پير صاحب جي هن ڪتاب ۾ سندن زندگيءَ جي پوريءَ اڌ صديءَ جي
پورهئي جو جي ڪل ثمر نه ته ان جا ڪي امل ۽ روشن
آثار ته ضرور گڏ ڪيل آهن. پڙهندڙ دوست ڏسي سگهندا
ته هن ۾ سندن هر مضمون ڪيڏي هيج ۽ محنت جي پيداوار
آهي ۽ ڪيڏو نه اُن ۾ پيار جو پورهيو سمايل آهي. هر
نيڪيءَ جو ڪم، هر نيڪ ڪم، بنيادي طور خوشيءَ جو ۽
خوشي ڏيندڙ ڪم ٿئي ٿو _ ڪم ڪندڙ لاءِ ۽ پڻ ٻين
لاءِ. ان مان ملندڙ اها خوشي ئي ان جي بهتر کان
بهتر ٿيڻ ۽ ٿيندي رهڻ جو سبب هوندي آهي ۽ ضمانت
به. اِن طرح ماڻهوءَ لاءِ ڪم سان تعلق جي هر گهڙي
نئين دريافت جو هڪ تجربو هوندي آهي: هر خيال ۽
عمل جي تخليق جو منطق ۽ ساج سٽاءُ اهو هوندو آهي.
بائيبل ۾ آيل آهي ته جڏهن پهرئين ڏينهن ”خدا ڏٺو
ته..... اوندهه هئي، تڏهن چيائين ته روشني ٿئي، ۽
روشني (تخليق) ٿي، ۽ ڏٺائين ته اها سٺي هئي!“
اِئين ٻئي ڏينهن، ٽئين ڏينهن، چوٿين، پنجين ۽ ڇهين
ڏينهن خدا پنهنجي هر (تخليق جي) ڪم کي ڏسندو ۽ خوش
ٿيندو رهيو _ ۽ ڇهين ڏينهن ته ”سڄي پنهنجي ڪم تي،
جو هن بڻايو هو، نظر وڌائين، ۽ ڏٺائين ته اهو ڏاڍو
سٺو هو!“ مطلب ته ڪم مان خوشي ۽ ڪم جو هيج _ اهي
ئي ڪم کي عظمت (سٺائي) ۽ اهميت ڏين ٿا_ ۽ ائين ڪم
مان ئي اُن جي ڪندڙ جو قدر ٿئي ٿو ۽ هن کي اهميت
ملي ٿي. ڪم جو اصل اُجورو يا عيوض به اهو ئي آهي.
ڪا هستي، ڪا شيءِ يا ڪو ماڻهو ڇا آهي، اِها ڪا وڏي
ڳالهه ڪانهي _ ڪنهن لاءِ به. وڏي ڳالهه هيءَ آهي
ته ڪا هستي، ڪا شيءِ، ڪو ماڻهو ڇا ٿو ڪري. ڪم ۽ ڪم
ڪندڙ جو، پورهئي ۽ پورهيت جو قدر ائين ٿئي ۽ انهن
جي اهميت جو تعين اِئين ٿئي، انساني وٿ جو هي
مسئلو معاشري ۾ جيتريءَ حد تائين انهيءَ طرح حل
ٿيندو ۽ عمل ۾ ايندو، انساني تهذيب جي ارتقا جي
اُهائي حد اُن معاشري جي طيءِ ٿيل شمار ٿيندي.
علم، ادب ۽ فن جي دنيا ۾، بهرحال، ڪم ۽ ڪم ڪندڙ جي
وٿ ۽ اهميت جي فيصلو فقط ۽ فقط انهيءَ ڪسوٽيءَ تي
ئي جائز تسليم ٿيل آهي _ ڇو ته اِها دنيا انساني
تهذيب جي مثالي دنيا آهي، ان جو معراج جي تصور جي،
خواب جي، دنيا آهي. مون کي يقين آهي ته سنڌ جي ان
مهذب دنيا ۾ پير صاحب جي هِن ڪم جو ۽ سندن ٻئي سڄي
علمي ۽ ادبي ڪم جو قدر به، ڪَٿ ۽ سڃاڻپ جي انهيءَ
ماڻَ تي ٿيندو.
ڪــاپـــائــتــي سڀــڪا _ ڪـتـي سيباڻي،
ڄاتو جن ڄاڻي، تن هٿان پهي نه ڇڏي.
