پنهنجي هن علمي ڪاوش متعلق لکي ٿو ته:
”هن تذڪري جو بنيادي مقصد اهو آهي ته ڪشمير جي فارسي ادب جي
سلسلي ۾ جيترو ڪجهه ملي ان کي يڪجا ڪيو وڃي.
انهيءَ نڪتي کي نظر ۾ رکندي مون مواد فراهم ڪرڻ ۾
هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. هڙئي ڇپيل تذڪرا ۽ ٻيا ڪتاب
ڏٺا اٿم. خطي، بياض، ديوان ۽ ڪيترا اڻ ڇپيل تذڪرا
پيش نظر رهيا آهن.“ (تذڪره شعراءِ ڪشمير بخش اول
گذارش ص_2)
وري هيءَ دعويٰ به ڪري ٿو ته:
”گل رعنا، مجمع النفائس، رياض الشعراء، مذڪر احباب، آفتاب عالم
تاب، صحف ابراهيم ۽ تذڪره شعراء متقدمين مان ورتل
مواد ڄڻ ته پهريون ڀيرو هن ڪتاب جي ذريعي اهل علم
جي سامهون پيش ٿي رهيو آهي.“ (ساڳيو ص_2)
هي سڀ جلد اهڙا آهن جو انهن کي ڪو وڏو ايڊيٽوريل بورڊ ئي مرتب
ڪري سگهي ٿو، مگر پير صاحب جو هي علمي معجزو آهي
ته هن اڪيلي سر هي سمورو ڪم سرانجام ڏنو آهي.
جيڪڏهن هو ڪشمير جي بادشاهن زين العابدين جي زماني
۾ هجي ها ته انهيءَ ڪارنامي جي صلي ۾ کيس سون ۾
تورايو وڃي ها.
ممڪن آهي ته ڪن ماڻهن جو اهو خيال هجي ته اصلح جي هڪ ننڍڙي
تذڪري کي ايترو وڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ته ان جو
جواب خود پير صاحب ڏئي ويو آهي. هو لکي ٿو،
”جيڪڏهن مان چاهيان ها ته مختصر تحرير ۽ نظر
اندازيءَ سان گهڻو ڪجهه ڪم وٺي تذڪري کي مختصر
بلڪه تمام مختصر بڻائي سگهان پيو. پر هڪ ته ڪشمير
هونئن ئي اسان کي وڌيڪ وڻندڙ آهي، ٻيو ته هي
موضوع، جيڪو اسان جي ماضيءَ جي علمي وراثت ۽ روايت
جو شاندار بلڪه هڪ علمي دريافت شده دنيا رکندڙ
اهڙي داستان جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو چپن تائين هر
هر ايندو رهيو، ليڪن ڪڏهن ٻڌايو نه ويو آهي ۽ اهو
ئي سبب آهي جو مون کي پنهنجون ڪيتريون ئي
مصروفيتون انهيءَ عرصي ۾ ترڪ ڪري جو ڪجهه معلوم ٿي
سگهيو، ان کي هڪ ساهيءَ ۾ چيو اٿم ۽ وري سچ ته اهو
آهي جو ان داستان شيرين کي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ پنهنجي
ذاتي ذوق حضوري جو به ڪجهه نه ڪجهه عمل دخل هو.
بہ حرفي مي توان گفتن تمنائي جهاني را
من از ذوق حضوري طول دادم داستاني را
انهيءَ عبارت سان پير صاحب پنهنجي پويان اهو پيغام ڇڏي ويو آهي
ته، پنهنجي ماضيءَ جي علمي وراثت ۽ روايت جي پياري
شيءِ جو طويل داستان ٻڌائڻ جي لاءِ ذوق حضوري
ضروري آهي، جنهن ۾ مختصر لکت ۽ نظراندازيءَ واري
راهه نه هجڻ کپي.
