سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997-2ع

مضمون

صفحو :11

جڏهن هن دنيا ۾ انسان جا ڏينهڙا پڄي اچن ٿا، تڏهن انهن مان ڪيتريون اهي ڳالهيون جن جي پٺيان سڄي عمر ڊوڙندو رهيو، خود کيس بي معنيٰ نظر اچن ٿيون. ڪي ته ڏاڍي ڏکوئن ٿيون! قاضي قادن خبر ناهي ته ڪهڙيءَ ڪيفيت  ۾ فرمايو هو:

”اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.“

پر، هن دنيا ۾ انسان جي قسمت تي نظير اڪبر آباديءَ به هڪ لافاني نظم چئي آهي:

 

جــب لاد چـــليگـا بــنـجـــارا

سب ڻهاڻهه پڙا ره جائيگا

رڳو نظير اڪبر آبادي نه، پر دنيا جي هر عظيم فنڪار، انهيءَ صورت حال اڳيان، بيوس آهي. هيمنگوي پنهنجي هڪ ناول جو ڪهڙو نه سهڻو نالو رکيو آهي: “Old Man and the Sea” هيمنگوي جو مطلب آهي، ته انسان، هن جهان ۾ ائين ئي بيوس، حيران ۽ سرگردان آهي، جيئن ٻڍڙو ماڻهو سمنڊ ۾!

*      *      *      *

مون سان ڪنهن دوست ڳالهه ڪئي ته پير صاحب جو وڏو ڀاءُ، پير علي محمد راشدي، جڏهن ڀٽي صاحب جي ايامڪاريءَ ۾ وزارت اطلاعات ۽ نشريات ۾ مشير مقرر ٿيو، ته کيس دستور موجب سرڪاري گهر الاٽ ٿيو. واسطيدار ڪامورو وٽس ويو ۽ پڇيائين ته، ”سائين، اوهان جي سرڪاري گهر ۾ ڪهڙو فرنيچر رکجي؟“

جواب ڏنائينس ته، ”اهڙو رکجي، جو جڏهن گهر ڇڏڻو پوي، ته ڪا حسرت نه ٿئي!“

خبر ناهي، ته سائين حسام الدين شاهَه جڏهن هي جهان ڇڏيو، ته هو ڪهڙيون حسرتون دل ۾ کڻي ويو. بظاهر، هن لڳ ڀڳ منو سو ورهين جي ڄمار ماڻي. ننڍپڻ ۾ ڪا خاص تعليم ڪانه ملي هئي، ليڪن، پنهنجيءَ ڪوشش سان سنڌيءَ، اردوءَ ۽ فارسيءِ تي عبور حاصل ڪيائين. انگريزي به سکيو. اُٺَ ڪتابن جا پڙهيائين ۽ اُٺَ ڪتابن جا لکيائين. حڪومت پاڪستان کيس ”ستاره امتياز“ ڏنو. ايران جي بادشاهه کيس ملڪ جو اعليٰ علمي اعزاز ”نشان سپاس، درجه اول“ ڏنو. پاڪستان، روس، افغانستان، ايران، عراق ۽ يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ پنهنجا پرستار پيدا ڪيائين. بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن جي صدارت ڪيائين. پنهنجو نانءُ نيڪي پيدا ڪيائين ۽ سڄيءَ سنڌ جو منهن به مٿي ڪيائين! پر، سنڌ جي بيرحم معاشري ۾ اڄ ڪو ٻارهين مهيني سندس مزار تي چادر چاڙهڻ وارو ته ڇا، هڪڙو گُل رکڻ وارو به ڪونهي!

*      *      *      *

انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته، ”جيسين ڪو ماڻهو ياد آهي، تيسين اهو ڄڻ ته فوت ٿيو ئي ڪونهي.“

زندهه قومون پنهنجن محسنن کي ڪڏهن ڪونه وسارينديون آهن. انهن جون يادگيريون تازي رکڻ لاءِ انهن جا ڏينهن ۽ ورسيون ملهائينديون آهن. رستن، پبلڪ _ پارڪن، باغن، واهن ۽ براجن تي انهن جا نالا رکنديون آهن. سندن نالن تي ادارا ۽ انجمنون، اسڪول ۽ ڪاليج ٺاهينديون آهن.

مسٽر معين قريشي ٽي مهينا پاڪستان جو وزير اعظم ٿيو، ته حڪيم محمد سعيد هي ٽي مهينا سنڌ جو گورنر ٿيو. گورنر پنهنجي صوبي ۾ يونيورسٽين جو چانسيلر به ٿيندو آهي. حڪيم صاحب جي ڪوششن سان ٽن مهينن جي عرصي اندر ڪراچي شهر لاءِ ٽي ”نيون يونيورسٽيون“ منظور ٿيون، جن مان هڪ جو نالو ”سر سيد يونيورسٽي“ آهي. حڪيم صاحب زندهه قوم جو فرد آهي. پنهنجي عوام جي اڳيان پاڻ کي سرخرو ڪيائين.

سنڌ ۾ پنهنجن محسنن، مشاهيرن ۽ قومي سورمن سان ڪهڙو سلوڪ ٿئي ٿو، ان جو مشاهدو ڪرڻو هجي، ته روپاماڙيءَ ۾ دودي سومري ۽ مڪلي ٽڪريءَ تي دولهه دريا خان جي ابدي آرامگاهن جي زيارت ڪري اچجي.

دودي جي تربت ٿورو عرصو ٿيو آهي؛ ته ٺهي آهي. اڳ ۾ مٽيءَ جي ڍيري هئي. دولهه دريا خان جي مقبري جي موجوده زبون حاليءَ مان چٽيءَ طرح نظر اچي ٿو ته ڪجهه سالن کان پوءِ ان جو نالو نشان به ڪونه رهندو! قبر تي نه ڪو وساڻل ڏيئو نظر ايندو ۽ نه ڪو سُڪَلُ گُلُ!