شاهه
هن پيش لفظ لکڻ لاءِ جڏهن پير صاحب مون کي چيو، تڏهن
هيڪر ته آءٌ سهمجي ويس _ ڇو ته زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو
اهم سبق مون هيءُ به سکيو آهي، ۽ ان تي ڪافي
سختيءَ سان عمل پيرا به پئي رهيو آهيان، ته پنهنجي
وِت اندر رهجي (وت کي وڌائبو ضرور رهجي، پر وت کان
ٻاهر نه وڃجي) _ ڇو ته ان ۾ ئي ڀرم رهي ٿو ۽ ڀلائي
به ان ۾ آهي. پر هڪ ته پير صاحب سان جيئن ئي
منهنجي ڄاڻ، 1949ع کان سنڌي ادبي بورڊ جي وجود ۾
اچڻ سان ٿي، تيئن ئي کين مون پنهنجي زندگيءَ جي
دلي مقصد جو پختو ۽ مخلص ساٿي سمجهيو، ۽ ٻيو ته ان
سلسلي ۾ منهنجي دل ۾ مزيد هڪڙي چوڻ جهڙي ڳالهه
هرندي ٿي رهي، سا سندن پيش ٿيندڙ هن ڪم جي حوالي
سان آءُ چئي ٿي سگهيس_ ۽ ان جي چوڻ جو موقعو، جو
پير صاحب جن پاڻ حڪماً مون کي ڏنو، سو ان موقعي جي
ملڻ تي، ڪجهه سهمجي پر فوراً ئي پوءِ، پير صاحب
جون هي ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ٻيهر وري وري پڙهيم
(_ڇو ته انهن مان تقريباً اڌ کن منهنجون اڳي به
پڙهيل بلڪ پاڻ پنهنجي هٿن سان، خاص طرح سماهي
”مهراڻ“ ۾، ڇاپيل ۽ شايع ڪيل هيون)، ۽ پاڻ کي سندن
شڪر گذار ٿيندي محسوس ڪيم، ۽ واقعي به سندن تهدل
شڪر گذار آهيان، جو پاڻ مون کي هيءُ اعزاز
بخشيائون ۽ هيءُ موقعو ڏنائون، جو سندن هي
”ڳالهيون“ مون وري وري پڙهيون ۽ انهن بابت هي ٻه
اکر لکيم_
ڪــانـگا ڪتابت جي آنديئي خــوب خبر،
هنئڙو مون هر هر، واچيو واچيو وندري!_ شاهه
۽ ائين جيڪا ڪجهه ڳالهه مون کي به چوڻي هئي، سا _ ڪچي ڦڪي، پوري
اڻ پوري_ چئي دنگ ڪيم. مون کي يقين آهي ته پير
صاحب کي اِها وڻندي، پر جي ڪتاب جي پڙهندڙن کي به
وڻي ۽ ڪتاب ۾ آيل ڳالهين جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ (جي سڀ
اسان جون پنهنجون ۽ اسان جي پنهنجي ماضيءَ جون ئي
ڳالهيون آهن) اها کين ڪجهه مدد به ڏئي، ۽ اسين سڀ
پنهنجين اِنهن ڳالهين کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ همدم ۽
يڪدل ٿي وڃون، ته آءُ پاڻ کي ته ڀاڳ وارو سمجهندس،
پر پير صاحب کي به پنهنجي ايڏي ڪشالي ۽ عرق ريزيءَ
جو ڪافي ڪجهه صلو ملي ويندو_
از عشوه هاي ساقي کارم نمي کشايد،
اي دوستان خدارا يک جام دوستگاني.
از تار ارغنوني در جنبش آر مطرب،
وز نغمہ هاي تر کن با روح همزباني. _ فيضي
حيدرآباد سنڌ
12_9_1981ع
(3)
حسام الدين سچ پچ هڪ وڏو ماڻهو هو. هو هڪ وڏو عالم هو. هو هڪ
وڏو ليکڪ هو. هو بنهه هڪ املهه ۽ اڻلڀ دوست هو.
زندگيءَ سان هن جا ڪي ٻول ٿيل هئا. انهن مان هن جو
پهريون ۽ سڀ کان اڳرو سنڌ سان پيار جو ٻول هو، سنڌ
جيڪا هن جي ماترڀومي هئي. هن جو سنڌ جي ماڻهن سان
سندن سک ۽ ڀلائيءَ جو ٻول هو _ جمهوريت، دنيويت ۽
ڀائيچاري جي ڀلائيءَ جو ٻول. هو امن جو شيدائي هو،
۽ ڪنهن به انساني سطح تي ڪنهن به پختي ۽ پائدار حق
يا قدر جي تخليق ۽ دفاع لاءِ ٻي ڪنهن زور يا طاقت
جي بدران فقط ۽ فقط قلم جي طاقت ۽ زور ۾ هن جو
ايمان هو. ۽ ان ڏس ۾، هو هڪ پختو ۽ ثابت قدم،
ديانتدار ۽ بيخوف قلم جو صاحب هو. هڪ منزل تي، مون
هن کي ”پورهيت اديب“ سڏيو هو، ۽ تحقيق هو هڪ
پورهيت اديب هو ۽ سڄي زندگي هو ائين رهيو. اوڻيهن
سالن جي عمر ۾ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ هڪ ”طالب علم“
جي حيثيت ۾، هن پنهنجي ڪم جو ائين آغاز ڪيو، ۽ آخر
تائين هو ايڪهتر ورهين جي پڪيءَ عمر تائين پهتو،
هو پنهنجي ان ڪم ۾ ائين ئي مصروف رهيو.
هن جو ٻيو ٻول بني نوع انسان سان سندن خير ۽ خوشحاليءَ جو ٻول
هو، ۽ ان ڏس ۾ هن، پنهنجيءَ پر ۾، بين الاقوامي
طور، پاڪستان جي اندر ۽ پڻ ٻاهرينءَ دنيا ۾،
مفاهمت، سهڪار، امن ۽ انصاف جي جذبي کي فروغ ڏنو _
پنهنجين سگهارين تقريرن ۽ تحريرن وسيلي، ۽ اِن ۾
هن جو ڪردار سنڌ جي لافاني تهذيب جي هڪ هوشمند
پياميءَ ۽ ترجمان جو ڪردار رهيو _ سنڌ جي اها
تهذيب، جنهن جا بنياد اندر جي مريادا ۽ فضيلت تي
بيٺل آهن، نه ڪنهن ڍونگ يا مِکر تي ۽ نه ٺلهين ڪن
اوچين دعوائن ۽ ڏيک جي ٻاهرين چَڪمن ٿي، جن مان
جيڪڏهن ڪا شيءِ اڀري سگهي ٿي ۽ وڌي سگهي ٿي ته فقط
هوڏ، ڌڪار ۽ ڏهڪاءُ: انساني لحاظ، محبت ۽ خير ته
ميوا هوندا آهن سڀ سان ملي هڪ ٿيڻ ۽ سڀ جي
شيواڌاري ۽ خيرخواه بنجڻ جي ذوق ۽ ارادي جا _ ته
جيئن زندگيءَ جي موجود ۽ سدا وڌندڙ چڱائيءَ ۽
سڦلتا مان سڀيئي پنهنجو حصو کڻن _ جيڪو ارادو ۽
ذوق انسان جي انسانيت يا فضيلت جو ئي عڪس هوندو
آهي، جنهن کي اسين پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ”ماڻهپو“
يا ”ساڃاهه“ به سڏيون ٿا.
