ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ”خادم“
آه راشدي!
تازه خواهي داشتن گر داغهاي سينه را
گاهي گاهي باز خوان اين قصه پارينه را
دل کي گهڻو ئي سمجهايان، نصيحتون پيو ڏيان ته دنيا
دارالفنا آهي، جيڪو ڄائو آهي سو مرندو، اڳ ڪي پوءِ
لڏيندو، خاڪي جسم ڇڏيندو، پر پوءِ به:
دل هي تو هي نه سنگ و خشت، درد سي بهر نه آئي کيون
واقعي زندگيءَ جي دوران ڪن شخصن سان اهڙا تعلق ٿي وڃن ٿا. جو
هنن جو وڇوڙو، خاص ڪري دائمي وڇوڙو، دل کي گهاءَ
ٿو رسائي. ملڪ جي ورهاڱي بعد، گذريل 34_ 35 سالن
اندر، مون جيڪي مربي، مهربان ۽ اديب دوست وڃايا
آهن، انهن مان خاص ۽ هر گز نه وسرڻ جا، پاڪستان
مان آهن. استاد شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو،
علامه آءِ _ آءِ_ قاضي، عثمان علي انصاري، مولوي
دين محمد وفائي، حيدر بخش
نوٽ: ڊاڪٽر هرومل سدارنگاني ”خادم“، پير صاحب جي وفات تي، آل
انڊيا ريڊيو تان هڪ خصوصي پروگرام نشر ڪيو هو.
سندن تقرير جو متن شڪريي سان شايع ڪجي ٿو. ڊاڪٽر
صاحب سان. پير صاحب جا عالمانه تعلقات هئا. ڊاڪٽر
صاحب جو ڪتاب ”پرشن پوئيٽس آف سنڌ“ جي عنوان سان،
سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو اِهو
مضمون اداره مهراڻ کي مرحوم رئيس ڪريم بخش خان
نظاماڻي وٽان دستياب ٿيو.
جتوئي، لطف الله بدوي، مرزا گل حسن ڪربلائي، همڪلاسي غلام محمد
شهواڻي ۽ شاگرد پروفيسر محبوب علي چنو _ ظالم
زماني جي نظر ۾ شايد اهي هاڃا ڪافي نه هئا، جو
هينئر سيد حسام الدين راشديءَ جو داغِ مفارقت ڏنو
اٿس.
حسام الدين سان منهنجي پهرين گڏجاڻي اڄ کان 41 سال اڳ سن 1941ع
جي جُون مهيني ۾ سندس ڳوٺ بهمڻ ڪوٽ جي ٻاهران کُتل
تنبن وٽ ٿي. هو مون کان عمر ۾ 3_ 4 سال وڏو هو. ان
زماني ۾ مان ڏيارام سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پارسي
پڙهائيندو هوس ۽ سنڌ جي پارسي شاعرن تي ڊاڪٽري
لاءِ رسالو جوڙڻ جي مراد سان، سنڌ جي دوري تي
نڪري، پبلڪ ۽ پرائيويٽ لئبررين مان مواد ڪٺو ڪرڻ
لاءِ بنا آشنائيءَ جي راشدي صاحب جي مدد حاصل ڪرڻ
جو قصد ڪيو هئم. وئڪيشن جو وقت هو ۽ سخت گرمي،
اٽڪل ٻه _ اڍائي وڳي، ڌرتتيءَ ويلي، نصرت اسٽيشن
تي ريل مان لٿس. ڪوبه حمال، وهٽ يا وسيلو نظر نه
آيو، ان ڪري بئگ ۽ بسترو اسٽيشن ماسٽر جي حوالي
ڪري، ڪچي سڙڪ تان، واريءَ مان بهمڻ ڪوٽ ڏانهن پنڌ
پيس، جو ميل ڏيڍ جي فاصلي تي هو. بهمڻ ڪوٽ جي
ويجهو تنبن وٽ پهچي، راشدي صاحب لاءِ پڇيا ڪيم ته
هڪڙو صاحب ٻاهر نڪري آيو ۽ خوش خير عافيت ڪندو
اندر وٺي هليو. احوال ملڻ تي ٻڌايائين ته حسام
الدين راشدي مان آهيان. پوءِ ڏوراپو ڏنائين ته اچڻ
جو اطلاع اڳواٽ ڇو نه ڏنو، ته موٽر موڪليان ها ۽
اوهان کي تپت ۾ هيڏي تڪليف نه ڏسڻي پوي ها. ان بعد
ترت ئي هڪ تنبوءَ ۾ رهائش جو انتظام ڪري، سامان
آڻڻ لاءِ ڪار اسٽيشن ڏانهن رواني ڪيائين.
مان راشدي صاحب وٽ هفتو کن رهيو پيو هوس، جنهن ۾ هڪ طرف کليءَ
دل سان مهمان نوازي ڪيائين ۽ ٻئي طرف پنهنجي
ڪتبخاني مان ناياب قلمي نسخا ۽ نادر ڪتاب آڻي، آڏو
رکي، منهنجي گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات ۾ چوکو اضافو
ڪيائين. موڪلائڻ کان اڳ ڪيترن ئي ٻين صاحبن جون
ائڊريسون، ڪن لاءِ خط پٽ ۽ ٽڙيل پکڙيل لائبريرين
جا ڏَس پتا به ڏنائين. سچ ڪري پڇو ته سندس ابتدائي
رهنمائي مون لاءِ همت افزائي جو باعث نه بڻجي ها
ته شايد پنهنجو رسالو پوري ڪرڻ ۾ پٺتي رهجي وڃان
ها، پڻ ڪيترو ذخيرو پيش ڪرڻ کان قاصر هجان ها.
ٿوري ئي وقت ۾ راشدي صاحب بهمڻ ڇڏي، اچي ڪراچي وسائي. پوءِ ته
هفتي ٻي پيئي ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ۽ مان سندس
مشوري کان مستفيض ٿيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به مون
وٽ هليو ايندو هو ۽ ادبي رهاڻيون ٿينديون هيون. ڪو
دستخط يا منهنجي مطلب جو ڇاپي ڪتاب هٿ آيس يا نظر
چڙهيس ته هڪدم ڄاڻ ڪندو. پُر خلوص هو نه ڪنهن جي
هنئين ۾، نه کنئين ۾. سياست ۽ تعصب کان ڪوهه ڏور.
جنهن وقت وٽس وڃ ته يا ته ڪو ڪتاب هٿ ۾ هوندس، يا
ڪنهن دفتر يا ڪاپيءَ تي ڪجهه پيو لکندو. تنهن ڪري
تاريخ ۽ ادب کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه ڪندو. پڙهڻ
۾ ايترو ته مشغول رهندو جو ڪيترن وقت تي ڏاڙهي به
وڌي ويندي هيس ته ماني به وسري وينديس. البته چاءِ
جو شوقين هو. سگريٽ ڇڪيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن چروٽ به
استعمال ڪندو هو. زڪام يا ريزش اڪثر ستائيندا هئس.
سن 1947ع ۾، سنڌ ڇڏڻ کان ڪي ڏينهن اڳ ساڻس خدا حافظي ڪرڻ ويس ته
روئي ويٺو. چي: ”سدا رنگاڻي، تون به ٿو وڃين!“ مون
وراڻي ڏني، ”ڀائو، مجبور آهيان. سماج کان سواءِ
فرد ڪيترو تڳي سگهندو؟ ڌڻي تعاليٰ گهريو ته وري
پيا ملنداسين.“
راشدي صاحب سان منهنجي آخري ملاقات 26 سال اڳ 29 جون 1956ع تي
ٿي، جڏهن مان ايران مان ڊاڪٽري وٺي دهليءَ وري
رهيو هوس. انهيءَ زماني ۾ تهران ۽ دهليءَ جي وچ ۾
ڊڪوٽا هوائي جهاز هلندا هئا، جي 20 مسافر کڻندا
هئا ۽ رفتار به ڌيمي هين. هڪ طرف کان ٻئي طرف
ويندي، رات جو ڪراچيءَ ۾ ساهي پٽي، ٻئي ڏينهن صبح
جو سويل سفر جاري رکندا هئا. مون سنڌ ۾، ڪنهن کي
به تهران کان نڪرڻ جو احوال نه لکيو هو، پر هن
دلبر دوست کي ڪٿان خبر پئجي ويئي ته مان فلان
تاريخ فلان جهاز ۾ روانو ٿيندس، سو مان اڃا تهران
۾ ئي هوس ته سندس شڪايت اچي پهتي، جنهن ۾ تاڪيد
ڪيائين ته سنڌ جي اديبن کي تنهنجو انتظار رهندو.