پر، ماڻهوءَ جو عمل سندس نيت تي منحصر آهي. پنهنجي محسنن کي ياد ڪرڻ جا سوين طريقا آهن. اهل دل ماڻهو، ٻيو ڪجهه ڪري نه ڪري، مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان ٻه ٽي جملا ته چئي سگهي ٿو. منهنجيءَ پنهنجيءَ سانڀر ۾ اها سهڻي روايت سڀ کان اول مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ زندهه ڪئي. ”ياد رفتگان “ نالي سهڻو ڪتاب لکيائين. سنڌ جي پيش رو بزرگن جي ياد تازي ڪيائين. ”مهراڻ“ جو هي خاص نمبر به گويا ياد رفتگان جي سلسلي جي ئي هڪ ڪڙي آهي. پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ جي پندرهينءَ ورسيءَ جي نسبت سان، سندس مزار تي هڪ ”برگ سبز“ (سائو پن) آهي.

*      *      *      *

پير صاحبَ، ”حديقة الاولياء“ جي مقدمي ۾، پنهنجي هڪ رفيقَ جي ياد ۾، عربي زبان جي دلنواز شاعر، لبيدَ جا ڪي دلاويز اشعار ڏنا آهن. پر، اڄ ئي اهي اشعار خود مٿس ڪيترا نه صحيح ۽ صادق آهن:

اهي وسئون، جتي پَلُ پَهرُ، آجهاپ ڪندا هئاسي، ۽ اهي وسئون، جتي رهاڻيون ڪندي وقتَ گذارياسي، سي ويرانا ٿي ويون.

رجام وارين ٽڪرين جي ڀِڪَ ۾، اڄ انهن جا نشان به ڪونه بچيا.

نشانَ انهن ماڳن ۽ محفلن جا، جن مان ساٿ ڌڻي سرواڻُ هليو ويو.

مهينا ۽ سال گذري ويا.

بهار جون بوندون بار بار پيون، ۽ ڪيترا ڀيرا اُترَ پارَ جا ڪارا ڪُمَ انهن ويرانن تي وڏ ڦڙا وَسائي ويا.

ڪي يادگار خط

 

علامه آءِ. آءِ. قاضي

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

جناب جي. ايم. سيد

جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

مولوي عبدالڪريم چشتي

جناب آغا تاج محمد

جناب لطف الله بدوي

جناب محمد ابراهيم جويو

جناب عبدالڪريم سنديلو

جناب نذير حسين جلالي جتوئي

جناب سيد علي انور شاهه راشدي

جناب غلام رباني آگرو

مسٽر جئرامداس دولترام

جناب ممتاز حسن

راجا صاحب محمود آباد

باباءِ اردو مولوي عبدالحق

علامه نياز فتحپوري

جناب جوش مليح آبادي

مولانا غلام رسول مهر

جناب فيض احمد فيض

جناب حفيظ هوشيارپوري

جناب حفيظ جالنڌري

جناب ڊاڪٽر احمد حسن داني

جناب مرزا ظفر الحسن

ڊاڪٽر مالڪ رام (هندستان)

آقائي سعيد نفيسي (ايران)

آقائي علي اڪبر جعفري (ايران)

ڊاڪٽر انيمري شمل (اولهه جرمني)


 

صباح الدين عبدالرحمان

سنڌيڪار: سيد امام المتقين راشدي

 

پير حسام الدين راشدي ۽ ان جا علمي ڪارناما

 

        مان توهان دوستن جو شڪر گذار آهيان جو هن انسٽيٽيوٽ ۾ سڏائي هيءَ تحرير پڙهڻ جو موقعو ڏنو آهي. ان سان گڏ ڏک ۽ افسوس سان به ڀريل آهيان، جو مون لاءِ ڪراچي، جنهن هستيءَ جي حوالي سان هميشه خوشگوار بڻيل هئي، ان جي ڏکوئيندڙ ياد ۾ هيءَ تحرير پڙهي رهيو آهيان. آءُ 1955ع کان مسلسل ڪراچي ايندو رهيو آهيان جڏهن جڏهن به آيس ته پير حسام الدين راشدي صاحب جي قربن ۽ مهربانين جي دولت سان مالا مال رهيس. هُن جي خدمت ۾ حاضر ٿبو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ محبت ۽ شفقت واري جنت ۾ پهچي ويو آهيان. هُن کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته منهنجي خاطرداري ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين يا شين سان ڪري. مون لاءِ ڪراچيءَ جي علم ۽ فن جي سيلانين کي پنهنجي ڪمري ۾ گڏ ڪندو هو. انهن سان گڏ مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ وري پنهنجن علمي گفتن ۽ مٺين ڳالهين سان محفل کي ٻهڪائي ڇڏيندو هو. وٽس حاضر ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن جي وِٿي پوندي هئي ته پاڻ منهنجي رهائش تي پهچي ويندو هو يا پنهنجي موٽر موڪلي گهرائي وٺندو هو. هُن جي خاموش ۽ پُرسڪون لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ ويهي اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهيون ڪندا هئاسين. ڪوبه اهڙو  موضوع نه هيو، جيڪو هن گهر ۾ نه ڇِڙيو هجي. مذهب، تصوف، ملفوظات، خواجگانِ چشت ۽ اسلام جي تاريخ جي مختلف پهلوئن تي گفتگو ٿيندي هئي. هُو علامه شبلي نعماني رحه، مولانا سيد سليمان ندوي رحه ۽ دارالمصنفين جي ڪتابن کان بيحد متاثر هو. چوندو هو، ”خدا جو قسم ته مون جو ڪجهه به لکڻ پڙهڻ سکيو آهي، اهو دارالمصنفين مان سکيو آهي.“ سندس وڏي ڀاءُ پير علي محمد شاهه راشدي صاحب مون کي چيو هو، ”هُو ته دارالمصنفين جو نالو ٻڌڻ سان ئي ديوانو ٿي ويندو آهي. هو ته ان جي ڪتابن واري انداز ۾ لکندو آهي.“ پير صاحب بار بار چوندو هو ته، ”هن 1947ع کان پوءِ دارالمصنفين کي ڪراچيءَ منتقل ڪرڻ جي خيال کان، ان لاءِ زمين به ورتي هئي، مگر پوءِ خيال آيس ته ان کي اتي ئي رهڻ کپي جتي آهي، نه ته ان جا سچا خدمتگار هتي اچي گاڏين ۽ بنگلن جي چڪر ۾ پنهنجي ڪم ۽ مقصد کي به نظرانداز ڪري ڇڏيندا.“ جڏهن پاڪستان جي ناشرن دارالمصنفين اعظم ڳڙهه جي ڪتابن کي ڇپائي ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ شروع ڪيا ته پير صاحب کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اخبارن ۾ ان حرڪت جي خلاف زبردست مهم هلايائين. پاڪستان حڪومت کان به احتجاج ڪيائين، جنهن جو سٺو نتيجو اهو نڪتو جو وزارت تعليم، نيشنل بڪ فائونڊيشن جي لاءِ دارالمصنفين جا لکائي ۽ ڇپائي وارا حق خريد ڪيا ۽ دارالمصنفين کي چڱي خاصي رقم به ڏني، جنهن سان ان جي نقصان جو ڪنهن حد تائين پورائو ٿي سگهيو. ان لاءِ به پير صاحب جو تمام گهڻو شڪر گذار آهيان. هُن جي مهربانين ۽ احساسن جي بار ۾ دٻجي جڏهن هيءَ تحرير لکڻ ويٺس ته شڪرگذاريءَ وارو ڪعبو منهنجي سامهون ۽ قلم جو ڪليسا منهنجي پويان هو.