حسام الدين پير به هو ۽ سيد به _ هنن لفظن جي نج ادبي ۽ علمي
معنيٰ ۾ جنهن انداز ۾ انهن جي اصل معنيٰ آهي ”ڏاهو
۽ تجربيڪار“ ماڻهو، هڪ ”شريف ۽ مهذب“ انسان. پر هو
”پير“ يا ”سيد“ سڏجڻ کان هٻڪندو هو، اصل ائين چئجي
ته ڀڄندو ۽ ونءُ ويندو هو_ اُنهي منافقت،
شعبديبازيءَ ۽ چسائپ جي ڪري، جيڪي انهن ٻن عزت دار
لقبن سان رلجي، هڪ ٿي، اڄ انهن جون خاص صفتون بنجي
ويون آهن، ۽ پڻ انهن هٻڇي، دشٽ ۽ دهمان باز سماجي
ڪردارن جي ڪري، جيڪي انهن لقبن جي مالڪن (ڏاڍين ڪن
شريف استثنائن سان) تاريخ ۾ ادا پئي ڪيا آهن، ۽ اڄ
جي زندگيءَ ۾ به اهي (وري به، ڪن شريف استثنائن
سان) چوڌاري ادا ڪندي ڏسجي رهيا آهن. ۽ هن ڳالهه ۾
حسام الدين هڪ باغي هو _ پير شاهيءَ جي خلاف، جڏهن
ان روحانيت ۽ روحاني علم ۾ پنهنجي اَچُوڪتا جون
دعوائون ۽ انسان ۽ خدا جي وچ ۾ پنهنجي عيوضپڻي ۽
وچتو هجڻ جون دعوائون ٿي ڪيون، ۽ سيد شاهيءَ جي
خلاف، جڏهن ان زندگيءَ _ مسلم معاشرتي زندگيءَ _ ۾
پنهنجي خصوصي درجي ۽ رعايت جي موروثي حاصلات ۽
حقداريءَ جون دعوائون ٿي ڪيون. بلڪه ان ڏس ۾، هو
هر انهيءَ رعايت ۽ اختيار جي خلاف هوندو هو، جن
جون پاڙون بي حاصل ۽ ڀُتيءَ ”اصليت“ ۽
”سرشتيبازيت“ ۾ کتل هيون، ۽ اهي ماڻهو يا گروهه
جيڪي انهن ٻنهي جي رکوال ۽ پير مغان هجڻ جون
دعوائون ڪندا هئا، تن کان فطرتاً هو ڇرڪندو هو ۽
پري ڀڄندو هو.
حسام الدين علم جو هڪ ذهين متلاشي ۽مطالعي جو پُرذوق ۽ اورچ
ماهر هوندو هو. سنڌ جي علم ۽ ادب جي دنيا ۾ اسين
ٽيهن سالن کان به وڌيڪ عرصو ساٿي ۽ همڪار ٿي
رهياسين، ۽ آءُ ان ڳالهه جو ذاتي طور شاهد آهيان
ته هو ڪيئن، جيئن پوءِ تيئن، هڪ پورهيت قلمڪار جي
طور وڌ کان وڌ فڪري معيار ۽ فني لياقتون حاصل ڪندو
رهيو _ سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي ٽنهي ٻولين ۾، جن
۾ هو لکندو هو، پنهنجي وڌندڙ اظهاري صلاحيت جي
خيال کان، توڙي پنهنجي سماجي شعور ۽ فليسوفي ڄاڻ ۾
وڌندڙ ادراڪ ۽ چٽائيءَ جي خيال کان، جن جي سهاري،
هن سموري موجود ٿي سگهندڙ تاريخي مواد کي جانچيو ۽
وري جانچيو، ان جو مطالعو ڪيو، ان کي سهيڙيو،
پرکيو ۽ سمجهيو، ۽ پنهنجي ان سڄي تحقيقي ڪم ۾ هو
تاريخ جو هڪ بنيادي سبق اُجاريندو ۽ صاف ڪندو ۽
پيش ڪندو رهيو ته انسان ئي، فرد توڙي اجتماع جي
حيثيت ۾، هن ڪائنات ۾، پنهنجي تقدير جو واحد معمار
۽ تبديل ڪندڙ وسيلو هو.
حسام الدين، ٻين ڪيترين علمي ۽ ادبي جماعتن ۽ ادارن سان وابسته
هئڻ سان گڏ، ڪيترائي سال پاڪستان _ سوويت فرينڊ شپ
سوسائٽيءَ جي ڪراچي شاخ جو صدر رهيو ۽ ان حيثيت
سان هُن پاڪستان ۾ سوويت عوام جي وچ ۾ دوستيءَ ۽
خير سگاليءَ جي ناتن کي مضبوط ڪيو، ۽ ان مان هُن
جي انهن خطرن ۽ موقعن جي تيز احساس ۽ شعور جي ساک
ملي ٿي، جن سان جديد دنيا جا پوئتي پيل ملڪ دوچار
آهن _ جديد دنيا، جيڪا زندهه ۽ تازه زندگيءَ جي
ايوان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڄ مستقبل جي چائنٺ تي
پنهنجو هڪ پير رکيو بيٺي آهي.