پوءِ ته انهيءَ جهاز تي وٺڻ آيو، ۽ مون اها رات
ڪراچي ايڪسٽينشن تي سندس دولتخانه ۾ گذاري، جتي
کاني تي پنجويهن _ ٽيهن سنڌي خواهه اردو اُدباء
سان گڏجاڻي به ٿي ۽ سندس گران بها ڪتابخاني ڏسڻ جو
موقعو به ميسر ٿيو.
ان بعد خط و ڪتابت وسيلي ٿوري گهڻي ”اڌ ملاقات“ پئي ٿيندي هئي ۽
هو وقت بوقت پنهنجين تصنيفن سان پيو نوازيندو هو.
ٽپال رستي ڪتابن پهچڻ جي خاطري نه هجڻ سبب اڪثر
ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ هٿان ڪڏهن ايرانيءَ هٿان، ته
ڪڏهن هندوستانيءَ هٿان، دعا سلام سان گڏ موڪلي
ڇڏيندو هو.
راشدي صاحب ٽيهه پنجٽيهه ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪيترا تحقيق ۽
تدقيق پڄاڻان سنواري ۽ سينگاري، کوجنا ڪندڙن لاءِ
راهه هموار ڪئي اٿس. منجهانئس ڳچ جيترا فارسيءَ ۾
آهن ۽ باقي اردو ۽ سنڌيءَ ۾. گهڻا تڻا ضخيم آهن
مثلاً، مير علي شير قانع جو ”مقالات الشعراءِ“،
مخدوم ابراهيم خليل جو ”تڪملہء مقالات الشعراء“،
”تاريخ مظهر شاهجهاني“، ”مير محمد معصوم بکري“،
”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ وغيره. عالم فاضل هو. سندس
مطالعو وسيع ۽ معلومات وافر هئي. اهوئي ڪارڻ هو جو
فارسيءَ جي ترقي ۽ توسيع لاءِ ڪيل سندس خدمتن جو
قدر ڪري، ايران سرڪار کيس ”نشان سپاس درجه اول“
عطا ڪيو، جيڪو ڪنهن ورلي کي نصيب ٿيندو آهي.
هندستان مان به هيستائين هڪ ئي شخص مرحوم، پروفيسر
هادي حسن کي 25 _ 26 سال اڳ مليو هو. ايڏي لياقت
رکندي به راشدي صاحب نهايت نهٺو ۽ ملنسار هو.
تحقيق:
فُروتني است مزاجِ رسيد گان بکمال
سن 1975ع جي وچ ڌاري، مون هڪ خط ۾ کيس لکيو ته ايران جي ”بنياد
فرهنگ“ وٽان ٻه مهينا ايران گهمڻ جو نوتو آيو آهي؛
ته جهٽ موٽ ۾ لکيائين: مان به مهيني ٻن ۾ مَشهد
وڃڻو آهيان، انشاء الله گڏباسين. پر منهنجي ٽڪيٽ
اچڻ ۾ دير پئجي ويئي ۽ موقعو هٿان نڪري ويو.
گذريل ڊسمبر 1981ع ۾ ڀارت سرڪار طرفان انڊين ڪائونسل فار ڪلچرل
رليشن جي زير سايه پنجن اديبن ۽ شاعرن جي هڪ
ڊيليگيشن پاڪستان جي اديبن ۽ شاعرن سان گڏجڻ لاءِ
ڪراچيءَ اچڻي هئي، جنهن ۾ تنها سنڌي هيءُ خادم ئي
هو. مون راشدي صاحب کي خوش خبر موڪلي ۽ لکيو ته
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جنم ڀومي ڏسڻ جي منهنجي زندگيءَ
جي آخرين تمنا پوري ٿي رهي آهي. آءُ اول خير ته 22
تاريخ هوائي جهاز رستي، منجهند جو اٽڪل 2 وڳي
ڪراچيءَ پهچندس ۽ جلد ئي ڪچهريون ڪبيون. ٻڌم ته
عليل هو، پر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن جي سرپرستيءَ هيٺ
منهنجي آجيان لاءِ وڏيون تياريون ٿيون.
پر..... پر ڇا عرض ڪريان. تقدير ساٿ نه ڏنو. اسين بئگون ٺاهي،
بسترا ٻڌي، وڃڻ جي آسرن ۾ آخرين گهڙيءَ ائين چشم
بدر و گوش بفون ڪندا رهجي وياسين. افسوس! آءُ
پنهنجي ڪرمفرما سان ملي نه سگهيس! رب ڪريم کيس جنت
۾ جايون ڏي، مان سندس احسان جا حق بجا آڻي نه
سگهيس. اها واقعي ئي منهنجي بدقسمتي چئجي، جنهن تي
جيترو ارمان ڪريان اوترو ٿورو.
سنڌ جي تاريخ، ماضيءَ ۾ جن درٻاري مورخن جي ويڪائو قلم ذريعي
ماڻهن تي پهتي، ان حساب سان سنڌي ماڻهن کي ماضيءَ
۾ نهارڻ سان، پنهنجو اونداهو ڪچو چٺو نظر پئي آيو
۽ اها ڳالهه هنن جي آئندي ڏانهن صحتمند واڌ ۾ وڏي
رنڊڪ هئي. سنڌي ماڻهن جي اهميت کي تاريخي سچاين
ذريعي ثابت ڪرڻ لاءِ سڄي جاکوڙ سائين حسام الدين
راشدي پنهنجي سر تي کنئي ۽ ايترو ته مواد گڏ ڪري،
سموهي ڏنائين، جنهن سان جيڪڏهن نئين سر تاريخ لکڻ
جو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي، ته سنڌ جي اها نئين تاريخ
ماضي جي حڪمرانن جي تاريخ بدران، سنڌ جي سماجي
تاريخ هوندي.
جنهن شخص اسان واسطي ايترو پاڻ پتوڙيو آهي، ان جي ڪم کي جاري
رکڻ لاءِ ضروري آهي، ته ڪي ادارا قائم ڪيا وڃن،
ڇاڪاڻ ته کوجنا جي معاملي ۾ جيڪڏهن سائين مرحوم جو
ڪو جاءِ نشين ٿي سگهي ته اهو ڪو ادارو ئي ٿي سگهي
ٿو ڪو فرد نه.
(روزنامه ”هلال پاڪستان“، ڪراچي، 2_ اپريل 82ع جي ايڊيٽوريل
”مقاله خصوصي“ مان اقتباس)
جميل الدين عالي
بي تعصبي، محبت، صداقت، محنت، لياقت ۽ عظمت جي علامت
گذريل ٿورن ڏينهن ۾ متحده عرب امارات ۾ چار مشاعرا
منعقد ٿيا. واپسيءَ ۾ پڙهيم ته پير حسام الدين
راشدي انتقال ڪري ويو! هو هونءَ به هڪ قابل فخر
پاڪستاني هو، مگر ويهن _ ٻاويهن سالن کان وٺي آءُ
سندس نيازمند هوس. ذاتي تعلقات نه به هجن ها، تڏهن
به کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ فرض هو. هاڻي ته دل ۾
هڪ ذاتي سرپرست کان محرومي جو درد پڻ اظهار گُهري
ٿو.
ڪجهه ڏينهن ٿيا ته هن اخبار جنگ، جي خاص ايڊيشن ۾ پير صاحب
مرحوم جي مختصر سوانح سان گڏ تصنيفات جا تقريباً
سڄا تفصيل شايع ٿي چڪا آهن. آءُ سندس علمي حيثيت
کان واقف آهيان ۽ سندس تازه ڪتابن کان پڻ باخبر
رهندو پئي آيس. مگر سچ ته اهو آهي ته هاڻي جو سندس
ڪتابن جي فهرست پڙهيم ته ڏندين آڱريون اچي ويون!
