طريقت جو سلسلو: مير صاحب جو خاندان ته شيعت ڏانهن مائل هو؛
چنانچه انهيءَ سبب ڪري نور الله شوستريءَ سندس
ايراني بزرگن کي پنهنجي ڪتاب ”مجالس المومنين“ ۾
جاءِ ڏني. مير صاحب جي ”مختار نامه“، ”اعلان غم“،
”زبدة المناقب“ ۽ منقبتن خواه سلامن جي ڪثرت تعداد
مان پڻ اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته سندس پنهنجي طبيعت
به تشيعت ڏانهن مائل هئي_ ۽ پاڻ کي جاءِ بجاءِ
خادم اهلبيت لکندو رهي ٿو؛ ليڪن ساڳئي وقت، سندس
وسيع المشربيءَ جي هيءَ حالت هئي، جو ڪيترين جاين
تي هن قسم جا اشعار تصنيف ڪري، پان کي ٽن يارن سان
به سرخرو ڪيو اٿائين؛
چو رافضي نکنم سرد دل به بغض کسي
ز چهار يار درين دهر گرم محفل ماست
* * *
نبود عجب بما نشدار صاف رافضي
که دل ز گرد کينهء اصحاب شسته ايم
نه فقط ايترو، بلڪه سندس والد خواه سندس پنهنجي بيعت، طريقهء
نقشبنديءَ ۾ ٿيل هئي؛ چنانچه ”طومار سلاسل گزيده“
۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والد جو سلسلو هن طرح ڏنو
اٿائين؛
’مير علي شير مريد شيخ عبدالاحد جو، اهو مريد پنهنجي والد حاجي
غلام معصوم جو، اهو مريد شيخ محمد اسماعيل جو، اهو
مريد حضرت قيوم زمان محمد صبغة الله جو ۽ اهو مريد
خواجه محمد معصوم بن مجدد الف ثانيءَ جو.‘
’سندس والد مير عزت الله، مخدوم آدم (عرف
مخدوم آدو) جي ڏهٽي ميان محمد* جو مريد هو، جيڪو ٺٽي جي مشهور بزرگ مخدوم ابوالقاسم (المتوفي
1138هه) نقشبنديءَ جو مريد هو؛ اهو مريد شيخ سيف
الدين (برادر محمد معصوم) جو ۽ اهو مريد پنهنجي
ڀاءُ خواجه محمد معصوم ولد مجدد الف ثانيءَ جو.
اهڙيءَ طرح مير صاحب جي ناناڻڪي آڪهه مان، سيد رحمت الله عرف
سيد مٺو به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو؛
اهڙيءَ طرح مير صاحب جا ٻه ٻيا عزيز، سيد محمد
ناصر ۽ سيد عبدالله (ولدان سيد نعمت الله شڪر
الاهي) به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ کان بيعت ڪيل
هئا. اهڙيءَ طرح طريقت جي سلسلي جو تعلق، انهيءَ
خاندان جو، نقشبندين سان هو.
مير صاحب جي والد، مير عزت الله 1161هه ۾ انتقال
ڪيو. مير صاحب جي عمر ان وقت ايڪيهن ورهين جي هئي.
پاڻ هيٺين تاريخ انهيءَ حادثي تي تصنيف ڪيائين.