اسين، دنيا جي هن پنهنجي حصي ۾، شخصن سان پاڻ کي وڌيڪ ٻڌل رکون
ٿا_ بلڪه انهن کي چنبڙي ٿا پئون، پر هُنن جا خيال
ڇا آهن، مقصد ڪهڙا آهن، يا انهن لاءِ هو ڇا ٿا ڪن،
ان جو ڪو خاص خيال ڪونه ٿا رکون. انفرادي زندگي
گهڻو وقت جٽاءُ ڪانه ٿي ڪري، پر ان جون ذميداريون،
ان جا فرض ۽ ان جا واسطا اسان لاءِ وڏي اهميت رکن
ٿا _ نه رڳو جيتر اُها قائم ٿي رهي، پر اُن کان
وڌيڪ جڏهن اُها ختم ٿي وڃي ٿي، ۽ پوئتي اُها
پنهنجا ڊپ ۽ گمان، وسوسا ۽ سوال ڇڏي وڃي ٿي، جن جا
بار اسان کي کڻي، اڳتي هلڻو آهي، ۽ پڻ اُها
پنهنجون ڊپ ۽ گمان، وسوسا ۽ سوال ڇڏي وڃي ٿي، جن
جا بار اسان کي کڻي، اڳتي هلڻو آهي، ۽ پڻ اُها
پنهنجون ڪاميابيون ۽ پنهنجون اميدون ۽ پنهنجا خواب
اسان لاءِ، اسان جي وسيلن ۽ اسان جي حاصلات طور
اسان وٽ ڇڏي وڃي ٿي، ته اسين انساني رهت جي هن
گڏيل مهم کي ڪجهه وڌيڪ سوڀائتو ۽ سکدائڪ، ڪجهه
وڌيڪ ڦلدائڪ ۽ زيبائتو بڻايون _ جيئن اُها اسان
کي، اسان جي پنهنجي ڀيري، ورثي ۾ ملي هئي، ان کان
وڌيڪ سوڀائتو ۽ ڦلدائڪ.
حسام الدين زندگيءَ جي هن هلندڙ مهم ۾ اسان جو هڪ بيحد پيارو ۽
ڏاڍو هڪ لائق ساٿي هو، ۽ هن پنهنجي حصي جو ڪم ڏاڍي
شاندار طريقي سان پورو ڪيو _ ڪيترا نه اسان سڀني
جي آڏو بند هئا، ڪيتريون نه اسان کي آڏو رنڊڪون ۽
پائبنديون هيون! هن اسان وٽ پنهنجا قيمتي ڪتاب
ڇڏيا آهن _ ڇپيل ۽ قلمي صورت ۾. سڀ کان وڌ هن اسان
وٽ پنهنجا اعليٰ امنگ ڇڏيا آهن، جن کي کڻڻو آهي ۽
اڳتي وڌڻو آهي. هو جن ڳالهين لاءِ جيئندو هو، ۽ جو
ڪجهه انهن لاءِ ڪري سگهيو، تن لاءِ اسان جي قدر
شناسيءَ ۽ احترام جي سچي پرک هن ۾ آهي ته هن جي
اعليٰ آدرشن سان اسين پاڻ کي ڪيتري قدر ڳنڍيل رکون
ٿا ۽ انهن لاءِ اسين ڇا ٿا ڪريون_ ۽ مشترڪ مقصد جي
حاصل ڪرڻ ۾ هن جي ڪيل ڪم مان اسين ڪيترو وڌيڪ ڪم
ٿا وٺون_ اهو گڏيل ۽ مشترڪ ڪم، جنهن هن جي
موجودگيءَ ۾ اسان کي همسفر ۽ يڪمشت رکيو، ۽ پڻ هن
جي غير موجودگيءَ ۾ اسان کي هن سان يڪمشت ۽ وابسته
رکي سگهندو. ۽ ان ڏس ۾ اسين سچ پچ ته فقط هيءُ ڪري
سگهون ٿا ته پنهنجي يقين ۽ پنهنجي اعتماد ۽ پنهنجي
پورهئي کي مشترڪ مقصد جي حاصلات لاءِ وقف رکون.
هي پنهنجا ٿورا لفظ آءُ اسان جي نيڪ ۽ سٻاجهي دوست حسام الدين
راشديءَ جي اعليٰ ياد آڏو پنهنجي شخصي عقيدت ۽
احترام طور نذر ٿو رکان.
(”پاڪستان سوويت فرينڊ شپ سوسائٽيءَ“ طرفان سڏايل تعزيتي
گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيل انگريزي تقرير جو سنڌي ترجمو_)
(ڪراچي: 26_ اپريل، 1982ع)
(4)
پنهنجي بزرگ ۽ دوست، حسام الدين، سان ٿيل ڪچهريون ۽ انهن جون
ڳالهيون ته ڪيئي مون کي ياد آهن، پر ڪي انهن مان
آءُ خاص ۽ وڏيءَ اهميت جون سمجهان ٿو. آءُ ائين ٿو
ڀانيان ته جيسين ساڻن ٿيل اُهي ڳالهيون ۽ ڪچهريون
مون کي ياد آهن ۽ منهنجو حافظو مون ساڻ آهي،
تيسين، ذاتي طور، حسام الدين مون لاءِ جيئرو آهي.
۽ ائين منهنجا ٻيا به ڪيئي دوست ۽ بزرگ جيڪي
منهنجي سانڀر ۾ گذاري ويا آهن، ۽ پڻ اهي بيشمار اڻ
ڏٺل، اڻ واقف انسان، جن سان آءُ سندن ڪتابن ۽ ڪمن
ذريعي واقف آهيان، اهي به مون لاءِ اهڙا ئي جيئرا
آهن. ائين، جيسين ڪن جي ياد جيئري آهي، تيسين اهي
جيئرن لاءِ جيئرا رهن ٿا. انهيءَ ڪري ئي انسان ذات
کي ۽ ان جي قومن کي پنهنجي ماضي کي ۽ ان جي تجربي
۽ ڏات کي ياد رکڻو پوندو آهي، ته جيئن هو بي حس،
بي خبر ۽ بي بنياد رهجي نه وڃن ۽ هيڻائي ۽ موت مٿن
غالب پئجي نه وڃي ۽ غلامي ۽ حيوانيت، جيڪا موت کان
وڌ بدتر آهي، سندن مقدر نه بڻجي وڃي.
