سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :1

مهراڻ اپريل-جون 1997ع

ايڊيٽر:نفيس احمد شيخ

گذارش

 

”مهراڻ“ جو ”سيد حسام الدين راشدي نمبر“ ڪمال ادب ۽ احترام سان پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.

هن نمبر جي اشاعت جو فيصلو سن 1988ع ڌاري ڪيو ويو هو. ان زماني ۾ سائين غلام مصطفيٰ قاسمي بورڊ جو چيئرمين هو. بروقت پير صاحب جي فرزند، جناب حسين شاهه راشدي صاحب سان مدد ۽ تعاون لاءِ خط و ڪتابت ڪئي ويئي. بعد ۾ موصوف جڏهن پاڻ ئي بورڊ جو چيئرمن ٿي آيو، ته ”پير صاحب نمبر“ جي ڪم کي تيز ڪرڻ لاءِ هيڪاري آساني ٿي. پاڻ، ازراه ڪرم، پير صاحب جون ڪي ناياب تصويرون عنايت ڪيائين، جي هن شماري ۾ شامل آهن. هوند اهو نمبر سندس ئي ايامڪاريءَ ۾ شايع ٿي وڃي ها، پر دير رڳو انڪري، ٿي، جو منهنجيءَ استدعا تي، پاڻ ”پير صاحب جا آخري ڏينهن“ “Last Days of Pir Sahib” عنوان سان هڪ اهم مضمون لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هئائين. رسالو انهيءَ مضمون جي انتظار ۾ سال کان به وڌيڪ عرصو رڪيو رهيو. لکندڙ به پاڻ هو ۽ چيئرمين به پاڻ، بار بار يادگيري ڏياريندو رهيس. ٻين مضمونن جي ڪمپوزنگ  ڪن تصويرن جي پرنٽنگ جو ڪم ته اڳي ئي ٿي ويو هو. بعد ۾ جڏهن پاڻ بورڊ کان جدا ٿي ويو، ۽ وٽانئس مضمون ملڻ جو ڪوبه آسرو ڪونه رهيو، ته ”پير صاحب نمبر“ مرحوم سائينءَ جي پندرهينءَ ورسيءَ (1_ اپريل) جي موقعي جي مناسبت سان ڇپائڻ جو فيصلو بيٺو. هاڻي، خدا جي فضل سان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي.

هت هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ برمهل به آهي ۽ ضروري پڻ. پير صاحب، شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو، مولانا دين محمد وفائي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح سيوهاڻي، قبله علامه آءِ. آءِ. قاضي، سائين جي. ايم. سيد ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين سنڌي زبان، ادب ۽ تهذيب جا محسن شمار ٿين ٿا. هنن اهڙا اعليٰ ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، جو کين هن دور جي سنڌ جي مشاهيرن ۽ اڪابرن جو درجو حاصل آهي. جيڪڏهن ڪوبه سنڌي يا غير سنڌي لکندڙ، سندن عزت ۽ احترام ۾ ڪا گستاخي ڪندو، ته هو سنڌ جي عوام ۽ خاص طرح سنڌ جي دانشور طبقي ۾ پاڻ کي ڏٺو ڪندو.

افسوس آهي جو ميان مبارڪ عليءَ، جيڪو پاڻ کي تاريخ جو استاد ۽ دانشور سڏائي ٿو، پير صاحب تي بي سب بهتان بازي ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ اور دانشور“ ۾ مٿس اهڙا الزام هنيا آهن، جن جو سواءِ ان جي ٻيو ته ڪوبه سبب نظر ڪونه ٿو اچي ته پاڻ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا آهي، جو ولايت مان ڊگري وٺي اچڻ جي باوجود پاڪستان جي علمي حلقن ۾ سندس توقع موجب سندس پذيرائي شايد ڪانه ٿي. ٻئي طرف، پير صاحب جهڙن عالمن جي عظمت جا نغارا ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر بين الاقوامي علمي مرڪزن ۾ به وڄي رهيا آهن.

حسد ڏاڍي بري بلا آهي. قرآن ڪريم ۾ انسان کي سمجهايو ويو آهي، ته پناهه گهر پنهنجي رب کان، جڏهن حاسد توسان حسد ڪري!