دود چراغ محفل 1969ع:
’شعراء ڪشمير‘ جيان پير صاحب پنهنجي موضوع سنڌيولوجي يعني
سنڌيات کان هٽي ڪري 1969ع ۾ دود چراغ محفل لکيو،
جيڪو غالبيات ۾ هڪ قابلِ قدر اضافو آهي. هن کي
غالب سان ڪا خاص دلچسپي نه هئي، ليڪن ان جي سو
سالہ ورسيءِ جي موقعي تي، جڏهن پير صاحب کي ڪجهه
لکڻ لاءِ چيو ويو ته، ’قلم جو ڌڻي هجڻ‘ ڪري لکڻ
ويٺو ته هڪ اهڙو ڪتاب لکي ويو، جيڪو ٻولي، انداز
بيان، غالبيات متعلق مفيد مشورا ۽ غالب جي اعتراض
ڪندي، هڪ ملاقاتي، هڪ همنوا ۽ ٻن شاگردن جي باري ۾
مواد جي فراهمي ۾ اهڙي سليقہ مندي ۽ گهرائي ڏيکاري
جو جڏهن ’دود چراغ محفل‘ جي نالي سان شايع ٿيو ته
هي اردو ادب جي مجلس ۾ هڪ سهڻو گلستان بڻجي ويو.
هن ڪتاب جي لکڻ واري تقريب جي ڪهاڻي سندس ئي زباني ٻڌو:
”خدا ڄاڻي ڪٿان ’غالب صدي‘ جو آواز اٿيو ته ڪراچيءَ ۾ ان جي
گونج پهتي. پهريائين ته اها صحرا جي صدا ثابت ٿي
هئي. بعد ۾ جڏهن غالب جي سو سالہ ورسي جي تاريخ ۾
ٻه ٽي مهينا رهجي ويا ۽ ان وقت تائين، ’غالب ڪي
اُڙين گي پرزي‘ وارو اهو ئي مرزا ظفر الحسن صاحب
هڪ ڏينهن صبح جو پان چٻاڙيندو اهڙي انداز سان آيو،
جيئن ڪو وياج خور ڪنهن شريف جي دروازي تي نسوار
ٿوڪيند پهچندو آهي. ڏنڊو ته هٿ ۾ ڪونه هيس، ليڪن
’غالب پينسل‘ هٿ ۾ ضرور هيس، جيڪا حقيقت ۾ ڏنڊي
کان به گهڻي مضبوط ۽ وايون بتال ڪرڻ واري هئي. صبح
جو هميشه پنهنجي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهندو آهيان.
جهڙي طرح اسان جا برهمڻ دوست نيراني ڪنهن مسلمان
جو منهن ڏسڻ گناهه سمجهندا آهن، اهڙي طرح مان به
صبح جو هر ايندڙ کي ڏسي اهو ئي خيال ڪندو آهيان ته
گنگا ته پاڻ وٽ آهي ڪونه! ليڪن سنڌو درياءَ يا ڪم
از ڪم هب و هندي ملي ته ان ۾ وڃي وهنجان ۽ پنهنجو
پاڻ کي پاڪ ڪيان. اهو ته بعد ۾ معلوم ٿيو ته، مرزا
صاحب کي ڪراچيءَ جهڙي ڀريل شهر ۾ غالب تي لکڻ وارو
ڪوبه نه مليو. جيڪو اصل ’غاليبو‘ چوائيندو وتندو
هو، اهو به وقت اچڻ تي اهڙيءَ طرح کسڪي ويو، جهڙي
طرح نادر شاهه جي اچڻ سان محمد شاهه جا پاليل امير
۽ سپاهي، يا جڏهن انگريز آيا ته واجد علي شاهه جو
بهادر لشڪر جرار گولي هلڻ کان اڳ پنهنجو پاڻ کي
شهيد سمجهي، لام جي ميدان ۾ ليٽي پيا هئا. مرزا،
اهو حقيقت جو حال ته ٻڌايو ئي ڪونه ۽ مون کي ’سنڌي
ماڻهو‘ سمجهندي اهڙا داوَ هنيا ۽ دام وڇايو جو مان
واقعي ’سنڌي ماڻهو‘ بڻجي ڦاسي پيس. ۽ غالب جي
پنهنجي شخصيت تي ته ڪونه، پر ان سلسلي جي ڪنهن
عنوان تي لکڻ جي هامي ڀريم.“
هي ته ٿورو طويل اقتباس ان ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جو ان کي پڙهڻ
وقت مون کي ائين معلوم ٿي رهيو هو ته مان پير صاحب
جي ڪا تحرير نه پڙهي رهيو هوس، پر هُن جي آڏو ويٺو
آهيان ۽ سندس خوبصورت ۽ دلچسپ ڳالهين مان مزو وٺي،