ليڪن سندس علمي حيثيت بابت ڪا سير حاصل گفتگو انهن ڪالمن ۾ ممڪن
ڪونهي. پير صاحب جا
نوٽ: محترم جميل الدين عالي جي، پير صاحب بابت اها والهانه
گفتگو، جنگ ۾، سندس ڪالم ۾ شايع ٿي. هت، شڪريي
سان، ان جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو.
ڪيترائي علمي ڪارناما اهڙا آهن، جو ان جي محنت، لياقت ۽ڊگهي نظر
تي هڪ چڱو ضخيم ڪتاب لکي سگهجي ٿو ۽ انشاء الله
اهڙو ڪتاب لکيو ويندو. سندس شخصيت، زندگيءَ ۾ ئي
هڪ پي. ايڇ. ڊي مقالي جي مستحق بنجي چڪي هئي، ليڪن
سياسي ۽ مالي طور تي ناطاقت وڏن ماڻهن کي انهن جي
زندگيءَ ۾ ئي خراج عقيدت پيش ڪرڻ اسان جي موجوده
معاشري جو دستور ڪونهي. ڇو؟ اهو معاشرو ئي ٻڌائي
سگهندو.
ڪجهه واقعا
ممتاز حسن مرحوم پير صاحب کي ۽ پير صاحب ممتاز حسن کي گهڻو
گُهرندا هئا _ هڪ پنجابي ۽ ٻيو سنڌي. ڪيترن ئي
سالن کان، جيڪي حالتون اسان سياست ۽ حڪومت کان وٺي
ادب تائين ڏسندا رهون ٿا، انهن جي لحاظ کان هي
ڳالهه ناممڪن نظر ايندي، مگر نوان نسل يقين ڪن ته
اهو سچ آهي. هو ٻيئي نه هم سبق هئا ۽ نه هم پيشه،
ليڪن ٻه ڳالهيون مشترڪه هُين: پاڪستان سان محبت ۽
پاڪستان ۾ علم ادب جي فروغ جو شوق. مون انهن ٻنهي
کي مختلف سرڪاري کاتن ۾ جنهن هم خياليءَ يڪ
زبانيءَ سان لڙندي ڏٺو، اهي منظر اڄ به وحدت
پاڪستان تي منهنجي ايمان کي تازو ڪن ٿا.
۽ بائي اردو مولوي عبدالحق کي انجمن (انجمن ترقي اردو پاڪستان)
جي موجوده آفيس ڏيارڻ ۾ ڪنهن رات ڏينهن جاکوڙ
ڪئي؟ انجمن جي انهن محسنن جا نالا گهڻا هوندا، جن
انجمن کي ترقي وٺرائي، ليڪن ان جي ڏکين ڏينهن ۾ جن
ماڻهن، انجمن جي رڳن ۾ رت اوتيو، تن ۾ پير حسام
الدين راشدي سر فهرست آهي. اها ڪهاڻي خود مولوي
صاحب جي زباني آهي.
ٻارنهن سال اڳ، جنهن شام، جوش صاحب جي ملازمت يا اردو بورڊ سان
معاهدي جي خاتمي بابت مجلس منتظمه غور ڪري رهي
آهي، انهيءَ شام منهنجي ذهن تي پير صاحب جي شرافت،
بي تعصبي ۽ علم ادب لاءِ انتهائي دردمنديءَ جا
عجيب و غريب نقش چٽي ڇڏيا آهن. ممتاز حسن صاحب
پنهنجي نازڪ سرڪاري حيثيت سبب پنهنجو اختلافي ووٽ
رڪارڊ ڪرائي نٿي سگهيو. بيگم شائسته اڪرام الله
بفضل تعاليٰ حيات آهي، اها شاهدي ڏيئي سگهي ٿي ته
ممتاز صاحب، جوش صاحب جي معاهده مشيري ۾ هر صورت ۾
توسيع جو خواهشمند هو. بيگم صاحبه خود اردو جي
ناتي سان جوش صاحب جي حفاظت جي حق ۾ پرجوش حامي
هئي. ليڪن سڀ کان زوردار ۽ غم انگريز وڪالت پير
صاحب ڪري رهيو هو. سڄو قصو وري ڪنهن ٻئي موقعي تي.
پير حسام الدين صاحب کي فارسي ۽ سنڌيءَ جو فاضل چيو ويندو آهي،
ليڪن جا خدمت هن اردوءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪئي، اردو
ڳالهائڻ وارا بي شڪرا چئبا، جيڪڏهن ان کي وساري
ويهن. تصنيفي ۽ مشاورتي ڪارناما پنهنجيءَ جاءِ تي،
انهن جو مقام واقعي تمام وڏو ٿيندو آهي، ليڪن اديب
عموماً عملي ڪم گهٽ ڪندا آهن. پير صاحب مرحوم
اردوءَ جي خدمت هڪ عام ڪارڪن، هڪ خاص ڪارڪن، هڪ
عاشقِ اردو جي حيثيت ۾ پڻ ڪئي، ۽ جيئن ۽ جيڪا ڪئي،
ان جو ثبوت ڪيرن ئي علمي ادارن جي رڪارڊ تي هوندو
ئي، پر انجمن ترقيءَ اردو پاڪستان ۽ اردو ڪاليج جي
رڪارڊ تي يقيناً موجود آهي. جيڪڏهن اهي سمورا
داستان ڇپجي منظر عام تي اچن ته پير صاحب جي شخصيت
اردوءَ جي ايڏيءَ وڏي روشن ڪائنات ۾ سج وانگر
تابناڪ ۽ نمايان نظر ايندي. جي ها، انهيءَ سج جي
عمل جي گرمي ٻاويهه سال ته مون عاجز خود محسوس ڪئي
آهي.
ايترن گهڻين ۽ مسلسل علمي مصروفيتن سان گڏوگڏ پير صاحب، سماجي
فرضن جي ادائگيءَ لاءِ پڻ وقت ڪڍي سگهندا هئا. هو
”ٻارن“ وارو ته ڪونه هو، مگر ”گهڻن دوستن“ وارو
هو. بيمارن جي مزاج پرسي ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏو مشڪل ڪم
آهي. لاڳاپي وارن تائين رسڻ لاءِ مفاصلا ڊگها ۽
بعض اوقات بيمار دوستن ۽ ان جي بيمار اهل عيال جو
تعداد پڻ وڌي ويندو آهي. پير صاحب ڪنهن شاديءَ جي
مجلسن ۾ نظر اچن يا نه اچن، پر هر بيمار دوست جي
بستر وٽ ويٺل ضرور نظر ايندا هئا. ڪيترن ئي موقعن
تي مون ڏٺو هو ته سندس اچڻ سان بيمارن جي چهرن تي
رونق اچي ويندي هئي. الله تعاليٰ پير صاحب کان
ڪيڏو نه خوش ٿيندو هوندو!
يارن دوستن، بلڪه پنهنجن بعض بي تدبر مخالفن جي ڏک _ سک ۾ ڀرپور
نموني ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ پير صاحب جي هڪ ٻي صفت
هئي. اهڙي صفت، جنهن کي بعض گهٽ نظر وارا ماڻهو
غلط بخشيءَ جو نالو ڏيئي ٿا ڇڏين. اهي اهو نٿا
ڄاڻن ته جيڪو انسان هڪ گداز دل جو مالڪ آهي، اهو
ڪنهن به تڪليف وقت دوستيءَ ۽ دشمنيءَ جو حساب نٿو
رکي سگهي. پير صاحب ڪنهن به گهرجائو لاءِ، ڪنهن وٽ
لنگهي وڃڻ کي پنهنجي وقار ۽ ”اصولن“ جو مسئلو نه
بنائيندو هو. هن کي خدمت لاءِ هڪ لگن رهندي هئي.
اها صفت ممتاز حسن صاحب ۾ به هئي. اهو ممتاز حسن،
جنهن کان لکين فيضياب ٿيا، ۽ جنهن کي چند سوَ به
ياد نٿا ڪن، مگر ان ڪري ممتاز حسن جي عظمت ۾ ڪوبه
فرق نٿو پوي. پير صاحب جو ڪردار پڻ تقريباً اهڙو
ئي هو. اهي ماڻهو جن تي پير صاحب جا احسان ٿيل
آهن، کيس ياد رکن نه رکن، پير صاحب جي عظمت ۾ به
فرق نه پوندو.
