سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :7

_ جن جو مقابلو ڪندي، تون سِر ڏيئي سرهو ٿئين!

”اڄ انهن جو پونير ڪوبه ڪونه آهي.

”اڄ تنهنجي پونير ساري سنڌ آهي.

”هو فنا ٿي ويا.

”تون زندهه، جاويد آهين.

”سورهيه! توتي سنڌ جو سلام آهي!

_ حسام الدين راشدي“

”مڪلي نامي“ جي تعليقات ۾، نمبر 9 تي، پاڻ سنڌ جي سلطان معظم ڄام نظام الدين سَمي تي، جنهن انهيءَ دريا خان دولهه کي پنهنجي فرزنديءَ ۾ وٺي، ”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جي خطابن سان نوازيو هو، 101 صفحن جو مقالو ڏنو اٿن _ لکن ٿا:

”سنڌ جا باشندا، قرب ۽ محبت منجهان کيس (ڄام نظام الدين کي) ڄام نندو سڏيندا هئا...... (هن) 866هه کان 914 هه تائين نه ڇڙو ملڪ مٿان فرمانروائي ڪئي، بلڪه ماڻهن جي دلين تي به بادشاهت ڪئي.....(هو) نهايت ئي نيڪ ڪردار ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جَرِي ۽ خوش اطوار سلطان هو. سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني سنڌ لاءِ سچي پچي رحمت ثابت ٿي. ملڪ ۾ امن امان هو، خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه هو، سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيا؛ سڄو ملڪ ريان کيان هو. دينداري ۽ دنياداري ملڪ ۾ ٻيئي گڏوگڏ هيون.  ديني ۽ دنيوي علومن جي اشاعت سنڌ جي چئن ئي ڪُنڊين انتهائي عروج تي هئي. مدرسا خانقاهون آباد هئا. هن جي پاڪبازيءَ، زهد ۽ تقوا جون ڪيئي ڪهاڻيون مشهور آهن. تاريخ ۾ ان جا ڪيترا مثال محفوظ آهن. قاضي عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي هِن ڪري پڙهائي، جو پاڻ سموري زندگي باوضو رهيو هو ۽ ڪڏهن پنهنجي اوگهڙ ڪانه ڏٺي هئائين.... جڏهن هو گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ ويندو هو، ته جانورن جي پٺي تي هٿ گهمائي چوندو هو ته ’خدا اهو ڏينهن نه آڻي، جو سواءِ غزا (حق لاءِ لڙائي) جي آءُ اوهان تي سواري ڪريان! دعا آهي ته ڪنهن به مسلمان جو خون منهنجي هٿان اوهان تي سواري ڪندي نه وهي! آءُ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي خدا اڳيان قيامت ڏينهن شل شرمندو نه ٿيان!‘...........

”سڀني مؤرخن سنڌ جي انهيءَ نيڪنام سلطان جي تعريف ڪئي آهي، ۽ سندس دور کي اَمن ۽ سُڪون، ايمان ۽ اخلاق، نيڪيءَ ۽ ديني بلنديءَ جو دور ليکيو ۽ لکيو آهي. ’معصومي‘ جو مصنف لکي ٿو: ’ڄام نظام الدين علم جو عاشق هو. ننڍپڻ ۾ هُن مدرسن ۽ خانقاهن ۾ تعليم ۽ تربيت ورتي هئي. هو نهايت حليم، خليق ۽ پسنديده صفن ۽ حسين عادتن جو مالڪ هو. ان سان گڏوگڏ هو ڪمال جي درجي جو زاهد ۽ عابد هو. هن جي فضيلت ۽ اصل حقيقت ان کان مٿي آهي جيتري ڪجهه قلمبند ڪري ٿي سگهجي..... هُن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ سنت نبويءَ جي پيروي ايتري قدر عام ٿي چڪي هئي، جو ان جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. مسجدن ۾ باجماعت نماز ادا ڪرڻ جو رواج ايترو ته عام هو، جو ڪوبه، ننڍو يا وڏو، اڪيلو وڃي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ پسند نه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن کان نماز باجماعت گسي ويندي هئي، ته هو نهايت پشيمان ٿيندو هو ۽ ٻن ٽن ڏينهن تائين استغفار پڙهندو رهندو هو.‘ (’مڪلي نامه‘ ص 75_76).....