مون کي هڪڙي اهڙي خاص ڪچهري، ۽ ان جي هڪ تمام اهم ڳالهه به،
جيڪا ياد آهي، جا منهنجي ۽ حسام الدين جي وچ ۾ ٿي
هئي، سا تاريخ جي اِن سوال بابت هئي ته ”تاريخ
جانبدار هئي يا غير جانبدار!“ سن 1955ع ۾ حڪومت
پاڪستان جي وزارت تعليم کان، حسام الدين جي دل
گهرئي دوست، حڪومت پاڪستان جي تڏهوڪي سيڪريٽري
ماليات ممتاز حسن، ذريعي، ۽ حسام الدين جي ئي تحرڪ
سان، سنڌي ادبي بورڊ کي چئن سالن لاءِ ”قومي تاريخ
۽ ادب جي فروغ“ جي هڪ اسڪيم لاءِ گرانٽ مليو هو.
حسام الدين کي تاريخ سان بيحد دلچسپي ۽ اُنس هو ۽
تاريخ جي سچ ۽ غير جانبداريءَ کي پاڻ پنهنجو
آئيڊئل، پنهنجو آدرش، مڃيندا هئا. سو مون، جو کين
چيو ته تاريخ جو ڪوبه هڪ سچ ڪونه هو، ۽ ڪابه تاريخ
غير جانبداريءَ سان لکي نه ويئي هئي، نه لکي ويئي
ٿي ۽ نه ئي ان جو ائين لکجي سگهڻ ممڪن هو، ته حسام
الدين هڪدم گنڀير بلڪه ششدر ٿي ويو هو.
ٻي ڪچهري ۽ ان جي ڳالهه جيڪا مون کي خاص طرح ياد آهي_ ۽ اها به
انهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي، جيتوڻيڪ اڄ هتي جيڪا
خاص ڳالهه مون کي اڳتي ڪرڻي آهي اسان اُن جو ڪو
خاص واسطو ڪونهي_ سا ٺٽي ننگر کان ڪراچيءَ گڏ
ايندي، جيپ ۾، حسام الدين سان منهنجي ٿِي هئي. ٺٽي
ننگر اسين علمي ۽ ادبي مخطوطن ۽ تاريخي دستاويزن
وغيره جي تلاش ۽ حاصلات لاءِ ويا هئاسين، ۽ موٽندي
پاڻ ڳالهين ڳالهين ۾ بورڊ جي رسالي، سماهي
”مهراڻ“، جي ادارت جي ڳالهه ڪڍي هئائون. بورڊ جي
هڪڙي ميمبر صاحب کي رسالي لاءِ منهنجي ايڊيٽر هجڻ
تي وڏو اعتراض هو، ۽ ان ميمبر سان منهنجا ذاتي
تعلقات به ڏاڍا ويساهه ڀريا ۽ چڱا هئا. حسام الدين
جي مَن تي ان صورتحال جو ايترو ڪو تاثر هو، جو رد
عمل طور، وري وري، مجموعي نموني، انسانن لاءِ
پنهنجي نراسائيءَ ۽ ناراضگيءَ جو اظهار پئي
ڪيائون. ۽ پوءِ، انساني سڀاءَ ۽ ورتاءُ بابت عمومي
طور ۽ رسالي ”مهراڻ“ جي ادبي ۽ علمي مواد جي
انتخاب ۽ ترتيب وغيره بابت سڄي واٽ ڳالهه ٻولهه
ٿيندي رهي، ۽ آخر ۾ سهمت ان تي ٿياسين ته انساني
سماج ۾ انسانن جو هڪ ٻئي ۾ اعتماد لازم هو ۽ هڪٻئي
جي نيڪيءَ ۾ ماڻهن جو يقين ۽ ماڻهن جو ماڻهن ۾
اميدون به بجا هيون: يڪطرفي برتريءَ جو احساس ۽
بالادست مفادي ارادا البت هئا، جن شخصن ۽ طبقن کي
پنهنجن زيردستن ۽ تابعدار پاڻ جهڙن انسانن ۾ بي
اعتماديءَ، شڪ ۽ نااميديءَ جي اظهار تي آماده ڪيو
ٿي _ انهيءَ لاءِ ته اهي هيڻا ماڻهو سندن
تابعداريءَ ۽ غلاميءَ ۾ ساڻن ويساهه گهاتي نه ڪن۽
بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ چپ چاپ سندن نوڪري ڏيندا رهن، بلڪ
”بيوفائيءَ“ ۽ ”نمڪ حراميءَ“ جي الزامن کان بچڻ ۽
آقائن وٽ سرخرو رهڻ لاءِ سدائين اُهي پنهنجي ٻيلپي
۽ ٻانهپ ۾ پڪا ۽ سرگرم رهن! ”مهراڻ“ جي ادارت بابت
مون کين پنهنجو رايو هيءُ ڏنو هو ته بورڊ جو اهو
اسان جو مهربان ميمبر اصل ۾ جيتوڻيڪ مظلوم هٿ _
پورهيت مائٽن جو اولاد هو ۽ هاڻي هو اسان جي پڙهيل
ڳڙهيل وچين طبقي ۾ شمار ٿيو ٿي، پر اُتي پهچي، هُن
پنهنجي قسمت سڻڀي مالدار طبقي سان يعني آزاديءَ
کان پوءِ وڌي آيل نئين حاڪم طبقي سان ڳنڍڻ جو
فيصلو ڪري ڇڏيو هو، ۽ اُن سندس دلپسند ۽ پنهنجي
حاڪم طبقي جي هرگز مفاد ۾ نه هو ته سنڌي علم ۽ ادب
سنڌ جي ڏتڙيل باندي سماج ۽ ان جي مظلوم پورهيت
عوام جي زندگيءَ جو دليل ۽ نجات جو آواز ۽ ان جي
آزاد جذبن ۽ امنگن جو ترجمان بڻجي. هنن نون حاڪمن
ته اسان جي سماج جي چوڌاري بند ٻڌي ان کي سڪائڻ ۽
موڳو بنائڻ ٿي چاهيو ۽ ان لاءِ هنن سنڌي علم ۽ ادب
کي انهن سڀني تهذيبي، نظرياتي، سماجي روايتن ۾