عظمت جي پهرين صفت اها ناهي ته ڪو تاريخ ۾ ضرور محفوظ رهي. عظمت
هڪ عظيم نيڪي هوندي آهي، پنهنجو ڪم ڪندي آهي ۽
الله طرفان مقرره وقت تي بظاهر ختم ٿي، ان جي حڪم
سان معاشرن جي جسمن ۾ روح وانگيان جاري ۽ ساري
رهندي آهي. اها اسان توهان جي ظاهري تاريخ جي
رڪارڊ تي اچي وڃي ته فبها ۽ اسان توهان جي تاريخ
ڪيترن اصلي وڏن ماڻهن جا نالا رڪارڊ تي آندا آهن؟
پير حسام الدين راشدي، ممتاز حسن وانگيان منهنجو هڪ مستقل موضوع
آهي ۽ رهندو. الله تعاليٰ کيس پنهنجي جوار رحمت ۾
جاءِ ڏئي. آمين.
_(سنڌيڪار: ولي رام ولڀ)
محمد ابراهيم جويو
حسام الدين راشدي _ منهنجو دوست، منهنجو بزرگ
(1)
پير حسام الدين راشدي منهنجو بزرگ، دوست ۽ ساٿي رهيو
آهي. اسان جي سنگت لڳ ڀڳ پنجويهه سال پراڻي آهي.
اسان سنگت شروع به ڪئي سواءِ ڪنهن ذاتي غرض جي، ۽
اها هيستائين قائم پڻ سواءِ ڪنهن شخصي غرض جي رهي
آهي. بي غرض ساٿ، بنا لوڀ ۽ لالچ جي ٻن يا چئن،
پنجن اٺن ماڻهن جي هڪٻئي سان سنگت، هڪ عجيب نعمت
آهي، جنهن لاءِ هو پنهنجي نصيب جا جيترا ٿورا مڃين
اوترو چڱو. اڄوڪي ماحول ۾، جڏهن سواءِ غرض جي ڪوبه
ڪنهن سان گهڙي گڏجي ويهڻ لاءِ تيار نه آهي، اهڙي
دوستي، جنهن ۾ ڪابه ذاتي طمع وچ ۾ ڳنڍيندڙ نه هجي،
اڻلڀ کڻي نه به هجي، پر هڪ بيمثل ۽ املهه دولت
ضرور آهي.
جڏهن مان چوان ٿو ته پير صاحب ۽ اسان جي سنگت بي غرض
بنيادن تي قائم ٿي ۽ بي غرض نيتن سان هيستائين
هلندي آئي آهي، تڏهن اهو منهنجو مطلب نه آهي ته
اسان جي سنگت بي مقصد هئي ۽ بي مقصد آهي. اسان جو
ساٿ، جو هيتري مدت ايترو پيار ڀريو، ڀروسي وارو ۽
ايتري ڪم وارو رهيو آهي، سو بلڪل اِنهي ئي سبب، جو
اهو بامقصد ساٿ هو. اسين شروع ۾ هڪٻئي جي ويجهو به
هڪ گڏيل مقصد سان آيا هئاسون، ۽ هيءَ پوري چوٿائي
صديءَ جي مدت خالص انهيءَ گڏيل مقصد جي پورائيءَ
لاءِ پنهنجي سنگت هلائيندا ۽ قائم رکندا آيا
آهيون. ان مان اسان کي وڏا فائدا ٿيا آهن. ذاتي
فائدا به ۽ ان مقصد جي پورائيءَ جي سلسلي جا پڻ،
جيڪو اسان لاءِ هڪجهڙو قيمتي ۽ هڪجهڙو عزيز هو. ان
مقصد جو سڌيءَ طرح، اسان جي ڪنهن محدود ذاتي غرض
سان ڪو واسطو نه هو، جنهن مان مراد پئسي، عزت ۽
طاقت جي طلب ۽ حصول هجي، پر جيڪڏهن ماڻهوءَ جي دلي
خواهش کي ئي هن جو غرض چئي سگهجي ٿو، ته پوءِ اسان
جي سنگت جو اهو مقصد ئي اسان جو غرض هو ۽ ان غرض
جي حصول لاءِ ئي اسان گڏجي هيترو عرصو پاڻ پتوڙيو
آهي. اسان جو اهو مقصد ۽ غرض هو سنڌ جي ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي علم ۽ ادب جو واڌارو ۽ سڌارو.
ٻي اسان جي سنگت جي خصوصيت هيءُ سمورو عرصو ائين رهي آهي ته
اسان ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪڙو نه ٻوليو آهي. اختلاف
ٿيندا رهيا، گرما گرم بحث ٿيندا رهيا، هڪٻئي کي
مڃائڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسون، پر هڪٻئي کي رنجائڻ ۽
ڏکوئڻ جي اسان ڪڏهن به نه نيت ڪئي، نه ڪوشش. اهو
به فقط انهيءَ ڪري ممڪن ٿي سگهيو، جو هن سنگت مان،
اسان مان ڪنهن کي ڪڏهن ذاتي فائدي وٺڻ جي سڌ دل ۾
نه آئي: اهڙيءَ بي غرض پر بامقصد سنگت جي قائم
ٿيڻ ۽ هلندي رهڻ لاءِ به اسان پنهنجي قسمت جا ڪيڏا
به هوند احسان مڃون ته اهي ٿورا چئبا. هڪ ڀيري سو
پير صاحب کان مون کي ڏکاري ٿيڻ جو سبب مليو، پر ان
۾ به پير صاحب پنهنجي طبع جي فياضيءَ کان ڪم
وٺندي، پاڻ اڳتي وک کڻي اهو ڏک ائين مٽائي ڇڏيو،
جو ان کان پوءِ پاڻ وڌيڪ اسان جون دليون ڳنڍجي
ويون. هڪڙي انگريزي شاعر چيو آهي:
“Oh! Blessings on the falling our,
That all the more endears,
When we fall out with those,
We love, we embrace with tears.”
(”ان وڙهڻ تي رحمت هجي، جيڪو پيار کي وڌائي ٿو،
جي پنهنجن پيارن سان وڙهجي ٿو،
جن سان دليون ڳنڍيل آهن،
ته ڳوڙها ڳاڙي، ڀاڪر وجهي، تن کي پرچائڻو ئي پوي ٿو.“)
ٽين پير صاحب ۽ اسان جي سنگت جي ڳالهه هيءَ آهي ته انهن ڳالهين
جي سنگت نه پر محبت جي ۽ پورهئي جي سنگت آهي. جڏهن
پنجويهه سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم لاءِ پاڻ ۾
گڏياسون، ان کان وٺي اڄ تائين اسان هڪٻئي کي
پورهيو ڪندي ڏٺو آهي. گڏجي پورهئي بابت ڳالهيون
ڪيون اٿئون ۽ گڏجي پورهيو ڪيو اٿئون. پير صاحب
پورهيت اديب ۽ پورهيت عالم آهي. هن وقت تائين پاڻ
ڏهاڪو هزار کن صفحا لکيا اٿن. 1955ع ڌاري جڏهن
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي عالمن جا فارسي مخطوطا ايڊٽ
ڪرائي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ انهن مان ڪن
مخطوطن جي ايڊيٽنگ جو ڪم پير صاحب پنهنجي ذمي
کنيو، تڏهن پير صاحب جن کي فارسي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ته
ايندي هئي، پر فارسيءَ ۾ مضمون لکڻ ايترو ڪونه
ايندو هونِ، انهيءَ ڪري پهريان ٻه يا ٽي مخطوطا
جيڪي پاڻ ايڊٽ ڪيائون، تن جا مقدما پاڻ اردوءَ ۾
يا سنڌيءَ ۾ لکيائون. هڪ منزل تي اسان گڏجي ويهي
فيصلو ڪيو ته فارسي مخطوطا فارسيءَ ۾ ئي پوري جا
پورا ايڊٽ ٿيڻ کپن. ان کان پوءِ پير صاحب فارسيءَ
جي لکڻ تي جيڪا محنت ڪئي، تنهن جو ٻيو مثال مون وٽ
ڪونهي جو ڏيئي سگهان. هڪدم پاڻ ايراني سفارتخاني
وارن سان لاڳاپو قائم ڪري، انهن کي پنهنجي سنگت ۾
آڻي، وٽانئن ڪتاب، مخزنون ۽ اخبارون وٺي پڙهڻ،
پنهنجون لکيتون انهن کي ڏيکارڻ، انهن سان فارسيءَ
۾ ڳالهائڻ، ايران مان فارسيءَ جا عالم اچن ته انهن
سان محفلون ڪرڻ _ مطلب ته ائين ٻين اڍائي سالن جي
لڳاتار پورهئي سان پير صاحب فارسيءَ جي مضمون
نويسيءَ ۽ انشاپردازيءَ تي اهو عبور حاصل ڪري
ورتو، جو ان کان پوءِ پاڻ ويهارو کن فارسي ڪتاب،
فارسي عبارت ۾، ايتري ته ادبي ۽ علمي معيار جا
ايڊٽ ڪيائون، جو ان علمي تحقيق ۽ علمي پورهئي تي
کين ايراني علم جي دنيا پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏني، ۽
اهو اعزاز*
ڏنو، جنهن جهڙو هنن اڄ تائين
اسان جي ملڪ مان ڪنهن کي نه ڏنو.
