پير علي محمد راشدي
حسام الدين مرحوم، حسام الدين ڪيئن بنيو؟
”ما و مجنون هم سبق بوديم در ديوانِ عشق“
ڏينهن جو وقت هو ۽ گرميءَ جي مند، اسين ولائتي مينديءَ جي ٻوٽي
سان گڏ ”ڪوٽ“ جي ڀت جي سايي ۾ ويٺا هئاسون _ ڏاڏا
مرحوم، آءٌ ۽ شيخ غلام محمد غلام علي مرحوم، جنهن
کي ڳوٺاڻا پيار وچان ”غلام محمد شيدي“ چوندا هئا
(سندس ڪاري رنگ ۽ گهنڊيدار وارن جي ڪري).
اهو غلام محمد مرحوم، خانبهادر غلام علي نانا مرحوم جو وڏو ڀاءُ
۽ جسٽس فيروز نانا مرحوم جو چاچو هو. عجب ڪردار جو
انسان هو. ڪنهن مردم شناس معاشري ۾ هجي ها ته هن
وقت تائين سندس زندگيءَ بابت، سندس فلسفي ۽ ڪمالات
تي مٿس سوين ڪتاب لکجي چڪا هجن ها. وڪالت سندس
ڌنڌو هو ۽ پنهنجي وقت جو تمام وڏو وڪيل هو. علم جو
اونهو سمنڊ، سياست ۾ انگريزن جو ڪٽر دشمن ۽ طبيعت
جو قلندر. ڏاڏا مرحوم جو ويجهو يار ۽ ڏک سک جو
ساٿي هو.
سندس عجب جهڙيون ڳالهيون هر هنڌ پيون ڳائبيون هيون. انگريز
حڪومت وڪيلن تي پابندي هنئي ته ڪوٽ پتلون پائي
پوءِ ڪورٽ ۾ حاضر ٿين. شيخ صاحب ڪوٽ پتلون ۽ ٽاءِ
سان گڏ مٿي تي وڏو پڳڙ رکي ۽ پيرن ۾ گهيتلا پائي
ڪورٽ ۾ وڃڻ لڳو. کيس اهڙيءَ حالت ۾ ڏسي انگريز جج
ڪاوڙبا ته ضرور هئا، پر ڪڇي نه سگهندا هئا. شيخ
صاحب ”رول“ جي حدن اندر رهندو هو، البت مٿو ۽ پير
”رول“ جي چوٽ کان ٻاهر رکندو هو. هر سياسي ڪيس ۾
بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ فيءَ وٺڻ جي مفت، حڪومت جي
خلاف، ڏوهاريءَ جي پاران پيش ٿيندو هو. سنڌ ۾ ڪٿي
به ڪو اهڙو ڪيس ٿيو (خاص ڪري ڪانگريس ۽ خلافت
تحريڪن جي زماني ۾) هيءُ صاحب پاڻمرادو پنهنجي خرچ
تي اتي پهچي ويندو هو ۽ ڏوهاريءَ جي پاران ايڏي ته
زوردار وڪالت ڪندو هو جو انگريز جج، انگريز حڪومت
جي وڏي ۾ وڏي دشمن سان به انصاف ڪرڻ تي مجبور ٿي
ويندا هئا. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته هت ڪنهن
به سياسي ڪيس ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي سزا نه ملي. اهو
سڀ شيخ صاحب جي محنت ۽ قانوندانيءَ جو ڪرشمو هو.
ساڳئي وقت اهو به چوڻو پوندو ته انگريزي دؤر جا جج
بي ضمير ۽ نيچ نه هئا، جو پنهنجي نوڪري بچائڻ جي
لاءِ ڪني ۾ ڪنو ڪم ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيهن. سنڌ
جي وڪيلن جو به اهو سونهري دؤر هو. انگريزن جي
انصاف پسنديءَ ۽ قانون جي بالادستيءَ، وڪالت جي
ڌنڌي کي وڏي شان ۽ مان وارو بنائي ڇڏيو هو. شيخ
صاحب اتر سنڌ جي وڪيلن جو مڃيل سردار سمجهيو ويندو
هو.
سندس ڪي حرڪتون ته اچرج ۾ وجهڻ جهڙيون هونديون هيون: مثال طور
کيس پنهنجي ڪنهن به اصيل جي شڪل ياد نه رهندي هئي.
هر ڀيري پڇندو هو، ”ڪير آهين؟ ڇو آيو آهين؟ في ڏني
اٿئي يا نه؟“ هر هڪ جواب ڏيندو هو ته في ته ڪڏهوڪو
ڏئي ويو آهيان، جيتوڻيڪ ڪي اصيل ڪوڙ به ڳالهائيندا
هئا. شيخ صاحب ته حساب ڪتاب کان ونئون ويندو هو ۽
ٻيو ته کيس انهن ڳالهين جي پرواهه به ڪين هوندي
هئي، تنهن ڪري وڌيڪ جهنجهٽ ۾ پوڻ جي بدران هڪدم
ڪورٽ ۾ وڃي پيش ٿيندو هو ۽ ڪيس کٽي ايندو هو. وري
اصيل به اهڙا جو ڳوٺ واپس وڃڻ جو ڀاڙو ڀتو به شيخ
صاحب کان وٺي ويندا هئا. چي: سائين غريب ماڻهو
آهيان، دعائون ڪندوسانءِ. وڪالت کي شيخ صاحب عبادت
ڪري سمجهندو هو. پئسي جو لوڀ لالچ اصل ڪونه هوندو
هوس. جڏهن وفات ڪيائين ته گهر مان پائي به ڪونه
نڪتس. ڪتاب وڪڻي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ويو. باقي
نالو سو وڏو ڇڏي ويو. هر شخص هن جي مغفرت جي دعا
ٿي ڪئي. مون ته ڪيترن ماڻهن کي سندس گهرجي اڳيان
روئندي ڏٺو. شيخ صاحب ڪن مخفي علمن جو به ماهر
سمجهيو ويندو هو. علم نجوم جو ته مڃيل استاد هو.
عقل چرخ ڪندڙ اڳڪٿيون ڪندو رهندو هو. يارن جو يار،
دوستن جو دوست، هڪ بيمثال انسان.
* * *
حسام الدين جي ولادت ڏاڍي ڏکي ٿي. ٽن ڏينهن تائين اسان جي والده
مرحومه ويم جي تڪليف ۾ مبتلا رهي. ڊپ ٿي پيو هو ته
ٻار مري ويو هوندو يا مري ويندو. ڀلا ڳوٺ ۾
ڪواليفائيڊ نرس يا ڊاڪٽر ڪٿان آيو. عورتن کي
اسپتال ۾ وٺي وڃڻ بابت ته ڪير سوچي به نه ٿي
سگهيو. هونئن به انهن ڏينهن ۾ سکر توڙي لاڙڪاڻي
ضلعن ۾ هڪ به ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ڪونه هو.
اهڙي پريشانيءَ جي حالت ۾ اسان جي ڏاڏي پنهنجي دوست شيخ غلام
محمد کي لاڙڪاڻي مان گهرايو، تنهن ڪري انهيءَ
مونجهاري ۾ هو به موجود هو. هن صبح جو ئي حساب ڪري
ٻڌايو هو ته اڄ شام ٿيڻ کان اڳواٽ ئي ٻار پيدا
ٿيندو، جيڪو زندهه هوندو، وڏي ڄمار ٿيندس، خوش
نصيب هوندو، وڏو نالو ڪڍندو.
ٽپهري تائين گهران خبر آئي ته ٻار ڄائو آهي. زندهه آهي، پر
اکيون نه هجڻ جي برابر اٿس.
رسم مطابق ٻار کي وهنجاري سهنجاري دائي ٻاهر ڏاڏا مرحوم وٽ کڻي
آئي. شيخ صاحب به ويٺو هو. ٻار جون اکيون بند هيون
۽ انهن مان پونءِ پئي وهي. اهو ڏسي ڏاڏا کي ڏاڍو
ڏک ٿيو ۽ ٻار کي شيخ صاحب جي هنج ۾ ڏيندي چوڻ لڳو:
”غلام محمد کڻ هن کي. ڪوڙا نجومي، تو ته چيو ٿي ته هيءُ ڏاڍو
خوش نصيب ٻار ٿيندو ۽ وڏو نالو ڪڍندو، پر هن کي ته
اکيون ئي ڪونهن. نالو ڌوڙ ڪڍندو.“
شيخ صاحب ٻار کي هنج ۾ کڻي کلڻ لڳو ۽ ڏاڏا کي چوڻ لڳو:
”سائين پير شاهه، اوهان ڳڻتي نه ڪريو. منهنجو حساب سچو آهي. هن
جون اکيون به ٿينديون ۽ اهڙيون اکيون ٿيندس جو
دنيا ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندي.“
ڏاڏا پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم حسام الدين شاهه جو نالو ان ٻار تي
رکيو. هن جي اکين جو پاڻ علاج ڪيو (هو هڪ حاذق
حڪيم به هو). جلد ئي ٻار جون اکيون ٺيڪ ٿي ويون.
* * *
آءُ حسام الدين کان ڇهه سال وڏو هوس. اڃا ٽن ورهين جو هوس ته
ڏاڏا مرحوم مون کي پنهنجي دواخاني جي منتظم ۽ ڳوٺ
جي ملان وٽ موڪلي ڏنو ۽ هن کي چوائي موڪليو ته مون
کي پهرين ڏينهن کان جامي جي يوسف زليخا پڙهائڻ
شروع ڪري.