خرد گفت تاريخ سالِ وفات ”که پيوست بارحمتِ ايزدي“
بعد ۾ کيس معلوم ٿيو ته منشي چتر ڀوڄ، قاضي محمد امين جي تاريخ
وفات، ”برحمت ايزدي پيوست“ (1160هه) مان ڪڍي آهي؛
۽ کيس خيال ٿيو ته معاصر مٿس سرقي جو الزام نه
ڌرين، تنهن ڪري سندس قول مطابق ’ملهم غيبيءَ‘ کيس
هي نعم البدل عطا فرمايو:
”لله العزة و الرسل و للمومنين“ _ 1161هه
اولاد: مير صاحب کي 1160 هه تائين، نرينو اولاد ڪونه هو. 1160هه
۾ پاڻ سورت ويو، جتي سندس ملاقات علامه سعد الله
سورتيءَ سان ٿي. اهو بزرگ جيد عالم ۽ معقولات ۾ بي
نظير هو؛ کيس ٻه پٽ هئا _ مير عبدالعلي ۽ مير
عبدالولي _ انهن ٽنهي نالن ۾ هيءَ رمز رکيل هئي،
جو جيڪڏهن ٽنهي نالن جا آخري لفظ گڏ ڪبا ته ”علي
ولي الله“ جو فقرو ٺهندو. مير صاحب کي اها ترڪيب
نهايت پسند آئي ۽ ارادو ڪيائين ته جيڪڏهن مٿس به
الله فضل ڪيو، ۽ کيس اولاد ٿيو ته نالا انهيءَ
ترڪيب سان رکندو. انهيءَ واقعي جو ذڪر پاڻ به
”تحفة الڪرام“ (ج 2، ص33) ۾ ڪيو اٿائين، ۽ ”تحفة
الطاهرين“ جو مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽوي، جيڪو پڻ ان
وقت سورت ۾ مقيم هو، ان سان به اهو خيال ظاهر
ڪيائين، جنهن صاحب انهيءَ واقعي کي هيٺينءَ طرح
نظم ڪيو:
علي شير ”قانع“ حسيني که او
بود زبدهء آل خير البشر
يکي روز مي گفت با من به راز
که ايز ببخشد مراد و پسر
يکي را بخوانم غلام علي
غلامِ ولي الله نامِ دگر
که از اسم شان سال ميلاد شان
به پيشِ سخن گر شود جلوه گر
’علي ولي الله‘ از هر دو اسم
برآمد بوضع خوش و خويتر
بخاموش ماندم ازين گرفتو
که اين از کرامات باشد مگر
بدل گفتم آخر اگر عمر هست
شوم تجربه را يکي منتظر
بسه سال آن هر دو پور گزين
که ”قانع“ ازان داد سابق خبر
ولادت موافق با عداد نام
خدايش عطا کرد بازيب و فر
تو اي ”اعظما“ زين شگفتي مدار
که اين گفته زالهام دارد اثر*
الغرض انهيءَ ارادي ۽ عزم کان پوءِ، کيس سڀ کان پهريون پٽ
1161هه ۾ تولد ٿيو، جنهن جو نالو غلام علي**
رکيائين. نالي مان تولد جو سال
برآمد ٿئي ٿو. 1163هه ۾ کيس ٻيو فرزند ڄائو،
جنهن تي ’غلام ولي الله‘ نالو رکيائين، جنهن مان
به ڄم جو سال نڪري ٿو. مير صاحب جي آس پوري ٿي؛
اميد بر آئي: نه فقط تولد جا سال نالن مان نڪتا،
بلڪه حسب خواهش نالي جي آخري جزن ملائڻ سان ”علي
ولي الله“ جو فقرو به ٺهي ويو.
مير صاحب کي ٽيون پٽ 1171هه ۾ ٿيو، جنهن جو نالو ”مير امير علي“
رکيائين. ميان غلام محمد ٺٽويءَ تاريخ ڪڍي ”در چمن
جاه شگفته گلي“ _ 1171هه؛ ۽ ميان محمد پناه ”رجا“
هيءَ تاريخي سجع تيار ڪئي: ”امير علي بن علي شير
حسيني“ 1171هه.
مير صاحب جي خاندان جي هاڻوڪي جانشين مير حسين علي شاهه بن مير
صابر علي ”صابر“ بن مير حسين علي ”ضيا“ بن مير
صابر علي ”سائل“ بن مير غلام علي ”مائل“ _ وٽان
جيڪو مون کي شجرو مليو، ان ۾ چوٿين پٽ جو نالو
”سيد ڪاظم“ لکيو ويو آهي، جنهن جي تصديق ٻئي ڪنهن
ذريعي سان ڪانه ٿي. ازان سواءِ ٽئين پٽ جو نالو
”غلام حسين“ لکيل آهي، جنهن کي اسان مير امير علي
جو عرف سمجهون ٿا.