محظوظ ٿي رهيو آهيان. هو گفتگو به اهڙي طرح ڪندو
هو جنهن ۾ انهيءَ قسم جي، هُن جي دلچسپ ۽ مزاحيه
ڳالهين ۾ ڪارفرما رهندي آهي. هُن جي ڪن ڳالهين کي
قلمبند ڪيو وڃي ها ته، سندس دلپذير تحرير ٿي پوي
ها، ۽ جڏهن هُن جي تحرير نقل ڪئي وڃي ها ته اها ان
جي تقرير ٿي پوي ها. هُن جي من موهيندڙ ۽ تفريحي
ڳالهين ۾ ڪنهن وقت ان جي زبان مان ڪجهه اهڙيون
ڳالهيون نڪري وينديون هيون، جن سان ان جي مذهبي
بدعقيدتيءَ جو اظهار ٿي پوندو هو، مگر هن فارسي
شاعريءَ جي مناجات، حمد، نعت، ۽ بزرگن متعلق
پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي، ان سان هُن جي
باطني ڪيفيتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
’غالبيات‘ سان هُن کي ڪو خاص لڳاءُ نه هو، مگر ان جي فڪر ۾
گهرائي ۽ نظر ۾ ديده وري هئي. انهيءَ ڪري هن اهي
مشورا ڏنا هيا ته غالب جي منتشر تحريرن کي گڏ ڪري
انهن جو عمدو ايڊيشن تيار ڪيو وڃي. غالب جي سمورن
خطن کي تاريخ وار جمع ڪيو وڃي، غالب جي اردو ۽
فارسي ديوانن جا مستند ايڊيشن شايع ڪيا وڃن، غالب
جو هر فارسي ڪتاب جو ايڊيشن حاشين سان ڇاپيو وڃي،
غالب جي سڀني شاگردن ۽ دوستن جون تحريرون ۽ ديوان
انهيءَ انداز ۾ شايع ڪيا وڃن، غالب جي زماني ۾
جيڪي نثر ۾ ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن کي غور سان
پڙهيو وڃي، غالب جي مطالعي ۾ جيڪي ڪتاب رهيا آهن،
انهن جو مطالعو ڪري، ان جي فڪري جوڙجڪ جو جائزو
ورتو وڃي. هي ست ڳالهيون طئي ٿي وڃن ته غالب کي
پوري طرح تي خود سمجهيو ويندو، ان کان بعد ٻيءَ
دنيا کي سمجهائڻ لاءِ غالب تي قلم کنيو وڃي.
هي مشورا اڄ کان 14 سال اڳ ڏنا ويا. مگر بقول پير صاحب جي ته
”غالبيي“ اڃان تائين هُن جا شعر پڙهي ۽ ان جو نثري
چاٽ چکي جذباتي انداز جي تحرير لکڻ ۾ مشغول آهن.“
ڪتاب جي اندر غالب جي همعصرن ۽ شاگردن جا حالات ۽ انهن جي شعري
ڪارنامن جو ذڪر آهي، جن ۾ مڪران (سنڌ) جي شاعر
ناطق (المتوفي 1848ع) غالب جو نقاد ۽ اعتراض ڪندڙ
رهيو. بردوان جو منشي محمدي، بتخلص، خادم بردواني،
بردوان جو رهاڪو ۽ مهاراجا بردوان جو استاد هو.
دهليءَ ۾ هُو غالب سان برابر ملندو رهيو، ان ڪري
اهُو محض ان جو ملاقاتي هيو، مگر ساڻس خط و ڪتابت
جاري رکيائين ۽ کيس غزل به موڪليندو رهيو هو.
مولوي احمد حسن رسوا بجنور (اتر پرديش) جو رهندڙ
هيو. غالب جو شاگرد نه پر همنوا هيو. ان ڪري غالب
جي بنياد ۾ 38 غزل چيائين، شاه باقر علي باقربگائي
(المتوفي 1908ع) پير بيگه ضلع گيا (صوبو بهار) جو
رهواسي اهو. پير بيگه جي مناسبت سان پنهنجي نالي
سان بگائي لکندو هو، غالب جو شاگرد هيو، ان جي مدح
۽ ثناء ۾ ڪافي شعر چيا. هاپوڙ (اتر پرديش) جو
مولانا دلاور علي طرزي به غالب جو شاگرد هيو ۽
غالب جي طرز تي ڏاڍا زوردار قصيدا چيا.