سوگهو ڪرڻ گهريو ٿي، جيڪي مُدي خارج هيون، ۽ جن
سان فقط سندن پنهنجي منصب ۽ خصوصي مفاد کي ئي ٽيڪ
۽ پناهه ٿي ملي. پر سنڌي سماج ۾ نئون روح ڦوڪيندڙ
علمُ ۽ ادب پنهنجي تاريخ مان، پنهنجي سڄي ماضيءَ
مان، سڀ اهي روايتون کڻي جيڪي انسان دوست، سچليون
۽ اُتساهڪ هيون، ۽ اڄ جي تقاضائن ۽ زندگي بخش قدرن
سان انهن کي ڳنڍي، پنهنجي پوهيت عوام جا سگهارا ۽
ڀرپور امنگ ظاهر ڪندو ۽ انهن کي پنهنجن عظيم خوابن
جي تعمير لاءِ اُتساهيندو ۽ اڳتي نيندو ئي رهندو _
انهيءَ ڪري، بورڊ جو رسالو ”مهراڻ“ آءُ ايڊٽ ڪندو
رهان، يا ٻيو ڪير به اچي ايڊٽ ڪري، ان جي پاڻ کي
گهڻي ڪا اون يا انديشو هئڻ نه گهرجي. عشق جا
امتحان ۽ ڪم جا موقعا هر وقت ماڻهوءَ جي آڏو ٻيا
به ڪيئي موجود رهن ٿا.
ٽي ڪچهري پنهنجي هن سدا بهار ۽ سدا جيئري دوست ۽ بزرگ سان ٿيل،
جيڪا پنهنجي اهميت سارو اڄ به مون کي ائين ياد آهي
ڄڻ اها ڪالهه جي ڳالهه آهي _ سا مٿي ذڪر ڪيل ”قومي
تاريخ ۽ ادب جي فروغ“ جي اسڪيم هيٺ فارسي ۽ عربي
مخطوطات جي ايڊيٽنگ جي ٻوليءَ متعلق هئي. ڪن دوستن
جو خيال هو ته اهي ڪتاب اردوءَ ۾ ايڊٽ ڪيا وڃن، ڇو
ته اردو مرڪزي ٻوليءَ جو درجو وٺي رهي هئي، ۽ ان
تحقيقي اشاعتي اسڪيم لاءِ گرانٽ به مرڪزي حڪومت
کان بورڊ کي مليل هو. منهنجي صلاح هئي ته ”هي ڪتاب
اصل جنهن ٻوليءَ ۾ هجن، اصولي طور اُن ئي ٻوليءَ ۾
ايڊٽ ٿين _ بشرطيڪ انهن جو سڌو واسطو انهن ئي
ٻولين جي قومن ۽ ملڪن سان هجي. پر سڀ کان بهتر هو
ته اهي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ايڊٽ ٿين، ڇو ته انهن جو
سڌو، اڻ سڌو، هر طرح جو لاڳاپو سنڌ جي ادب ۽ تاريخ
سان هو، ۽ ان طرح انهن سان وري اها بي انصافي به
ڪانه ٿيندي، جو جيئن ايترا سَوَ سال اُهي ڌارين
ٻولين ۾ لکيل هجڻ سبب هِتي اسان وٽ مٽيءَ جي مڻن
هيٺ لَٽبا رهيا، ڪو سندن پُرسا حال ڪونه هو، ڪو
سندن پڙهڻ وارو ڪونه هو، تيئن هاڻي به جي اهي
فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ ئي ايڊٽ ٿيا ته اهي وري به
انهيءَ گمناميءَ ۽ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ اسان وٽ
دفنايا پيا رهندا! تنهن کان سواءِ، خود سنڌي ادبي
بورڊ به سنڌي ٻوليءَ جي ئي فروغ لاءِ قائم ٿيل
ادارو هو. ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا
وڏا ڪرشما هيون. ڪنهن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي معنيٰ ته
ڪنهن سماج جو، ڪنهن قوم جو سرجڻ، ڪن تهذيبي، سياسي
۽ معاشي ادارن جو سرجڻ، ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن
سياسي اقتدار جي مرڪز جو وجود ۾ اچڻ ۽ خود خدا به
ته پوءِ ماڻهن سان ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام
ٿي ڪيو! ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو به انهيءَ لاءِ ته
آخر آزاد نه ٿيا هئا ته پنهنجي ڳالهه تائين
دستبردار ٿي، اردو سياهي اقتدار جا غلام بڻجي
وڃن!“ هِن منهنجي ايڏي وڏي لُڙ تي اسان جو سجاڳ
ذهن ۽ روشن ضمير بزرگ ۽ دوست، حسام الدين، بنهه
ڇرڪي ويو هو ۽ پوءِ هن پنهنجا ان اسڪيم هيٺ
تقريباً سڀ (فارسي) ڪتاب سنڌي ۾ يا فارسيءَ ۾ ايڊٽ
ڪرڻ شرع ڪيا_ ۽ ائين سندن پهريون ايڊٽ ٿيل فارسي
ڪتاب ”مثنوي چنيسر نامہ“ 67 صفحن جي سنڌي مقدمي
سان شايع ٿيو: پاڻ ئي ان جو اردو شڪل ڦيرائي،
سنڌيءَ ۾ آڻي، اشاعت لاءِ مسودو پريس کي ڏياري
موڪليو هئائون. ائين سندن ئي رضامندي سان اسڪيم جي
ٻئي نمبر فارسي ڪتاب ”ديوان عطا“ جو 180 صفحن جو
مقدمو به سنڌيءَ ۾ آندو ويو، جيڪو ڪتاب جي ايڊيٽر،
سندن فاضل دوست، محمد مطيع الله ”راشد“
برهانپوريءَ، اصل اردو ۾ لکيو هو.
