سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :14

هيءَ فهرست هتي ان ڪري ڏني وئي آهي ته جيئن پڙهندڙن کي اندازو ٿئي ته سنڌ ۾ ڪيتري وڏي تعداد ۾ اولياء الله ٿي گذريا آهن ۽ انهن اهل دل، صاحب ڪمال، صوفي عارف، ڪامل ۽ اهل حال جي ذات بابرڪات جي ڪري سنڌ واقعي اوليائن جو گلزار ۽ باغ بڻيل هئي. مصنف هي ڪتاب لکڻ وقت لکيو هو ته:

جامع اين اوراق چند و ناظم عقد اين جواهر ارجمند از صدق نيت و خلوص عقيدت خواست کہ برخي از ذڪر مشائخ و بزرگان و شمہء از حالات و کرامات ايشان کہ در بلاد سندهه سکونت و مکان داشتہ اند در سلک تقرير و وسط تحرير در آورده آل را وسيلہء افاضہ سحاب رحمت گرداند (ديباچہ ص 11_10).

ڪهڙو نه عجب آهي جو پير صاحب انهن بزرگن ۽ اوليائن جي تذڪري جي تصحيح انهيءَ سچي نيت ۽ خلوص عقيدت سان ڪئي آهي جو ان جي ذريعي کيس به رحمت الاهي جو وسيلو حاصل ٿي وڃي. ائين سمجهڻ اندازي کان ٻاهر آهي. ڇو ته شاعرن جي تذڪري کي ايڊٽ ڪندي ڪندي اوليائن جي تذڪري طرف مائل ٿي وڃڻ محض تفريحي علمي شعل تي اڪتفا نٿو ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن ان جي ذريعي پير صاب کي وسيلہ رحمت الاهي جو خيال به نه ٿيو هجي ته، جنهن محنت سان هن ڪتاب جي درستي ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ڇپجڻ سان سنڌ جي بزرگن جي تعليمات کي جنهن نموني سمجهڻ ۾ مدد ملندي، ان جي ڪري ممڪن آهي ته انهن درويشن جي فيض ۽ برڪت سان پير صاحب جي انساني ڪمزورين تي بارگاهه خداونديءَ ۾ پردو وڌو وڃي، آمين! شايد اهو چوڻ بي جا نه ٿيندو ته پير صاحب کي اوليائن ۽ خاص ڪري سنڌ جي ناميارن مشائخن سان عقيدت رهي، ان ڪري هن ڪتاب جي مقدمي ۾ تفصيل سان اها نشاندهي به ڪئي آهي ته سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن بزرگن جا حالات ڪهڙن ڪهڙن تذڪرن ۾ ملندا. ان سان انهن دانشورن کي گهڻي مدد ملندي جيڪي سنڌ جي صوفياءِ ڪرام بابت ڪجهه لکڻ چاهيندا هوندا.

پير صاحب جي خاندان ۾ به بزرگ ٿي گذريا آهن. سندس تعلق حضرت پير سيد محمد راشد روضه ڌڻي رحه جي خاندان سان آهي. هو پنهنجي خاص ماحول ۽ تقاضائن جي بنياد تي ڪڏهن ڪڏهن نواڻ پسندي جو اظهار ڪري ويندو هو. مگر غير شعوري طور تي مٿس بزرگان دين جا اثرات به ڇانيل رهيا. هن ’حديقة الاولياء‘ جي تصحيح ڪئي. هو جيڪي ڪتاب ايڊٽ ڪندو هو ان ۾ ڪنهن بزرگ جو نالو اچي ويندو هو ته، ان تي چڱو خاصو حاشيو لکي ساڻس عقيدت جو اظهار ڪندو هو.

 

روضة السلاطين وجواهر العجائب 1967ع:

 اڳ ۾ به ذڪر ٿيو آهي ته پير صاحب کي شاعرن جي تذڪرن سان گهڻي دلچسپي هئي، جنهن جو سبب اهو آهي ته کيس اهو فخر محسوس ٿيو ته فارسي زبان ۾ تذڪره نويسي جو بنياد سنڌ ۾ ئي پيو. ان جي تائيد لکي آهي ته فارسيءَ جو پهريون تذڪريو ’تذڪره الشعراء‘ ملتان ۾ 600هه کان اڳ لکيو ويو. وري عوفيءَ، ’لب اللباب سنڌ ۾ ئي مرتب ڪيو. ان کان پوءِ دولت شاهه جو، تذڪرة الشعراء 892هه ۾ مرتب ٿيو. مير علي شير نوائي 896هه ۾ ’مجالس النفائس‘ لکيو. ان کان بعد سنڌ ۾ 953هه کان پوءِ فخري هروي ’روضة السلاطين‘ ۽ تقريباً 962هه ۾ ’جواهر العجائب‘ لکيو. پير صاحب ڏاڍي خوشيءَ مان لکيو آهي ته تذڪره نويسيءَ ۾ موضوع جي خصوصيت جي شروعات به سنڌ مان ٿي آهي. ڇو ته موضوع جي لحاظ کان پهريائين هتي تذڪرا لکيا ويا. ان کان پوءِ ان تي به فخر ٿو ڪري ته فارسي زبان جي ادب ۽ تاريخ ۾، سنڌ جي سرزمين جي هيءَ خدمت ڪا معمولي خدمت ناهي، بلڪه، علمي دنيا ۾ هڪ ڪهاوت جي حيثيت رکي ٿي. (مقدمو روضة السلاطين).

روضة السلاطين ۽ جواهر العجائب کي پير صاحب 1967ع ۾ ايڊٽ ڪري شايع ڪيو. هي ٻئي تذڪرا 955هه ۽ 962هه جي وچ ۾ لکيا ويا. ’روضة السلاطين‘ 108 صفحن تي آهي ۽ ’جواهر العجائب‘ صرف 19 صفحن جو آهي. پير صاحب ان تي 77 صفحن جو مقدمو ۽ 220 صفحن جا تعليقات لکيا، جنهن مان سندس تحرير جي زرخيزي جو اندازو ٿيندو.

مقدمي ۾ گهڻي محبت سان سلطان محمد فخري هروي جا نالا قلمبند ڪيا آهن، سندس خاندان ۾ امارت رهي. هرات ۾ سندس والد بزرگوار جو شمار اميرن ۽ اڪابرن ۾ رهيو. هو عالم، فاضل ۽ سٺو شاعر به هو. فخري هروي 903هه ڌاري پيدا ٿيو. جڏهن جواني کي پهچي طبع آزمائي ڪرڻ لڳو ته ان زماني جي شاهه اسماعيل صفوي، شاهزاده سام مرزا، امير درميش خان والي هرات، اعتماد الدولہ، مرزا ڪمال الدين شاهه حسين اصفهاني (شاهه اسماعيل جو وزير اعظم) وغيره سندس ساراه ڪندا رهيا. انهن جي درٻارين مان سندس وابستگي ختم ٿي وئي ته هو 953هه کان ٿورو اڳ سنڌ ۾ آيو ۽ هتان جي والي شاهه حسن ارغون جي درٻار سان تقريباً 15 سال واڳيل رهيو ۽ انهيءَ زماني ۾ هن پنهنجون ٻه تصنيفون ’روضة السلاطين‘ ۽ ’صنائع الحسن‘ لکيون وري شاهه لاءِ ’جواهر العجائب‘  لکيائين. مگر جڏهن هو سنڌ مان اڪبر آباد پهتو ته هن اڪبر جي رضاعي ماءُ ماهم بيگم جي نالي، انهيءَ جواهر العجائب ۾ هڪ قصيدي جو اضافو ڪري ۽ ان جو ديباچو تبديل ڪري، سندس خدمت ۾ پيش ڪيائين. ان زماني ۾ هوءَ حڪومت تي حاوي هئي. هن فخري هروي کي سنج سوَ اشرفيون موڪليون، جنهن ڪري ماڻهن کي شڪ ٿيو ته، اهو ماهم بيگم جي لاءِ لکيو ويو. ليڪن پير صاحب کي پورو يقين آهي ته هي هاجن ماه بيگم جي لاءِ، مرزا عيسيٰ ترخان جي دور ۾ لکيو ويو. فخري هروي اڪبري درٻار ۾ پهچ خاطر ان ۾ هڪ قصيدي جو اضافو ڪيو ۽ ديباچي کي تبديل ڪري، ان کي ماهم آنگہ آڏو پيش ڪيو. مير معصوم بکريءَ پنهنجي تاريخ سنڌ، عبدالباقي نهاونديءَ، ماثر رحيمي ۽ مير علي شير قانع ’مقالات الشعراء‘ ۾ لکيو آهي ته، روضة السلاطين شاه حسين تڪدري جي تصنيف آهي. مگير پير صاحب پوري اعتماد سان اهو ثابت ڪيو آهي ته، هي فخري هروي جو لکيل آهي. فخري هروي جا حالات تلاش ڪرڻ ۾ پير صاحب ڪافي محنت ڪئي آهي. ان کان به گهڻو ان جي تاليفات کي دريافت ڪرڻ ۾ ڪئي، جيڪي هي آهن:

1. ’هفت ڪشور‘، ان ۾ ايران جي پراڻي تاريخ، بقول پير صاحب، ’افسانوي رنگ ۾ لکي وئي آهي.‘ 2. لطائف نامہ‘، هي نظام الدين علي شير نوائي جي ترڪي تذڪره ’مجالس النفائس‘ جو فارسي ترجمو آهي. 3. ’تحفة الحبيب‘، هي هم طرز غزلن جو مجموعو آهي. جيڪو الف _ ب جي سٽاءَ ۾ لکيل آهي. 4. ’روضة السلاطين‘، 5. ’صنائع الحسن، هي صنائع شاعري تي آهي، 6. ’جواهر العجائب‘.

هي ڪتاب دنيا جي جن ڪتب خانن ۾ مليا، انهن کي حاصل ڪري پير صاحب پنهنجي ديده وري سان ان جي خطي نسخن بابت مفيد معلومات فراهم ڪئي آهي. مثلاً هن روضة السلاطين جا خطي نسخا پئرس، برلن، لينن گراڊ ۽ استنبول مان حاصل ڪيا ۽ هر نسخي کي غور سان ڏسي، ان جي متن، سٽن ۽ عبارتن ۾ ڪجهه اختلاف ڏٺا ته ان تي مفصل روشني وڌي وئي آهي. اهڙي طرح ’جواهر ’العجائب‘ جي مختلف نسخن کي حاصل ڪري ان کي ايڊٽ ڪيو، انهن ٻنهي جي لاءِ جيڪي تعليقات لکيائين. اهو هن جو ايڊٽ ڪرڻ واري فن جو هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو آهي.

روضة السلاطين ۾ بهرام گور کان علاوه مغل حڪمرانن سمرقند ۽ خراسان جي سلطانن امير تيمور گورگان جي اولاد، عراق ۽ روم جي انهن بادشاهن، شهزادن ۽ اميرن جا تذڪرا آهن، جڪي فارسي ۾ طبع آزماني ڪندا هئا. انهن جو ڪل تعداد 85 آهي. روضة السلاطين ۾ انهن جو ذڪر تمام مختصر ڪيو ويو آهي. ليڪن پير صاحب پنهنجي تعليقات ۾ انهن جا حالات گهڻو تفصيل سان لکيا آهن. سلطان علاؤ الدين جهان سوز، عبدالله خان ابو الغازي، ظهير الدين محمد بابر شاهه، همايون بادشاهه، ڪامران ميرزا، محمد عسڪري ميرزا، شاهه شجاع ڪرماني  ۽ شاهه حسن ارغون تي ايترو ڪجهه لکيو اٿس جو اهو ڪنهن رسالي ۾ مضمونن جي صورت ۾ شايع ٿي سگهن ٿا. پير صاحب محنت جو عادي هو، تنهن ڪري فهرست مرتب ڪرڻ وقت هر حڪمران جي دؤر حڪومت جا سن به انهن جي ڪارنامن سان گڏ لکندو هو. انهيءَ محنت جي بدولت سلجوق، چنگيز خان جي خانداني سلسلي جي اويس خان سمرقندي جي ابوالفتح السلطان سعيد، امير تيمورگورگان، امير غياث الدين حاجي خوافي جا شجرا به ڏنا آهن.

شاعرن ۾ رودڪي، عنصري، دقيقي، ابوالفرج سڪزي، عمعق بخارائي، رشيد وطواط، انوري، عبدالواسع جبلي، خاقاني شرواني، بابا سودائي ۽ سلمان سائوجي جو ذڪر آيو آهي، انهن تي به معلوماتي حاشيا لکيا آهن.

فاضلن ۾ عبدالملڪ، ابونصر الڪندي، شاهه عريب، مرزا فريدون مرزا ۽ قطب الدين شيرازي تي تمام سٺو مواد فراهم ڪيو آهي.

مؤلف کان جتي سن ۽ سال لکڻ ۾ غلطي ٿي آهي ته ان جي تصحيح به ڪيل آهي(ص_ 266) يا ڪٿي ڪنهن ڪتاب مان عبارت نقل ڪرڻ ۾ ڀُل چُڪ ٿي وئي آهي ته ان کي به درست ڪيو آهي (268).