اهو ڪتاب لکي پير صاحب تذڪره نگاريءَ جو معيار ٻيهر بلند ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي. ذڪر آيو آهي ته هو تذڪرن ۾ شاعرن جي
سرسري ذڪر مان مطمئن نه هيو، ان ڪري جڏهن ڪو تذڪرو
ايڊٽ ڪندو هو ته، شاعرن جو گهڻي کان گهڻو احوال
لکي، ان کي تذڪري جو حصو بڻائيندو هو. دودو چراغ
محفل تذڪره نگاريءَ جو هڪ عمدو مثال آهي. ان ۾ جن
شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن جي حالات جو تفصيل
ايترو ڏنو آهي، جو شايد ان ۾ اضافو ممڪن نه ٿي
سگهندو. وري انهن جي ذڪر ۾ اهو به بيان ڪيو آهي
ته، ڪهڙا قصيدا، ڪهڙي موقعي تي، ڪنهن جي لاءِ
ڪنهنجي شان ۾ لکيا ويا، يا ڪن غزلن بابت اها به
نشاندهي ڪيل آهي ته غالب جي ڪهڙي طرز ۾ چيل آهن.
ناطق ۽ غالب ۾ جيڪا ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي، ان جي
نتيجي ۾ ٻنهي جي شاگردن ۾ جواب ۽ جواب الجواب جي
ويڙهه جو ميدان گرم ٿيو هو، ان جو به دلچسپ تفصيل
هن ڪتاب ۾ ملندو. منشي محمد خادم بردواني پنهنجي
غزل تي جيڪا چوٽ ڪئي آهي، ان جو ذڪر به آيل آهي.
انهن شاعرن جي رسائي ان زماني جي مهاراجن نوابن ۽
رئيسن تائين ٿيندي رهي، اها به دلچسپي سان پڙهي
سگهجي ٿي. پير صاحب کي فارسي شعر و ادب سان گهڻو
لڳاءُ رهيو ان ڪري انهن شاعرن جي فارسي ڪلام تي
گهڻو احاطو ڪيل آهي ۽ انهن جي ڪلام جو انتخاب ڏئي،
ان کي زماني جي هٿان وڃائجڻ کان محفوظ ڪري ڇڏڻ
آهي.
ميرزا غازي بيگ ترخان اور اس ڪي بزم ادب:
1980ع ۾ پير صاحب جو ڪتاب غازي بيگ ترخان اور اس ڪي بزم ادب‘
شايع ٿيو. هونئن ته پير صاحب ڪتاب ايڊٽ ڪندو رهيو.
ليڪن شايد هن کي اهو به خيال ٿيو هوندو ته هُو
پنهنجي ڪا تصنيف پنهنجي پويان ڇڏي وڃي، ته هي ڪتاب
لکيائين. سندس چوڻ آهي ته ان جي لکڻ جو خيال مٿس
ويهه ٻاويهه سالن تائين ڇانيل رهيو. ليڪن هن جو
قلم مختلف پاسن ڏانهن هلندو رهيو. جڏهن ان کي لکي
شايع ڪيائين ته سندس ذوق جي پاڪيزگي، قلم جي پختگي
۽ تحرير جي شگفتگيءَ جي ڪري علمي حلقن ۾ تمام گهڻو
مقبول ٿيو. پير صاحب جو قلم هن ڪتاب جي لکڻ ۾ خوب
روان دوان رهيو آهي. ان ۾ سندس تحرير درجه ڪمال
تي پهتل آهي، ان جو وڏو سبب اهو آهي جو هيءَ سندس
محبوب وطن جي هڪ محبوب ترين حڪمران بابت آهي. هي
ڪتاب تاريخي به آهي، ادبي به ۽ تذڪري نگاريءَ جو
هڪ اعليٰ نمونو به آهي. پير صاحب کي تذڪرن سان عشق
رهيو، مگر ڪوبه تذڪرو هن جي اعليٰ ذوق جي معيار تي
پورو نه لٿو. جيئن ته پهريائين به ذڪر ڪيو ويو آهي
ته ان ڪري مختلف تذڪرن کي ايڊٽ ڪرڻ وقت ان ۾ ڪثرت
سان حاشيا ۽ تعليقات لکيائين. ان جو معيار اهو هو
ته تذڪري ۾ تاريخ به هجي تحرير ۾ سونهن ۽ ڍنگ به
هجي ۽ مجموعي طور تي پڙهڻ ۾ به دلچسپ هجي. ان جو
هي ڪتاب انهن ڳالهين جي عڪاسي ڪري ٿو.