سنڌي زبان اسان جي مادري زبان هئي، اسڪول ۾ ان جي سکڻ کي اجايو
سمجهيو ويو. انگريزي جي تعليم ان ڪري ضروري نه هئي
جو انگريز جي نوڪري ڪرڻ جو ڪو سوال ئي ڪونه هو،
تنهن ڪري سڄو زور پارسيءَ تي ڏيڻو هو. منهنجي
تعليم:
الٰهي غنچہء اميد بڪشا گلي از روضہء جاويد بنما
سان شروع ٿي ۽ جيڪا ٿوري عرصي تائين لوڏن ۾ هئي. لوڏن
جو سبب هيءَ هو ته اسان جو استاد ملان مٺل مرحوم
منهنجي پڙهڻ تي پوريءَ طرح ڌيان نه ٿي ڏئي سگهيو.
سندس ٻه زالون هيون حليمان ۽ ڪريمان. بدقسمتيءَ
سان نه حليمان ۾ حلم هو ۽ نه ڪريمان ۾ ڪرم. ٻئي هر
روز هڪٻئي جا ڄنڊا پٽينديون هيون، جنهن ڪري ملان
جو گهر اڄڪلهه جي دنيا جي سپر پاورز جي دنيا ٿي
پيو هو. البت منجهن ايتري شرافت سا ضرور هئي ته
ٻئي هڪٻئي سان وڙهنديون هيون، ٻين غريبن کي پاڻ ۾
ويڙهائي پري کان رونشي ڏسڻ جي منجهن عادت نه هئي.
سندن ويڙهه جو وقت اهو ئي هوندو هو جڏهن اسان جي
تعليم شروع ٿيندي هئي. هيڏانهن اسان جو سبق شروع
ٿيو، هوڏانهن هنن ۾ جنگ شروع ٿي ويندي هئي. جنگ
هلندي ٿانون جا ڦهڪا ۽ هيسيل ٻارن جو ريهون ۽
رڙيون، ملان صاحب کي آرام سان ويهڻ ئي ڪونه
ڏينديون هيون. لاچار مڪتب مان اٿي گهر ويندو هو ۽
جيستائين اهي ويڙهاڪ مايون رڌ پچاءَ جي ڪم سان نه
لڳنديون هيون، تيستائين اندر ئي هوندو هو. هيڏانهن
اسين ٻه_ ٽي شاگرد ٿورو وقت هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ
کان پوءِ اٿي گهر ويندا هئاسون. اهو تفصيل ان ڪري
به ڏيان ٿو ته اڳتي هلي حسام الدين کي به پڙهڻ جي
لاءِ اهڙن ئي گهٽن گهيڙن مان لنگهڻو پيو هو.
* * *
ملان مٺل الله کي پرتو ته اسان جي تعليم جي لاءِ هڪ ٻيو
مولوي صاحب مقرر ٿيو. حسام الدين به ٽن _ چئن
ورهين جو ٿيو ته مون سان گڏ اتي ئي پڙهڻ ويٺو. اهو
نئون مولوي صاحب مرحوم _ جور استاد بهه ز مهر پدرِ
(استاد جي سختي پيءُ جي پيار کان بهتر ٿئي) جي
فلسفي جو ٿورو حد کان وڌيڪ قائل هو. گهڻو ڪري
شاگردن کي ماريندو رهندو هو. شاگرد کائونس ايترو
ته ڪنبندا هئا جو سندس اڳيان ايندي ئي سبق وسري
ويندو هون.
بدقسمتي چئبي جو جلدئي هن جو ٽڪر حسام الدين سان ٿي
پيو. هن حسام الدين کي هلڪي چماٽ هڻي ڪڍي. حسام
الدين جهٽ ڏئي سندس ڏاڙهيءَ سان گستاخي ڪئي، جنهن
جي ڪري سونهاريءَ جا ڪي وارَ به شهيد ٿي پيا. اهو
هڪ تمام وڏو ايڪسيڊنٽ هو. ڀاءُ سان همدردي ڪرڻ
لاءِ آءٌ به ڪتاب ڦَٽا ڪري تونئري (جنهن تي اسين
ويهندا هئاسون) پنهنجي مٿان وجهي ليٽي پيس ۽
اندران ئي اندران مولانا جي لاءِ ڪي گُٿا لفظ
ڪڍندو رهيس. نيٺ معاملو ڏاڏا جي اڳيان پيش ٿيو.
اسان کي گهرايو ويو. مولوي صاحب دانهن ڏني، مون
وري حسام الدين جو پاسو ورتو. فيصلو ته:
”ٻئي ٻار ذهين آهن، مٿن سختي يڪئي ويئي ته ڪجهه به نه پڙهندا.
تنهن ڪري سندن نالو ئي نه وٺجي. پاڻ پڙهڻ گهرن ته
ڀلي، نه پڙهن ته خير _ جيڪا سندن تقدير.“
انهيءَ فيصلي ٿيڻ کان پوءِ مولوي صاحب جو ڍنگ ئي ٻيو ٿي
ويو. ڏنڊي کي پاسيرو رکي مِٺ محبت سان ڪم وٺڻ لڳو.
حسام الدين جي دل رکڻ خاطر سندس تعريف ۾ هڪ نظم به
لکيائين. هڪ مصرع اڃا تائين ياد اٿم:
”گرامي دُر دينل شاهه باشد“
”ڏنل شاهه“ حسام الدين جو پيار جو نالو هو.
هوڏانهن خود مولوي صاحب جي هانوَ تي ڇنڊي وجهڻ لاءِ
اسان جي والده پنهنجي ٻانهيءَ کي موڪلي اسان جي
پاران معافي گهري ۽ ڪي سوکڙيون به موڪليون. ان کان
پوءِ ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي.
هاڻي اسين ٻئي ڌيان سان پڙهڻ لڳاسون. پرَ الله سائينءَ کي اهو
منظور ئي ڪونه هو ته اسين مولوي صاحب کان وڌيڪ فيض
پرايون. مولوي صاحب جا ٻه اڻپڙهيل پٽ هئا، جن گهر
۾ سندس غير حاضريءَ جو وجهه وٺي ڪي اهڙا ابتا ڪم
ڪيا جو پوليس سندن ڪَڍ لڳي. ڏينهون ڏينهن معاملو
وڌندو ويو ۽ لاچار مولوي صاحب کي وڃي ڳوٺ ۾ رهڻو
پيو ۽ اسان وٽان استعفا ڏئي ويو.
هاڻي هن جي جاءِ تي پهرين هڪڙو مولوي صاحب آندو ويو ۽ پوءِ هڪ
انگريزي خواندو استاد، جيڪو ٽونڪ رياست جو رهاڪو
هو. پر ٻنهين جا پير نه کُتا. مولوي صاحب ٿر جي
ويرانين جو رهندڙ هو، سندس دل اتر سنڌ جي آبادين ۾
نه لڳي. استاد انهيءَ ڪري واپس هليو ويو جو حاجت
پوري ڪرڻ لاءِ ڪو پاخانو ڪونه هو ۽ کيس ڪرو کڻي
جهنگ ۾ وڃڻو پوندو هو، جتي گدڙ رهندا هئا.
منهنجيءَ تعليم جو اهو دور ته اتي ئي پورو ٿي ويو، البت حسام
الدين جي لاءِ هڪ ٻيو استاد مقرر ڪيو ويو، نالو
هوس مولوي محمد الياس. آواز جو ڏاڍو مِٺو ۽ سهڻو
جوان هو. پر هو به اسان وٽ گهڻا ڏينهن رهي نه
سگهيو. سبب هيءُ ٿيو ته اسان جي ڏاڏي وٽ ڀڳت سنگهه
نالي هڪ پنجابي سک رهندو هو، جيڪو ڏاڏا جي لاءِ
فرنيچر ٺاهيندو رهندو هو. فنڪار ڪاريگر هو. سندس
ٺاهيل سامان جي مقابلي ۾ يورپ جون ٺهيل شيون تڇ
هونديون هيون. ورهين جا رهيه اسان وٽ رهيو پيو هو.
پيريءَ ۾ پنجاب وڃي اتان هڪ نوجوان ڇوڪري پرڻجي
آيو ۽ مسجد جي ويجهو هڪ ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳو. ٿورن
ڏينهن کان پوءِ کيس شڪ ٿيو ته مولوي صاحب جي ٻانگن
سندس نوجوان زال جي ذهن تي اثر وجهڻ شروع ڪيو آهي،
تنهن ڪري هن مولوي صاحب کي قتل ڪرڻ جو پڪو پهه
ڪيو. سک هو ۽ اها ڳالهه سندس سوچ سمجهه کان پري نه
هئي. لاچار مولوي کي واپس سندس ڳوٺ اماڻيو ويو.
* * *
انهن حادثن جي ڪري منهنجي تعليم ته ڪڏهوڪي پوري ٿي ويئي هئي،
هاڻي حسام الدين جي به ختم ٿي ويئي. اسڪول، ڪاليچ
يا مدرسي ۾ وڃڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو، پر ان بي
قاعدي ۽ غير رسمي تعليم جو سلسلو به ٽُٽي پيو.
البت اسان جي والده مرحومه جي زور ڀرڻ تي حسام
الدين ۽ آءُ وري ريلوي اسٽيشن جي بابوءَ کان ٿوري
”گٽ مٽ“ سکڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسون. اها ريلوي
اسٽين اسان جي ڳوٺ کان ڏيڍ _ ٻه ميل پري هئي. اسان
جي سواريءَ لاءِ بجلي نالي هڪ ننڍي گهوڙي خريد ڪئي
ويئي، جنهن تي چڙهي اسين اسٽيشن تي وڃڻ لڳاسون.