اهڙي طرح ’جواهر العجائب‘ ۾ عالم اسلام جي ٽيهن (30) خواتين شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن جو تفصيل تذڪرة النساء (درگاپرشاد)، اختر تابان (ابوالقاسم محتشم)، حديقہء عشرت (درگا پرشاد)، صبح گلشن (نواب علي حسن خان)، روز روشن (مظفر حسين صبا)، مراة الخيال (شير خان لوڌي)، مجالس النفائس (علي شير نوائي) نتائج الافڪار (قدرت الله گوپاموري)، ۽ آتشڪده جهڙن تذڪرن ۽ بابر نامہ ۽ تاريخ فرشته جهڙين تاريخن مان وڌيڪ مواد وٺي مڪمل ڪيا ويا آهن. جن خواتين جو ذڪر انهن ۾ آيو آهي، انهن جا نالا هي آهن: دل آرام، حضرت عائشہ، خير النسا فاطمة الزهرا، حصرت زليخا، مسمات مهستي، بادشاهه خاتون، مسمان جهان خاتون، مسمات بي بي حيات، بي بي مهري، مغول خانم، آفاق بيگہ جلاير، نهاني، بيجہ، عصمتي، بيدلي نهاني شيرازي، دختر قاضي سمرقند، فخر النساء نسائي، خانزاده تربتي خانم، پرتوي، شاهه ملڪ سيد بيگم، دختر غزالي، بي بي ارزوي سمرقندي ضعيفي، حيات بي بي اتون، حجابي، دختر عفتي اسفرائني، مسمات فاطمہ خاتون دوستي، بي بي يزدي، نسائي.

هي ٻئي تذڪرا موجوده سواد مطابق نه هئا جو نظرانداز ڪيا وڃن ها. مگر پير صاحب انهن تي مقدما، تعليقات ۽ حاشيا لکي ان کي ڪهڙو جاندار بنايو آهي جو ريسرچ جي سلسلي ۾ هاڻي اهي صرف نظر انداز نٿا ڪري سگهجن. خود ان جي مولف جي زندگي تي جيڪو پردو پيل هو ان کي هٽائي پير صاحب ان کي مولفن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي.

 

 

ديوان فخري هروي:

 پير صاحب کي ديوان فخري جو نسخو ڪٿان به نه مليو، جڏهن ته ان جو ذڪر مختلف تذڪرن ۾ ملي ٿو. هو پاڻ لکي ٿو ته ان جو نسخو اڄ تائين ڪٿان به دستياب نه ٿيو. ليڪن اڄ کان پوڻا چار سؤ سال اڳ آگري ۾ ڏٺو ويو هو. خبر ناهي ته ان تي ڇا گذريو. (ديباچو، روضة السلاطين و جواهر العجائب ص 77) مگر پير صاحب جي محنت ۽ رياضت جو اهو ڪمال آهي ته، هن تحفة الحبيب، محڪ مرتضائي ۽ ٻين ڪتابن مان ان جي هڪ مثنوي ۽ 101 غزل يڪجا ڪري ديوان فخري جي نالي سان تذڪره جواهر العجائب سان گڏ منسلڪ ڪيو آهي. اهڙي طرح فخري هروي جو هڪ ديوان مرتب ٿي ويو آهي. ان جي غزل گوئي جي هڪ نموني کان پڙهندڙ به محفوظ ٿين، جيئن پير صاحب جي محنت جو صلو به ان کي ملي سگهي.

آمد بهار ولا لہ و گل در برابر ست

وقت نوائي بلبل و هنگام ساغر هست

        باد صبا بہ باغ هوائي بهار داد

                هم چون دم مسيح صبا فيض گستر است

گلشن، خبرز روضہء فردوس مي دهد

                زان گونہ دلکاشائي، کہ فردوس ديگرست

        از لطف ناميہ در و ديوار باغ شد

                هم چون نگار خانه چيني مصورست

        فيض چنين کہ هر طرف باغ و بوستان

                آب روان کہ جلوهء سرو صنوبرست

        ساقي بيار جام و غنيمت شمار عمر

                کہ هر چہ هست عمر گران مايہ خوشترست

        زان آب فيض بخش بيا رد کہ جام ازو

آتش مزاج و لعل رخ و روح پرورست

        درپائي گل نشين و مخور غم ز روزگار

                مي دو پيالہ ريزکہ روز مقدر است

        لطف خدائي شاه حسن آنکہ برسرش

                خورشيد گوهر است کہ او را برا افسرست

        فخري بجا ن دعاي شهي گو کہ راني تو

        چو آفتاب روشني هفت کشورست

 

تذڪره شعراءِ ڪشمير 1967ع:

        پير صاحب جي ايڊيٽنگ وارو فن، ڪمال جي بُلندي تي ان وقت پهتو جڏهن هن اصلح متخلص بہ ميرزا جي تذڪره شعراء ڪشمير کي ايڊٽ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن ان جا 1967ع ۾ ٽي جلد ۽ وري چوٿون جلد ڇپجي ماڻهن آڏو آيا ته هنن ائين چيو پئي ته انهن جي ايڊيٽنگ جو خاڪو شايد ملائڪن تيار ڪيو هوندو. ۽ ان جي تڪميل جنن ڪئي هوندي.