هُو ڏاڍي ڏک مان لکي ٿو ته ميرزا کي نظر کائي وئي، جوانيءَ ۾
فوت ٿي ويو. جيڪڏهن طبعي عمر نه سهي، زندگي جي
ٿورڙي به مهلت کيس ملي ها ته اسان جي ادبي تاريخ ۾
هُن جي درٻار اڪبر ۽ جهانگير جهڙن بادشاهن سان
ٽڪرجو اگر شمار نه ڪيو وڃي ها، ته علم ۽ هنر جي
پرورش ۾ خانخانان عبدالرحيم خان جهڙي علم دوست ۽
ادب پرور امير کان يقيناً مٿي جڳهه ماڻي ها. ان
بيان ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي، ليڪن ان جو ازالو هُن هي
ڪتاب لکي پورو ڪيو. غازي بيگ ترخان کي گهڻن ڏينهن
تائين عبدالرحيم خانخانان وانگر علمي درٻار سجائڻ
جو موقعو نه مليو، ليڪن پير صاحب هُن لاءِ اهوئي
ڪم ڪيو، جيڪو ملا عبدالباقي نهاونديءَ ماثر رحيمي‘
لکي خان خانان جي لاءِ ڪيو هو. مگر ٻنهي ۾ فرق
آهي. ملا عبدالباقي نهاوندي جي تحرير ۾ درٻاري رنگ
آهي ۽ هُن ماثر رحيمي جا جلد پنهنجي آقا جي خاطر
لکيا، ليڪن پير صاحب جي اسلوب ۾ ويهين صديءَ جو
تصنيفي شعور ۽ سليقو نمايان آهي. ۽ وري هُن جي لکڻ
۾ اخلاص ۽ محبت ۾ سرشار نظر اچي ٿو.
غازي بيگ ترخان پنجويهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سترنهن سالن جي
عمر ۾ سندس پيءُ مرزا جاني بيگ جي موت کان پوءِ
جهانگير هن کي پنهنجي فرزنديءَ ۾ ورتو. هُن کي
قنڌار جي مهم تي موڪليائين. ملتان جي جاگير
ڏنائين. ان مهم کان پوءِ سنڌ واپس آيو ته هتي کيس
رهڻ جو موقعو نه مليو. ڪڏهن سکر ڪڏهن لاهور ۽ ڪڏهن
ملتان ۾ رهڻو پيو، 1016هه ۾ هن کي قنڌار جي حڪومت
ملي ۽ اتي ئي 1021هه ۾ وفات ڪيائين. هن جي اها ئي
ڇهه ساله عمر سڪون سان گذري. پنجويهن سالن جي عمر
تائين هن نوجوان جي سياسي سرگرمين جي تصوير هن
ڪتاب ۾ عمدي نموني پيش ڪئي وئي آهي، جنهن سان پير
صاحب جي تاريخ نويسيءَ جي مهارت جو به اندازو ٿئي
ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ جتي ڀڃ ڊاهه ڏکن ۽ تڪليفن جو
ذڪر آيو آهي، اتي هُن جي تحرير ڏاي ڏکاري ٿي وڃي
ٿي ۽ انهيءَ سوڳواريءَ جي اظهار ۾ ان جو وطني جذبو
مٿس غالب اچي وڃي ٿو. مگر سنڌ جي خوشحاليءَ جو ذڪر
اچي ٿو ته وري هن جي تحرير ۾ وڏي گرمجوشي اچي ٿي
وڃي. هُو لکي ٿو ته ”ان زماني ۾ سپاهي خوش، رعيت
مطمئن، ملڪ سرسبز ۽ خوشحال، مطلب ته ان زماني ۾
ٺٽي کان وٺي قنڌار تائين ۽ سيوستان کان وٺي ملتان
تائين سمورو ملڪ خوش و خرم هيو.“ (ص 178)
مگر ان مدح سرائي جي باوجود هن پنهنجي تاريخ نگاريءَ جي
ديانتداريءَ جو اهو ثبوت ڏنو آهي ته مرزا غازي جي
شاهه خرچي، نغمه نوازي، شراب نوشي، رندي، عيش
پرستي، سرمستي ۽ بدڪارين تي پردو نه وڌو آهي. بلڪه
انهن شين جي ذڪر ۾ هُن جي قلم جي خوبصورتي بدستور
قائم رهي، مگر سندس ئي لفظن ۾ چئي سگهجي ٿو ته،