اڳيان آءٌ ۽ منهنجي پٺيان حسام الدين، جيئن اڄڪلهه
اسڪوٽر تي سواريون ويهنديون آهن. اها گهوڙي فقط ٻه
ڳالهيون ڄاڻندي هئي _ منهن ۾ لغام پوڻ کان پوءِ
پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجيءَ رفتار سان ڀڄڻ يا وري
ڀڄندي ڀڄندي ساوڪ کي ڏسي بيهي رهڻ (۽ اسان جو سندس
پٺيءَ تان زمين تي ڪرڻ) ڪچي رستي تي هر روز مٽيءَ
۾ ڀڀوت ٿيڻ ته ڪا ڳالهه نه هئي، پر ڊپ لڳو ته متان
ڪنهن پڪي رستي تي ڪري پنهنجا هَڏ _ گُڏ نه ڀڃائي
ويهون. ان اسڪيم جي ناڪاميءَ جو ٻيو سبب هيءُ هو
ته انهيءَ بابو صاحب جي علمي ڄاڻ تمام ننڍڙي هئي،
جنهن ڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ انگريزي لفظن جو اسٽاڪ
ختم ٿي ويو هو. تنهن ڪري فيصلو ٿيو ته علم جي ڳولا
۾ ٻاهر نڪرڻ بند. ٿي سگهي ته گهر ۾ ويهي ٿورو
پڙهجي نه ته الله بس باقي هوس.
* * *
حسام الدين مرحوم ۽ منهنجي وڌيڪ تعليم جو آسرو نه رهيو ته ٿوري
وقت لاءِ اسان جون راهون جدا ٿي ويون. حسام الدين
راند روند ۾ لڳي ويو ۽ ڏاڏا مرحوم مون کي پاڻ وٽ
رهائي منهنجي تربيت شروع ڪئي. پاڻ جيڏانهن به
ويندو هو، جنهن سان به ملندو هو، مون کي پاڻ سان
وٺي ويندو هو. بمبئي، پونو، راجپوتانه ۽ دهلي ڏسڻ
جا موقعا ملندا رهيا. ان زماني جي وڏن وڏن ماڻهن
سان ملاقاتون به ٿينديون رهيون. انهن ۾ هندستان جا
مشهور ماڻهو به هئا ته انگريز حاڪم به. ڪڏهن ڪڏهن
ته ائين به ٿيندو هو ته هو نياپو ڏئي مون کي هنن
ڏانهن اڪيلو موڪليندو هو، جيئن مون ۾ پاڻَ ڀروسو
پيدا ٿئي. آءٌ بلڪل ڪونه گهٻرائيندو هوس ۽ منهنجي
ننڍي عمر کي ڏسي هو به مون سان پيار ڪندا هئا.
ٻيو ڪم منهنجي حوالي اهو ٿيو ته آءٌ اخبارون پڙهي، سندن
دلچسپيءَ جون خبرون چونڊي کين ٻڌائيندو رهان. وٽن
ڪيتريون ئي اخبارون اينديون هيون، سنڌي، اردو،
انگريزي، پاڻ فرمائيندو هو ته اخبارن پڙهڻ جي ڪري
ماڻهوءَ جو دماغ کلي ٿو، پاڻ لکڻ پڙهڻ سکي ٿو،
وڏين ڳالهين ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي ۽ دنيا ۾ جيڪي
وهي واپري ٿو ان کان باخبر رهي ٿو.
اخبار ڏسڻ سان گڏ مون کي ڪتابن ڏسڻ جو به شوق ٿيو. اهو شوق
ايترو ته وڌيو جو آءُ پنهنجو ٻه پئسا روزانو گڏ
ڪري انهن پئسن مان ننڍا ننڍا ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ
لڳس. جيتري قدر مون کي ياد پوي ٿو ته لاهور ۾
سردار سنت سنگهه نالي ڪو پبلشر هو جيڪو ننڍيون
چوپڙيون (ٻن آنن ۾ هڪ) ڇاپي ريلوي بڪ اسٽالن تي
وڪري جي لاءِ رکائيندو هو. هن جو ”چلبلي غزليات“
جو سلسلو ان زماني ۾ ڏاڍو مقبول هو. آءُ اهي سستا
ڪتاب وٺي انهن کي جلد ٻڌرائي پنهنجي ڪمري جي هڪ
ڪٻٽ ۾ رکندو هوس.
* * *
هڪڙي ڏينهن حسام الدين راند ڪندي ڪندي منهنجي ڪمري ۾
اچي انهن ڪتابن سان کڙاند ڪرڻ لڳو. مون کيس دڙڪو
ڏنو، ”اڙي ڄٽ، تون منهنجن ڪتابن کي هٿ نه لاءِ.“
هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن چوندو هليو ويو، ”آءُ ڄٽ
آهيان؟ چڱو ادا.“
ان واقعي کان پوءِ هن جي طبيعت ۾ وڏو انقلاب آيو. هن رانديون
رهڻ ۽ ڳوٺ جي ٻارن سان رلڻ هڪدم ڇڏي ڏنو. اڳي کان
وڌيڪ منهنجي ويجهو آيو ۽ هر ان شيءِ ۾ دلچسپي وٺڻ
لڳو، جنهن ۾ مون کي دلچسپي هئي. ماٺ ميٺ ۾ هرڪا
ڇپيل شيءِ پڙهڻ لڳو. جيڪو به پڙهيل لکيل ماڻهو
مليس تنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڪانه ڪا ڪم جي شيءِ
حاصل ڪرڻ لڳو. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ لالٽين
رکي ڪي نه ڪي پيو پڙهندو هو ۽ دير تائين پڙهندو
رهندو هو. ڳوٺ ته ڇڏيو، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ به اڃا
بجلي ڪين آئي هئي. وري گرميءَ جي مند ۾ سخت گرمي،
گهٽ ۽ مڇر، الامان والحفيظ. هن جي حال تي ترس کائي
اسان جي والده مرحومه پکو کڻي ساڻس گڏ ويهندي هئي
۽ جيستائين هو پاڻ ٿڪجي سمهي نه رهندو هو، هوءَ
اتان چرندي به نه هئي. گهڻو ڪري ٻئي صبح جو ٽين
چئين بجي تائين ويٺا هوندا هئا.
حسام الدين جي تربيت ۾ منهنجو حصو ان کان وڌيڪ نه هو ته مون مٿس
سخت ڊسپلن عائد ڪئي. اهو ڊسپلن جو مرض مون کي شروع
کان لڳو هو. آءٌ
Indiscipline
کي ته بلڪل سمجهي نه ٿو سگهان. هڪ ڀيري سندس ڪنهن
حرڪت تي ڪاوڙجي مون مٿس ايئر گن (هوائي بندوق) سان
فائر ڪيو. بندوق ۾ ڇرن جي بدران چڻن جا داڻا ڀريل
هئا. ان هوندي به سندس پيٽ تي زخم ٿي پيو ۽ ان مان
خون وهڻ لڳو. آخر عمر تائين مرحوم جي پيٽ تي اهو
نشان هو. چوندو هو ته اها تنهنجي غلاميءَ جي مهر
آهي. جيئن قلندر شهباز جا فقير گرم لوهه سان
پنهنجي بازوءَ تي مهر هڻائيندا آهن.
پر منهنجي طبيعت جي انهيءَ تنديءَ ۽ تيزيءَ جي ڪري، هن تي ايترو
اثر سو ضرور ٿيو جو سندس طبيعت ۾ ڪيتريون ئي نيون
ڳالهيون پيدا ٿي ويون. مثال طور راند روند کان
نفرت؛ حد کان وڌيڪ سيلف ڊسپلن ۽ ادب؛ دل، دماغ ۽
زبان تي بيحد ضابطو؛ پڙهڻ ۽ محنت مشقت کان دل نه
لاهڻ؛ تجسس ۽ تحقيق جو شوق. اڃا ٻارهن تيرهن سالن
جي عمر ٿي هيس، پر طبيعت ۾ ڪابه ٻاراڻي ڳالهه نه
رهيس. طبيعت جو ڏاڍو حساس هو. هڪ اڌ اشاري ۾ ئي
سندس طبيعت ۾ اهو فرق اچي ويو هو. منهنجي عمر به
ارڙهن اوڻويهه سال ٿي ويئي هئي. اسان ٻنهين جي
اهائي ڪوشش هئي ته جلد ۾ جلد وڏا ٿي ڪو ڪم ڪريون،
انهن ڏينهين ڪلڪتي مان ”بخشي“ جنتري ڇپبي هئي،
جنهن ۾ ڪن شين جا اشتهار به ايندا هئا. انهن مان
هڪ اشتهار ڏسي اسان ٻنهين نقلي ڏاڙهيون گهرايون ۽
ڪي رعبدار مڇون به. اهي هڻي اسين پنهنجي دل خوش
ڪندا هئاسون ۽ سمجهڻ لڳاسون ته اسين جوان ٿي ويا
آهيون ۽ هاڻي ڪنهن ڪم ڪرڻ جي لائق ٿيا آهيون.
