گشتند تنها

يک از اعجاز عشقت اي سخن سنج،

کہ پيش از عاشقت معشوق در رنج

نياز و ناز گر ظاهر دو حرف است،

ولي اين را ازان خالي نہ ظرف است

چو در باطن محبت صادق آيد،

هم از معشوق رنگ عاشق آيد.

وري ان خلاصي جي وضاحت شمع و پروانه ۽ گل و بلبل جي زباني ڪيل آهي، جنهن ۾ عشق ۽ محبت جي مصوري ڏاڍي مؤثر انداز ۾ ڪئي وئي آهي. اهڙي تصوير ڪشيءَ جو آرٽ فارسي شاعري جي محرڪن جي اعليٰ نمونن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

قانع نعتون به لکيون ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه جون منقبتون به قلمبند ڪيون. منقبتن ۾ هن جي شاعريءَ جي محنت سان گڏ ڪيفيت به تمام گهڻي نمايان آهي. جيڪا زور بياني ۽ تخيل جي اڏام انهن منقبتن ۾ آهي، اها هُن جي ٻن نعمتن ۾ نه آهي.

هڪ قصيدو ماهِ رمضان تي آهي ۽ وري ميان سرفراز خان ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، ميان غلام نبي بن ميان نور محمد ڪلهوڙو ۽ مير شيخ علي خان ٽالپر جي مدح ۾ به قصيدا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي شاهي درٻارن ۾ روايتي انداز ۾ قصيده خواني به ٿيندي رهي ۽ وري ظاهر آهي ته انهن شاهانه سرپرستيءَ ۾ شاعرن جي حوصله افزائي ۽ مالي مدد به ٿيندي رهي هوندي. قصيده خواني اڄڪلهه پسند نٿي ڪئي وڃي، مگر ماضيءَ ۾ قصيدن جي ذريعي اجائي ۽ وڌاءُ واري مدح سرائي چڱي نه هئي. بلڪه شاعر قصيده نگاري جي ذريعي پنهنجي شاعريءَ جي فن، علم جي ڏيکاءُ ۽ ذهني ڪاوش ۽ تخيل جي اڏام جو ڪمال ڏيکاريندا هئا. قانع پنهنجي درٻاري قصيدن ۾ شان، جان، ذيشان، اعتلا، بها، جلا، ثنا، ناشاد، استعداد، عناد ۽ ارشاد وغيره جي قافيي ۾ جيڪي ڊگها قصيدا چيا آهن، انهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هُو قديم استادن جي فن وانگر قصيده نگاريءَ ۾ پنهنجي فن جو ڪمال ڏيکاري سگهي پيو.

هن مجموعي ۾ ترجيع بند جي صورت ۾ ڏهه نعتون آهن ۽ وري حضرت علي مرتضيٰ ڪرم الله وجہ، امام حسن، فاطمة الزهراء، امام زين العابدين، امام محمد باقر، امام جعفر صادق، امام محمد ڪاظم، امام محمد رضا، امام علي نقي، امام محمد تقي، امام محمد عسڪري ۽ امام مهدي آخر الزمان تي مخمس آهن، جن مان قانع جي مذهبي عقيدن جو اندازو ٿئي ٿو.

پير صاحب جي نظر مان قانع جي مقالات الشعراء ۾ هُن جو هڪ نامڪمل قصيدو به گذريو ته ان کي به هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي.

ان مجموعي جي شايع ٿيڻ سان اهو فائدو ٿيو ته قانع جي شاعريءَ وارو سرمايو وسارڻ بجاءِ ڇپجي سامهون آيو، جنهن مان هُن جي شاعريءَ جي مطالعي ڪرڻ جو موقعو ملي ويو آهي. اهل علم هن جي ان مجموعي جو مطالعو ڪندي، ان نتيجي تي ضرور پهچندا ته هُو پنهنجي زماني جو باڪمال شاعر هو، جنهن پنهنجي دور جي فارسيءَ کي خوبصورت بڻائي سنڌ جي ادبي ۽ علمي ثقافت کي بلند ڪيو. اهڙي طرح علمي حلقا به پير صاحب جا شڪر گذار آهن، جو هن مجموعي کي شايع ڪري هڪ مفيد ادبي ۽ ثقافتي خدمت انجام ڏنائين. قانع جي غزل گوئي جو رنگ به ڏسو:

در زمان عارض گل رنگ آن مست شراب،

گرل گلي افتدد بہ چشمي آب او باشد گلاب.

تا بخواند ياد من باشد ورا نقشي بر آب،

حرف حرف نامہ ام گويا بود جرم سحاب.

دست مشاطہ ز دور کاکلش کوتاه بود،

يا رب از سعيء کہ افتادست اين مشکين طناب.

در ره دلدار نبود رهروي را پيش رفت،

کعبه را در يافتہ آنکس کہ او از خويش رفت.

شب بياد آن کمان ابرو دلم در بر طپيد،

تا نشانش يافتم يک تير واري پيش رفت.

در مثل تير کمان دان حالت چلہ نشين،

راست ديني يا کجي اميختہ از کيش رفت.

در کفش قانع رسيد رشتہ عمر دراز،

شانہ سان هر دل کہ در گيسوش با صد ريش رفت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com