”ڄام نظام الدين جو اهو (حسن) سلوڪ ڇڙو پنهنجي هم مذهب رعيت سان نه هو، بلڪه سنڌ جي غير مسلم رعايا به انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي. تاريخ ۾ ڪيترن هندو اميرن جا نالا اسان کي ملن ٿا، جيڪي سندس دور ۾ حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا. عام هندن پڻ، مسلمان رعيت وانگر، خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ سان پنهنجو وقت خير خوبيءَ سان گذاريو ٿي. نه مذهبي دوئي هئي ۽ نه ديني دنگا هئا، بلڪه انهيءَ قسم جو تصور به سندس زماني ۾ موجود ڪونه هو....“

اڳتي وڌندي، ”ڄام نظام الدين“ جي هِن تعليقي مقالي جي حاشيي نمبر 25 تحت صفحي 176 تي لکن ٿا:

 ”هِن هيٺ سلطان بايقرا، بادشاهه خراسان (هرات) (862 _ 911هه) جو جاري ڪيل ’فتح نامه سنده‘، سنڌي 892هه ۾ (اُن) هرات جي حڪومت سنڌ جي ڪنهن حصي تي لشڪر ڪشي ڪئي هئي، جنهن ۾ ٿيل فتح جي تشهير لاءِ اهو ’فتح نامه‘ ملڪ جي مختلف حصن ۾ (عام) اطلاع لاءِ پڌرو ڪيو ويو هو...

”اهو زمانو (مٿي بيان ٿيل سلطان معظم) ڄام نظام الدين جو هو. سبيءَ ۽ شال (ڪوئيٽا) تائين سندس حڪومت جي حد هئي.....

”انهيءَ د‍ؤر ۾ هرات جي طرفان امير زوالنون ارغون قنڌار تي نائب هو، جنهن جي پٽ شاهه بيگ (’تاريخ فرشته‘ مطابق) 890هه (۽ ’طبقات اڪبريءَ‘ مطابق 899هه) ۾ ڄام نظام الدين جي حدن ۾ ٽپي، سيويءَ جو قلعو سندس گماشتي بهادر خان کان کسي، ان تي پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي قابض ڪيو هو. جنهن کان پوءِ جلد ئي (وقفي جي مدت تاريخن ۾ ڄاڻايل نه آهي)، مبارڪ خان (دريا خان دولهه) (اهو وڃايل) قلعو موٽائي ورتو ۽ دشمن (شاهه بيگ جي ڀاءُ سلطان محمد) کي قتل ڪري ڇڏيو. مير معصوم جي قول مطابق ’ڄام منگولن جي آزار کي دفع ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو.... خوفناڪ جنگ لڳي، ۽ ان جنگ ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ قتل ٿي ويو، ۽ هو هار کائي قنڌار ڏانهن موٽي ويا. ۽ جيسين نظام الدين جيئرو هو (يعني 914 هه تائين) تيسين هُنن (منگولن) سنڌ ڏانهن اکيون کڻي نه نهاريو“... (هاڻي) پهريون، (سلطان بايقرا جي ان) ’فتح نامه‘ جو سنڌي اختصار (هيٺ) ڏيون ٿا، جنهن کان پوءِ ان جو فارسي متن ايندو.

’تازو هن زماني ۾ واپارين جي هڪ ٽولي، جنهن جو واپاري سلسلي ۾ سنڌ جي علائقي ۾، جيڪو اسان جي قلمرو سان مليل آهي، اچڻ وڃڻ هو، درٻار ۾ اچي فرياد ڪيو ته دين جي راهه جي مخالفن ۽ شرع مرسل جي دشمنن جي هڪ جماعت (فوج) جيڪا ڪافر ۽ فاجر سردارن جي حڪومت ۽ سلطنت جي پناهه هيٺ آهي، راهه ويندڙ مسافرن ۽ ڪاٺين ڪندڙ غريبن تي ڏاڍ ڪندي رهي ٿي، ۽ ايندي ويندي کي لُٽيندي ٿي رهي. اهو ٻڌي، اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان هڪ وڏو لشڪر انهيءَ ملڪ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. جڏهن لشڪر اسلام جي خبر انهن ڪفارن کي پيئي، ته انهن پڻ هڪ وڏي فوج مقابلي لاءِ موڪلي. غدارن ۽ مڪارن جي انهيءَ فرقي اسان جي فوج جو خاتمو ڪرڻ گهريو ٿي. چنانچه راتاهي (شبخون) هڻڻ جو منصوبو سٽيائون. بادشاهي اقبال، تقدير کي سندن انهيءَ تدبير جي مخالف رکيو ۽ راتاهي جو جيڪو وقت مقرر هو اهو (هنن لاءِ) ناموافق ٿي پيو. چنانچه راتاهي هڻڻ لاءِ جيئن هو نڪتا ۽ هڪ فرس تي مس پهتا ته اسان جي فوج کي خبر پئجي ويئي، ۽ فوج تيار ٿي مقابلي لاءِ نڪري آئي. صبح تائين ٻيئي فوجون مقابل اچي ٿيون. اسلامي فوج دين محمد جي ستاري جي شوڪت ۽ سرمدي عنايت جي غلبي ۽ قوت سان انهن بدبخت هندن جي لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. خداتعاليٰ جي فضل و ڪرم سان آيت ڪريمه _ اِني انا الله جي مطابق فتح عظيم حاصل ٿي.