اسان جو خاندان ڌنڌو زمينداري هو؛ يعني اسين پير سان گڏ وڏيرا
به هئاسون. چؤطرف وڏيرڪو ماحول هو. ڳوٺاڻي زندگي،
هر پاسي اڻڄاڻائي ۽ جهالت، سستي ۽ ڪاهلي، ڏاڍ ڏمر،
وندر ورونهن، چوري چڪاري، ڇڪتاڻ، وڏن وڏيرن ۽
جاگيردارن کي ڏسبو هو ته اهي عيش عشرت ۽ اجاين
ڳالهين ۾ ڪيئن نه پنهنجي زندگي وڃائيندا هئا. ميڙا
ملاکڙا ڪرائيندا هئا، ڪڪڙ ويڙهائيندا هئا، سوئرن ۽
ڪتن جي ويڙهه ڏسندا هئا. پاڻ کان ڏاڍن جي خوشامد
ڪندا هئا ۽ پاڻ کان ڪمزورن جي نڙيءَ تي لت رکيو
ويٺا هوندا هئا. اهي ئي ماڻهو هئا، جن پوءِ سنڌ جي
سياست ۾ گهڙي ايترو گند پکيڙيو. حسام الدين ۽ آءُ
اهڙن ماڻهن کان سخت نفرت ڪندا هئاسون. اسين سندن
ويجهو برابر هئاسون، پر انهن مان بنهه نه هئاسون.
سندن دنيا سان ذهني طرح اسان جو ڪوبه واسطو نه
رهيو هو. انهيءَ ذهني انقلاب آڻڻ ۾ اسان جي والده
مرحومه جو وڏو هٿ هو. پاڻ هر وقت اسان کي اهو ئي
سمجهائيندي رهندي هئي ته ”زمانو ڦرڻ وارو آهي
وڏيرڪي ۽ پيري جٽاءُ نه ڪندي. جيڪڏهن علم حاصل
ڪندؤ، محنت ڪندؤ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکندؤ ته
ڪي ڪري سگهندؤ، ڪي ٿي سگهندؤ، نه ته ڌڪا پيا
کائيندؤ.“ الله سائين امڙ کي شل جنت ۾ جايون ڏئي.
هوءَ پاڻ ته پڙهيل لکيل نه هئي، پر وڏي دانا ۽ دور
انديش هئي.
سن 1924ع تائين، جڏهن منهنجي عمر اوڻويهن ورهين جي ٿي، مون ۾
ايتري لياقت پيدا ٿي ويئي هئي جو آءٌ ڪجهه لکي
سگهندو هوس. مون هڪ ماهنامو ”الراشد“ جي نالي سان
اتان ڳوٺ مان ڪڍڻ شروع ڪيو. ڇپائيندو سکر مان هوس،
پر آفيس ڳوٺ ۾ ئي رکيم. حسام الدين ان ڪم ۾ پنهنجو
هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو. خريدارن جي لسٽ اپ ٽو ڊيٽ
رکڻ، ايڊريسن جون سلپون ۽ ٽڪليون هڻڻ، بنڊل ٺاهي
پوسٽ آفيس کڻي وڃڻ، آمدني ۽ خرچ جو حساب رکڻ، اهي
سڀئي ڪم هن جي ذمي هوندا هئا ۽ هو ڏاڍي سليقي سان
اهي فرض پورا ڪندو هو. لکڻ ڏانهن اڃا ڌيان ڪونه
ويو هوس. البت لڪ ڇپ ۾ ٿوري گهڻي شاعري ڪندو هو.
تخلص هوس ”فدائي“.
انهن ڏينهين اخبار ڪڍڻ قانوني طرح سولو ڪم هو. ڪنهن به ماجسٽريٽ
جي اڳيان رڳو هڪ ڊڪلئرشن ڏيڻو پوندو هو ته آءُ
فلاڻي هنڌان فلاڻي اخبار ڪڍڻ گهران ٿو. ماجسٽريٽ
ان جي تصديق ڪندو هو ۽ ان آڌار تي پوسٽ آفيس مان
رعايت حاصل ٿي ويندي هئي. اجازت وجازت جو ڪوبه
مسئلو نه ٿيندو هو. انگريز جي اها پاليسي هوندي
هئي ته جيتري قدر ٿي سگهي، ماڻهن کي آزادي ۽ سهولت
هجي، جيئن اهي پنهنجيءَ دل تان بار هلڪو ڪندا رهن
۽ اندر ئي اندر ٻوساٽجي نه مرن. نه باغي ٿي ڀڃ
ڊاهه جا رستا وٺن.
ان زماني ۾ مون سياست ڏانهن رڙهڻ شروع ڪيو. پهرين پنهنجي قبيلي
جي تنظيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. ايتري ۾ هندو
مسلم فساد شروع ٿي ويا (جن جي شروعات اسان جي ضلعي
لاڙڪاڻي کان ٿي). آءُ خانبهادر کهڙي مرحوم سان
گڏجي مسلمانن جي طرفان ڪم ڪرڻ لڳس. ڳالهه مان
ڳالهه نڪتي ۽ اسين جلد ئي ان نتيجي تي پهتاسون ته
جيستائين سنڌ بمبئي کان جدا نه ٿي ٿئي، هندن جي
هٿان اهو مسلم آزاريءَ جو سلسلو ختم نه ٿيندو.
تنهن ڪري کهڙي مرحوم ان تحريڪ جي اڳواڻي سنڀالي ۽
آءُ سندس مددگار ٿيس. سنڌ جي جدا ٿيڻ لاءِ ڪيترن
ئي ورهين کان گهر ٿي رهي هئي، پر هاڻي ان کي هڪ
نئين انداز سان منظم طريقي تي اٿاريو ۽ اُڀاريو
ويو. کهڙي صاحب مون کي سنڌ زميندار اخبار (سکر) جو
ايڊيٽر مقرر ڪيو، جنهن جو پاڻ مئنيجنگ ڊائريڪٽر
هو. اها اخبار سنڌ جي هندو ۽ مسلمان زميندارن جو
آرگن هئي ۽ ان وقت تائين ان جا ايڊيٽر سنڌي اسڪولن
جا رٽائرڊ ماستر هوندا هئا، جن جي چونڊ؛ وقت جا
عملدار پاڻ ڪندا هئا. کهڙي مرحوم اها رسم ٽوڙي مون
جهڙي شعلي مزاج نوجوان کي کڻي اتي ويهاريو. مون
ٿوري ئي وقت ۾ اخبار جون پراڻيون روايتون ختم ڪري
ان کي سنڌ جي مسلمان عوام جو کڻي آرگن ڪيو ۽ هندن،
هندو دوست ۽ وقت جي نوڪر شاهيءَ جي خلاف اهڙا
مضمون لکيا جو ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان
جدا ٿيڻ واري مسئلي جي سلسلي ۾ سجاڳي ۽ عام راءِ
جي هڪ لهر اڳتي وڌڻ لڳي.
اهو واقعو سنه 1929ع جو هو، جڏهن منهنجي عمر 24 سال ۽ حسام
الدين جي 18 سان هئي. حسام الدين هميشه مون سان گڏ
هوندو هو. آءٌ ايڊيٽر ٿي سکر آيس ته هو به گهر ۽
زمينداري ڇڏي اتي آيو ۽ منهنجو انڊراسٽڊي ٿي ڪم
سکڻ لڳو. مون سندس ذهن ۾ هيءَ ڳالهه ويهاري ڇڏي ته
ان وقت جي حالتن هيٺ اخبار نويسي ۽ سياست تمام
ڏکيا ڪم آهن. پهرين شرط هيءُ آهي ته انسان ۾ توڪل،
محنت، جاکوڙ، سخت جاني ۽ مقصد سان پورو چاهه
(Total dedication)
جهڙا وصف هجن. وقت جو قدر ۽ قيمت معلوم هجي. علم
جي اهميت جو احساس هجي يعني صحافت جي ليليٰ _ جو
وصال حاصل ڪرڻو هجي ته مجنون ٿيڻو پوندو. مرحوم
اهي شرط کليءَ دل سان قبول ڪيا ۽ اخباري ۽ علمي
دنيا ۾ عملي طرح اسان جو ساٿ شروع ٿي ويو. اسان جي
ويجهو ئي سکر ميونسپالٽي جي جنرل لائبرري هئي،
اتان ڪتاب وٺي اسان پڙهڻ جي به شروعات ڪري ڇڏي.
ٻيو ڪوبه شغل نه، ڪوبه ڪم نه. سڄو وقت ڪتاب يا
قلم، ايتريقدر جو ننڊ به ٿوري ڪبي هئي. حسام الدين
ته سمهندو به فرش تي هو.
وقت گذرندو ويو، ڪم وڌندو ويو. مون کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ته
کهڙي مرحوم جو سيڪريٽري ٿي سياست به ڪندو رهان ۽
اخبار جي لاءِ به لکان. تنهن ڪري سن 1930ع ۾ کهڙي
صاحب حسام الدين کي نائب مدير ڪري اتي ئي رکيو.
حسام الدين جي عمر ويهه ورهيه هئي. منجهس ايتري
صلاحيت اچي ويئي هئي ته هو ايڊيٽوريل لکي سگهي.
لکڻيءَ ۾ تيزي هوندي هئس. ۽ لفاظيءَ کان وڌيڪ
دليلن تي زور. ٿوري ئي وقت ۾ نالو ڪڍيائين ۽ مون
کي خاطري ٿي ته منجهين مصروفيتن ۽ غير حاضريءَ جي
ڪري اخبار جي معيار ۾ ڪوبه فرق نه ايندو. منهنجي
توقع سچي نڪتي.