        پير صاحب سان پنجويهن ڇويهن سالن واري ميل ملاقات ۾ هُن کي چڱيءَ طرح ڄاتم ۽ سُڃاتم. هڪ شفيق دوست ۽ ساٿي کان علاوه هن کي تمام وڏي علم دوست ۽ بلند پايي جي اهلِ قلم واري حيثيت سان به ڏٺم. علمي ۽ ادبي دوستن ۾ ويهندي شايد هُن جي عمر به وڌندي رهي. جناب ممتاز حسن مرحوم سابق فنانس سيڪريٽري حڪومت پاڪستان سان گڏ، خبر ناهي ڪيترا حسين صبح ۽ ڪيتريون مهڪندڙ شامون اينديون ۽ وينديون رهيون. سندس گهر ۾ جناب بشير احمد ڊار، پروفيسر شيخ عبدالرشيد، ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڊاڪٽر ابوالليث صديقي، ڊاڪٽر جمال جالبي، مشفق خواجہ، ڊاڪٽر ابوالخير ڪشفي، پروفيسر شريف المجاهد ۽ ڊاڪٽر ايوب قادري صاحب گڏ ٿيندا هئا ته هن جو دولت خانو صحيح معنيٰ ۾ هُن لاءِ ”عشرت خانو“ بڻجي ويندو هو. هن جي لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ ويهي سندس ڪتاب ۽ مضمون ڏسندو هيس ته کيس چوندو به هيس ته، توهان الہ دين جو چراغ ته هٿ نه ڪيو آهي، جنهن جي وسيلي توهان ڪنهن ’جن‘ کي پاڻ وٽ گهرايو ٿا ۽ هُو توهان لاءِ اهو سڀ ڪجهه لکي ٿو ڇڏي، جيڪو توهان چاهيو ٿا. هُن سن وار جيڪي ڪتاب ايڊٽ ڪيا يا لکيا، انهن جي فهرست جيڪا مون کي معلوم آهي، سا هي آهي.

مولانا محب علي سنڌي _1942ع.   سنڌي

سنڌي ادب _1950ع.                         اردو

مهراڻ جون موجون _1955ع.          سنڌي

مثنوي چنيسر نامه از ادراڪي بيگلار_1956ع.

پيش لفظ سنڌي ۾

مقالات الشعراء از قانع ٺٽوي _1957ع.

  مقدمو ۽ تعليقات فارسيءَ ۾

مثنوي مظهر الاثار_1957ع.          فارسي

تڪملہ مقالات الشعراء _1958ع.   

مقدمو ۽ تعليقات فارسيءَ ۾

مثنويات و قصائد قانع _ از قانع ٺٽوي _1961ع.

        تعارف سنڌيءَ ۾

تذڪره امير خاني _1961ع.          سنڌي

مثنويات هشت بهشت از عطا ٺٽوي _ 1963ع.

تعارف سنڌيءَ ۾

تاريخ مظهر شاهجهاني از يوسف ميرڪ _1964ع.

مقدمو ۽ تعليقات اردو ۾

منشور الوصيت از ميان نور محمد ڪلهوڙو 1964ع.

مقدمو سنڌي

ترخان نامہ از مير محمد ٺٽوي _1967ع.

 پيش گفتار ۽ تعليقات فارسيءَ ۾

مڪلي نامہ _1967ع.                تعليقات سنڌيءَ ۾

تذڪره حديقة الاولياء عبدالقادر ٺٽوي _1967ع.

مقدمو سنڌي

تذڪره شعرا ڪشمير از محمد اصلح _1967ع.

گذارش اردو ۾

تذڪره شعرا ڪشمير حصو پهريون_1967ع.

تعليقات ۽ حاشيا فارسيءَ ۾

تذڪره شعراءِ ڪشمير حصو ٻيو _1967ع

تعليقات ۽ حاشيا فارسيءَ ۾

تذڪره شعراءِ ڪشمير حصو ٽيون_ 1967ع.

فارسيءَ ۾

تذڪره روضة السلاطين فخري هروي _1968ع.

حرف آغاز ۽ تعليقات اردو ۾

تذڪره جواهر العجائب از فخري هروي _1968ع. اردو

ديوان فخري هروي _1968ع.                  اردو

تذڪره شعراءِ ڪشمير حصو چوٿون _1969ع.

تعليقات ۽ حاشيا فارسيءَ ۾

دود چراغ محفل _1969ع.                    اردو

ميرزا غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب_1978ع.