هُن سندس حسن طبيعت ۽ حسن مزاج جي داستان آرائي جا
گل اهڙي طرح وڇايا آهن ۽ هڪ هڪ باغ سجايو آهي جو،
هُن جي شعر و سخن جي بزم آرائي ۽ علم پروري ۾ هن
جا سمورا عيب ڍڪجي ويا آهن ۽ هن ڪتاب ۾ هُو هڪ نيڪ
دل، خوش مزاج، ڪريم النفس، فياض انسان کان علاوه
باڪمال شاعر، علم دوست، علم پرور ۽ ادب نواز
حڪمران نظر اچي ٿو، جنهن جو تفصيل هن ڪتاب ۾ پڙهي،
اهو خيال ٿئي ٿو ته اي آسمان تنهنجو ڇا بگڙي ها جو
هو ڪي ڏينهن نه مري ها، ۽ خود پير صاحب جي قلم مان
اها ڳالهه نڪري وئي آهي ته، مرزا غازي جي عمر وفا
نه ڪئي، کيس جلدي بزم هستي مان اٿڻو پيو. اگر عمر
هن جو ساٿ ڏئي ها ته، يقيناً شان ۽ شوڪت، علم ۽
ادب جي سرپرستي ۽ درٻاري ٺاٺ ۾ ان جو ڪو ثاني نه
هجي ها. (ص 176)
هن جي شان ۽ شوڪت، علم ۽ ادب جي سرپرستي ۽ درباري ٺاٺ جي روداد
۽ هُن جي بزم ادب جو تفصيل سمورو بيان ڪيو آهي،
جنهن ۾ 35 شاعر هن جي تحرير تي متحرڪ نظر اچن ٿا.
انهن شاعرن متعلق جيترو مواد مستند تذڪرن ۽ تاريخن
مان فراهم ڪيو ويو آهي، ان ۾ اضافو طويل عرصي
تائين نه ٿي سگهندو. هن وڏي خوش سليقگيءَ سان ان
جا گهڻا سوانح حيات جمع ڪيا. انهن جي خاندان جي
تفصيل سان گڏ ڪيترن جا شجرا به ڏنا آهن. انهن جي
ڄمڻ ۽ مرڻ ۽ زندگيءَ جي واقعن جا سن به درست ڪيا
آهن. ٻين تذڪرن نويسن ۽ ڪيٽلاگرن جي تسامحات جي
تصحيح به ڪيائين. انهن شاعرن روزگار ڳولڻ ۾ جيڪي
صعوبتون سٺيون، يا حڪمرانن ۽ اميرن جي سرپرستيءَ ۾
هنن کي جيڪي ذهني پريشانيون ٿيون يا انهن جي مزاج
پرسي ۾ پنهنجي عزت ۽ ناموس جو جيڪو خيال رکيو يا
سندن رهڻي ڪهڻي جو جيڪو معيار رهيو، ان جي هوبهو
تصوير ڪڍي آهي. يا همعصر شاعرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن رنجش
يا نوڪ جهوڪ رهي يا انهن ۾ جيڪا دوستي، مروت ۽
باهمي پاسداري ڏسڻ ۾ آهي، انهن سڀني جي ڪٿي ڪٿي
روئداد آهي. انهن جي شعرن جو عمدو انتخاب به ڪيو
آهي، مستند تذڪره نويسن جي بيانن مان سندن ڪلام جي
مرتب ڪندڙن جو تعين به ڪيو آهي. مرزا غازي بيگ جي
سرپرستيءَ ۾ انهن جي جيڪا قدرداني ۽ عزت افزائي ٿي
۽ هُنن سندس شان ۾ جيڪي قصيدا چيا، انهن جي ذڪر ۾
پير صاحب تي ڏاڍي سرهائي واري ڪيفيت ڇانيل نظر اچي
ٿي. انهن سڀني محسنن جي ڪري آئينده جڏهن ارودءَ جي
سٺن ڪتابن جي فهرست تيار ڪئي ويندي ته ان ۾ هن
ڪتاب جو شمار ضرور ٿيندو ۽ وري جڏهن سنڌ جي ادبي ۽
شعري سرگرمين جو تفصيل لکيو ويندو ته هي ڪتاب به
هر لحاظ کان مددگار ٿيندو. ان ۾ پير صاحب جي تحرير
واري رنگارنگيءَ جا ڪجهه نمونا به ملاحظه ڪيو؛
”مغفور لاهجاني..... ايران جي سفر ۾ جڏهن مصروف هيو، ان وقت
عراق ۾ حڪيم شفائي سان هڪ هنڌ ملاقات ٿيس.