”جنهن صورت ۾ هيءَ خبر سڀني اهل دانش لاءِ وڏي خوشيءَ ۽ بهجت (سُروُر) جو سبب آهي، تنهن ڪري خط جي ذريعي هن خبر کي چئن ئي طرفن پهچائجي ٿو، ته جيئن خدا تعاليٰ جي شڪر گذاري ادا ڪئي وڃي.“

ڄام نظام الدين جي ان تعليقي مقالي ۾، حالات جو وڌيڪ ذڪر ڪندي لکن ٿا:

”کانئس (يعني ڄام نظام الدين کان) پوءِ پٽس ڄام فيروز ۽ خاندان جي ٻئي هڪ شهزادي ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ خانه جنگي شروع ٿي. سنه 914 هه کان وٺي 927هه تائين سنڌ تي ڪڏهن صلاح الدين گجرات کان ڪٽڪ ڪاهرائي ٿي پهتو، ۽ ڪڏهن قنڌار کان ارغونن کي وٺي فيروز اچي ٿي ڪڙڪيو. نيٺ انهيءَ ڪشمڪش ۾ ارغونن نه فقط پهريون صلاح الدين کي فيروز جي مقابلي ۾ ختم ڪيو (927هه) بلڪه سال اڌ اندر فيروز جي به پڄاڻي آڻي، انهيءَ گهراڻي جي شاهيءَ جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو.

”انهن ٻن شهزادن جي ويڙهه جو نتيجو ڏاڍو اگرو ۽ اندوهناڪ نڪتو. برابر اڍائي سؤ (سوا ٻه سؤ) ورهين (927هه _ 1152هه) تائين ماڻهو ۽ ملڪ ڌارين جي غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگهيا. سواءِ ڪنهن ڏوهه ۽ گناهه جي، هتان جو هر متنفس (ساهه کڻندڙ ماڻهو) صدين تائين اذيت ۽ عذاب ۾ مبتلا رهيو ۽ بنا ڪنهن ڪئي ۽ قصور جي مسلسل لوڙ لوڙيندو رهيو.

”سنڌ جي انهيءَ سانحي جو، ۽ فيروز (جنهن کي سنڌ جي مؤرخن ”فيروز ناپيروز“ لکيو آهي) جي انهيءَ حرڪت جو ذڪر ڪندي، ’ظفرالواله‘ جي مصنف عربيءَ جو هڪ شعر مثال طور آندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ’جيڪو ماڻهو مصيبت جي وقت عمروءَ جي پناهه ڳولي ٿو سو انهيءَ انسان وانگر آهي، جيڪو نٽهڻ اس کان بچڻ خاطر باهه ۾ ٽپي پوي ٿو:‘

”المستجير بعمرو عند ڪربتہ،

ڪالمستجير من المضاءِ بالنار.“

”افسوس ڪندي، (’ظفر الوالہ‘ جو) مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته ’فيروز جو حشر به ساڳيو ئي ٿيو. جڏهن منگول سنڌ ۾ پهتا، تڏهن هرکجي پيا (طعموا في الملڪ)، کين طمع وٺي ويئي ۽ هنن چالبازيءَ سان وزير دريا خان کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ بيوفائيءَ ڪندي، کين ذري ماتر پرواهه ڪانه ٿي.‘