پير صاحب ۽ اسان جي سنگت ائين پنهنجي گڏيل مقصد جي حصول لاءِ
پوريءَ لگن سان پورهئي جي سنگت رهي آهي. اسين ائين
پنهنجي پنهنجي پورهئي ۾ سدائين ايترا رڌل رهندا
هئاسين، جو پوءِ هڪٻئي کي ڪڏهن ڪڏهن ان کان ساهي
پٽڻ جون صلاحون ڏيڻ شروع ڪيوسين. ان جا جواب پوءِ
هڪٻئي لاءِ ٺاهي ڇڏياسين. يعني هي ته ”پير صاحب،
ڪهڙو ڪم هٿ ۾ اٿو؟“ جواب: ادا ڪهڙو ڪم! واندڪائي
ئي واندڪائي آهي!“ ۽ هوڏانهن حقيقت هيءَ هجي، جو
پير صاحب سڌو ميز تان اُٿي، ڇپائيءَ لاءِ مسودي جي
ڪاپي تيار ڪري، ٿيلهي ۾ وجهيو، پاڻ سان کنيو آيو
هوندو!
چوٿين خاصيت پير صاحب ۽ اسان جي سنگت جي هيءَ رهي آهي ته اسان
پورا پنجويهه سال هڪٻئي جي سنگت ۾ رهي، هڪٻئي جي
ساراهه ڪئي آهي _ هن منهنجي، مون هن جي، اسان سڀني
گڏجي هڪٻئي جي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته لياقت
وارا ماڻهو لازمي طرح، هڪٻئي سان نه ٺهندا آهن،
بلڪه انهن جي هڪٻئي سان رقابت ۽ عداوت هوندي آهي.
ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هڪٻئي جي ويجهي وڃڻ سان
لائق ماڻهن کي هڪٻئي جي عيبن جي خبر پوي ٿي. تنهن
ڪري منجهن محبت ٽٽيو وڃي ۽ منجهن نفرتون پيدا ٿي
پون ٿيون. ٻيا وري جڏهن ڪن ٻن _ چئن لائق ماڻهن جي
ڪا پڪي پختي سنگت ڏسندا آهن، ته ٽوڪبازيءَ وچان
چوندا ته ”ادا، اهي سڀ رڳو منهن تي هڪٻئي جي
خوشامد ٿا ڪن؛ پرپٺ اهي هڪٻئي جي گلائن ۾ پورا
اٿو.“ ڪي ننڍيءَ دل ۽ مختصر لياقت وارا ماڻهو وري
اهڙا آهن، جو رڳو انهيءَ ڪري انهن صالحن ماڻهن جي
سڀاڳيءَ سنگت تي پيا خار کائيندا، جو هو پاڻ ان
سنگت ۾ شامل ٿي نه سگهيا هوندا ۽ ان کان الڳ رهجي
ويا هوندا. پر ڇا به هجي، ڪن گُن ۽ ڌُن وارن ماڻهن
جون سنگتون جيتريون پڪيون ۽ پختيون هجن، جيتريون
گهڻيون هجن، اوترو چڱو _ انهن لاءِ، انهن جي گُن ۽
ڌُن لاءِ، ۽ ان سماج ۽ ملڪ لاءِ به، جنهن ۾ اهي
موجود. اديبن جون، عالمن جون، فنڪارن جون، ۽ وطن
دوستن جون سنگتون ۽ سڀائون جيتريون گهڻيون،
جيتريون اثر واريون، جيتريون بي غرض ۽ با مقصد! ۽
جيتريون پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ محو ۽ مگن ڪنهن معاشري
۾ هجن، اوترو اهو معاشرو معتبر ۽ متبرڪ چئي سگهجي
ٿو.
ڪلا ۽ ڏات جا ڌڻي پاڻ ۾ ڪٿي اچي گڏ ٿين، سنگت قائم ڪري، پنهنجي
پنهنجي دلچسپ مقصد جي پورائيءَ لاءِ ڪم ۾ جنبي
وڃن، ۽ ڪم ڪندي، هڪٻئي کي واهه واهه چوندا رهن، ان
کان وڌيڪ ڪنهن سماج جو ٻيو ڪهڙو سڀاڳ ٿي سگهندو!
جيڪڏهن ڪنهن ملڪ مان، ڪنهن سماج مان، ڪنهن شهر مان
اهڙا سنگ بلڪل گم ٿي وڃن، ته اتي ڪنهن جوتيوان،
ڪنهن جولانيءَ جو گذارو ۽ هڪ مسافر جهڙو ئي وڃي ٿو
رهي، جو ڪنهن مسافر خاني ۾ ٻه پهر بسيرو ڪري،
پنهنجي راهه وٺي ويندو رهي.
پير صاحب ۽ اسان جي سنگت اهڙي ئي هڪ ٻئي جي ساراهه ڪندڙ ساٿين
جي سنگت هئي ۽ آهي. اسان جي سنگت ۾ رڳو پير صاحب ۽
آءُ نه، پر ٻيا به ڪيئي لائق ۽ فائق، صالح ۽ سڄاڻ،
ڌُني ۽ ڪلونت ساٿي گڏ رهيا، ۽ انهن سڀني گڏجي،
پنهنجي هن غريب پياري ديس ۾ هڪڙي اهڙي بيغرض ۽
بامقصد، پيار ۽ پورهئي جي سنگت قائم ڪئي، جنهن تي
پنهنجي توڙي پراون طرح طرح جا الزام هنيا ۽ اسان
کي طرحين طرحين تڪليفون ڏنيون؛ پر اهو سڀڪجهه
سهندي، سهائيندي، اسان جي سنگت پنهنجيءَ پر ۾ سنڌ
جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي ۽ علمي واڌاري ۾ پنهنجو
ڪم ڪندي رهي.
پير صاحب جو هن سنگت ۾ اسان سان گڏ رهڻ _ اسان جي رهبرن مان هڪ
رهبر جي حيثيت ۾ ۽ اسان جي ساٿيءَ جي حيثيت ۾ _
اسان سڀني لاءِ وڏي مان شان جي ڳالهه آهي. اسان
جون دليون هن اسان جي سڀاڳ تي خوشيءَ ۾ نٿيون
ماپن.
پير صاحب پورا پنجويهه سال شخصي طرح منهنجو محترم ۽ پيارو بزرگ،
دوست ۽ ساٿي رهيو آهي. آءُ کين سندن علمي حاصلات
تي ۽ اڄ جنهن عزت ۽ اقبال جي پد تي، پنهنجي محنت ۽
لياقت سان پاڻ بيٺل آهن، ان لاءِ کين دلي مبارڪون
ڏيان ٿو. آءُ سندن اڳيان محبت ۽ عقيدت سان پنهنجو
ڪنڌ جهڪايان ٿو.