شاگرد: مير صاحب پنهنجن شاگردن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. ”مقالات
الشعرا“ ۾ فقط ٻن شاگردن جو نالو کنيو اٿائين _ هڪ
پرسرام ”مشتري“، جنهن لاءِ لکي ٿو ته ”پرسرام
مشتري ڀاٽيو، ولد دوار ڪاداس ابن سجان سنگ (اهي
ٻئي صاحب مير ڪمال الدين احمد خان وٽ مير منشي
هئا)مير محمود صابر جو هنديءَ ۾ شاگرد هو؛ فارسيءَ
۾ ”مشتري“ ۽ هنديءَ ۾ ”بيربل“ تخلص ڪندو هو ۽
فارسيءَ ۾ مير قانع کان اصلاح وٺندو هو (”مقالات
الشعرا“ ص. 290) اهو ذڪر ”مقالات“ ۾ آهي ۽ مير
صاحب لکيو آهي ته ”درين وقت نامبرده مشق سخن مي
کند. مير صاحب جو ٻيو شاگرد هو شيخ حسن بخش
”اظهر“، جيڪو اصل هندو هو ۽ پوءِ پنهنجي والد
جهوڙيمل سميت مسلمان ٿيو ۽ سندس والد عبدالسلام
نالو رکرايو. فارسي شعر جي اصلاح، اهو نوجوان به
مير صاحب کان وٺندو هو (مقالات الشعرا، ص40)
مير ”مائل“ ”مجمع البلغا“ نالي جيڪو سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو
تذڪرو لکيو هو، ان ۾ مير صاحب جي شاگردن جو مفصل
احوال هن لکيو هوندو؛ ليڪن افسوس، جو اهو تذڪرو
تلف ٿي ويل ٿو ڀانئجي، جنهن ڪري مير صاحب جي
شاعرانه فيض جو اهو باب به تذڪري سان گڏ گم ٿي
ويو.
وفات: مير صاحب پنهنجي عمر جا پويان چند سال، مختلف بيمارين ۽
جسماني نقاهت ۾ گذاريا، جنهن جو اشارو ”معيار
سالڪان طريقت“ جي ديباچي ۾ به ڪيو اٿائين. 1202هه
۾ سندس عمر ٽيهٺ ورهيه هئي؛ بيماريءَ ۽ ڪمزوري
هوندي به هو پنهنجي علمي مشغلي، شعر و سخن ۽ تصنيف
تاليف ۾ مصروف رهيو ۽ انهي هڪ سال ۾ هن ٽي ڪتاب
تيار ڪيا، جن جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون.
ايندڙ سال يعني 1203هه ۾، سندس انتقال 64 ورهين جي
عمر ۾ ٿيو. افسوس آهي جو ايڏي عظيم المرتبت اديب،
مورخ ۽ شاعر جي انتقال جي تاريخ ۽ مهينو ڪنهن
محفوظ ڪونه ڪيو؛ ۽ نه سندس مزار تي ئي ڪنهن ڪتبو
هنيو _ تاڪه شڪر الاهي ساداتن جي قبرستان ۾، سنڌ
جي انهيءَ محسن اعظم جي آخري آرامگاهه تي، اڄ ڪو
عقيدت ڪيش پهچي، عقيدت جي گلن ۽ محبت جي سلامن جي
ورکا ڪري سگهي.
آخوند غلام محمد ٺٽويءَ ”عليہ الرضوان“ مان انتقال جو سال
برآمد ڪيو؛ ۽ مير مرحوم جي فرزند رشيد مير غلام
علي مائل ”ابشره بالجنة النعيم ابدا“ وفات جي سال
لاءِ تجويز ڪيو.