حسام الدين جملي ايڪيتاليهه ڪتاب اسان وٽ ڇڏيا آهن: ٻارهن
سنڌيءَ ۾، پنجويهه فارسيءَ ۾ ۽ چار اردوءَ ۾. سنڌي
ادبي بورڊ سندن ڪل سورهن ڪتاب شايع ڪيا _ تيرهن
فارسيءَ ۾ ٽي سنڌيءَ ۾. تقريباً انهن سڀني سورنهن
ڪتابن تي، ۽ پنهنجي آخري ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن
جون“ تي جنهن جي پيش لفظ لکڻ جو شرط به پاڻ مون کي
ڏنائون _ (۽ اهو ڪيڏو شرف هو، تنهن جو اندازو ان
مان لڳي ٿو ته پاڻ ڪنهن به پنهنجي ڪتاب جو پيش لفظ
ڪنهن ٻئي کان نه لکايائون)_ انهن سورهن ئي ڪتابن
تي لکيل پنهنجن ديباچن ۾، منهنجو نالو وٺي، (آءُ
جيڪو سندن نيازمند هوس،) منهنجي قدر افزائي ڪئي
اٿن. سندن ٻن شاهڪار سنڌي ڪتابن جا خود نالا به _
”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۽ ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ _
سندن چوڻ تي منهنجا رکيل آهن، ۽ اها ڳالهه به انهن
ڪتابن جي پنهنجن ديباچن ۾ پاڻ ڪئي اٿن. ان مان
اوهين منهنجي ۽ حسام الدين جي وچ ۾ دل جي سٻنڌ ۽
خيالن جي هم آهنگيءَ جو اندازو ڪري سگهو ٿا _ ۽
انهيءَ سد _ گڻيءَ ڳالهه جو ملهه ۽ احساس هن مضمون
لکڻ وقت، جو مون سندن اهي ڪتاب اٿلايا پٿلايا،
تڏهن ويتر وڌيڪ مون کي ٿيو.
عزيزو، جيئن ماضي حال جي ڪم اچي ٿو پر حال جي ماضيءَ کي ڪا گهرج
ڪانهي، تيئن اسان جا عزيز ۽ بزرگ جيڪي پنهنجي عمر
جو دور گذاري اسان کان جدا ٿي وڃن ٿا، اهي به اسان
جي ڪم اچي سگهن ٿا پر اسان جي ڪابه ضرورت انهن کي
ڪانه ٿي رهي _ نه قبرن جي نه قبن جي، نه چادرن جي
نه گلن جي، نه مانين ۽ دعوتن جي: انهيءَ معنيٰ ۾
هو اسان لاءِ زندهه جاويد آهن، بشرطيڪ اسين انهن
جي ڳالهين ۽ ڪمن مان فائدو وٺون _ اسين هُنن لاءِ
ڪنهن به معنيٰ ۾ ڪجهه نه آهيون. پر ماضيءَ مان ۽
پنهنجي گذري ويل عزيزن ۽ بزرگن مان ڪهڙو ڪم وٺون ۽
ڪيئن ڪم وٺون. جو اسان کي فائدو پوي _ ۽ اسين
پنهنجو فائدو ڪنهن ۾ ٿا سمجهون ۽ ڪهڙو ٿا سمجهون _
حال جو شعور ۽ ماضيءَ جو فهم، زندگيءَ جو شعور ۽
تاريخ جو فهم انهيءَ کي چئبو آهي. اڪثر حالتن ۾،
هونئن نه ته حالُ به اسان لاءِ چَٽي ۽ ماضي به
اسان لاءِ ان چٽيءَ مٿان چَٽي بڻيل رهي ٿو، ۽ ظالم
ته چاهيندا ئي آهن ته مظلومن لاءِ هردم ائين هجي،
۽ پوءِ به ائين سمجهيو وڃي ته بس گلشن صد بهار ۾
ويٺا آهيون ۽ گلشن هزار بهار اڃا ئي اسان لاءِ
اڳتي هڪيو تيار آهي!
حسام الدين جا سنڌي ادبي بورڊ لاءِ لکيل سورنهن ئي ڪتاب تاريخ
جا ڪتاب آهن _ ويندي، ماڻهن ۽ واقعن جي سندن ذاتي
تاثرات ۽ يادگيرين جو ادبي شاهڪار ”هو ڏوٿي هو
ڏينهن“ به. سندن سڄي محويت، سڄو ذوق ۽ پورو نبار
جذبو تاريخ سان وابسته هو _ سنڌ جي تاريخ سان.
”مڪلي نامو“ سندن ڪتاب، سنڌ جي تاريخ تي هڪ بي
مثال تصنيف آهي: ان جي مقدمي ۾ سنڌ جي تاريخ لاءِ
پنهنجي سچي ۽ ڪامل جذبي جو بيان هيئن ڪيو اٿن:
”سنڌ جي تاريخ کي ڪڏهن به ڪنهن سليقي سان هٿ نه لاتو آهي، اُڙيا
ٿڙيا مقالا ۽ چوپڙيون لکيون ويون آهن، ليڪن تفصيل
۽ سلسلي سان انهيءَ ڏس ۾ ڪنهن جاکوڙ ڪانه ڪئي آهي.