(14 اپريل، 1974ع تي پير صاحب جي اعزاز ۾ تقريب جي موقعي تي
تقرير: سماهي ”مهراڻ“، 1_ 1974ع)
(2)
(پير صاحب جو) ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ اسان جي دور جو هڪ
اهم ڪتاب آهي. گذريل تقريباً ڏيڍ سؤ سالن جو عرصو
سنڌي معاشري لاءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تهذيبي
بالادستيءَ کان قدم بقدم آجائيءَ، ۽ اُن جي
پنهنجي وجود، پنهنجي ذات، جي وڌندڙ شعر ۽ جوهر
شناسيءَ جو عرصو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ عرصو، وري
به، سنڌي معاشرو ڌارينءَ تهذيبي بالادستيءَ کان
پوريءَ طرح آجو نه رهيو، پر هن ڀيري جنهن حڪمران
تهذيب سان ان جو واسطو رهيو، اها اڳئين زوال يافته
۽ پاروٿين بالادست تهذيبن جي ڀيٽ ۾ هڪ جدت پسند ۽
ڪشاده ذهن تهذيب هئي، ۽ انهيءَ ڪري ان نه فقط
پنهنجي تازه دم علم ۽ ادب جا دروازا سنڌي معاشري
لاءِ کليل رکيا ۽ ائين پنهنجي سڄي جديد عالمي
تجربي جي حاصلات کي استفادي لاءِ اُن جي آڏو آندو،
پر ان جي پنهنجي تهذيبي اظهار ۽ سماجي فروغ لاءِ
ان جي ٻوليءَ کي بنيادي ذريعو تسليم ڪرڻ سان اُن
لاءِ علمي ۽ ادبي ميدانن ۾ ۽ پڻ زندگيءَ جي ٻئي هر
شعبي ۾ ان جي ذاتي اقبال منديءَ ۽ پاڻ ڀرائيءَ جا
موقعا پيدا ڪيا. ان سلسلي ۾ پوءِ سنڌيءَ ۾، تعليمي
زبان طور، وڏو تعداد خاص طرح جديد علمي ڪتابن جو
تيار ٿيو؛ اعليٰ ادبي ڪتاب _ شاعريءَ جا ۽ نثر جا
_ گڏ ٿيا، ڪيئي ترجما ٿيا، سنڌي رسم الخط وجود ۾
آيو، سنڌي ٽائيپ ايجاد ٿي ۽ ڇاپخانا قائم ٿيا،
سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺهيو ۽ سنڌي شارٽ هينڊ ايجاد
ٿي، جُڳن کان لڪل ۽ وسري ويل قديم آثار ڳولي
پنهنجا ڪيا ويا ۽ صدين کان محفوظ صدري روايتون دل
جي ڪَنن سان ٻڌيون ويون ۽ انهن جي عظمت ۽ حڪمت کي
ساهه سان سانڍيو ويو _ ۽ ائين سنڌي معاشري
پنهنجي پاڻ تي نگاهه وڌي، پنهنجي ماضيءَ کي ڄاڻڻ _
ان تي خوش ٿيڻ ۽ پڻ شرمائڻ _ شروع ڪيو، پنهنجي حال
جو جائزو ورتو ۽ آئيندي جا خواب لڌا ۽ اهڙيءَ طرح
تاريخ ۾ هڪ پاسي ان پنهنجي وٿ ۽ ڪٿ ڪئي ۽ ٻئي پاسي
دنيا جي قومن ۾ پنهنجي جڳهه تلاش ڪندي، پنهنجي
لاءِ زندگيءَ جي ڪنهن نقش، ڪنهن ڍنگ، ڪنهن رخ جي
مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. قومي خود آگهيءَ جي هن
علمي، ادبي ۽ تحقيقي مهم ۾، ڪيترن پنهنجن ٻين لائق
۽ فائق هم قوم عالمن، اديبن ۽ محققن جي صف ۾ بيهي،
هڪ منزل تي راشدي برادران به پنهنجو ڀرپور حصو ادا
ڪيو _ ان ۾ هن ڪتاب جي صاحب، اسان جي محترم دوست ۽
بزرگ، ميان حسام الدين، جي ستيا ۽ سر سيتائي، ثابت
قدمي ۽مستقل مزاجي ته اڄ به سنڌ جي علم، ادب ۽
تحقيق جي دنيا ۾ هڪ سِڌانت سروپ روشن مشعل شمارجي
ٿي. هيءُ سندن ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، جنهن ۾
سندن عرق ريزيءَ جو جَسته جَسته ۽ ٽڙيل پکڙيل،
پنجاهه سالن جي لاڳيتيءَ مدت جو پڪل ۽ پيش ڪيل ثمر
(1930ع ۾ لکيل ”محمد عارف ’صنعت‘ شڪارپوري“ کان
1980ع ۾ لکيل ”ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“
تائين) گڏ ڪيل آهي، سندن ان لڳاتار ۽ اڻٿڪ فڪري
ڪوشش جوهڪ پڌرو رڪارڊ آهي، ۽ اُن ۾ سنڌ جي اُن
تقريباً ڏيڍ سؤ سال جي طويل خود آگهيءَ جي مهم جو
عڪس به پڙهي سگهجي ٿو.
تازون مون هڪ هنڌ پڙهيو ته بلغاريه ملڪ جي دارالحڪومت جي قومي
نشانن واريءَ ڍال تي هيءُ قول اُڪريل آهي ته ”هيءَ
(رياست) وڌي ٿي، وڏي ٿئي ٿي، پر پوڙهي ڪانه ٿي
ٿئي.“ بلغاريا جي رياست کي قائم ٿي 1300 سال ٿيا
۽ هن سال اُن پنهنجو 13_ سؤن سالگرهه ملهايو. دنيا
جا ٻيا ڪيئي ملڪ ۽ انهن جو رياستون به شايد اهڙي
ڪا دعويٰ ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪن به ٿيون؛ پر سوال آهي
ته جڏهن تاريخ جي عام فتوا، ۽ پڻ حقيقت، انهي
ڳالهه جي ابتڙ آهي، ته پوءِ اها قومن ۽ رياستن جي
ڪڏهن پوڙهي نه ٿيڻ جي دعويٰ ڇو ٿي ڪئي وڃي! اها به
حقيقت آهي ته ”هر شيءِ وقت سان گڏ هلي ٿي، نه ته
وقت اُن کي هلائي ڇڏي ٿو“، ۽ ڪيتريون رياستون ۽
قومون آهن، جي وقت سان گڏ نه هلڻ سبب، وقت جي هٿان
ڌڪجي، رستي کان هٽي، کڏ ۾ ڪري، ختم ٿي وڃن ٿيون. ۽
هيڏانهن اسان جي سنڌ ۽ سنڌي تهذيب به اها دعوا ڪري
ٿي ته اُها، ڪي سو ته ڇا ڪيئي هزار سال قديم آهي!
ته ڇا سنڌ ۽ سنڌي تهذيب به وڌي آهي، وڏي ٿي آهي،
پر پوڙهي نه ٿي آهي؟ ۽، واقعي پوڙهپڻ کان پوءِ شين
جو خاتمو به ته لازمي آهي! هڪڙي انگريز شاعر جا
لفظ، انهيءَ سلسلي ۾، مون پڙهيا، جيڪي ڏاڍا سوچڻ ۽
دل سان لائڻ جهڙا لفظ آهن. پنهنجي ملڪ انگلنڊ ۽
پنهنجي قوم انگريز بابت اهڙي ئي ”ڪڏهن پوڙهي نه
ٿيڻ“ جي ڳالهه ڪندي، هُن دعويٰ ڪئي.
“The glory of my land is the secret of youth,
To see at every sunrise, a new horizon…
To make the voyage of history,
Through a perpetual sea-spring.”
(”منهنجي ديس جي مهما، اُن جو جلال، اُن جي
جوانيءَ جو راز آهي_
هر نئين سج، ان جي نگاهه هڪ نئين اُفق تي پوي ٿي....