اردو زبان جي هڪ نامور عالم، اديب ۽ محقق، جناب مشفق خواجه، مبارڪ عليءَ جي انهيءَ هرزه سرائيءَ جو نوٽيس ورتو. هو هفتيوار تڪبير ۾ ”خامهء بگوش“ جي ادبي نالي سان ڪالم لکندو آهي. هفتيوار ”تڪبير“ جي 5_ سيپٽمبر 1996ع واري پرچي ۾ ”سخن در سخن“ ڪالم ۽ ”تاريخ يا ٽله نويسي“ جي عنوان هيٺ مبارڪ عليءَ جي مضمون جو ”پوسٽ مارٽم“ ڪيو اٿس، جو سنڌ جي مڙني محب وطن دانشورن ۽ اديبن کي پڙهڻ کپي. ان سلسلي ۾ ڪي دلچسپ ٽُڪرا، هت پيش ڪجن ٿا:

لفظ به انسانن وانگر پيدا ٿيندا آهن. جيئرا هوندا آهن ۽ مري ويندا آهن. ان جو هڪ مثال لفظ ”شهيد“ آهي. ظهور اسلام کان اڳ اهو لفظ ”شاهد“ لاءِ استعمال ٿيندو هو. اسلام ان کي زمين تان کڻي آسمان تي پهچايو. هاڻي هي لفظ رڳو انهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪي حق جي راهه ۾ جان جو نذرانو ڏيندا آهن.

لفظن کي انسانن وانگر ”عزت“ ملندي آهي ۽ ”ذلت“ پڻ. مغلن جي زماني ۾ ”جمعدار“ معزز عهدو هو ۽ ”مهتر“ سردار کي ڪوٺيندا هئا. هاڻي اهي لفظ ”ٻهاريدارن“ لاءِ به ڪم آڻيندا آهن. ساڳيءَ ريت، ”دانشور“ لفظ به ڪنهن زماني ۾، عالمن، ڏاهن ۽ دانائن لاءِ استعمال ٿيندو هو.

اسان جي آرزو هئي ته الله جو ڪو ٻانهو دانشورن جي باري ۾ تحقيق ڪري ٻڌائي، ته ”اصلي“ ۽ ”نقلي“ دانشورن ۾ ڪهڙو فرق ٿيندو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ”تاريخ ۽ دانشور“ نالي سان تازو هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي، جو هڪ ”آئينه خاني“ وانگر آهي. منجهس مختلف دانشورن جا چهرا بي نقاب نظر اچن ٿا. هڪ چهرو اهڙو به آهي، جو خود ڪتاب جي مصنف جو پنهنجو چهرو آهي. ”بي نقاب“ چهرن وانگر هي ”بانقاب“ چهرو به ڏاڍو دلچسپ آهي. هو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”ڪي شخص دانشور ڪونه هوندا آهن، پر، دانشور ٿيڻ جو شوق هوندو اٿن. اهي ٻين کان ڪتاب لکائي، پنهنجي نالي تي شايع ڪندا آهن. ائين پنهنجو شوق پورو ڪندا آهن.“

”تاريخ ۽ دانشور“ ڪتاب جي مصنف اهڙن دانشورن جا ڪي مثال ڏنا آهن ۽ لکيو اٿس ته هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ، عربيءَ ۽ فارسيءَ جا اسڪالر هجرت ڪري، پاڪستان ۾ آيا. هت اچڻ کان پوءِ کين مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي، سنڌ جي هڪ مشهور دانشور، کين مالي معاوضو ڏيئي، سندن علمي پورهيو پنهنجي نالي سان شايع ڪرايو. اهڙيءَ ريت، هو هڪ مشهور محقق ۽ دانشور ٿي ويو ۽ ايران ۽ پاڪستان جي حڪومتن کان تمغا ۽ انعام ورتائين.

”تاريخ ۽ دانشور“ ڪتاب جي مصنف، پير حسام الدين راشدي مرحوم جو نالو کڻڻ کان سواءِ مٿس اهو الزام هنيو آهي، ته هو ٻين کان معاوضي تي ڪم ڪرائي، پنهنجي نالي سان ڪتاب شايع ڪندو هو. پر، اهڙي ڳالهه ته ڪو اهڙو شخص ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن پير صاحب جا ڪتاب ڏٺا ئي نه هجن. پير صاحب جو گهڻو علمي ۽ تحقيقي ڪم آهي ئي فارسي زبان ۾، ۽ اها زبان ”تاريخ ۽ دانشور“ ڪتاب جي مصنف، ميان مبارڪ عليءَ لاءِ ”عبراني زبان“ جو درجو رکي ٿي، ڇو ته پنهنجين تحريرن ۾ ڪتابن جي اردو ۽ انگريزي ترجمن تي ئي ڀاڙيو اٿس.