اهو زمانو ٽالپرن جي پهرينءَ چوياريءَ جي فرمانروائيءَ جو هو،
جنهن جو پڳدار مير فتح علي خان هو ۽ ٻيا ٽي ڀائر،
مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي
خان سندس شريڪ ڪار هئا؛ ۽ کين حڪومت هلائيندي ڇهه
ورهيه ٿيا هئا.
شڪر الاهي خاندان: انهيءَ خاندان جي بزرگن، جهڙيءَ طرح ايران ۾
علم جو چراغ روشن رکيو، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پهچڻ کان
پوءِ به انهيءَ ڏيئي کي اجهامڻ ڪونه ڏنو؛ ۽ خاندان
جو هر فرد ۽ گهراڻي جو هر چشم و چراغ، تيل وجهندو
۽ وٽ سوريندو رهيو: ڪم و بيش ساڍا ٽي سؤ ورهيه،
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، انهيءَ خاندان جي روحاني ۽ علمي
ضوفشانين سان منور ٿيندي رهي؛ جيڪو فرد پيدا ٿيو،
سو پنهنجي زماني جو فردِ فريد ثابت ٿيو: ڪن روحاني
تعليم پکيڙي؛ ڪن دنيوي علومن جي اشاعت ڪئي؛ ۽ ڪن
شعر و ادب ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو وطيرو بڻايو.
”تحفة الڪرام“ ۾، مير صاحب پنهنجي خاندان جو جيڪو
اجمالي ذڪر ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترن
بزرگن، نه فقط طريقت ۽ سلوڪ جا سجادا آراسته ڪيا،
بلڪه خود مير صاحب کان اڳ ڪيترا اهڙا بزرگ به ٿيا،
جن شعر و سخن، ادب خواه مذهبي علومن ۾ پنهنجو نالو
روشن ڪيو.
سيد شاهه ولي بن سيد ابوالقاسم بن سيد علي اڪبر بن سيد عبد
الواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪر الله ثاني،
جيد عالم ۽ بي مثل انشا پرداز هو. مخدوم رحمت الله
جو شاگرد ۽ ”تحفة المجالس“ جو مصنف هو. انهيءَ
بزرگ جو فرزند، مير سراج الدين ابوالقاسم، صاحب
طرز شاعر ۽ تاريخ گوئيءَ ۾ خاص مقام جو مالڪ هو.
اهڙيءَ طرح سيد نظام الدين ثاني، بن سيد نور محمد
ثاني بن سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد
شڪر الله ثاني، انهيءَ درجي جو صاحب ڪمال بزرگ هو،
جنهن کي هتان گهرائي عالمگير بادشاهه ان وقت جي
چونڊ علمائن جو جيڪو ايڊيٽوريل بورڊ، ”فتاواي
عالمگيري“ مرتب ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ان ۾ کيس شريڪ
ڪيو، جنهن لاءِ هر لحاظ سان سيد صاحب پاڻ کي اهل
ثابت ڪيو.
مير علي شير جي خود پنهنجي گهر ڪيئي اديب، مصنف ۽ شيرين بيان
شاعر پيدا ڪيا: سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين ”ضيا“،
مير ٺاري خان جي دربار جو ’ملڪ الشعرا‘ هو؛ ڪيترن
ديوانن جو صاحب ۽ ”مثنوي هير رانجهه“ جو مصنف هو.