”ساڳيو مؤرخ اڳتي هلي، سنڌ ۽ سنڌين جي بدبختيءَ ۽ بدقسمتيءَ تي واويلا ڪندي، چوي ٿو: ’سنڌ سنڌين هٿان نڪري ويئي. هو مغلن جي رعيت بنجي، شاهه مير (شاهه بيگ) جي دور کان وٺي جاني بيگ جي عهد تائين، زماني جي پيڙا ۾ مبتلا رهيا.‘

”درحقيقت زماني جي (اُن) چڪيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي جاني بيگ جي دور تائين (1000هه) نه بلڪه ان کان پوءِ به ڏيڍ صديءَ تائين برابر پيڙبا ۽ پيسبا رهيا.

”’ظفر الواله‘ جو مورخ سنڌ جي الميه جو اُهو عبرتناڪ داستان هن فقري تي ختم ڪري ٿو: ’وڪل ماينيلہ الدهر و ينقضيٰ والله سبحانہ الدائم علڪہ.‘ ’زمانو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو، ان لاءِ ضروري سبب ٿيندو آهي.‘ ۽ اهو سبب اهو ٿيو جو گهراڻي جا ٻه فرد ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ تنگدل ٿي، هڪٻئي سان وڙهي پيا؛ ڪشمڪش هلي، فساد ٿيا، سبب ٺهي آيو، ڌارين کي موقعو ملي ويو؛ ۽ زماني دستور مطابق نه فقط انهن ٻن کي بلڪه سڄي ملڪ کي سزا ڏيئي ڇڏي. اهڙي ئي موقعي لاءِ شيخ سعديءَ فرمايو آهي ته:

’چو قومي يڪي بيدانشي ڪرد،

نه ڪهه را منزلت ماند نه مهه را.‘“

مظلوم سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي هن المناڪ قومي داستان جي سربسته ذڪر جي اتمام لاءِ، يا تاريخ جي بي ترس مزاج جي هڪ وڌيڪ مثال طور، مؤرخ سنڌ، پنهنجي عزيز ۽ بزرگ، حسام الدين، جي هڪ ٻئي اهم ڪتاب ”مير محمد معصوم بکريءَ“ جي ديباچي جو اقتباس هت پيش ڪرڻ به ضروري آهي. سکر ۾ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن جي قيام جي ڳالهه ڪندي ۽ اتي جي مير معصوم جي مناري ۽ هن جي ٻين موجود تاريخي آثارن جو ذڪر ڪندي پاڻ لکن ٿا:

”مير معصوم جي تاريخي آثارن ۾ درياهه جي ڪٺار تي ساڌ ٻيلي جي آمهون سامهون، ٻن عمارتن جو هڪ مجموعو هو، جنهن کي مسلمان ’مسجد‘ ۽ هندو ’منزل گاهه‘ سڏيندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جي رت کي گرم رکڻ لاءِ سکر جا مقامي ليڊر عرصي کان انهن جاين تي، ضرورت پوڻ تي، ٻنهي ڌرين کي ويڙهائيندا رهندا هئا. هندن کي مسلمانن جا ناڙا ڇوڙ ڪرڻ ۽ سڙڪ ڏانهن منهن ڪري، اڳٺ چڪ ۾ وجهي، پسار ڪندي، وٽ پچائڻ واري ’کشٽ‘ نٿي آئڙي. ازنسواءِ دريا شاهه تي هُنن جو پنج وقتو ’سَر بُزون‘ سارڻ به هنن کي ڪونه ٿي وڻيو. شري ساڌ ٻيلي جو پتڻ سامهون هو، جتان نر ۽ نارين جو سنجهه صباح عام لنگهه هو. ۽ مسلمانن هندن جو اهو اعتراض سراسر ’مداخلت في الدين‘ سمجهيو ٿي. ميونسپل اليڪشن وقت ٻئي ڌريون انهيءَ مسئلي تي ايجيٽيشن ڪري ووٽرن کي جوش ۽ جذبي ۾ آڻينديون رهيون ٿي. انگريزن مسئلي جي سنگينيءَ ۽ انهيءَ مان پيدا ٿيندڙ سڀني خطرن جي مدنظر، عمارتن تي سرڪاري ڪڙا ڪلف چاڙهي ڇڏيا، جيڪي اسان واري زماني ۾ اگرچه ڪٽجي ويا هئا، ليڪن موجود هئا.... ۽ آخر 1939ع ۾ ’مسجد منزل گاهه واري هندو مسلمان فسادن‘ جي هاڃيڪار خونريزين کان پوءِ وڃي لٿا_ مير معصوم بکريءَ جي اها جوڙيل تاريخي عمارت نه ڇڙو سنڌ جي سياست ۾ انقلاب جو سبب بڻي، بلڪه پوري هندستان جي هندو _ مسلم سياست جي مستقل وڇوٽيءَ لاءِ بنيادي پٿر ثابت ٿي. سکر ۾ انهيءَ عمارت تي ٿيل خوني اختلاف، گڏيل هندستان جي آئيندي لاءِ هيٺيان نتيجا ڪڍيا:

سنڌ جا هندو مسلمان هميشه لاءِ هڪٻئي کان ٽٽي ۽ جدا ٿي ويا؛

خانبهادر الهه بخش شهيد جي وزارت ٽوڙڻ ۽ هندن جي ساٿ کي هيسائي کانئس جدا ڪرڻ خاطر ’منزل گاهه‘ جي قضيي تي خوني فساد ٿيا؛

خانبهادر الهه بخش جي وزارت عظميٰ ختم ٿي، ۽ اڳتي هلي پاڻ به شهيد ٿيو.

خانبهادر شهيد ۽ هندن جي گڏيل طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ سنڌ جي چند سياستڪارن ٻيو چارو نه ڏسي ’مسلم ليگ‘ کي سنڌ اندر منظم ڪري، قائد اعظم کي هندستان مان گهرائي، ڪراچيءَ ۾ عيد گاهه وارو جلسو ڪيو، جنهن ۾ ورهاڱي جي تصور وارو ٺهراءُ پهريون دفعو پاس ڪيو ويو؛

حسام الدين جو هيءُ ڪتاب، ”مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾ شايع ڪيو، ۽ 20 صفحن جي ديباچي کان علاوه 547 صفحن جي متن ۽ 119 تصويرن تي مشتمل آهي.

ڪتاب جي تصنيف ۽ تاليف جي تاريخ بيان ڪندي، پاڻ لکن ٿا: ”مير معصوم بکريءَ جي شخصيت کان آءُ انهيءَ وقت متاثر ٿيس، جڏهن 1928ع ۾ سکر پهچي، منارو ۽ قبرستان ڏٺم.... سکر ۾ مسلسل رهڻ سبب دلچسپي وڌندي رهي، مير ۽ مير جي متعلقات جو هر اطلاع گڏ ڪرڻ شروع ڪيم. تاريخي ذوق جي تسڪين لاءِ پاڻ ۾ چند دوستن گڏجي 1932ع ۾ ’مسلم هسٽاريڪل ريسرچ اينڊ پبلسٽي سوسائٽي‘ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي..... منهنجي برادر بزرگوار پير علي محمد راشدي صاحب سکر ۽ بکر جي ’اسلامي آثارن‘ متعلق تحقيق شروع ڪئي ۽ هڪ مفصل مقالو انهيءَ ڏس ۾ لکي، پهريون ”ستارهء سنڌ“ جي بهار نمبر، ۽ پوءِ ’الوحيد‘ جي ’سنڌ آزاد نمبر‘ ۾ شايع ڪيو. ٻيو هڪ ليڪچر مير معصوم جي احوال تي تيار ڪيائين، جيڪو ڊسمبر 1931ع تي سکر جي بزم مشاعري ۾ پڙهيو ويو ۽ پوءِ مٿئين سوسائٽيءَ جي اهتمام سان جنوري 1932ع ۾ ’حيات معصوم‘ جي عنوان هيٺ، ’سنڌ زميندار پريس‘ مان شايع ٿيو. مير معصوم جي هڪ حد تائين تفصيلي سوانح لکڻ ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ جي اُها پهرين ڪوشش هئي....

”هن ڪتاب (’مير معصوم بکري‘) جو ابتدائي خاڪو پهرين آگسٽ 1954ع ۾ تيار ڪيو ويو هو. ليڪن تسڪين نه ٿيڻ سبب ڇاپڻ جي بجاءِ وڌيڪ مواد جي تلاش جاري رکڻي پيئي. سوانح جا مکيه ماخذ پوءِ هٿ آيا. ڪيترا ڪتبا ان بعد ميسر ٿيا. ايران ۾ مير جا رَند ۽ راهون به بعد ۾ ڏسڻ نصيب ٿيون.