۽ تاريخ جي بحر تي ان جو سفر،
بحر تي سدا موجود بسنت رُت ۾ جاري آهي.“)
هيءَ نئين سج نئين اُفق تي نگاهه، هيءُ زندگيءَ جي سفر جو، سدا
بهار جي ترنگ ۾، جاري رهڻ _ واقعي وڌڻ ۽ وڏي ٿيڻ،
پر پوڙهي نه ٿيڻ، جهڙي ڳالهه آهي: قومي خيال کان ۽
پڻ انفرادي خيال کان ائين آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي
حالتن ۾ وقت سان اٽوٽ ناتو قائم رهي ٿو_ قوم جو ته
ائين آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي حالتن ۾ وقت سان اٽوٽ
ناتو قائم رهي ٿو _ قوم جو ته پڌري پٽ، پر فرد جو
موت کان پوءِ روحاني (فڪري، ذهني، تهذيبي) ورثي
سان ڀائيوار هئڻ جي صورت ۾ _ ۽ انهيءَ ئي انداز ۾
ساڳئي ملڪ بلغاريا جي خان اومرتاغ (814_1831) جو
ڇڏيل پيغام اڄ به سمجهي سگهجي ٿو: ”حافظي کي موت
تي فتح حاصل هئڻ کپي، انسان سٺي زندگي گذارڻ جي
باوجود مري ٿو وڃي ۽ ٻيو انسان جنم ٿو وٺي_ _ پوءِ
جي جنم وٺڻ واري کي اِهو ياد رکڻ کپي.“ پر هيءَ
”موت تي حافظي جي فتح“، ”هيءَ ”انسان جي سٺي
زندگي“، هيءَ ”سدا موجود بسنت رت ۾“ اڳتي وڌندڙ
زندگي، فقط ۽ فقط آزاديءَ جي زندگي يا آزاديءَ
لاءِ جدوجهد جي زندگي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اها ئي
پُر اعتماد ۽ پر اميد زندگي آهي_ ۽ فرد جي توڙي
قوم جي ”جوانيءَ جو راز“ به اهو ئي آهي. ۽ ڏسڻ ۾
ائين ٿو اچي ته انهيءَ سدا جوان (_انهيءَ ڪري، سدا
حيات) زندگيءَ جي ڳولائن ۽ سڪڙاتن لاءِ آزاديءَ
جي سکيا_ گهر ۾ سُورائتي سبق پرائڻ بلڪ سوريءَ
سزاوار ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو به ڪونهي_ ڇو ته
آزادي يا آزاديءَ لاءِ قرباني ئي هڪ بيمار قوم جي
روح کي اعتماد ۽ اميد سان آباد ڪري ٿي، آزادي ئي
ان کي انهن سڀني آزارن مان ڇڏائي سگهي جن ۾ اها هر
وقت ڦاسندي ۽ سڄو وقت لڇندي ۽ ڦٿڪندي رهندي آهي _
آزادي ئي آهي، جا غلام قوم جي سڀني سورن، سڀني
آزارن جو پختو ۽ پورو علاج آهي. غلاميءَ ۾ قومون
پنهنجن آزاد اديبن عالمن ۽ محققن کان محروم نه
هونديون آهن، ۽ اهي ئي هوندا آهن، جيڪي قوم جي اڄ
جو رشتو ان جي ڪالهه سان ڳنڍي، ائين ان جي حافظي
کي جاڳائي، ان جي اجتماعي تشخص کي اجاگر ڪندا آهن،
آزاديءَ جي بشارت سان ان ۾ نئون ساهه وجهندا آهن،
۽ ائين ان جي تاريخ لکندا آهن ۽ تاريخ بنائيندا به
آهن.
تاريخ کي، يعني وقت کي، حقيقتن کي قائم ڪرڻ ۽ بدلائڻ جي وڏي قوت
آهي. سماجي نقطي نگاهه کان، تاريخ يا وقت جي اها
قوت انسانن کي ئي استعمال ڪرڻي آهي ۽ انسان ئي
استعمال ڪن ٿا. ابتدا کان اڄ تائين، انسان پنهنجي
سڄي زندگي ۽ ان جون حقيقتون ائين وڌايون آهن، قائم
ڪيون آهن ۽ بدلايون آهن ۽ ان لاءِ هن جي پنهنجي
سوچ ۽ پنهنجي خيال ئي هن کي هر ڪرامت ۽ هر قدرت جو
ڪم ڏنو آهي. خيال ئي آهي، جو تقدير جي انڌ ۽ پاڻ
زورائيءَ خلاف سينو سپر ٿي بيهي ٿو ۽ ان کي بدلائي
ٿو، قبضي ۾ رکي ٿو ۽ ڪم آڻي ٿو. هونئن ته تاريخ جا
اڻ ڳڻيا ۽ انيڪ سبق آهن، جيڪي انسانن کي اها
سيکاري ٿي، ۽ ان جي سبقن جي اها ڪثرت ۽ انيڪتائي،
هيڪر ته ڪمزور ۽ تابع قوم کي منجهائي ۽ ملول ڪري
ٿي ڇڏي.
گهنگهريا گهڻ ڄاڻ، موڙهي مُت مهائيين.....
پر تاريخ جو مطالعو، بهرحال، غلام قوم لاءِ بيحد اهم ٿئي ٿو،
ڇاڪاڻ ته اهو ان کي هڪڙو سبق جو سبق. قومي ٻڌيءَ
جو سبق _ سيکاري ٿو، ۽ وڏي ڳالهه ته ان کي ان جو
بنياد به مهيا ڪري ٿو ڏئي، جنهن بنياد جي ان کي
گهڻي ضرورت هوندي آهي. محڪم ۽ وقت جي پاتار ۾ کُتل
ڪو خيال ئي هوندو آهي، جيڪو خاص طرح ڌڪيل انسانن،
مردن ۽ عورتن، ۽ سڄين قومن، کي تختي جو، تُرهي جو،
سالم ٻيڙي جو ڪم ڏيندو آهي، جنهن تي هر وقت ۽
حادثي جي آر تي ترندا آهن ۽ ان جا اجهاڳ وهه مان
نڪري اڳتي ٿيندا آهن. اهڙو ڪو بنيادي ۽ وقتائتو
خيال، اهڙي ڪا محڪم قومي شناس ۽ سمڪ به انهن کي
سندن تاريخ جي مطالعي مان ملندي آهي _ تاريخ، جنهن
کي جڳ مشهور تاريخدان، ايڊورڊ گَبِن،
A great panorama of a people’s fate
(”ڪنهن قوم جي تقدير جو وسيع مانڊاڻ“) ٿو سڏي_ ۽
پوءِ هو اهو ڪجهه ڪندا آهن، جو باندي انسان جي
تاريخ جي هر دور ۾ ڪندا آيا آهن ۽ جيڪو باندي
انسانن جو بنيادي ۽ جنمي حق آهي، جنهن کي آمريڪي
شاعر، والٽ وٽمئن ”او بغاوت جا ازل کان موجود مخفي
حق!“ چئي، پاڻ ڏانهن، ۽ دنيا جي باندي انسانن جي
واهر لاءِ، پڪاريو آهي.