* * *
ٽن سالن ۾ ئي ظاهر ٿي ويو ته سنڌ جدا ٿي رهي آهي، پر جدا ٿيڻ
کان پوءِ ڇا پروگرام ٿئي، انهيءَ تي منهنجي ۽ کهڙي
صاحب جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو. اختلاف ان ڳالهه تي
ٿيو ته مون ٿورو تيزيءَ سان وڌڻ گهريو ٿي ۽ کهڙي
صاحب جون زميداريون جيئن ته گهڻيون هيون، هن وڏيرن
۽ مسلمان نوڪر شاهيءَ کي ساڻ ڪري اڳتي وڌڻ ۾ مصلحت
سمجهي. مون ڪاوڙ ۾ اچي هڪدم کيس پنهنجي استعفا
ڏياري موڪلي ۽ ٽپڙ ٽاڙي ٻڌي روانو ٿي ويس. حسام
الدين کان پڇيم، ”تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“ جواب
ڏنائين: ”جيڪا صلاح مالڪ جي، اها بندي جي.“ ”پر
هاڻي ته اسان جي توڪل تي تمام وڏو ٻوجهه پئجي
ويندو.“ مون چيو. وراڻيائين: ”تنهنجي منهنجي
ذميداري پوري ٿي. هاڻي ان جي ذميداري ٿيندي جنهن
تي توڪل آهي.“
توڪل تي ان ڪري پئي زور ڏنوسون جو اسان ٻنهين وٽ ان ڏينهن رڳو
اَٺ آنا هئا ۽ ان رقم ۾ ڪيڏانهن وڃون ها؟ _ گهر؟ _
پر گهر وڃڻ جي لاءِ ريل جي ٿرڊ ڪلاس جو ڀاڙو هڪڙي
ماڻهوءَ جو اٺ آنا هو. اها کوٽ ڪيئن پوري ٿئي”
توڪل ڪري، اسين ٻئي ٻه آنا خرچ ڪري ٽانگي ۾ چڙهي
ريلوي اسٽيشن پهچي وياسون. هاڻي اسان وٽ رڳو ڇهه
آنا وڃي بچيا هئا.
اسان جو ٽانگو اڃا اسٽيشن جي ويٽنگ هال جي اڳيان مس اچي بيٺو هو
ته اسان جو هڪ غريب ڳوٺاڻو دوست اسان کي ڏسي
ڊوڙندو اسان ڏانهن آيو ۽ پڇڻ لڳو، ”گهر هلو ٿا
ڇا؟“ مون وراڻيو، ”هائو“. اهو ٻڌي هو ڀڄندو ٽڪيٽ
گهر ڏانهن ويو ۽ اتان ٻه سيڪنڊ ڪلاس جا ٽڪيٽ وٺي
آڻي اسان جي هٿ ۾ ڏنائين ۽ پوءِ اسان جو ٿورو گهڻو
سامان کڻي اسان جي پويان پليٽ فارم ڏانهن هليو.
اسين ٻئي ڏاڍي شان سان وڃي سيڪنڊ ڪلاس ۾ ويٺاسون.
حسام الدين جو چهرو ٿورو خوشيءَ وچان ٻهڪي پيو.
سبب پڇڻ تي وراڻيائين: ”جنهن تي توڪل هو، تنهن
اسان جي عزت به رکي ۽ پنهنجو شان به ڏيکاريو. اڳي
ٿرڊ ڪلاس ۾ هلندا هئاسون، اڄ سندس مهمان ٿياسون ته
سيڪنڊ ڪلاس ۾ پيا سفر ڪريون.“
اسان جي ان مفلسيءَ جو سبب هيءُ هو ته اسان وٽ پئسو بچندو ئي
ڪونه هو. منهنجو پگهار مهيني جي آخر تائين پنجاهه
روپين کان مٿي نه ٿيو ۽ جيتري قدر ياد پويم ٿو ته
حسام الدين کي مهيني ۾ شايد ٽيهه روپيا ملندو هو.
گهر وارن کان پئسو به ڪونه وٺبو هو. رشوتخوريءَ جو
رواج اڃا اخبار نويسن وٽ ڪونه پيو هو. صحافت کي هڪ
مقدس مشن سمجهيو ويندو هو. اخبار نويسن جي
ايمانداري ۽ ڪردار جي باري ۾ ماڻهو ايترا َحساس
هوندا هئا، جو جيڪڏهن کين ڪو شڪ ٿئي ته فلاڻو
اخبار نويس رڳو پئسن ڪمائڻ جي لاءِ اخبار ڪڍي ٿو ۽
عوام جي ڀلائيءَ جي نالي تي ڪا ڦير گهير ڪري ٿو ته
ماڻهو سندس اخبار خريد ڪرڻ ته ڇڏيو مرڳو وجهه
ملندي ئي ساڻس ڪا جُٺ ڪندي به ويرم نه ڪندا هئا.
اهو بيشڪ جائز سمجهبو هو ته اخبار نويس کليو کلايو
پنهنجيءَ اخبار کي سرڪاري آرگن ڪري حڪومت جي
ترجماني ۽ خوشامد ڪندا رهن. پر ڳالهه پڌري پٽ هجي
_ ظاهر هجي _ منافق نه هجي. اخبار آزاد سڏجي، عوام
جي ترجمانيءَ جي دعويٰ ڪري، پر حڪومت کان پئسا ۽
رعايتون حاصل ڪرڻ جي غرض سان ماڻهن کي فريب ڏيندي
رهي ۽ کين بيوقوف بنائيندي رهي، ته اها ڳالهه سهپ
کان ٻاهر هوندي هئي. اهو ان ماحول جو ئي اثر هو جو
ان زماني ۾ ظفر علي خان، حسرت موهاني، ابو الڪلام،
هارنيمن، محمد علي جوهر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽
رامانند چئٽرجي جهڙا ناميارا اخبار نويس اڀريا، جن
تاريخ جي سڀ کان وڏي سلطنت جون جڙون هن ننڍي کنڊ
مان پٽي اڇلايون. اخبار نويس جو قلم نه پر ڪردار
وڙهندو هو ۽ انقلاب تائين وٺي ايندو هو.
اسين ٻئي ڀائر ته انهن صحافين جي جتين کڻڻ جا به اهل نه هئاسون،
پر اسان ۾ ۽ هنن ۾ جيڪا هڪ ڳالهه هئي اها هيءَ ته
اسين به غريب هئاسون ۽ غربت ۾ وڏن خوابن ڏسڻ جا
عادي! مفلس ضرور هئاسون، پر نيچ نه هئاسون.
* * *
هڪ ٻن ڳالهين جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي.
پهرين هيءَ ته اهو ”سستائيءَ“ جو زمانو هو. هر مهيني پنجاهه
روپيا گذاري جي لاءِ خاصي رقم هوندي هئي. پلو يا
مڇي ڇهن آنن ۾ ملندي هئي. گوشت 6 آني هڪ سير ملندو
هو. ڪڻڪ ڏيڍ روپئي مڻ، چانور ٻن ٽن روپين ۾ مڻ،
گيهه (سچو) هڪ روپئي سير، وائلو اٺين آني وال. لٽو
چئين آني وال. کاڌي رڌڻ پچائڻ واري ڇوڪري جو
ماهانه پگهار ٻن کان چار روپيه. مون وٽ پوءِ به
ويهه روپيا بچي پوندا هئا، جن جا آءُ ڪتاب خريد
ڪندو هوس.
ٻي ڳالهه هيءَ ته ان زماني ۾ ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ عيب ڪونه
سمجهيو ويندو هو. سياسي تحريڪن جا وڏا وڏا ليڊر
(گانڌي جي سميت) سدائين ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندا هئا.
گاڏين ۾ تمام گهڻا ماڻهو ڪونه چڙهندا هئا. آءُ
ڪراچيءَ کان بمبئي، ڪلڪتي، مدارس تائين ٿرڊ ڪلاس ۾
سفر ڪندو هوس. گاڏي جو وڏو حصو خالي پيو هوندو هو
۽ اسين ٻه ٽي ڄڻا بئنچن تي هنڌ بسترا وڇائي آرام
سان ويٺا هوندا هئاسون يا سمهي رهندا هئاسون.
اسين گهر ته پهچي وياسون، پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ ائين لڳو ته
اسان پنهنجي دل سکر ۾ ڇڏي آيا آهيون. انهن ڏينهين
سکر ڄڻ ته جنگ جو ميدان هو ۽ اتان غائب ٿي وڃڻ کي
ماڻهو اسان جي بزدلي سمجهن ها. هونئن ته ڪوبه پڇا
ڳاڇا ڪرڻ وارو نه هو، پر اسان کي پنهنجي ضمير پئي
چڪ وڌا.
سکر جنگ جو ميدان ان سبب ڪري هو جو سن 1927ع کان اتر سنڌ ۾ هندن
۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ قسم جي ”سوِل وار“ لڳل هئي،
جنهن جو مرڪز اهو سکر هو.
مهاسڀا، شڌي ۽ سنگهٽن جا فتنا هونئن ته سموري هندستان ۾ پکڙيل
هئا، پر انهن جو پاڇو سنڌ تي سن 1927ع کان پوڻ
شروع ٿيو، جڏهن هندن زوراوري ڏيکارڻ ۽ چئلينج ڪرڻ
جي نيت سان هڪ مسلمان عورت کي ٽن ٻارن سميت ڀڄائي
”شڌ“ ڪيو، تڏهن هندو مسلم فسادن جو سلسلو لاڙڪاڻي،
سکر ۽ جيڪب آباد تائين پکڙجي ويو. انهيءَ اڻبڻت ۾
اڃا به واڌ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ واري تحريڪ
جي ڪري به ٿي. هندن سمجهيو هو ته سندن زور ٽوڙڻ جي
لاءِ مسلمان سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان جدا پيا
ڪرائين. تنهن ڪري سنڌ جدا ٿئي، ان کان اڳ ۾ ئي
ساڻن وڙهي خود سندن زور ٽوڙيو وڃي. ياد هجي ته
گڏيل بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ مسلمان آبادي رڳو اٺ
سيڪڙو هئي، پر سنڌ ۾ مسلم آبادي 75 سيڪڙو هئي.