پهريائين شفائي پڇيس ته حضرت توهان ڪٿان جا آهيو،
جواب ڏنائين ته، گليڪ جو. شفائي حيران ٿيندي چيو
ته جي ها، گليڪ ۽ ڪودن لکڻ جي حساب سان هم عدد
آهن. مغفور جواب ۾ چيو ته بلڪل صحيح آهي، ته جيئن
شفائي ۽ صاحب جهل مرڪب هم عدد آهن.“ (ص 447)
”مرشد بزدجردي شيراز ۾ رهيو ۽ عشق جي تاثير..... هن کان ڪيترائي
بيت ۽ شعر چوايا. شيراز دارالعيار نڪته سنجان آهي.
ان ۾ هن جي نشونما ٿي. شيرازين کيس کنيو ۽ سندس
خدمت چاڪريءَ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي.“ (ص 478)
”طالب جا دوست ساراهيندڙ ميرزا محمد شفيع ۽ مير ابو القاسم ٻئي
سخاوت ۾ اڳرا ۽ ڳالهه جا بلڪل پڪا هئا.“ (ص 310).
حقيقت اها آهي ته مرشد جنهن صنف کي ورتو آهي، ان ۾ مضمونن کي
جيڪڏهن آسمان تائين نه پهچايو آهي ته ڪنهن طرح هيٺ
ڪرڻ به نه ڏنو. رباعي، مثنوي، هجو، تاريخ تي
هڪجهڙائي سان ان جو فڪر ۽ قلم حاوي هيو.“ (ص517)
پير صاحب لکي ٿو ته مرزا غازي بيگ ترخان جي ڪلام جو مجموعو پنج
هزار شعرن تي مشتمل هيو. کيس افسوس آهي جو اڄ ان
جو هڪ نسخو به موجود نه آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ان
جو هڪ ساقي نامه، تذڪره ميخانه مان کڻي پنهنجي
ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. وري ان جي متفرق شعرن ۽
رباعين جو انتخاب، مختلف تذڪرن مان نقل ڪري شامل
ڪيو آهي. هُن جي محنت کي داد ڏيڻ جي لاءِ اسان جا
پڙهندڙ به مرزا غازي جي غزل جا ڪجهه شعر ۽ رباعيون
ملاحظه ڪن؛
زجام درد مي خوشگوار ترنزدم،
زباع جز گل آشفتگي بسر نزدم
گلي ئچيدم درباغ کزان فراق رخت،
هزار دشنہ الماس برجگر نزدم
پہ شادي نہ شدم آشنا کہ درساعت،
کلاه گوشه غم راز آه بر نزدم
تامرا غنچہء غم از دل ديوانه دمد،
سنبلت راگل آشفتفي از شانه دمد
اگراز شعشعہء مهر جهالت سوزد،
گلو خورشيد زخا کستر پروانه دمد
بہ شبستان الم نظر مي خواران،
باده صبحي است کہ از مشرق پيمانہ دمد
پير صاحب ان جي طرف به توجهه ڏياريو آهي ته ميرزا غازي
بيگ ترخان جيڪو غزل چوندو هو ته انهيءَ نموني ۾
سندس درٻار جو شاعر طالب آملي به غزل چئي ويندو
هو. اهو ئي طالب آملي جهانگير جي درٻار جو ملڪ
الشعراء ٿي ويو. ميرزا غازي جي غزل جو هڪ شعر هي
آهي ته:
بزم عشق است و قاري بادب بايد بود
کہ دران جزيہ لب زخم تکلم کفراست
ميرزا غازي جي هڪ غزل جا ٻه شعر هي آهن؛
چشم بد امن مزه چندان گرفشاند،
کزچيدنش زکاردو دست زمانہ ماند
آوار گان کوي تراتا نظارا کرد،
بلبل ز فکر ساختن آشيانہ ماند
طالب آملي به انهيءَ نموني جو هڪ غزل چيو، جنهن جا ٻه شعر
انهيءَ قافيي ۾ هي آهن؛
چندان گريستم کہ بہ عمري پس از وفات،
گلبانگ بائي هوئي بگوش زمانه ماند
برشاخ سدره بال فشان شہ تدرود روح،
مشتي پر شکستہ، درين آشيانہ ماند
ميرزا غازي بيگ ترخان جي رباعين جو نمونو هي آهن:
عشاق چو طرح سود مياندازند،
خود را در صد فتور مياندازند
گر غنچہ دل شگفتہ گردد بي دوست،
همچو گل شمع دود مياندازند
صد شمع بہ تربت فلاطون برديم،
تاره بطريق عقلً مجنون برديم
در هر وادي کہ نقش بي گشت غلط،
مرشد گفتيم وراه بيرون برديم.