انگريزن سنڌ کي آزاديءَ کان محروم ڪري، ان کي پنهنجي آزادي پسند
روايتن کان واقف ڪيو. يورپ تيسين پنهنجي جديد
تاريخ جي راهه ۾ پنج بنهه اهم ۽ وڏا قدم کڻي چڪو
هو، جن ان جي قومن کي سچ پچ به ته سرخاب جا پَر
لڳائي ڇڏيا هئا ۽ اهي دنيا جي قومن ۾ سرخروئيءَ ۽
انهن جي سربراهيءَ لاءِ تيار هيون. اهي پنج قدم
انساني ارتقا جا ڪي جهڙا تهڙا قدم به ڪونه هئا، پر
واقعي اهي غير معمولي، بلڪه عصر آفرين قدم هئا _
ڇو ته انهن سان يورپ کي، نئين سر، تاريخ جي، وقت
جي، اها قوت حاصل ٿي چڪي هئي، جنهن سان ان جا
ماڻهو يا ان جون قومون حقيقتن کي بدلائي به ۽ قائم
به ڪري ٿي سگهيون ان جا اهي قدم هي هئا: سجاڳي
(Renaissance,1400-1500),
اصلاح
Reformation, 1500-1600)،
صنعتي انقلاب
(Industrial Revolution, 1600-1700)
آمريڪا جي جنگ آزادي _ 1776ع، ۽ فرنيچ انقلاب_
1789ع. سجاڳيءَ جي تحريڪ، جنهن کي ”ذهني انقلاب
جي تحريڪ“ به سڏجي ٿو، تنهن يورپي معاشري جي آڏو
انساني فڪر ۽ عمل جا ٻه مسئلا حل ڪيا: پهريون
مسئلو هيءَ هو ته علم، پنهنجي سرشٽيءَ ۽ اوسر ۾،
ارضِي هو يا سماوي، ۽ چيو ويو ته علم ارضي هو _ جو
ڪجهه به علم سماويه ٿي چيو ويو، ان جو منڍ به
انساني ذهن هو، ۽ اندر جي ٻوجهه
(Intuition)
به انسان جي اندر جي ٻُوجهه ئي هئي؛ ٻيو مسئلو هو
ته انسان ارادي ۽ عمل ۾ مجبور هو يا مختار، ۽ چيو
ويو ته مختار هو _ انهن جي نوع يا دائري ۾ جا ڪجهه
انسان جي مجبوري هئي، ان کان آزاد ٿيڻ جا امڪان به
انساني قسم جا هئا ۽ انهن جي استعمال جو معاملو به
انساني معاملو هو. سجاڳيءَ جي هن تحريڪ يورپ جي
معاشري کي جا اخلاقي قوت عطا ڪئي، سا ٻٽي قوت هئي
۽ اُها هئي انسان شناسيءَ
(Humanism)
۽ فرد شناسيءَ
(Individualism)
جي قوت. ان کان پوءِ، يا ان سان گڏوگڏ، ”اصلاح“،
جنهن کي ”مذهبي انقلاب“ به سڏيو ويو آهي، تنهن وري
يورپ جي معاشري جي آڏو صدين کان رائج انسانن جي
مذهبي طرز فڪر جا ٻه مکيه مسئلا حل ڪيا: هڪڙو هو
انسان ۽ خدا جي تعلق جو، ۽ چيو ويو ته هُو سڌو يا
بلاواسطي هو ۽ اڻ سڌو يا بالواسطه، ۽ ٻيو هو نيابت
الاهيه ۽ اقتدار الاهيه جي دعوائن جو، جن لاءِ چيو
ويو ته اهي الڳ الڳ ڳالهيون نه هيون، پر لازم
ملزوم بلڪه هم معنيٰ ڳالهيون هيون. پهرئين مسئلي
جي حل جي نتيجي طور مذهب سياست کان الڳ ٿيو ۽ فرد
جو واسطو خدا سان براهه راست موجود سمجهيو ويو، ۽
ٻئي مسئلي جي حل سان ”سلطانيءَ جمهور“ جي ڳالهه
صاف ٿي، يعني هيءَ ڳالهه ته حڪومت، جا، بهرحال،
انساني ئي رهڻي هئي، ان جو اقتدار ڪنهن فرد کي يا
ڪن فردن کي انسانن هٿان ئي منتقل ٿيو ٿي ۽ نه خدا
کان _ ڇو ته نيابت الاهيه ”انسان“ لاءِ يعني
”انسانن“ لاءِ هئي، نه ڪنهن خاص فرد يا فردن جي
ٽولي لاءِ _ مطلب ته بادشاهن يا آمرن جي ”خدائي
سَنَد“
(Divine right of kings & dictators)
يا ”مامور من الله
(Appointee of God)
واري دعويٰ ختم ٿي. ٻين لفظن ۾، مذهبي اصلاح جي
تحريڪ سان يورپ جون قومون ارضيت يا دنيويت
(Secularism)
۽ جمهوريت
(Democracy)
سان روشناس ٿيون. ”سجاڳيءَ“ ۽ ”اصلاح“ جون هي
تحريڪون دراصل پادريت جي (علمي) جهالت، (قولي)
منافقت ۽ (عملي) مردوديت ۽ ان جي فڪري بگاڙ ۽
ابتريءَ جي خلاف احتجاج جون تحريڪون هيون. هنن ئي
مسئلن جا لڳ ڀڳ اهڙا حل يورپ جي هنن تحريڪن کان
ڪيئي سَوَ سال اڳ اسلام به دنيا کي پيش ڪري چڪو
هو، (جنهن انساني فڪر ۽ عمل جي اصلاح يا تزڪيي جي
سلسلي ۾ مذهبياتي انقلابي سلسلي جي خاتمي جو اعلان
ڪيو)_ ايتري قدر، جو يورپ جي انهن تحريڪن جي فڪري
محرڪات جا بنياد اسلام جي انهيءَ اصلوڪيءَ ڪشاده
ذهن ۽ آزادي بخش تعليم ڏانهن به منسوب ڪيا ويا
آهن: ۽ دراصل اِهي حل خود مسيحي تعليم ۾ پڻ، ڪجهه
واضح ۽ ڪجهه ابهامي انداز ۾، موجود ئي هئا_ جيئن
”اصلاح“ جا مفڪر ۽ دانشور پنهنجي پنهنجي اهڙي موقف
جا حوالا ۽ سَندون مسيحيت جي ڪتاب مقدس يعني
بائيبل مان ئي وري وري ڪڍي، پادرين ۽ پنهنجي
ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندا ٿي رهيا. ۽
انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ته خود اسلامي پادريت
(ملائيت) جيڪا، مسيحي پادريت وانگر ئي، پوءِ جي
وقت ۽ حالتن جي بگاڙ ۽ پستيءَ جي پيداوار هئي،
انهن مسئلن جا اهي ترقي پسند حل وساري، اهي ئي
انهن تاريڪ ذهن مسيحي پادرين جا قرون وسطيٰ وارا
جاهلانه، منافقانه ۽ شاطرانه حل پنهنجي پنهنجي خود
ساخته فقهي تعليم مان اخذ ڪري، وقت جي اقتدار
ابليسيه جا همدم، هم مجلس ۽ سڻڀ ۽ سرسائيءَ ۾
حصيدار بنيا بيٺا رهيا، ۽ نتيجي طور، نه هو پاڻ،
جيڪي پاڻ کي ”معرفت الاهيه جا امين“ سڏيندا هئا، ۽
نه سندن اهي انسان ناشناس ۽ فرعون طبع جا حاڪم
جيڪي ”اقتدار الاهيه“ جا دعويدار هئا ۽ جن کي هنن
”ظل الله“ ٿي سڏيو، انگريزن جي غلاميءَ کان سڌ کي
بچائي سگهيا_ ڇو ته هو ائين ڪرڻ کان قاصر هئا. _ڇو
ته انگريز پوئتي خود پنهنجي معاشري ۾، سندن ئي
جهڙن باطل ظل الاهين ۽ عرفان الاهيه جي دعويدار
منافقن ۽ اقتدار پرستن کي ڊوڙائي ڊوڙائي، ڪيرائي،
زمين دوز ڪري آيا هئا. ۽ ان کان وڌيڪ، هي انگريز
صنعتي انقلاب جي سائنسي قوت پيداوار ۽ اعليٰ هنر ۽
حرفت جا صاحب هئا، ۽ آمريڪا جي جنگ آزاديءَ ۽
فرنيچ انقلاب جي قومي ۽ انساني حقن ۽ سماجي انصاف
جي اصولن جا حامي نه، ته به واقف ضرور هئا. پوءِ
جڏهن هتان جا محڪوم پنهنجن حاڪمن کي منهن ڏيڻ جهڙا
ٿيا، تڏهن جڳ مشهور شيڪسپيئر جي ناٽڪ
“Tempest”
جي ڪردار، وطن ۾ بي وطن ”غلام“
(Caliban)
وانگر، کين حاڪمن جي اها آزاديءَ ۽ انساني حقن جي
”ٻولي“ ڪم آئي، ۽ ان ۾، مدمقابل بيهي، هنن سان هو
پنهنجي ”مسئلي“ جو نبيرو ڪرڻ لڳا. قومي مئسلي جو،
قومي وجود، ان جي وقار ۽ ان جي زندگيءَ جي مسئلي
جو. ۽ اهو سندن بزرگن، اديبن، عالمن ۽ محققن جي لڳ
ڀڳ هڪ سؤ سالن جي ڪم جو ڪرشمو هو (جن سان هن ڪتاب
جي صاحب عاليجناب پير حسام الدين راشديءَ جهڙا
ڪيئي محب وطن، مخلص ۽ محنت ڪش اديب ۽ عالم، پنهنجي
پنهنجي واري سان، شامل ٿيندا رهيا)، جو هتان جي
ماڻهن ايتري قدر ۽ انهيءَ نوع ۾ پاڻ سڃاتو، ۽ نيٺ
دنيا جي هن هيڻي ۽ خاموش خطي ۾ به باندين جا هڪ
ڀيرو ٻيهر بند خلاص ٿيا ۽ پنهنجي ست سمنڊ پار
حاڪمن کان هنن آزادي حاصل ڪئي. |