اردو

مير محمد معصوم بکري_1979ع.          سنڌي

 

هي ته اهي ڪتاب آهن جن بابت مون کي ڄاڻ آهي، باقي خبر ناهي ته ٻيا ڪيترا آهن ۽ ڪيترا مسودا ڇڏي ويو آهي. خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيترن رسالن جو جريدن جو ايڊيٽر رهيو_1930ع ۾ سکر مان هڪ ’المنار‘ رسالو نڪتو ته ان جو ايڊيٽر ٿيو. 1930ع کان 1934ع تائين ’سنڌ زميندار‘ جو ايڊيٽر رهيو. ’ستاره سنڌ‘ 37_1934ع، ’الوحيد‘ ڪراچي 42_1940ع، ’قرباني‘ 47_1945ع، سندس ئي ادارت هيٺ شايع ٿيون. ٽه ماهي رسالن ۾ ’مهراڻ‘ (حيدرآباد) ’اردو‘ (ڪراچي) ۽ ’پارس‘ (ڪراچي) جو به ايڊيٽر رهيو. طهران مان هڪ رسالو 1967ع ۾ ’ايران شناسي‘ نڪرندو هو، ان جو به ايڊيٽر هيو.

هُن سنڌي، اردو ۽ فارسي ٽنهي ٻولين ۾ ڪتاب ايڊٽ ڪيا يا لکيا ۽ ٽنهي ٻولين تي کيس وڏو عبور حاصل هو. سنڌي ٻوليءَ تي هن جي مهارت جو لطف ته انهيءَ ٻوليءَ جو ڄاڻو ئي وٺي سگهن ٿا. اردو ڳالهائيندو هو ته سندس گفتگو ۾ اها ئي روزمره واري رواني ۽ بي تڪلفي هوندي هئي، جيڪا ڪنهن اهلِ زبان ۾ هوندي آهي. اردو لکندو هو ته ان جي اسلوب ۽ اندازِ بيان ۾ ’شبلي اسڪول‘ واري جَهلڪ ڏسبي هئي. مگر ڪڏهن هُن جي اردو تحريرن ۾، هُن جي پنهنجي رنگ جي حسين آميزش به ملندي هئي، ان جو هڪ نمونو هي آهي_

....”ڪراچي ۾ هونءَ ته ڊسمبر جون شامون ايترو سرد نه ٿيون ٿين جو هڪ چڱو ڀلو ماڻهو به ويڙهجي سيڙهجي ڳنڍ ٿي پوي، پر اتفاق سان ان ڏينهن واري شام ڏاڍي سرد هئي، جڏهن آءُ پيراڊائز سئنيما جي سامهون هڪ مئخاني جي مٿينءَ منزل تي ويٺو هوس. خشڪ ۽ خنڪي دار ۽ انسان جي کل اڊيڙيندڙ بلوچستان جون تيز هوائون، ڏاڍي زور سان سوساٽ ڪنديون، بند ٿيل درن ۽ درين کي ڌوڏي رهيون هيون. بيٺڪ جي هڪ پاسي منهنجي ڪتاب ”تذڪره امير خاني“ جو مسودو پيل هو. ان جي ڀرسان ملائڪ جهڙو هڪ عالم، جنهن جي مٿي جا ٿورڙا وار ۽ گهاٽيون ڀِرون برف جهڙيون اڇيون ٿي چُڪيون هيون، هڪ قلمي ڪتاب پنهنجن هٿن ۾ جهليو ويٺو هو. هي پوڙهو عالم جنهن جي معصوم ۽ سٻاجهڙي چهري تي خانداني شرافت ۽ علمي فضيلت جا آثار چٽيءَ طرح اڀريل هئا، مرحوم ڊاڪٽر محمد ناظم هو، جنهن گرديزي جي تصنيف ”زين الاخبار“ کي سڀ کان اڳ شايع ڪيو ۽ محمود غزنوي جي زندگيءَ بابت انگريزيءَ ۾ پهريون مستند ۽ تحقيقي ڪتاب لکيو _“ (مقدمو تاريخ مظهر شاهجهاني ص 2)

         ٿورو هن جي ننڍن ننڍن پيراگرافن جي ڀرپور جملن کان به لطف اندوز ٿيو_

....”مون کي ڪڏهن به اهو خيال نه آيو ته هي تذڪرو (تذڪره شعراء ڪشمير) ڇپجي سگهندو. ڪشمير منهنجو موضوع نه هيو. ٺوس موضوعات ۽ علمي تحقيق جي سلسلي ۾ هونئن به هتي زمين سخت ۽ آسمان دور آهي، انهيءَ ڪري ان ۾ ڪنهن ٻئي علمي دوست کي دلچسپي وٺڻ جو نه امڪان هيو ۽ نه اميد. اهڙي طرح جي خارزار ۾ ڪير قدم رکندو ۽ ڇو رکندو. تلاش ۽ تجسس جي ڪنڊن ۾ ڪنهن کي پئي آهي جو ويٺي ويٺي پنهنجو دامن ڦاسائي_“ (شعراء ڪشمير حصو پهريون _ مقدمو ص _2)

....”اسان جي تاريخن ۾ واقعن ۽ شخصيتن کي مصلحتن ۽ عاقبت انديشن جي پيش نظر لحافن ۽ غلافن ۾ ويڙهي اهڙيءَ ريت بيان ڪيو ويو آهي، جو نه ته ڪا حقيقي شخصيت ظاهر ٿئي ٿي، نه ان جا اصل ڪردار سامهون اچن ٿا، ۽ نه وري واقعات پنهنجي صحيح شڪل ۽ صورت ۾ اجاگر ٿين ٿا_“ (مقدمو تاريخ مظهر شاهجهاني ص_42)

....”مشرقي تاريخون شخصي حڪمرانن جي سرڪاري ڪارخانن ۾ جُڙندي رهيون ۽ بادشاهن لاءِ لکيون ويون. انهن ۾ اميرن جون وڏو دخل هو. پوءِ انهن کي شهزادن پنهنجي نالي معنون ڪرڻ جو رواج وڌو_“ (ايضاً 43)

هن کي فارسيءَ سان به وڏو چاهه رهيو. فارسيءَ ۾ هن جي تحرير جو به هڪ نمونو ڏسو_

اين زوال حکومت دودمان تالپور برائي زبان فارسي نيز شام مرگ بود و انگلسيان بجائي فارسي زبان را بر مسند مسلط ساختند و درباري کہ پرورندهء شعر و ادب بود يکي بساط آن را چيدند، برائي شعراء مشوقي نماند و سلسلہء تصنيف و تاليف فارسي نيز گسيخت کہ داستان تمام اين زوال و انحطاط درين ضرب المثل سندهي موجود و ازان عهد بما رسيد است_

فــارســـي پـــڙهسين، تـيــل وڪـڻسين

انگريزي پڙهسين، گهوڙي چڙهسين.