”اڌ صدي انهيءَ جاکوڙ ۾ گذري چڪي هئي. علمي اوساٽ ۽ تلاش نه کُٽڻ جي هئي، نه تڪميل ٿيندي نظر آئي. ذوق برابر قائم رهيو، پر حياتيءَ جي بيوفائيءَ کي نظر ۾ رکندي، ڪم کي نيٺ اڪلائڻ جي رٿا ڪرڻي پيئي. اهڙيءَ طرح اوڻيهن ورهين جي ڄمار ۾ شروع ڪيل ڪم عمر جي اٺهٺ ورهين واريءَ منزل تي پهچڻ بعد بالآخر پورو ڪرڻ ضروري ٿيو.“

دستور مطابق حسام الدين، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ سندس هن آخري ڪتاب جي پُڄاڻي به منهنجي ذڪر سان هنن پيار ڀريل اکرن سان ڪئي آهي.

”ڀاءُ محمد ابراهيم جويي سموري ڪتاب جا پروف پڙهيا ۽ قيمتي صلاحون ڏنيون، جنهن جي ٿورن مڃڻ تي هن ديباچي جي پڄاڻي ڪيان ٿو. رب ڪريم کين خوش رکي.

”الهه واهي!

”علي رضا هائوس،

”60 _ الحمرا سوسائٽي

”ڪراچي

”27_ جنوري 1979ع

”_ _ حسام الدين راشدي“

هن تاريخ 27 جنوري 1979ع کان پوءِ، جڏهن حسام الدين هي لفظ ”الهه واهي!“ لکيو، حسام الدين اسان وٽ پنهنجي جسد خاڪيءَ ۾ باقي ٽي سال، ٻه مهينا چار ڏينهن رهيو. هن عرصي ۾ سندن باقي هڪ ئي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ڇپيو. بيماريءَ سان ويڙهه کائيندي کائيندي، پاڻ صحت وڃائي ويٺا هئا. هڪ ڏينهن اهو به آيو، جو چوڻو پين: ”ڀاءُ جويا، همت نه رهي آهي، هن ڀيري بيماري بدلو وٺي ويندي.“

ڪتاب جي مضمونن جي ترتيب، پريس لاءِ ڪاپيءَ جي تياري، پروف پڙهڻ وغيره منهنجي حوالي ڪري ڇڏيا هئائون، پر ڪم جي اُڪلاءُ جي ڏاڍي اون هوندي هين. ڪيئي ڀيرا ان لاءِ پاڻ حيدرآباد آيا. ڪيئي ڀيرا آءُ وٽن ڪراچيءَ ويس. ڪتاب جي سڀني مرحلن جي پورائيءَ لڳ ڀڳ هڪ سال ورتو. پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا، هر طرح خوش ٿيا _ عبدالحميد آخوند، نفيس احمد شيخ، منهنجي پٽ منور عليءَ ۽ مون سان پنهنجي خوشيءَ جو بار بار ذڪر ڪيائون، ۽ اسان جي بنهه ڦڪي ٿي وڃڻ جي حد تائين، اسان جا وري وري ٿورا مڃيائون.

وڌيڪ ڪم جون ڳالهيون منهنجون ساڻن ٿيون: کين فارسيءَ جي رهيل سنڌ جي ماخذات جي ايڊيٽنگ ۽ اشاعت جو خيال هو _ چي ”پنجاهه سال عمر جا ٻيا هجن ته به هوند ڪم پورو نه ٿئي“ _ سنڌي ادب جي مفصل تاريخ لکڻ جو خاص خيال هون ۽ ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي طرز تي خاص طرح پنهنجي سانئڻ ماءُ جي يادگيرين لکڻ جو ڏاڍو ذوق هونِ ۽ مون کي پڪ آهي ته سندن ڇڏيل ڪاغذن ۾ ضرور انهن تجويزن تي سندن ڪي ابتدائي يا ڪجهه قدر وڌيڪ نوٽ موجود هوندا _ اُنهن کي هٿ ڪري، ڪم از ڪم فارسي ماخذات ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ تي، ۽ پڻ ان سان گڏ، يا ان سڀ کان علاوه به، خود سندن ادبي سوانح عمريءَ تي ڪم ٿي سگهي ٿو_ جيڪو خاص اسان جي علمي ۽ ادبي ادارن جو اڄ اولين فرض آهي.