اصلح جو اهو تذڪرو شايد 286 صفحن جو هوندو، ليڪن پير صاحب ان تذڪري ۾ تقريباً 264 صفحن جا حاشيا لکيا. وري جن شاعرن جو تذڪرو اصلح نه ڪيو هو، يا جن ڪشمير تي قصيدا ۽ مثنويون لکيون هيون، انهن جو احوال ۽ شعرن کي ٽن ضخيم جلدن ۾ گڏ ڪيو. جيڪي 1043 صفحن تي مشتمل آهن. اهڙو علمي ڪارنامو هن موجوده صديءَ اندر برصغير جي ڪنهن ٻئي اهل قلم شايد انجام ڏنو هوندو.

اصلح جو هي تذڪرو ڪافي عرصي کان اڻلڀ هو. صرف ايترو معلوم هو ته انيس العاشقين ان تذڪري کي شاعرن جي ڪلام جو انتخاب پنهنجي تذڪري ۾ ڏنو آهي. ان جو هڪ نسخو پير صاحب کي شڪارپور جي هڪ قديم خاندان جي ذخيري مان مليو ۽ ٻيو نسخو لياقت نيشنل لئبريري مان دستياب ٿيو. پير صاحب کي ان وقت تائين صرف اهڙن تذڪرن سان دلچسپي هئي، جن ۾ سنڌ جي شاعرن جو ذڪر هو، هي تذڪرو سنڌ جي شاعرن جو ته نه هو ليڪن فارسي شاعرن جو ضرور هو، ان ڪري پير صاحب جي ادبي خوشگوار طبيعت ان تي به اچي وئي ۽ ايڊٽ ڪرڻ شروع ڪيائين. ان طرف مائل هجڻ جو سبب اهو به هو ته علامه اقبال جي خواهش هئي ته ڪشمير جي شاعرن جو تذڪرو مرتب ڪيو وڃي. جيئن هن محمد دين فوق مرحوم ڏانهن هڪ خط ۾ لکيو آهي. پير صاحب جي لاءِ هي خط به اصلح ميرزا جي تذڪري تي ڪم شروع ڪرڻ جو محرڪ بڻيو. (شعراء ڪشمير ج_1 ص 4 مقدمو) جڏهن هو ڪوبه علمي ڪم شروع ڪندو هو ته پوءِ کيس اهو خيال نه رهندو هو ته زمين سخت آهي يا آسمان پري آهي ۽ نه ان جي پرواهه ڪندو هو ته تلاش ۽ جستجو ۾ سندس دامن ڪنڊن ۾ اٽڪي رهيو آهي يا سندس قدم علم جي ڪنڊن واري واديءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن. وري ان جي همت ئي کيس راهه تي هلڻ جو ساٿ ڏيندي رهندي.

اصلح جي تذڪري مان اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته هو ڪڏهن پيدا ٿيو ۽ ڪڏهن وفات ڪيائين ۽ پاڻ هن پنهنجي تذڪري جو نالو ڇا رکيو هو. مگر پير صاحب جي طبيعت کوجنا واري هئي. ان ڪري هن انهن ڳالهين تي روشني وڌي آهي. اصلح پنهنجي والد اسلم خان سالم جو ڪجهه احوال ان تذڪري ۾ لکيو آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هو پنهنجي دور جو تمام وڏو شاعر هو ۽ پنهنجي دور جي مشهور شاعرن ناصر علي، مرزا محمد علي ماهر، ميرزا عبدالقادر بيدل، موسوي خان فطرت، محمد سعيد اشرف ۽ نعمت خان عالي سان مجادلہ ڪندو هو. هن شاهي درٻار ۾ خان سامان ۽ داروغي جي عهدي تي پڻ ڪم ڪيو ۽ وري ان جي ساراهه ۾ اهو رڌاءُ به ڪيائين ته شاعريءَ ۾ صائب ۽ وحيد ۽ انشاء پرداري ۾ جلال الدين طباطبائي ۽ خطاطيءَ ۾ مير عاد سندس آڏو هيچ هئا. پير صاحب تحقيق ڪئي آهي ته مصنف شيخ محمد محسن جي هٿ تي پنهنجي ٽن ڀائرن سميت اسلام قبول ڪيو. هن جو پيءُ برهمڻ هو. سندس حياتي اورنگزيب جي پٽ شهزادي محمد اعظم شاهه ۽ شاهه عالم بهادر شاهه جي ملازمت ۾ گذري. ان جي خاندان ۾ شاعري ۽ علم جو وڏو چرچو رهيو.