* * *

يعني اگر فارسي بخوانند تيل فروشي خواهند کرد‘ و اگر انگريزي بخوانند بر اسپ عزت سوار خواهند شد گويا درين عهد خوانش ودانش انگريزي بجائي فارسي وسيلہ حصول اقتدار و عزت بود_

(تکملہ مقالات الشعراء ص_21)

        پير صاحب کي سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ لکڻ جي جيڪا ڏات حاصل هئي، ان مان هُن پورو فائدو ورتو. انهيءَ ڪري انهي ٽنهي زبانن ۾ هن جو قلم پُر بهار ڏسجي ٿو. هُن جون تصنيفون ڏسي اهو سوچڻو پوي ٿو ته هُن کي سڀ کان وڌيڪ دلچسپي ڪهڙي فن سان هئي. تذڪره، ادب، تاريخ يا آثار قديمه سان هُن جو شوق اهڙين ڳالهين جي خوشبوءَ سان ڀريل هيو. ۽ هُو واقعي خوشبوءَ جو مجموعو ئي هيو، ڇو ته انهن سڀني فنن سان هن جي دلچسپي هئي.

ادب ۾ فارسي شعر و شاعريءَ سان هُن جي شوق جو اندازو ان مان ٿيندو ته هُن ادراڪي بيگلار جي ’مثنوي چنيسر نامہ‘ ڇپائي. مثنوي مظهر الاثار، قانع ٺٽوي جي قصائد و مثنويات ۽ عطا ٺٽوي جو هشت بهشت، فخري هروي جي ديوان کي ڇپرائي پڌرو ڪيو ۽ وري فارسي شاعرن جو جيڪو به اڻ ڇپيل تذڪرو کيس ملندو هو ته ان وقت تائين بيچين رهندو هو، جيستائين ان کي ايڊٽ ڪري شايع نه ڪندو هو. قانع ٺٽوي جو مقالات الشعراء، خليل ٺٽوي جو تڪملہ مقالات الشعراءِ، مرزا محمد اصلح جو شعراء ڪشمير، فخري هروي جو روضة السلاطين ۽ جواهر العجائب، هُن جي ئي ڪري گمناميءَ جي پردن مان نڪري منظر عام تي آيا انهن سڀني تذڪرن کي ڇپائڻ سان فارسي شعرن جا جيڪي خزانا گڏ ٿي ويا آهن انهن سان خود ايران جي شعري ادب ۾ پڻ غير معمولي اضافو ٿيو آهي. ان جو قدر ايرانين کي به ڪرڻ کپي. ڇو ته ايرانين جي لاءِ به انهن تذڪرن ۾ کين دعوت آهي ته هو ان تي غور ڪن ته سبڪ هندي سندن ٻوليءَ ۾ ڪهڙا انمول جواهرات پيش ڪيا آهن.

تاريخ نويسيءَ سان پير صاحب جي شوق جو اندازو ان مان به ٿيندو ته هُن 1964ع ۾ ميرڪ يوسف جي تاريخ مظهر شاهجهاني کي گهڻي محنت سان ايڊٽ ڪري شايع ڪيو، جيڪا مغلن جي دور جي پهرين اڌ صدي ۾ سنڌ جي حالتن تي تفصيلي روشني وجهي ٿي. 1964ع ۾ ئي ميان نور محمد ڪلهوڙو واليءَ سنڌ جي ’منشور الوصيت‘ ايڊٽ ڪري شايع ڪيائين، جنهن ۾ نادر شاه جي حملي واري زماني جي ڪجهه مفيد معلومات پڻ گڏ ڪيل آهي. هڪ سال کان پوءِ 1965ع ۾ هُن جو ايڊٽ ڪيل ’ترخان نامہ‘ ڇپيو، جنهن ۾ ارغون ۽ ترخان دور واري سنڌ جي تاريخ آهي. 1971ع ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي جو ’تحفة الڪرام‘ شايع ڪرايائين، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ کان علاوه هتان جي مشهور شخصيتن ۽ شاعرن جو به تذڪرو آهي. اهو به تمام گهڻي محنت سان ايڊٽ ڪيو ويو آهي.

انهن ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ جتي بزرگن جا نالا اچن ٿا، انهن بابت گهڻي کان گهڻي معلومات فراهم ڪندو ويو آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هُن جي دينداريءَ جا دٻيل جذبات سندس قلم ذريعي اُڀرن ٿا. تمام گهٽ مصنفن کي خانداني شجرن جي ترتيب ڏيڻ ۾ دلچسپي هوندي آهي، مگر پير صاحب کي ان ۾ وڏو عبور نظر اچي ٿو ۽ ان جو موقعو مليو اٿس ته هُن وڏي محنت سان شجرا مرتب ڪيا آهن.

ابتدائي علمي سرگرميون:

 پير صاحب جي تصنيف ۽ تاليف جو آغاز سنڌي ٻوليءَ جي قلمي ڪاوشن سان شروع ٿيو. هُن 1942ع ۾ ’مولانا محب علي سنڌي‘ تي هڪ ڪتاب لکيو. وري 1950ع ۾ ’سنڌي ادب‘ نالي هڪ ڪتاب لکيائين. 1955ع ۾ هن جو هڪ ڪتاب، ’مهراڻ جون موجون‘ ڇپيو. وري 1956ع ۾ هُن ادراڪي بيگلار جي ’مثنوي چنيسر نامہ‘ کي ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو. اهي ٽئي ڪتاب سنڌيءَ ۾ آهن، جن کان راقم ناواقف آهي، جنهن ڪري انهن مان استفادو ڪري اهو معلوم نه ڪري سگهيس ته انهن ۾ پير صاحب ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون لکيون آهن. ’مثنوي چنيسر نامہ‘ ته فارسي ۾ آهي، انهيءَ ڪري ان جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهيس.