اهوئي فرق هو جنهن جي ڪري هندن کي ڊپ هو. سندن
خيال هو ته جيڪڏهن فرقيواريت جي بنيادن تي سنڌ ۾
اڳ ۾ ئي خونريزي ٿيندي رهندي ته هندستان جا هندو
سنڌ کي هرگز جدا ٿيڻ نه ڏيندا.
انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ خاطر سنڌ جي هندن هيٺيان طريقا اختيار
ڪيا هئا:
(1) هنن وڏي انداز ۾ هٿيار گڏ ڪيا هئا ۽ پنهنجن نوجوانن کي انهن
جي استعمال جي ٽريننگ ڏياري هئي (سنڌ کان ٻاهر
موڪلي به).
(2) ٿوري ٿوري ڳالهه تي فساد ۽ خونريزي ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي
ويندا هئا.
(3) عدالتي ڪاررواين جو ڄار پکيڙيو ويو هو، جنهن کي وڌائيندا
پئي ويا (وڪيل هنن جا، ماجسٽريٽ هنن جا، انگريز جي
حڪومت سندن پشت پناهه، پئسا هنن وٽ _ مطلب ته ڪنهن
به مُلسلمان قومي ڪارڪن کي ڦاسائڻ کان سواءِ ڪونه
ڇڏيو هئائون) ڪيس سڀئي ڪوڙا هوندا هئا.
(4) اخبار ۾ هاءِ گهوڙا ايتري ته ڪيائون جو سنڌ جي سڄي مسلمان
قوم رڳو چور، ڌاڙيل ۽ قاتل پئي نظر آئي. مسلمانن
جي مدد ڪرڻ کان خود مسلمان ٿي ڊنا.
(5) هندن جي انهيءَ تحريڪ جو مرڪز سکر کي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان
دور جا وڏا هندو ليڊر، وڪيل، سرمائيدار، صحافي،
سازشي ۽ فسادي سڀ اتي ئي رهندا هئا. هونئن به سکر
اتر سنڌ جو سڀ کان وڏو ۽ اهم ضلعو آهي. اتي جيڪي
به ٿيندو هو ان جو اثر لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد تي به
پوندو رهندو هو.
مطلب ته اهو هو جنگ جو ميدان جنهن کي اوچتو (هڪ جذبي هيٺ) اسين
ٻئي ڀائر ڇڏي گهر آيا هئاسون.
* * *
پر گهر ۾ ٿورن ڏينهن کان وڌيڪ رهيو نه ٿيو. حسام الدين ۽ مون
فيصلو ڪيو ته ”در بلا باش، گردِ بلا مباش“ اسان کي
واپس سکر هلي بخت آزمائڻ گهرجي. ڪو خاص پروگرام
اڳيان نه هو، فقط اهو جذبو هو ته اتي هلي ڪو ڪم
ڪجي. جهنگ ۾ بيڪار ۽ هٿ تي هٿ رکي ويهڻ اجايو
ٿيندو. جيتريقدر ڪم جو تعلق هو ته اسين رڳو لکڻ
پڙهڻ ۽ اخبار ڪڍڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ڪم جا اهل
نه هئاسون.
سکر اچي اسان چار رپيا مهينو مسواڙ تي نارائڻ داس موٽرن واري جي
بلڊنگ ۾ هڪ ڪمرو ورتو. اها عمارت ليوڪس پارڪ جي
سامهون هئي ۽ شايد اڃا تائين موجود آهي.
آئيندي بابت اڃا به اسان جو ذهن خالي هو. قدرت ڏانهن ڏسڻ لڳاسون
ته اسان جي لاءِ ڪهڙي واٽ ٿي ڪڍي. مسواڙ تي ورتل
ان ڪمري ۾ فرنيچر جهڙي ڪابه شيءِ موجود نه هئي ۽
وري هجڻ به نه کپندي هئي، ڇاڪاڻ ته اهو رهڻ جي
لاءِ نه. دڪان جي لاءِ ٺاهيو ويو هو. ان جي ويجهو
ئي هڪ حجم جو دڪان هو جيڪو اسان کي سڃاڻندو هو. هن
اسان جي حال تي رحم کائي پاڻ وٽان هڪ کٽ ۽ ٻه
ڪرسيون آڻي اتي رکيون. ايتري ۾ اسان جو پراڻو نوڪر
ڇوڪرو به اتي پهچي ويو. هن شام جو دڪان جي اڳيان ۽
ليوڪس پارڪ جي ڪناري ڇنڪار ڪري کٽ ۽ ڪرسي رکي اسان
جي ويهڻ لاءِ جاءِ ڪئي. اهو عام رستو هو جيان
ماڻهو پئي آيا ۽ ويا ۽ اسان کي ڏسندا رهيا. ڪلاڪ
اڌ کان پوءِ شهر ۾ خبر پکڙجي ويئي اسين واپس اچي
ويا آهيون. اسان جا گهنائي دوست هئا. سياست ۾
مسلمانن جي پاران ڀرپور حصو وٺڻ جي ڪري قومي ڪارڪن
به اسان کي ڀائيندا هئا. اسان جي اچڻ جي خبر ٻڌندي
ئي انهن مان ڪيترا ماڻهو اتي اچي مڙيا. جيئن ته
ويهڻ جو بندوبست گهٽ هو، اسان سڀئي اتان اٿي پارڪ
جي لان تي وڃي ويٺاسون. هاڻي اسان جا اهي دوست پڇڻ
لڳا ته اسين ڇا ٿا ڪرڻ گهرون؟ اسان جا ڪهڙا ارادا
آهن؟ ڇا پروگرام آهي؟ اسان وٽ اهڙي قسم جي ڪا شيءِ
ته هئي ڪين، رڳو اهو پئي چيوسون ته ”پنهنجي اخبار
ڪڍنداسون.“
سوال: ڪهڙيءَ طرح؟
جواب: اها خبر ڪانهي.
پر اهي سڀ ايندڙ ڏينهن جا مسئلا هئا. بروقت مسئلو رات جي مانيءَ
جو هو، جنهن لاءِ نه اسان وٽ ڪو انتظام هو نه وري
ايترا پئسا جو هوٽل ۾ وڃي کائي سگهون.
مون حسام الدين کي ساڌ ٻيلي اماڻيو ته اتان مفت جون پوريون ۽
پرشاد وغيره وٺي اچ. ساڌ ٻيلو اڃا تائين موجود
آهي. انهيءَ مندر جي پوڄارين جو لنگر هوندو هو،
جيڪو 24 ڪلاڪ هلندو رهندو هو. سواءِ ڪنهن مٿ ڀيد
جي سڀني ۾ پيا ورهائيندا هئا. کاڌو ڏاڍو لذيذ
هوندو هو. گيهه سچو واپرائيندا هئا. سنڌ جي سماج ۾
ملاوت جو مرض اڃا ڪونه پکڙيو هو. انهيءَ ڏينهن
حسام الدين نوڪر کي به پاڻ سان ات وٺي ويو. ٻئي
ڪيتروئي کاڌو پاڻ سان کڻي آيا. ٿورو ان وقت کاڌو
ويو، باقي ٻئي ڏينهن جي لاءِ رکيوسين. سڄو هفتو
اهڙيءَ ريت گذريو، جيستائين اسين ان پوزيشن ۾
آياسين ته رڌ پچاءَ جو بندوبست پاڻ وٽ ڪري سگهون.
پوءِ به ڪفايت کان ڪم وٺڻو پوندو هو، ڇاڪاڻ ته
پئسن جي ڏاڍي کوٽ هئي. وڌ ۾ وڌ هڪ روپيو روز خرچ
ڪري ٿي سگهياسون، پر ڪم نڪري ويندو هو.
* * *
سکر شهر جا مالدار ۽ هلنديءَ پڄنديءَ وارا مسلمان هڏڏوکي ماڻهو
ڪونه هئا، اها شهرت جا بکيا ته برابر هئا، پر قومي
ڪمن تي هڪ پائي به خرچ ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا
هئا. البت غريب غربو انهن معاملن ۾ دل کولي خرچ
ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو هو، اسان اعلان ڪيو هو ته
جنهن ڏينهن اسان کي پنج سؤ خريدارن جا نالا ۽
اڳواٽ چندو ملي ويندو، ان کان هڪ هفتو پوءِ اسين
اخبار ڪڍڻ شروع ڪنداسون. انهن ڏينهين اتفاق سان هڪ
ڏينهن اسان جو هڪ دوست اتان لنگهيو. هو پاڻ جيڪب
آباد جو رهاڪو هو ۽ هندن جو ستايل هو. قومي ڪمن ۾
به کيس چڱي دلچسپي هئي. اسان جي لکيل هر شئي
پڙهندو رهندو هو. انهيءَ ڏينهن اسان کي رستي تي
ويٺل ڏسي هن ٽانگو جهليو ۽ هيٺ لهي اچي اسان سان
مليو. دستور مطابق حال احوال ورتوسين. اسان هن کي
ٻڌايو ته اسان پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو
آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٿورو گهڻو بندوبست ڪيو ويو آهي.
هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، رڳو اسان جي ڳالهه ٻڌندو
رهيو ۽ مُرڪندو رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ اٿي
هليو ويو.