پير صاحب فارسي زبان جو ماهر هو. سندس علمي تحقيق جا مکيه موضوع ”سنڌ جو فارسي ادب“ ۽ ”سند جي تاري“ هئا. پير صاحب انهن ٻنهي عنوانن تي، ”سَندَ“ جي حيثيت رکندو هو. پير صاحب جي علمي ۽ تحقيقي معيار جي بلنديءَ جي شاهدي سيد صباح الدين عبدالرحمان جهڙي عالم ڏني آهي، جو مولانا شبليءَ ۽ سيد سليمان ندويءَ جي ”مسندِ علم“ جو وارث هو ۽ جنهن هندستان ۾ رهندي، پير صاحب جي علمي ڪارنامن تي چڱو هڪ ڪتاب لکي ورتو، جو (اردوءَ ۾) شايع به ٿي چڪو آهي.

”تاريخ ۽ دانشور“ جي مصنف پير حسام الدين راشديءَ کي معاوضي تي ڪتاب لکي ڏيندڙ مهاجر اسڪالرز جا نالا راز ۾ رکيا آهن. ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها، جو هو نه رڳو انهن جا نالا ظاهر ڪري ها، پر، اهو پڻ ٻڌائي ها ته انهن مهاجر اسڪالرز پاڻ به پير صاحب جي پايي جو ڪو علمي ڪم ڪيو هو؟

مشفق خواجه پنهنجي ڪالم جي آخر ۾ ميان مبارڪ عليءَ تي طنز ڪندي، چيو آهي ته ”گستاخي معاف! تاريخ نويس ۽ اُفواهه ساز ۾ ڪجهه ته فرق هئڻ کپي.“

زندهه قومون پنهنجن مشاهيرن کي قومي عزت ۽ ناموس جي علامت سمجهنديون آهن. جڏهن ڪابه قوم زوال پذير ٿيندي آهي، ته ان جي هڪ نشاني اها نظر ايندي آهي ته ”ڌاريا“ ۽ بعضي خود ”پنهنجا“، پنهنجن ئي مشاهيرن تي گند ۽ ڪچرو اڇلائيندا آهن. ليڪن، پير صاحب جي چوڻ موجب ”ڌارين جي ثنا خواني ڪندا آهن.“      

ڀلا ۽ بُرا ماڻهو هر معاشري ۾ موجود آهن _ اڳي به هئا، هاڻي به آهن ۽ آئينده به رهندا. ڏسڻو اهو آهي، ته ڪير ڪهڙو ڪم ڪري رهيو آهي؟ اسان کي خوشي آهي ته جيڪو ڪم سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن کي ڪرڻ کپندو هو، سو، اردو زبان جي اديب محترم مشفق خواجه، ڪمال ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏنو آهي. اسان کيس دل جي گهراين سان تحسين ڏيون ٿا.

اسان کي هت اهو اعلان ڪندي به خوشي ٿئي ٿي، ته عنقريب اسان ”مهراڻ“ جا ”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نمبر“ ۽ سائين جي. ايم. سيد. نمبر“ شايع ڪنداسين. مخدوم صاحب بورڊ جو محسن هو ۽ سائين جي. ايم. سيد بورڊ جو بنياد وجهندڙ هو. سنڌ جي هنن ٻنهي مشاهيرن جي دوستن، احبابن ۽ عقيدتمدن کي عرض آهي هو ان سلسلي ۾ اسان کي ڪي معياري علمي مضمون ۽ ڪي يادگار تصويرون عنايت ڪن. _ ن. ا. ش.

 

سنڌ جي تاريخ گهڻي آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ دلچسپ به آهي ۽ اسان لاءِ تمام اهم پڻ؛ پر اها اڄ تائين ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي ٽڙيل پکڙيل آهي. سنڌيءَ يا ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو ”بنيادي _ خاڪو“ ڪوٺي سگهجي؛ يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني حالات، هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن.

قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن کي تازي رکڻ، ۽ منجهن علمي جوش لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو اهم ذريعو قومي تاريخ آهي. قومي تاريخ جي صفحن تي ئي پنهنجن بزرگن جا شاندار ڪارناما، آئنده نسلن لاءِ زندگيءَ جو سبق بنجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم پنهنجي ماضيءَ کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي عروج ۽ زوال جي سببن تي ٿڌي سيني سان غور ڪري، پنهنجو مستقبل درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه آهي، ان لاءِ سمجهڻ گهرجي، ته اها زندگيءَ جي ميدان ۾ علمي محرڪات جي هڪ نهايت اهم وسيلي کان محروم آهي.