چنيسر نامہ 1956ع

هي 1010هه ۾ لکيو ويو. هي هڪ عشقيه مثنوي آهي جنهن ۾ ڪؤنرو چنيسر، ليلا ۽ ڪؤنرو جو عشقيه داستان قلمبند ڪيو ويو آهي. پير صاحب کي هيءَ فارسي مثنوي پسند اچي وئي، جنهن ڪري ان جا مختلف نسخا هٿ ڪري، ان کي ايڊٽ ڪيائين ۽ ان کي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. پير صاحب ان تي سنڌيءَ ۾ 67 صفحن جو پيش لفظ لکيو، جنهن ۾ ان جي ادبي ۽ تاريخي اهميت ٻڌايل آهي. افسوس آهي جو سنڌي زبان نه ڄاڻيندي، پير صاحب جنهن نڪتي سان هن مثنويءَ جي اهميت ٻڌائي آهي. ان مان استفادو نه ڪري سگهيس. مگر ان جي ڇپجڻ سان ٻه وڏا فائدا ٿيا. هڪ ته سنڌ جي هڪ جليل القدر شاعر جا ڪارناما سامهون آيا، ٻيو ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته مسلمانن، هندستان ۾ رهندي هندن جي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ پوري دلچسپي ورتي ۽ انهن کي قلمبند ڪري، سندن تهذيبي زندگيءَ کي پنهنجي ادب ۾ منتقل ڪندا رهيا. ان ۾ پير صاحب بيگلار خاندان جو نسب نامو به درج ڪيو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهي خاندان جي ابتدا حڪيم زين العابدين کان ٿي.

پير صاحب جي علمي سرگرمين جو اصلي ۽ خاص ڪارنامو، هن جي اها سخت محنت آهي جيڪا هُو ڪنهن ڪتاب کي ايڊٽ ڪرڻ وقت ان جي لاءِ مقدما، حاشيا ۽ تعليقات لکندو هو. ان فن جا ٻه ميدان هئا، جن ۾ ڪن حيثيتن سان هڪ طويل عرصي تائين کانئس ڪوبه گوءِ نه کڻي سگهندو. ان سلسلي ۾ هُن جون تحريرون اهو پيغام ڏئي رهيون آهن ته ڪير به ڪنهن ڪتاب کي ايڊٽ ڪرڻ چاهي ته پهريائين پنهنجي ساهه واري رڳ جي خون جو پاڻي ۽ پنهنجي جسم نچوڙڻ لاءِ تيار ٿي، ان فن ۾ هٿ وجهي. جنهن محنت ۽ رياضت سان هن ڪتاب ايڊٽ ڪيا آهن، انهن سان هن جي زندگيءَ جو هڪ هڪ سال گهٽبو رهيو هوندو. جيڪڏهن اهو ايترو علمي پورهيو نه ڪري ها ته شايد هن جي عمر ڊگهي ۽ صحت سٺي هجي ها، مگر هُو علم ۽ فن جي راهه ۾ شهيد ٿي ويو.

مقالات الشعراء از قانع ٺٽوي 1957ع:

 چنيسر نامہ کان پوءِ پير صاحب جيڪو ڪتاب ايڊٽ ڪيو، اهو قانع ٺٽوي جو ’مقالات الشعراء‘ آهي، جيڪو    1174هه ۾ لکيو ويو. ان کي ايڊٽ ڪرڻ وقت، وري هُن جو خون ۽ پسينو هڪ ٿي ويو هوندو. ان تي هڪ مقدمو لکيائين ۽ وري ايترا ڀرپور ۽ معلوماتي حاشيا ڏنائين جو هُن جي محنت سان مؤلف جي متن جي ضخامت وڌي وئي آهي. مؤلف پنهنجي خاندان جي علمي ڪارنامن جو ذڪر تفصيل سان ضرور ڪيو آهي، ليڪن پير صاحب جي محنت حيران ڪندڙ آهي، جو هُن مجالس المومنين، حبيب السير، حواشي خلاصة الاخبار، تاريخ ادبيات فارسي، ڪشف الظنون، ريحانة الادب وغيره جي حوالن سان مؤلف جي ڪن بيانن مان گهڻا مفيد اضافا ڪيا. مؤلف جي خانداني بزرگن هرات جي جنهن مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي، ان جو تفصيل به مختلف ڪتابن جي حوالي سان ڏنائين، جيڪو خود مؤلف جي ڪتاب ۾ نه آهي. ان وقت جيڪو دنيوي علم پڙهايو ويندو هو ۽ استادن جو جيڪو سلسلو رهيو ان جو ذڪر مولف جي ڪتاب ۾ نه آهي. ليڪن پير صاحب جي ڏنل حاشين ۾ آهي. مؤلف پنهنجي حالات ۾، پنهنجي چند تصنيفن جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن پير صاحب هُن جي سڀني تصنيفن جو پتو لڳايو ۽ هن جي 43 ڪتابن جي فهرست ڏئي پنهنجي پڙهندڙن کي ان کان روشناس ڪرايو. ۽ جيڪڏهن هو ايتري رياضت کان ڪم نه وٺي ها ته شايد هي سڀ تصنيفون وساريون وڃن ها.

پير صاحب کي ان سان به خوشي هئي ته هي تذڪرو سنڌ جي شاعرن جو سڀ کان پهريون تذڪرو آهي، جيڪو سندس ئي سرزمين تي 1174هه ۾ لکيو ويو آهي. ان ۾ ڪجهه غير سنڌي شاعرن جو احوال به اچي ويو آهي، ليڪن مؤلف اعتراف ڪيو آهي ته هي سرخوش جي ڪلمات الشعراء ۽ مير غلام علي آزاد جي تصنيفن جي مدد سان لکيو ويو آهي.