اڳئين ڏينهن صبح ٿيندي ئي هن جو هندو منشي اسان وٽ پهچي ويو ۽
چوڻ لڳو ته سردار صاحب جي حڪم مطابق سندس طرفان هڪ
پريس يعني مشين ۽ ڇپائيءَ جو ٻيو سامان خريد ڪري،
اوهان جي حوالي ڪرڻ آيو آهيان. انهيءَ ڏينهن اسان
کي اڳواٽ اطلاع ڪرڻ کان سواءِ اسان جو هڪ ٻيو
دوست، جنهن پاڻ به پريس پئي هلائي، پاڻ وٽان ڇاپڻ
جي هڪ سلينڊر مشين ڪڍرائي اسان وٽ کڻي آيو ۽
پنهنجن مسترين جي هٿان اتي هڻائڻ لڳو. هڪڙي ئي وقت
الله تعاليٰ اسان جون سڀئي مشڪلون آسان ڪري ڇڏيون.
ٻن _ ٽن ڏينهن ۾ هڪ چڱي خاصي پريس لڳي ويئي. حسام
الدين ڊڪلئريشن وٺي آيو. اخبار جو نالو ”ستاره
سنڌ“ رکيو ويو. پهرين پهرين، هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڇپبي
هئي. وڌيڪ ڏهن ڏينهن اندر پنج سو بدران ست سؤ
خريدارن اڳواٽ ساليانو به موڪلي ڏنو.
هاڻي اخبار ڪڍي ويئي ۽ وڏي شان مان سان نڪتي. حسام الدين ڪوشش
وٺي پهرئين پرچي ۾ هر قسم جي موضوع تي تمام دلچسپ
مواد ڪٺو ڪري ڏنو. ادب ۽ تاريخ کان سواءِ سياسي
اهميت جون شيون به ڏنيون. مرحوم ۾ ٿوري جذباتيت
هئي. کانئس رهيو نه ٿيو ۽ هڪ ئي وقت ۾ ڪيترائي
محاذ کولي ويٺو ۽ هر هڪ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ سندرو
ٻڌي بيٺو.
مثال طور:
هندو، جن جي ظلمن جي ڪري مسلمان بيزار هئا.
نوڪر شاهي، جيڪا هندن سان گڏجي مسلمانن کي پيڙي رهي هئي.
وڏيرا، جن جي ڏاڍ غريب مسلمان ڳوٺاڻن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي.
مُلان ۽ پير، جن کو هو سنڌ جي مسلمانن جي ذهني جهالت جو ذميدار
سمجهندو هو.
سنڌ جي مسلمانن جا عيوضي، جيڪي بمبئي ڪائونسل ۾ وڃي انگريزن ۽
هندن کي خوش ڪرڻ لاءِ مسلم مفاد سان غداري ڪندا
هئا.
هندو اخبارون، جيڪي سنڌي زبان کي خراب ڪري رهيون هيون ۽ سنڌ جي
تاريخ کي غلط طريقي سان پيش ڪري رهيون هيون.
انگريز بهادر ۽ سندس سامراج، جنهن کان سڄي دنيا بيزار هئي.
مرحوم جي مرضي هئي ته بمبئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ جيڪو سنڌ جو
نئون صوبو ٺهڻ وارو هو، ان جي سماج کي پوريءَ ريت
نون بنيادن تي مضبوط بنايو وڃي. اڳ جا جيڪي
دقيانوسي ادارا هئا ۽ جن جي ڪري سنڌ جي عوام ۾
جهالت پکڙيل هئي، انهن سڀني کي هڪ ئي ڌڪ سان ختم
ڪيو وڃي.
ان پاليسيءَ جو نتيجو هيءُ نڪتو جو وقت جون سموريون طاقتون اسان
جون دشمن ٿي پيون ۽ اها ڳالهه هلائڻ لڳيون ته اسان
جي صحافت جو مقصد رڳو ڀڃ ڊاهه ۽ تباهي آهي. حسام
الدين سڄو وقت دفتر ۾ هوندو هو ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ رڌل
رهندو هو. ٻاهر ماڻهن سان سندس ميل ملاقات ڪين
هوندي هئي. ٻاهر جو ڪم منهنجي ذمي هوندو هو. ستاره
سنڌ جي تيز ۽ تکين لکڻين جي ڪري جڏهن مون ڏٺو ته
ڳالهه حد کان ٻاهر نڪرندي ٿي وڃي، ته مون هڪ
”هدايت نامو“ لکي سندس ڪمري ۾ ميز جي اڳيان ڀت تي
ٽنگائي ڇڏيو. ان ۾ هيءَ تلقين ڪيل هئي ته
خبرداريءَ کان ڪم ورتو وڃي ۽ هڪ ئي وقت ۾ هر
طاقتور عنصر کي چئلينج نه ڏنو وڃي، يعني صفائيءَ
جو ڪم درجي بدرجي ٿيڻ گهرجي، وغيره وغيره.
هڪڙي ڏينهن مون سندس ڪمري ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته منهنجي هدايت
نامي جي هيٺان هيءُ شعر لکيل نظر آيو:
فيضي از قافله ڪعبه روان بيرون نيست
اين قدر هست که از ما قدمي در پيش است.
ان کان پوءِ مون وري ڪڏهن به پاليسيءَ جي موضوع تي ساڻس ڪابه
ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي. کيس آزاد ڇڏي ڏنم ته جيڪي وڻيس سو
ڪري. البت ان جي ڪري جيتريون به مصيبتون اسان تي
آيون، انهن کي اسان ٻئي خوشيءَ ۽ خاموشيءَ سان
ڀوڳيندا رهياسون.
آءٌ مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته هندن جو دستور هو (۽ ڪن هلنديءَ
وارن مسلمان امير ماڻهن جوبه) ته اهي پنهنجن
مخالفن کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ مٿن ڪوڙا ڪيس ڪندا هئا.
جنهن تي به ٿوري تنقيد ڪئي ويندي هئي، اهو انکي
پنهنجي بيعزتي سمجهي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪندو هو.
اهو ورهين جا ورهيه پيو هلندو هو. اهڙا ڪيس نه رڳو
ايڊيٽرن جي خلاف ٿيندا هئا، پر پريس جي سموري عملي
کي (ڪمپيوزيٽرن کان وٺي اخبار وڪڻڻ وارن تائين) ان
۾ گهليو ويندو هو، اسان تي به هڪڙو ڪيس ڪيو ويو،
جيڪو ٽي سال هلندو رهيو ۽ انهن ٽن سالن ۾ رڳو
فريادي ڌر جي صاحب بهادر کان آڏي پڇا ٿيندي رهي.
اها آڏي پڇا ڪل نوي ڪلاڪ هلي ۽ اڃا پوري نه ٿي هئي
ته انگريز ماجسٽريٽ حڪومت کي لکي موڪليو ته انهيءَ
آفيسر کان هڪدم استعفا وٺي کيس نوڪريءَ مان موڪل
ڏني وڃي، ڇو ته هن ايترو ته ڪِن ڪيو آهي جو کيس
وڌيڪ نوڪريءَ ۾ رکڻ سان سڄي انتظاميه بدبودار ٿي
ويندي. آفيسر ته هليو ويو ۽ ڪيس به ختم ٿي ويو، پر
انهن ٽن سالن ۾ اسان ٻنهين ڀائرن ڪيتريون صعوبتون
سٺيون هونديون ۽ ڪيترو خرچ ڪيو هوندو، ان جو
اندازو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ان ڪيس جي سلسلي ۾ جدا
جدا کاتن مان گهرايل پنجويهه سؤ ڳرا فائيل
ماجسٽريٽ سان گڏ هلندا هئا. پاڻ گشت تي هوندو هو
ته اهو سمورو دفتر اُٺن تي کڻائي ويندو هو. خود
نوي ڪلاڪن جي آڏي پڇا (جيڪا اڃا اڻپوري هئي) رڪارڊ
پرفارمنس هئي. اها آڏي پڇا ڪنهن وڪيل نه ڪئي هئي،
پر مون پاڻ ڪئي هئي.
مطلب ته اهي هيون حالتون، جن ۾ حسام الدين مرحوم اخبار هلائيندو
رهيو ۽ پنهنجن اصولن کان پَل لاءِ به پري نه ٿيو.
تڪليفون ضرور اينديون هيون، پر ٻوسٽ ۽ روحاني گُهٽ
جي ڪيفيت ڪڏهن به نه ٿي. ماڻهو جيڪي سچ سمجهندا
هئا، چئي ڏيندا هئا: جيڪي دل ۾ هوندو هئن، لکي
سگهندا هئا.
* * *
هر انساني سوسائٽيءَ جون ڪي خصوصيتون ٿينديون آهن. سنڌ بابت
اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري هڪ انگريز مستشرق ۽ محقق
سر رچرڊ برٽن لکي ويو آهي ته اها
A Valley of Sleeping Souls آهي. هتي جا ماڻهو ان وقت تائين ستا پيا هوندا آهن،
جيستائين کين ٿڏو نه لڳي.
مثال طور هتي جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي تاريخ بابت ويهين صديءَ جي
شروعاتي پنجويهن ورهين تائين بي پرواهه ۽ ڪنهن حد
تائين بيخبر هئا. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي
ڪوشش هوندي به انهن ۾ ڌرتيءَ جي هن حصي بابت ڪو
خاص فهم پيدا ٿي نه سگهيو هو. بي پرواهيءَ ۽ ذهني
پستيءَ جي ان دور ۾ هزارين قلمي ڪتاب تباهه ٿي
ويا. ڪابه نئين تحقيق نه ٿي، ڪوبه اهم ڪتاب نه
لکيو ويو، ڪابه اهڙي لائبرري قائم نه ٿي جتي اهي
پراڻا قيمتي ڪتاب هڪ هنڌ گڏ تي سگهن. جيتوڻيڪ
فارسي ۽ عربيءَ جي اوچتو ختم ٿيڻ کان پوءِ هزارن
جي تعداد ۾ انهن ٻولين ۾ لکيل ڪتاب سڄي سنڌ ۾
پکڙيا پيا هئا. پر انهن جي اهميت کي محسوس ڪرڻ
وارو ۽ انهن کي تباهيءَ کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه
هو.