ميرزا غازي بيگ جو تخلص پهريائين ’غزالي‘ هيو. ليڪن هُن کي هڪ
شاعر جو تخلص ’وقاري‘ ايتري قدر پسند اچي ويو جو
کيس هڪ هزار رپيا، خاص خلعت ۽ گهوڙو ڏئي اهو تخلص
خريد ڪيائين. (ص193_192)
تحفة الڪرام از قانع ٺٽوي 1971ع:
اڳ ۾ ٻڌايوويو آهي ته پير صاحب کي مير علي شير قانع ٺٽوي سان
گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري هُن تحفة الڪرام کي جنهن
ذوق ۽ شوق سان ايڊٽ ڪري 1971ع ۾ شايع ڪيو، اهو هن
جي علمي سرگرمين جو هڪ سونهري ڪارنامو آهي. هن
ڪتاب جا ٽي جلد هيا. پهرين ۽ ٻئي جلد ۾ نبين کان
علاوه اسلام جي خليفن، سلطانن، حاڪمن، ساداتن،
فاضلن وغيره جو ذڪر هيو. ٽئين ۾ آرين، برهمڻن،
اسلام جي لشڪر جي آمد، خليفن جا نائب، بني اميہ ۽
بني عباس، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي
تاريخ کان علاوه انهن جي اميرن، وري سنڌ جي اديبن،
شاعرن، عالمن، اوليائن، مڪلي قبرستان، شهرن ۽ ڳوٺن
جو ذڪر آهي. پير کي سنڌ جي هر شيءِ سان عشق هيو،
ان ڪري مير علي شير قانع ٺٽوي جي پهرين ۽ ٻئي جلد
کي نظرانداز ڪري ان جي ٽئين جلد کي شايع ڪيو ۽
جنهن اهتمام سان ان جي لاءِ تعليقا لکيا، وري مولف
جي تحريرن جا عڪس، مڪليءَ جي قبرن جون تصويرون،
انهن جا ڪتبا، ترخان حڪمرانن جي حڪمنامن ۽مهرن جا
عڪس، ميرزا غازي ترخان بيگ، ميرزا رستم قنڌاري،
ميرزا ابو القاسم جون تصويرون، ڪيترن قصبن جا باقي
بچيل آثار، ٺٽي جي جامع مسجد، فتح باغ جي ڪاشي
ڪاري، مسجد جامع خسرو جي مختلف گوشن، زاوين ۽
ڪتبن، مسجد خضري، مسجد مير امين الدين خان، روهڙي
جي ڪاشي ڪاري، اڪبر، شاهجهان، عالمگير جا فرمان،
مير معين الدين خان، ميان نور محمد، ميان سرفراز
خان، ميان عبدالنبي خان، سکر، لاڙڪاڻو، خداآباد،
نواب شاهه ۽ حيدرآباد جي مقبرن ۽ قلعن جون جيڪي
تصويرون ڏنيون آهن، انهن کي ڏسي چئجي سگهجي ٿو ته
اهڙي اهتمام سان موجوده دور ۾ گذريل دور جي ڪابه
تاريخ شايع نه ٿي آهي. اهڙي سونهن ۽ سوڀيا سان
تحفة الڪرام جي اهميت وڌي وئي آهي. |