پير صاحب انهيءَ تذڪري کي بهترين تذڪرو ان حيثيت سان قرار ڏئي ٿو ته جيڪڏهن هي نه لکيو وڃي ها ته، سنڌ جي پنج سوَ سالہ ادبي تاريخ تي اونداهيءَ جو پردو پيل هجي ها. مگر هُو فارسي تذڪره نويسن مان ان ڪري مطمئن نه هيو جو اهي شاعرن جو احوال تمام مختصر لکندا هئا. تاريخي واقعن جو ذڪر به سرسري ڪندا هئا. غير واضح ڳالهين جي وضاحت به نه ڪندا هئا. تاريخون ۽ سن لکڻ ۾ ڪنجوسائپ کان ڪم وٺندا هئا. قانع جي تذڪرن ۾ به اهي خاميون آهن. جن کي دور ڪرڻ لاءِ پير صاحب تعليقات ۽ حاشيا لکڻ ۾ 137 ڪتابن جو سهارو ورتو آهي، جن ۾ ڪلام پاڪ، تاريخ شعراء“ اوليائن جا تذڪرا، فارسي دواوين، معجم، لغات، مجلات ۽ نادر مخطوطات سڀئي شامل آهن.

حاشيا لکندي جتي جتي ڪلام پاڪ جون آيتون آيون آهن ته انهن جا رڪوع ۽ سورتن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي. جغرافيائي ۽ تاريخي ماڳن جي به وضاحت ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن مشهور مصنفن جا نالا آيا آهن ته انهن جي ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخ سان گڏ، انهن جي تصنيفن جو ذڪر به ڪيو آهي. بزرگن ۾ امام غزالي، مولانا قوام الدين ڪرماني، علامہ دواني، شيخ ابو اسماعيل، عبدالله انصاري، شيخ عبدالله احراري، مولانا عبدالخالق گيلاني ۽ سيد سعدالله سورتي وغيره جا نالا آيا آهن ته انهن جو احوال ايترو لکيو اٿس جو هڪ نظر ۾ انهن جون تمام گهڻيون ڳالهيون معلوم ٿي وڃن ٿيون. فاتحن، بادشاهن، شهزادن ۽ نامور اميرن جا نالا اچي ويا آهن ته انهن جي سوانح سان گڏ ڪارناما به ٻڌايا اٿس. چنگيز خان تي جيڪي تعليقات آهن انهن کي پڙهي پڙهندڙ ضرور مستفيض ٿيندا. بهلول لوڌي، سڪندر لوڌي، همايون بادشاه، جهانگير، شاه جهان ۽ فرخ سير تي ڪافي معلومات ڏني وئي آهي. فرخ سير کان پوءِ بادشاهي وٺي ڏيندڙ مشهور امير سيد قطب الملڪ تي سٺي روشني وڌل آهي. شهزادن ۽ ميرزا ڪامران ۽ دارا شڪوه تي ايترو ته لکيو ويو آهي جو اهي جدا شايع ڪيا وڃن ته تمام سٺا مضمون ٿي پون. شاعرن جي ذڪر ۾ جتي قانع جي بيان ۾ هن کي ڪمي محسوس ٿي ته ان ۾ خاطر خواه اضافا ڪيا اٿس، مثلاً محسن ٺٽوي جي تصنيفن جي سلسلي ۾ حملہ حيدري ۽ محڪ ڪمال تي گهڻو واڌارو ڪيو آهي. ان جو هڪ ديوان خود پير صاحب وٽ هيو. ان جي ابتدا ۾ هن حافظ جي مشهور غزل، ”الايا ايها الساقي....“ جي طرز تي هلالي استرآبادي، شيدا هلالي، طغرائي مشهدي، صائب تبريزي، شاهي، معلوم تبريزي، وحيد قزويني، ناصر علي سرهندي ۽ عاشق صفاهاني وغيره جيڪا طبع آزمائي ڪئي هئي، انهن جي غزلن جو مطلع لکي ڇڏيو آهي. وري جتي شاعرن، مثلاً حڪيم قطران تبريزي، زمان بيگ ڪابلي، هاشمي ڪرماني، ڪاهي، بيدل عظيم آبادي، غني ڪاشميري ۽ علي حزين وغيره جو ذڪر آيو آهي ته انهن جا به تمام سٺا شعري ڪارناما قلمبند ڪيا اٿس. ڪٿي ڪٿي شاعرن جا هڪجهڙا ۽ هم طرز غزل به نقل ڪيا آهن. مثلاً قانع بهره ور علي جي سلسلي ۾ هن جو هڪ غزل نقل ڪيو آهي، جنهن جو مطلع هي آهي:

منت درمان ندارد از طبيبان دردما

                سوزش دل مرهمي دارد ز آه سردما

ان جي هيٺيان حاشيي ۾ مرزا صائب جو اهو غزل نقل ڪيو آهي جنهن جو مطلع هن طرح آهي:

صبح برخورشيد مي لرزد ز آه سردما

                کوه مي دزدد کمر در زير بار درد ما

قانع برڪ عبدالواسع جي ذڪر ۾ هن جو هڪ غزل ڏنو اهي جنهن جو مطلع هي آهي:

اي عشق تو بختم را آورده بخواب اندر

                وي زلف تو دلها را افگنده بتاب اندر

قانع صرف ايترو لکيو آهي ته هي غزل ان غزل جي جواب ۾ لکيو ويو جنهن جو مطلع هن ريت آهي:

آزاد گرفتارم چون بو بگلاب اندر

                        پا بستہ برفتارم چون زر بحساب اندر

قانع ان مطلع جي شعر جو نالو نه ٻڌايو آهي، ليڪن پير صاحب ان جي نشاندهي ڪئي آهي ته اهو غزل ’اميدي‘ جو اهي. انهيءَ نموني، رديف ۽ قافيه ۾ شيخ نصير الدين، چراغ دهلوي، سنجر عالي ۽ علي جا غزل به نقل ڪيا آهن.