پير صاحب جو خيال آهي ته ان جو والد گهڻو وقت دهلي ۾ رهيو آهي. ان ڪري هن جي تعليم ۽ تربيت اتي ئي ٿي. هن پنهنجي تذڪري ۾ عالمگيري عهد کان وٺي محمد شاهي دور تائين شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. ان ڪري خيال آهي ته هو محمد شاهه جي عهد کان پوءِ به زندهه هو. سندس والد آخر ۾ ڪشمير هليو ويو هو ۽ اتي ئي فوت ٿيو. هن جي وفات کان پوءِ هو ڪشمير ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي ئي پنهنجو تذڪرو مرتب ڪيائين ۽ تذڪري جو نالو نه لکيائين. ليڪن ان ۾ گهڻو ڪري انهن شاعرن جو ذڪر آهي جن جو نسلي تعلق ڪشمير سان هو يا ڪشمير ۾ ٻاهران اچي رهيا هئا. ان ڪري پير صاحب ان جو نالو ’تذڪره شعراء ڪشمير‘ رکيو. سندس خيال آهي ته ان جي تاليف 1126هه يا 1134 هه کان پوءِ ٿي ۽ 1159هه کان بعد ۽ 1161هه کان اڳ ختم ٿي. (مقدمو ص 16)

هي تذڪرو روايتي انداز جو آهي، يعني شاعرن جو احوال گهٽ انهن جي شعرن جا نمونا گهڻا آهن. پير صاحب جو ڪارنامو اهو آهي ته ان تذڪري ۾ جن شاعرن جو ذڪر آيو آهي، انهن جو احوال جن تذڪرن مان مليا، انهن کي حاشين ۾ درج ڪيائين. مثلاً ان تذڪري ۾ ملا ذهني ڪشميري جو ذڪر ٽن سٽن ۾ آهي ۽ سندس شعرن جا ڪجهه نمونا آهن جيڪي اڌ صفحي ۾ آيل آهن. پير صاحب جي اها جدت آهي ته، انهيءَ شاعر متعلق عرفان العاشقين، ميخانہء تاريخ اعظمي، مجمع النفائس ۽ صحف ابراهيم ۾ جو ڪجهه آهي اهو لفظ به لفظ حاشيي ۾ نقل ڪيو آهي ۽ وري پنهنجي حاشين تي به حاشيا لکيا آهن. مثلاً هن کي اهو خيال ٿيو ته ان تخلص جو هڪ شاعر ذهني بلخي هو، جيڪو ڪٿي ذهني ڪشميري سان گڏيو يا سڏيو نه وڃي، ان ڪري ان جي وضاحت ڪيائين  ته ذهني بلخي بلخ جي والي نذر محمد خان جي درٻار سان واڳيل رهيو. وري هندستان اچي شاهه جهان جي درٻار سان وابسته ٿيو ۽ جڏهن شاهجهان بلخ ۽ بد خشان فتح ڪيا ته ان موقعي تي شاهجهان جي شان ۾ قصيدا به چيائين. انهن قصيدن کي به هن پنهنجي حاشين ۾ نقل ڪيو آهي.

تعجب اهو ٿئي ٿو ته اصلح پنهنجي والد بزرگوار جو احوال ۽ سندس ڪلام جو نمونو چئن صفحن ۾ ڏنو آهي، ليڪن پير صاحب ڪلمات الشعراء، تاريخ اعظمي، مجمع النفائس، سفينہء خوش گو، رياض الشعراء، صحف ابراهيم، نتائج الافڪار، تذڪره شعراء متقدمين ۽ شمع انجمن ۽ وري مآثر عالمگيري مان اقتباسات ڏئي ان جو احوال، مثنوي نگاري ۽ ڪلام جو نمونو 20 صفحن تي وڌائي ڇڏيو آهي.