جڏهن آخري بار پاڻ پنهنجي علاج لاءِ عزيزم حسين شاهه سان گڏ انگلينڊ وڃي رهيا هئا، ان ڏينهن وٽن صبح جو پوري يارهين وڳي پهتس _ زندگيءَ جي ان مرحلي تي پنهنجي نيازمندن کان نهايت سختيءَ سان پاڻ وقت جي پابنديءَ ۽ سچ ڳالهائڻ جي تقاضا ڪندا هئا _ ۽ جيئن ئي ساڻن ملي، خوش خير جي کيڪار ڪري، سندن سامهون ويٺس _ پاڻ پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ ويٺا هئا _ سچل کي چانهه آڻڻ لاءِ چئي، هٿ وڌائي، پني ٽڪر مون کي ڏنائون ۽ چيائون: ”اڙي جويا هيءُ ته پڙهه! اڄ صبح جو ريڊئي تان هيءُ راڳ ٻڌو اٿم، تولاءِ هڪ بند لکي رکيو اٿم! پڙهه ته، پر ڏاڍيان پڙهه“: مون اهو بند پڙهيو:

تجهه سي مين کيا لي جائون گي، کچهه نه کچهه تو هي دي جائون گي،

دهول مين تيري گلين کي،    مين تلسي تيري آنگن کي

مين تلسي تيري آنگن کي

پڙهي، مون ڏانهن اُڪير سان نهاريو، ۽ ڪجهه وقت ائين هڪٻين ڏانهن ڏسندا رهياسون. مون کين چيو: ”پير صاحب (جيتوڻيڪ حسام الدين پاڻ کي ’پير‘ بنهه نه ۽ ’سيد‘ به لاچار سڏائڻ يا لکڻ پسند ڪندا هئا، پر اسين سڀ سندس نيازمند کيس محبت ۽ عزت وچان هميشه ’پير صاحب‘ چوندا هئاسون)، اِها فلم توهان ڏٺي آهي؟ وي. سي. آر تي حيدرآباد ۾ مون ڏٺي آهي _ واهه جي فلم آهي!“ پاڻ ٿڌو ساهه کڻي چيائون: ”يار جويا، فلمن ڏٺي به سال ٿي ويا!“ ۽ واقعي سال اڳ، جو آءُ ۽ ٻيا خاص دوست، سراج، رباني ۽ ٻيا، ساڻن گڏجي جوانيءَ جي مَوَ موج ۾ فلمون ڏسندا هئاسين، اهي ڏينهن منهنجي من تي تري آيا.....

ان رات اسر وقت پير صاحب جي انگلينڊ ڏانهن روانگي هئي.  ڪيئي دوست کين الوداع چوڻ لاءِ اتي سندن جاءِ تي، علي رضا هائوس، الحمرا، سوسائٽيءَ ۾ گڏ ٿياسون _ منهنجو شاگرد غلام مصطفيٰ خان جتوئي به اتي هو، ٻيو منهنجو شاگرد عبدالحفيظ لاکو به اتي هو؛ ڀاءُ سراج، ڀاءُ حميد آخوند ۽ ڀاءُ ممتاز مرزا، پير سائين پير علي محمد شاهه راشدي صاحب جن، ۽ ٻيا به ڪيئي دوست احباب گڏ هئا. پير صاحب کي ڪجهه آرام ڪرڻ جي وجهه ڏيڻ جو خيال ڪندي، سوير ئي، ڏهين وڳي ڌاران، کانئن ڀاڪرين پئجي، موڪلائي اٿياسين. مون کي حفيظ لاکو پنهنجي ڪار ۾ کڻي ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ ڀاءُ سرڪي جي گهر ڇڏي ويو. پير صاحب جي فلائيٽ ٽين وڳي اسر جو هئي..... تيستائين مان جاڳندو رهيس، ۽ پوءِ اک لڳي ويم. ٻيهر پياري حسام الدين جي فقط خالي جسد خاڪيءَ جو ديدار مڪليءَ ۾ مون کي نصيب ٿيو_

’هُــو جــي هئا هـِت، تـــه مٿن هُونـــد حــــق ٿــيــو،

مَڻيون، مُورت، مَت، مانَ وسريونِ، ڪِي لهان!“

شاهه

(مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جي ٻي ورسيءَ  1_4_1984ع_ تي پڙهيل مضمون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com