راقم، شيخ نصير الدين چراغ دهلوي تي پنهنجي تصنيف ’بزم صوفيا‘ ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، ليڪن پير صاحب جي ئي ذريعي اهو معلوم ٿيو ته شيخ غزل گو شاعر به هيو. خدا ڪري، هُن ڏانهن جيڪو ڪلام منسوب آهي، اهو ان جو ئي هجي، ڇو ته حضرت خواجہ معين الدين چشتي ۽ حضرت خواجه بختيار ڪاڪي جي نالي سان هڪ ديوان منسوب آهي، ليڪن هاڻي اها تحقيق ٿي آهي ته اهي انهن جا نه پر ڪنهن ٻئي جا آهن.

هڪ هنڌ تفسير بيضاوي جو ذڪر آيو آهي ته ان جي اهميت ٻڌائيندي ان تي مختلف مصنفن جا جيڪي 17 حاشيا آهن انهن جو تفصيل لکيو آهي. اهڙي طرح جتي ٻين ڪتابن جا نالا آيا آهن ته انهن جي مصنفن جا نالا ۽ ڪٿي ڪٿي ڇپيا آهن، اهي به ٻڌائيندو ويو آهي.

ڪٿي ڪٿي مصنف جي بيان ۾ تصحيح به ڪندو ويو آهي. مثلاً هن جي بابر جي وفات جي تاريخ جي عبارت نقل ڪري لکيو آهي ته هي ’منتحب التواريخ‘ جي آهي، مگر پير صاحب ٻڌايو آهي ته هي ’اڪبر نامہ‘ تان ورتل آهي. هڪ هنڌ قانع مير غياث الدين جي ذڪر ۾ هن کي مير صدر الدين جو پٽ ٻڌايو آهي، مگر پير صاحب مجالس المومنين‘ جي حوالي سان هن کي پيءُ ڄاڻائي ان جي تصحيح ڪئي آهي.

ڪتاب کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ان ۾ 33 تصويرن به ڏنيون آهن. جن ۾ مغل فرمانروائن، شهزادن ۽ اميرن کان علاوه سنڌ جي صوبيدارن ۽ ڪجهه بزرگن، ميان مير لاهوري، ملا شاه بدخشي ۽ سرمد شهيد جون به آهن ۽ مڪلي جي ڪن مقبرن جون به آهن. ليڪن هت خاص طرح ذڪر لائق اها ڳالهه آهي ته ان ۾ قانع ٺٽوي کان علاوه بابر، مرزا ڪامران ۽ دارا شڪوه جي لکيل هٿ اکرن جا عڪس به ڏنا ويا آهن. مشهور خوشنويس امير عطا الله جمال الدين حسين بن مير فضل الله جي خط جو نمونو به ڏنو آهي. جنهن محنت ۽ رياضت سان هي سڀ شيون حاصل ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون ويو آهن ان سان پير صاحب جو اعليٰ علمي ذوق ۽ سندس تصنيف ۽ تاليف جي معيار جو اندازو ظاهر ٿئي ٿو.

مثنوي مظهر الاثار 1957ع:

پير صاحب 1957ع ۾ شاهه جهانگير ڪرماني بکريءَ جي مثنوي مظهر الاثار ايڊٽ ڪري شايع ڪئي. ان جي اهميت ان ڪري به اهي جو ان مصنف سنڌ ۾ ويهي نظامي جي خمسہ وانگر مثنوين لکڻ جو ارادو ڪيو، مگر هُو رڳو اها ئي مثنوي لکي سگهيو ۽ ٻيون نه لکي سگهيو. پير صاحب کي ان جو هڪ نسخو ته برٽش ميوزم لنڊن مان مليو، ٻيو نسخو پنجاب يونيورسٽي ۾ هيو، ان جو هڪ نسخو ’آستانہء قدس‘ مشهد ۾ هيو. انهن سڀني نسخن جي مدد سان هيءَ مثنوي ايڊٽ ڪيائين. ان ۾ هُڻ کي جيڪي اختلافات نظر آيا يا ڪو شعر گهڻو ڏٺو، انهن سڀني جي نشاندهي وڏي ديده ريزي سان ڪري ان کي 33 صفحن ۾، ان جي آخر ۾ درج ڪيو آهي. وري ان تي جيڪو مقدمو لکيو آهي ان ۾ هُن جي تاريخي، ادبي ۽ تحقيقي ذوق جي رنگارنگي پوري طور تي نظر اچي ٿي. شروع ۾ مصنف جي زماني ۾ وچ ايشيا، ايران، هندستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي اندر جيڪا سياسي ڀڃ ڊاهه ٿيندي رهي ان جو ذڪر مختصر جامع انداز ۾ ڪيو آهي. وچ ايشيا ۾ سلطان حسين بايقرا کانپوءِ تيموري خاندان بکر ۾ رهيو هو. بابر افغانساتان ۽ هندستان جو حڪمران بڻيو ويٺو هو. سنڌ ۾ ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ خانہ جنگي جاري هئي، ايستائين جو ارغون خاندان اقتدار ۾ اچي ويو، جنهن هرات مان تيموري حڪمران سان پنهنجا تعلقات سٺا رکيا. ان خاندان جي علم پروري جي شهرت ٻڌي ايران جي قنڌار جا اهل علم سنڌ ۾ اچڻ لڳا، جن ۾ مظهر الاثار جي مصنف جا وڏڙا به شامل هيا. هُو پهريائين ته دهلي آيا، پوءِ سنڌ منتقل ٿيا، جنهن ۾ شاه قطب الدين، بکر ۾ اچي شيخ الاسلام بڻيو. سندس ئي نسل مان مظهر الاثار جو مصنف سيد شاه جهناگير هاشمي هيو، جنهن جي وفات جي تاريخ 946هه ۾ آهي. عمر ٻاهتر سال ماڻيائين، ڪعبة الله جي زيارت لاءِ ويو هو، رستي ۾ رهزنن جي هٿان شهيد ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com