هو اصلح جي تذڪري مان مطمئن نه هو، انهيءَ ڪري ان ۾ اضافي جي ضرورت محسوس ڪيائين. هن کي اهو به خيال ٿيو ته هن ۾ ڪافي اهڙن ڪشميري شاعرن جو ذڪر ڪونهي، جن جو هجڻ ضروري هو. هن اهو به سوچيو ته ڪيترا شاعر ڪشمير جا ته نه هئا، پر ڪشمير تي انهن جا قصيدا، منظومات ۽ مثنويون آهن، انهن جو ذڪر به ان ۾ اچي وڃي ته بهتر ٿيندو. ان ڪري اهڙن سڀني شاعرن جو احوال به گڏوگڏ جمع ڪندو ويو آهي. اهڙي طرح ان ۾ وڌيڪ ٽن جلدن ۾ ڇهه سؤ شاعرن جو ذڪر اچي ويو آهي. جن بابت ڪيترن  تذڪرن ۾ جو ڪجهه لکيو ويو آهي، اهو سڀ هڪ هنڌ جمع ڪيو ويو آهي. جنهن سان مونجهارو ضرور پيدا ٿيو آهي، ليڪن هڪ نظر ۾ تذڪره نويسي جو اندازو به سامهون اچي وڃي ٿو ۽ بقول پير صاحب جي ته، اهو به معلوم ٿي وڃي ٿو ته ڪهڙي ليکڪن ڪنهن شاعر جو احوال ۽ مطلب ڄاڻي واڻي مختصر ڏنو آهي. ان جي غير اهميت ۾ جيڪو نکار ۽ فرق اچي ويو آهي، پير صاحب پنهنجي فطري محنت جي تقاضا سان ان جو به اهتمام ڪيو آهي ته جن شاعرن جا ديوان شايع نه ٿيا يا جيڪي ايران ۾ ڇپيا آهن، ليڪن ناياب آهن، انهن مان به شعرن جو انتخاب ڪري اضافو ڪيو آهي، وري ڪشمير جي باغن، تاريخي ماڳن يا ڪيترن سياسي واقعن تي جو ڪجهه به نظمن ۾ چيو ويو آهي، انهن سڀني کي يڪجا ڪيو آهي. ڪشمير جي سلسلي ۾ جيڪي به تاريخي قطعا يا ڪتبا مليا آهن، انهن کي به هنن جلدن ۾ شامل ڪيو آهي. هڪ ضميمي ۾ هڪ فهرست به ڏني آهي، جنهن سان تاريخي ترتيب سان گڏ ڪشمير جا ڪي اهم سياسي واقعا معلوم ٿين ٿا. هڪ ٻئي ضميمي ۾ اهي مثنويون ڏنيون ويون آهن جيڪي ڪشمير ۾ چيون ويون آهن، ليڪن انهن جلدن ۾ ڪنهن سبب جي ڪري شامل نه ٿي سگهيون. ان ۾ ڪشمير جي ڪيترن باغن، تاريخي ماڳن، ڪيترن شاعرن جون تصويرون ۽ شين جا عڪس به آهن. اهڙي طرح ڪير به ’ڪشمير فارسي شعر و ادب“ جي عنوان سان ڪجهه لکي ته ان کي ڪنهن ٻئي ڪتاب ڏسڻ جي ضرورت نه ٿيندي. هي جلد انهيءَ جي لاءِ انسائيڪلوپيڊيا جو ڪم ڏيندا.

اصلح جي تذڪري کي ايڊٽ ڪرڻ وقت ان ۾ 305 شاعرن جو ذڪر آيو آهي، ان جي تڪلمه جو ٻيو جلد يعني پهرين حصي ۾ 120، ٽئين يعني ٻئي حصي ۾ 53 شاعرن جو ذڪر آيو آهي، ان جي تڪملہ جو ٻيو جلد يعني پهرين حصي ۾ 120، ٽئين يعني ٻئي حصي ۾ 53 ۽ چوٿين حصي ۾ 289 شاعرن جو ذڪر آهي.