مير مرحوم جو ڀائيٽو مير عظيم الدين ”عظيم“، مير
فتح علي خان جي درباري شاعرن جو سردار ۽ پنهنجي
دور جو عظيم الشان شاعر هو؛ ديوان، ”مثنوي هير
رانجهه“ ۽ ”فتح نامه“ سندس يادگار آهن. مير صاحب
جو پنهنجو پٽ مير غلام علي ”مائل“ مير ڪرم علي خان
جي درٻار جو شاعر ۽ وڏي فضل و ڪمال ۽ اوج اقبال جو
صاحب هو. مير ”مائل“ کان پوءِ به سندس ٽي پيڙهيون
شعر و سخن جو شغل جاري رکنديون آيون، يعني مير
”مائل“ جو پٽ مير صابر علي ”سائل“، ان جو پٽ مير
حسين علي شاهه ”ضيا“ ۽ ان جو پٽ مير صابر علي
”صابر“ پنهنجي پنهنجي دور ۾ زماني جا ناليرا شاعر
هئا _ پوئين بزرگ کي تقريباً چاليهه ورهيه کن
لاڏاڻي ڪئي ٿيا ۽ انهيءَ بزرگ تي نه فقط شاعريءَ
جو سلسلو ختم ٿيو، بلڪه خاندان جي ٽن حدن وارين
علمي ۽ ادبي روايتن ۽ ورثي جا به دروازا بند ٿي
ويا.
تلڪ الايام ندا ولهابين الناس
”........ سنڌ جي تاريخ تڏهن ترتيب حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏهن زير
زمين دفينا کُلن، تاريخي مقامن ۽ مڪانن جي تلاش ۽
تحقيق ٿئي؛ سنڌ منجهان سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل
ڪتاب گڏ ڪجن؛ سنڌ کان ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ
متعلق جيڪو مواد آهي، تنهن جي وڏي پيماني تي تلاش
ڪري، ان کي يڪجاءِ ڪجي. ڪنهن به قديم ملڪ، ڪنهن به
پراڻي تهذيب ۽ ڪنهن به اصيل ۽ نجيب قوم جي تاريخ
لکڻ، ڪو آسان ڪم يا سولو مسئلو نه آهي. خصوصاً
سنڌي قوم، جنهن جا اصول، عادتون ۽ اطوار، جنهن جو
نقطه نظر ۽ مسئلن متعلق جنهن جا نظريا مخصوص ۽ غير
معمولي هجن، تنهن جي فڪر ۽ روش کي پروڙي، ان جو
تجزيو ڪري، ڪا صحيح تاريخ لکجي، ان لاءِ وڏي جاکوڙ
۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.
جڏهن ته انهيءَ ڏس ۾ اسان اڃا ڪابه خاص ڪوشش ڪانه ڪئي آهي. سنڌ
جي مفصل ۽ مستند تاريخ جي طلب ڪرڻ آءُ ڀانيان ٿو
ته زيادتي آهي. پهرين ضرورت آهي مواد ڪٺي ڪرڻ جي.
هي وقت آهي جڏهن اسان کي انفرادي طرح نه ، بلڪه
اجتماعي قوت سان ۽ قومي تحريڪ جي جذبي سان مواد
ڪٺو ڪرڻ گهرجي. عمارت ٺاهڻ لاءِ پهرين اسباب گڏ
ڪرڻو پوندو آهي، اوساري کي اُسارڻ پوءِ جو ڪم
آهي....“
_سيد حسام الدين راشدي
پير صاحب جي ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“تان ورتل اقتباس _ صفحو 126، 128
”.....ڪراچيءَ مان ”مهراڻ“ جا پرچا اچي پهتا. ساندهه سال 1959ع
جا. ڄاتم ته اباڻي پار جو پانڌي اچي پهتو:
ڪو جو وريو واء، اڄ ملڪ ملير ڏنهن
ڄڻ آيم اباڻاء، ماڻهو موٽائڻ جو!
جلدي جلدي جو کڻي ورق ورايان ته جنسي ڪيس ۽ ڪلور ٿيا پيا آهن.
مورڳوئي ماتم لڳو پيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو
داغ ته دل تي انهيءَ وقت پهتو، جڏهن خود منهنجي
پنهنجي حياتيءَ جو سفينو لهرن ۽ لوڏن
* ۾ هو، تانگهي ۽ تار جو پتو ئي ڪونه ٿي پيو. ڪڏهن واءُ سنهنجو
ته ڪڏهن اوکو ٿي لڳو، ڪڏهن سڙهه چڙهيا ٿي ڪڏهن لٿا
ٿي. يقين ڪونه هو ته سير جي سٽن کان نڪري ڪشتي
ڪناري لڳندي.