 _سيد حسام الدين راشدي

 

مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا

 

(سائين جي. ايم. سيد، پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي سنڌ جي موجوده دور جي مکيه ماڻهن ۾ شمار ٿين ٿا. ٽنهي ڄڻن سنڌي ادبي بورڊ ۾ به چڱو عرصو، چيئرمين ۽ ميمبرن جي حيثيت ۾ گڏجي ڪم ڪيو. جڏهن پير سائين حسام الدين راشديءَ وفات ڪئي، ته سائين جي. ايم. سيد، پنهنجي آبائي شهر سن ۾ نظربند هو. ان موقعي تي هيٺيون تعزيتي خط پير علي محمد راشديءَ کي موڪليو هئائين.) 2_4_1982ع

ساٿي نه پسان سي، جي هئم هنئين ٿُوڻيون،
هاڻي ڪنهين جي، وڃيو اڱڻ اُبهان؟

 

برادرم عزيزم، علي محمد شاهه

        ڪراچيءَ ۾ امداد جي بي چاقائيءَ وقت، گهڻو ملڻ ڪونه ٿيو، جو اجازت ڪانه هئي. هڪ طرف پُٽ جي بيماريءَ جو انتظار، ٻئي طرف سرڪاري روڪ، ٽئين طرف هيڻا هڏ! تن مجبور ڪري ملاقاتن کان پري رکيو. توسان به ويهن ڏينهن اندر ٻه ٽي دفعي مس ملاقات ٿي. برادرم حسام الدين سان به هڪ دفعو ملڻ ٿيو. اسپتال ۾ بيمار هو. ساڻس گهر وڃي ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڪانه ملي. انهن ئي ڏينهن ۾ علاج لاءِ انگلنڊ ويو. اميد هئي، ته خير سان موٽڻ بعد ملاقاتون ٿينديون. پر، پاڻ ان جاءِ تي وڃي پهتو، جتان ڪوبه ڪونه موٽيو آهي.

امداد جي ڪڪيءَ ٻڌايم ته امداد ڏاڏي حسام الدين راشدي جي وفات سبب ٺٽي ويو آهي. اهو ٻڌي، هڪدم فون ڪري، ڊي. سي. دادوءَ کي اجازت لاءِ چيم. چيائين ته اوهان کي پنهنجي بيمار نياڻي حيدرآباد علاج لاءِ کڻي وڃڻ واسطي اجازت ڪانه ڏنائون؛ سو هاڻي ته ٺٽي وڃڻ جي اجازت ملڻ جو آسرو بلڪل ڪونه آهي. اهو احوال اوهان جي ٽيليفون تي ڪراچيءَ عرض رکيم. پر جاءِ تان ڪو جواب ڪونه آيو، پوءِ ٻين ذريعن رستي احوال موڪلڻ جي ڪوشش ڪيم. جيئن ته ڪافي وقت گذري چڪو هو، سو ٺٽي پهچڻ ممڪن ڪونه هو، ان ڪري حاجي قادر ڏني شاهه معرفت اهو احوال ٺٽي موڪليم. اهي آهن اسان جي سرڪار جا ڪارناما، جو جيئري ته ملڻ بند، پر موت کان پوءِ تدفين ۽ منهن ڏسڻ جي به اجازت به نٿا ڏين.

سڄي زندگي صدمن ۾ گذري آهي. ارڙهن سال نظربندي ۽ سرڪاري قيد ۾ گذاريا اٿم. آهستي آهستي يار، دوست، هڪ هڪ ٿي جُدا ٿيندا، فراق جا صدما ڏيندا ويا آهن. پر هن صدمي جو نوع ئي علحده هو. خبر نٿي پويم، ته ان جي توسان عذر خواهي ڪريان، جنهن جو ڀاءُ الوداع ڪري ويو آهي، يا حسين شاهه سان عذر خواهي ڪريان، جو جيتوڻيڪ فرزند تنهنجو آهي، پر لاڏ ڪوڏ سان نپايل حسام الدين راشدي جو آهي. يا پاڻ سان غم اوريان، جنهن لاءِ ”وڏي وٿ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾“ وانگر، حسام الدين شاهه هڪ دوست، ڀاءُ، غمگسار ۽ پيار جو ڀنڊار هو.

برادرم حسام الدين جي وفات اهو صدمو رسايو آهي، جو قلم ته رت ڪونه ٿو هاري سگهي، البت جگر زخمي ٿي رت هاري رهيو آهي. سچ پڇين ته وڌيڪ سهڻ جي طاقت نه آهي، سو، لکڻ بند ڪريان ٿو.

عزيزم حسين شاهه کي ڀاڪر پائي دلاسا ڏج. قبيلي جي جملي ڀائرن کي منهنجي پاران عذر خواهي ڪج. پر، ارمان اهو اٿم، ته پاڻ کي هن غم ۾ دلداري ڏيڻ وارو ڪوبه ڪونه ٿو ڏسان!

 غم جو ماريل

 غلام مرتضيٰ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com