ان سلسلي جي ٻئي حصي ۾ ڪيترن مشهور شاعرن مثلاً، ظفر خان احسن، محمد اسماعيل بينش، مرزا داراب تبريزي جو يا مير رضي دانش، عاقل خان رازي، عرفي، حسن بيگ مشهدي، رفيع، محمد ابراهيم سالڪ قزويني، محمد افضل سرخوش، سعيد اِي _ اي گيلاني، محمد قلي سليم تهراني، ملا شاهه بدخشاني ۽ ملا شعيد اي تڪلو فتح پوري وغيره بابت تذڪرن جون عبارتون نقل ڪري هر قسم جي معلومات سامهون آڻي رکي وئي آهي. اهڙي طرح تڪملہ جي ٻئي حصي ۾ ڪيترن ناميارن شاعرن جهڙوڪ، شاهه پور طهراني، شيخ صفاهاني، ملا محمد صوفي مازندراني، مير عبيدي، صفاهاني، مرزا گرامي همداني، شاه گلشن، محلصفاني ڪاشي، شيخ محمد رضائي مشتاق، ملا مظهري، مرزا حسن بيگ معلوم ۽ ارادت خان متعلق گهڻي کان گهني معلوم ڏني وئي آهي. اهڙي ريت ٽئين حصي ۾ نامور شاعرن جهڙوڪ فيضي، قدسي، حڪيم ماهر، فروغي، فصيحي، قادري ماهري وغيره بابت، عام تذڪرن ۾ جو ڪجهه لکيو ويو آهي، انهن جا اقتباس ان ۾ ملي ويندا.

اهڙي طرح انهن جلدن ۾ جن شاعرن جو ذڪر آهي ان تي ڪوبه ريسرچ ڪرڻ چاهي ته ان کي تذڪرن جي ڳولا ۾ ڪٿي به وڃڻ جي زحمت نه ڪرڻي پوندي. بلڪه برٽش ميوزيم، انڊيا آفيس، خدا بخش اورينٽل لئبريري وغيره جا منتظم پنهنجا هتان جا تذڪرا هن جي آڏو کڻي بيٺل نظر ايندا. انهن کي مائڪرو فلم جي سنهڙن اکرن کي پڙهڻو نه پوندو. اعليٰ قسم جي ڇپائي سان گڏ هر شيءِ ان جي سامهون هوندي. پير صاحب جو هي تمام وڏو علمي احسان آهي ته هن اهي جلد مرتب ڪري انهن فارسي شاعرن تي ريسرچ ڪرڻ جي گهڻي آساني مهيا ڪئي آهي.

ان جي ٻئي جلد کي مرتب ڪرڻ وقت هن کي خوشي ٿي ته ان ’صائب‘ جي نه صرف سوانح حيات جو مواد گهڻي کان گهڻو جمع ڪيو ويو آهي بلڪه ان جي اهڙن 37 نسخن جي ڄاڻ به ڏني آهي، جيڪي هن جي پنهنجي هٿن سان لکيل آهن يا ان جي شاگرد عارف تبريزي جي خط ۾ آهن يا ڪتابت جي لحاظ کان ان زماني يا ويجهي دور جا آهن. ڪيترن نسخن جي تحريرن جا عڪس به شامل ڪيا ويا آهن. وري انهن جي مزارن جا ڪيترائي فوٽو به ڏنل آهن ۽ سندن قبرن بابت مفيد معلومات به درج ڪئي وئي آهي. پير صاحب کي ان ڪري به خوشي هئي ته ڪشمير جي تمام وڏي شاعر شيخ يعقوب صوفي جو احوال پهريون ڀيرو ان جلد ۾ يڪجا ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح هن کي ان سان به اهو معلوم ٿيو ته هن طغرائي مشهدي جي احوال سان گڏ ان جي چئن رسالن، تعداد النوادر، رسالہ فردوسيہ، رسالہ تجليات ۽ تذڪرة الاتقياء کي به تلاش ڪري ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن کي اها به تسڪين ٿي ته ابوالفضل، عرفي جي نالي سان جيڪو خط لکيو هو، ان کي به هو پهريون ڀيرو ان جلد ۾ شايع ڪري رهيو آهي. هن کي اهو به اطمينان ٿيو ته خواجه عزيز لکنويءَ، ڪشمير تي جيڪو قصيدو ۽ مثنويون لکيون هيون، انهن کي به ان جلد ۾ شايع ڪري محفوظ ڪيو ويو آهي. هو ان مان به خوش هو ته ڪشمير جي مشهور بزرگ امير عبيدالله سيد علي همداني جي سموري احوال جو احاطو ڪري ان جي ٻن رسالن ’منهاج العارفين‘ ۽ ’جبل اسرار‘ مان انتخاب به پڙهندڙن لاءِ ڏنو ويو آهي. ان  جي مقبري ۽ خانقاه جون تصويرون ڏئي شايد پنهنجي هن ڪتاب جي اهميت وڌائي آهي. سندس خيال آهي ته ملا طاهر غني ڪشميري جي فارسي شاعريءَ جي تاريخ به بنيادي حيثيت رکي ٿي، انهيءَ ڪري هن جلد ۾ هن جي حالات جو پورو احاطو ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com