هتي آيس (منيلا 19_ ڊسمبر 1958ع) ته خبر پيئي، آغا شمس الدين
خان به ساٿ ڇڏيو.
ان کان پوءِ پيغام پهتو ته 12_ نومبر 1959ع جو (نواز علي)
”نياز“ به رحلت ڪئي. هاڻي وري ”مهراڻ“ مان معلوم
ٿيو ته تون هتي انهن ٽن جا روئڻا ٿو روئين، هتي سڄو ساڻيهه ئي
سُڃ ٿي ويو آهي!
(1) ماستر الهه بچايو سمو 9_ ڊسمبر 1958ع تي گذاري ويو آهي.
(2) خواجه سلطان علي، سنڌي زبان جو خاموش خدمتگار، 9_ جنوري
1959ع تي هن دار فانيءَ کي ڇڏي چڪو آهي.
(3) امام الدين ”ضامن“ 12_ جنوري 1959ع تي رحلت ڪري ويو.
(4) ”عاجز“ ساڪرائي، سانگي مرحوم جو صحبتي، 25_جولاءِ 1959ع جو
فوت ٿيو.
(5) سردار بهادر محمد بخش ”ڪوجهي“ 24_ سيپٽمبر 1959ع تي هيءُ
جهان ڇڏي چڪو.
(6) شيخ عبدالعزيز قنڌاري، سنڌيءَ جو اديب ۽ آزاد سنڌ جي قديم
تحريڪ جو رڪن رڪين، ڇنڇر رات ساڍي ٻارهين بجي 26_
سيپٽمبر 1959ع تي رب ڏانهن راهي ٿيو.
(7) آغا تاج محمد 30 سيپٽمبر 1959ع ساڍي ٽين بجي ڌاري دوستن کي
داغ ڏيئي ويو.
(8) پير محمد ”سائل“ جو قافلو 19_آڪٽوبر 1959ع تي سومر ڏينهن
اسر ويل هالن مان نڪتو.
(9) خليفي محمد عمر ”اختر“ هالائيءَ، 12_ آڪٽوبر 1959ع تي، اربع
ڏينهن سفر تي سانباهو ڪيو.
(10) منهنجي استاد مرحوم مغفور حاجي محمود ”خادم“ ڇنڇر ڏينهن
9_جنوري 1960ع تي لاڙڪاني جي وڻن کي وداع چيو.
مطلب ته :
آڻي ڪانگ ڏنياس، ڪتابت قريب جي،
پَهو ڪتيندي پَٽ پَيس، ڇو هئون تند ڇُٽياس،
ڀيڄئون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چڪ ۾.
جيڪو خطرو ۽ خيال هو، سو صحيح نڪتو. ڪيچي آخر وڃي ڪيچ وڻين
رسيو. سانگي نيٺ وڃي ساڻيهه پهتو.
مٿيان سڀئي بزرگ اسان جي اکين جو نور ۽ اسان جي دل جو سرور هئا،
سنڌ جو سينگار انهن سان هو. اسان جي تهذيب ۽ تمدن
جا اهي نمائندا هئا، انهن جي وڃڻ سان سنڌي ادب جي
عمارت جا گويا ڪيئي ستون اچي پٽ پيا_ هاڻي ايترو
دهلجي ويئي آهي، جو ٻين لاءِ ٻئي هٿ پيا مٿي کڄن_
شال جيئندن جو خير! خدا انهن کي عمردراز ڏئي. انهن
کي لهر لوڏو ڪونه اچي، شل انهن کي اوکو واءُ نه
لڳي.
سدا هئن سُکيا، ماروئڙا ته ملير ۾،
شل نه ڏينهن ڏکيا، اچن آجڙين تي!
پير
محمد زمان لنواريءَ وارو به ساڳئي ميان محمد
جو مريد مير عزت الله جو پير ڀائي هو.
|