انهيءَ جو وڏو ڪارڻ يقيناً هڪ اهو به آهي، جو مواد
يڪجاءِ ڪونه ٿو ملي، ڪتابن ۾ گهٽ ۽ ڪتابن کان ٻاهر
گهڻو آهي. خود ڪتابن جو مسئلو به ڪو آسان ڪم ڪونه
آهي، سواءِ چند متداول ڪتابن جي ٻئي ڪتابي مواد جو
علم ۽ انهيءَ تائين پهچ هر ڪنهن جي وس ۽ وت ۾ ڪانه
آهي. قبرستان تائين پهچڻ، انهن جي ڪتبن کي تاريخ
جي لکڻ ۾ ڪتب آڻڻ سنڌ اندر ڪو دستوري ۽ مروج طريقو
ڪونه آهي.
”سنڌ جي تاريخ تڏهن ترقي حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏهن زير زمين دفينا
کُلن، تاريخي مقامن ۽ مڪانن جي تلاش ۽ تحقيق ٿئي،
سنڌ منجهان سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتاب گڏ ڪجن،
سنڌ کان ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ متعلق جيڪومواد
آهي، تنهن جي وڏي پيماني تي تلاش ڪري، ان کي يڪجا
ڪجي. ڪنهن به قديم ملڪ ڪنهن به پراڻيءَ تهذيب ۽
ڪنهن به اصل ۽ نجيب قوم جي تاريخ لکڻ ڪو آسان ڪم
يا سولو مسئلو نه آهي. مخصوصاً سنڌي قوم، جنهن جا
اصول، عادتون ۽ اطوار، جنهن جو نقطي نظر، ۽ مسائلن
متعلق جنهن جا نظريا مخصوص ۽ غير معمولي هجن، تنهن
جي فڪر ۽ روش کي پروڙي، ان جو تجزيو ڪري، ڪا صحيح
تاريخ لکجي، ان لاءِ وڏيءَ جاکوڙ ۽ ڪشالي جي ضرورت
آهي.
”جڏهن ته انهيءَ ڏس ۾ اسان اڃا ڪابه خاص ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، سنڌ
جي مفصل تاريخ جي طلب ڪرڻ آءُ ڀانيان ٿو زيادتي
آهي. پهريون ضرورت آهي مواد ڪٺي ڪرڻ جي. هيءُ وقت
آهي جڏهن اسان کي، انفرادي طرح نه بلڪه اجتماعي
قوت سان ۽ قومي تحريڪ ۽ جذبي سان، مواد ڪٺو ڪرڻ
گهرجي. عمارت ٺاهڻ لاءِ پهريون اسباب گڏ ڪرڻو
پوندو آهي، اوساريءَ کي اسارڻ پوءِ جو ڪم آهي.
”تاريخ جي بنيادي ڪتابن کي سڀ کان پهريون شايع ڪرڻ متعلق جيڪي
مون ڪوششون ڪيون آهن، انهيءَ جو به خاص سبب اهو ئي
آهي. ڪتابن تي مون جيڪي مقدما ۽ حاشيا پئي لکيا
آهن، انهن جو مقصد به ساڳيو ئي آهي. چنانچه ’مڪلي
نامه‘ ۾ آندل مواد پڻ نئين اصول ۽ نقطي نگاهه کي
مدنظر رکي ڪَٺو ڪيو ويو آهي، ۽ هِن ڪتاب کي به
انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي سمجهڻ گهرجي.
”هيءُ وقت آهي جڏهن اسان مواد فراهم ڪريون. تاريخ جيڪڏهن آئون
نه لکي سگهيس ته اڳتي هلي ڪو ٻيو لکندو. بهرحال،
جيسين مواد ۽ مسالو نه هوندو تيسين لکبو ڇا تي ۽
لکبو ڇا؟“
حسام الدين جو هيءُ ڪتاب 1966ع ۾ شايع ٿيل آهي. اُن ۾ سنڌ جي
ادبيات فارسيءَ جي سرموڙ، مير علي شير قانع
ٺٽويءَ، جو فارسيءَ ۾ لکيل ”مڪلي نامه“ 96 صفحن تي
آيل آهي، ۽ وڌيڪ 35 صفحن جو سنڌيءَ ۾ تعارف ۽
مقدمو، ۽ 743 صفحن تي پکڙيل سنڌيءَ ۾ تعليقات ۽
حاشيا، ۽ ڪيترن ئي ناياب ۽ نئين سر ترتيب ڏنل شجرن
۽ نقشن سان گڏ جملي 136 تصويرون شامل آهن. ڪتاب جي
تعليقات مان 14 نمبر تي مرزا عيسيٰ ترخان (ثانيءَ)
تي لکيل مقالي جون، ”آف پرنت“ طور، 391 صفحن تي
مشتمل ۽ لاڳپيل شجرن، نقشن ۽ تصويرن سميت، جدا
ڪتابي صورت۾، 50 ڪاپيون پاڻ پنهنجي ذاتي مصرف لاءِ
تيار ڪرايون هئاون، جن تي پريس مان نڪرڻ جو سال
1967ع لڳل آهي _ انهن مان هڪ ڪاپي پاڻ مون ڏانهن
ڪوهاٽ موڪلي هئائون، جا مون وٽ سندن هڪ بي بها
سوکڙيءَ طور سانڍيل آهي: ان تي پان جيڪو خاص
انتساب ڇاپرايو اٿن _ دريا خان دولهه جي نالي _ ان
۾ به اسين وطن جي پيار سان ٽمٽار سندس روح جي
گهرائيءَ کي ڏسي محسوس ڪري سگهون ٿا _ لکن ٿا:
”پنهنجي قلم جو هيءُ پورهيو، ڪمال قرب ۽ نياز منجهان، تنهنجي
’مبارڪ نالي‘ سان منسوب ڪريان ٿو.
”هن ڪتاب ۾ انهن ڌارين جوعبرت انگريز پڄاڻيءَ جو داستان آهي:
_ جيڪي ’خرابيءَ سنڌ‘ جو باعث بنيا!
_ جيڪي اسان جي ڪمزورين جو فائدو وٺي، اسان جي وطن
جا والي بڻجي ويٺا! |