* * *
خوشقسمتيءَ سان سن 1927ع ڌاري ڪي ڳالهيون ٿيون، جن سنڌ جي پڙهيل
لکيل ماڻهن کي جاڳائڻ جي لاءِ ٿڏي جو ڪم ڪيو.
مثال طور:
(1) موئن جو دڙو کليو جنهن هتي جي تاريخ جي قدامت بابت سڄي دنيا
جون اکيون کولي ڇڏيون.
(2) هتي جي ڪن متعصب ۽ سر ڦريل هندن اخبارن ۽ رسالن جي ذريعي
سنڌي زبان ۽ سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند شروع ڪئي.
(3) هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا جن ۾ هر فرقي پنهنجي گهر کي صاف
سٿرو رکڻ جي لاءِ پنهنجي ماضيءَ کان مدد ورتي.
(4) ڪي سنڌي مسلم نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي
تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا. انهن تاريخ تي تحقيق جو
ڪم شروع ڪيو، پراڻن علمي ذخيرن کي ڳولي هٿ ڪيو.
کين جيڪي به پراڻا قلمي نسخا ملي سگهيا. انهن کي
تباهه ٿيڻ کان بچايو. هنن سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽
سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي قائم ڪئي. ۽ پنهنجي قلمي
پورهيي سان هتي جي ماڻهن ۾ تاريخ ۽ زبان جي اهميت
بابت شعور ۽ احساس پيدا ڪيو.
(5) انهن ڏينهن ۾ ئي آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ڪلاسيڪل ڪتاب
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي ٽن جلدن ۾ ڇپجي
پڌرو ٿيو هو ۽ ان جي ڪري تمام گهڻي سجاڳي ٿي.
جن صاحبن مسلمانن جي طرفان علمي ۽ تحقيقي ميدان ۾
شروعات ڪئي انهن جا نالا هي آهن. حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي مرحوم، مولانا دين محمد وفائي مرحوم،
ڊاڪٽر محمد عمر دائود پوٽو مرحوم، مسٽر محمد حنيف
صديقي مرحوم، محمد صديق ميمڻ مرحوم، عثمان علي
انصاري مرحوم، سيد ميران محمد شاهه مرحوم (۽ ٻه
چار غير معتصب هندو ليکڪ).
پوءِ اهو حلقو ڪشادو ٿيندو ويو ۽ ڪيترائي ليکڪ ۽ عالم
ان ۾ شريڪ ٿيندا ويا. ڏهن ورهين ۾ سندن ذاتي
ڪوششون ايتري ته اهميت حاصل ڪري ويون جو جناب جي.
ايم. سيد تعليم جو وزير ٿيندي ئي انهن سڀني کي هڪ
سرڪاري علمي تحقيقي اداري ۾ شامل ڪرڻ ضروري
سمجهيو. اهو ادارو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ سڏجڻ
لڳو.
انهن صاحبن سان شروع کان ئي منهنجو تعلق رهيو هو جنهن جي ڪري
حسام الدين مرحوم به انهيءَ حلقي ۾ داخل ٿي ويو
هو، حقيقت ۾ اها اڃا رڳو شروعات هئي، حسام الدين
جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي زندگيءَ جي وقت گذرڻ سان
گڏ هو ان ميدان ۾ تمام گهڻو اڳتي وڌي ويو هو ۽
پنهنجن ڪيترن ئي ساٿين کي پٺتي ڇڏي ويو.
* * *
هن مضمون ۾ مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته اخبارن سان تعلق هجڻ جي
ڪري اسين ٻئي ڀائر ان زماني ۾ سکر ۾ رهڻ لڳاسون.
سکر پراڻي زماني ۾ سنڌ ۽ خاص ڪري اتر سنڌ جو هڪ
مرڪزي شهر هوندو هو. ان زماني جون ڪيترون ئي
عمارتون اڃا تائين ڀڳل ڀريل حالت ۾ موجود هيون.
اتي وڏن اميرن ڪبيرن جا مقبرا هئا، جن تي ڪتبا لڳل
هئا. پر هاڻي انهن جي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪوبه
ڪونه هو، مون ڪوشش ڪئي ته انهن پراڻين عمارتن ۽
قبرن جا فوٽو ڪڍي گڏ ڪريان ۽ جيترا به ڪتبا ڏسڻ ۾
اچن انهن کي لکي ڇڏيان. انهيءَ کانسواءِ اتي جي
تاريخ ۾ جن مشهور ماڻهن جا نالا نظر آيا ٿي، تن
بابت دستاويزي مواد سندن پونيرن کان هٿ ڪري هڪ هنڌ
ڪَٺو ڪريان. حسام الدين انهيءَ ڪم ۾ منهنجو هٿ
ونڊائڻ شروع ڪيو. هڪ وقت ته اهڙو به آيو جو ٿڌ ۾
ڪم ڪرڻ جي ڪري مون کي نمونيا ٿي پيئي ۽ آءُ
قبرستان ۾ ڀٽڪڻ جوڳو نه رهي سگهيس. منهنجي بدران
حسام الدين اهو ڪم پاڻ سنڀاليو ۽ پورو ڪيو. مير
معصوم بکري مرحوم تي لکيل سندس ڪتاب جي شروعات
انهن ڏينهن کان ٿي.
سنه 1937ع ۾ اسان جي والد مرحوم جو لاڏاڻو ٿيو ۽ اسان کي لاچار
سکر ڇڏي واپس پنهنجي ڳوٺ اچڻو پيو. حسام الدين
مرحوم ڇهن سالن تائين ٻنيون سنڀالڻ ۽ ٻني ٻاري جو
ڪم ڪندو رهيو ۽ مون کي واندڪائي ملي ويئي ته آءُ
سياست ڪندو وتان. سنه 1938ع ۾ مسلم ليگ جو ڪم شروع
ٿيو ۽ آءُ وري ڳوٺ ڇڏي اچي ڪراچي ۾ رهيس، پر حسام
الدين جي مدد کان سواءِ منهنجو اهو ڪم به هلي نٿي
سگهيو. جڏهن آڪٽوبر 1938ع ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي
ته مون کيس گهرائي ٿوري عرصي لاءِ پاڻ وٽ رهايو.
ان کان پوءِ پاڪستان جي تحريڪ جي سلسلي ۾ سڄي
هندوستان جو گشت ڪيو ويو ته آءُ پاڻ حسام الدين کي
وٺي ويس. اهڙيءَ ريت کيس ان دور جي ڪن وڏن علمي
شخصيتن سان ملاقات جو وجهه مليو. مثال طور بابائي
اردو مولوي عبدالحق مرحوم، مولانا غلام رسول مهر
مرحوم، مولانا سيد سليمان ندوي مرحوم، علامه محمد
شيراني مرحوم، پنڊت دتاتريه ڪيفي، سيد هاشمي فريد
آبادي مرحوم ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ليکڪ. اسين جتي به
وياسون ته آءُ ته سياسي ماڻهن سان مٿا ماري ڪندو
رهيس. پر حسام الدين علمي ذوق رکندڙ برزگن سان ميل
ملاقاتون ڪندو رهيو. سندس تحرير جي اسٽائيل خواهه
تحقيق جي طريقن تي انهن ماڻهن جو وڏو اثر ٿيو.
جڏهن اسين دهليءَ ۾ هوندا هئاسون، ته گهڻو ڪري
بابائي اردو وٽ سندس دريا آباد واري بنگلي ۾ ترسبو
هو. رات جو آءُ ته لَت کوڙي سمهي پوندو هوس، پر
حسام الدين ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي رات محمود شيراني يا
مولانا عبدالحق وٽ ويهي کين تحقيقي ڪم ڪندي ڏسندو
رهندو هو. هڪڙي ڏينهن آءُ مولانا جي موٽر ۾ چڙهي
ڪاري هرڻ جي شڪار لاءِ فريد آباد ويس. جيتوڻيڪ
حسام الدين کي شڪار سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، پر
ان ڏينهن آءُ زبردستي هن کي پاڻ سان وٺي ويس. مون
کي اهو سٺو نٿي لڳو ته هو سڄو ڏينهن ڪتابن ۾ منهن
وجهيو هڪ هنڌ ويٺو هجي. ڇو ته اهڙيءَ طرح سندس
اکين ۽ حافظي تي خراب اثر پوڻ جو انديشو هو. سندس
هڪڙي اک ته پهرين کان ٿوري ڪمزور هئي. حافظي کي
بحال رکڻ لاءِ مون ضروري سمجهيو هو ته سندس دماغ
تي هر وقت ٻوجهه نه هجي. انهيءَ ڏينهن مرحوم
منهنجي زور رکڻ تي هڪڙي هرڻ تي بندوق هلائي جيڪا
ٺيڪ نشاني تي لڳي. ان کان پوءِ سڄي عمر هن نه ڪڏهن
بندوق هٿ ۾ کنئي نه وري ٻيءَ ڪنهن وندر ۾ دلچسپي
ڏيکاري. جيتوڻيڪ ڪيترائي ڀيرا مون سان گڏ هو
هندستان جي جهنگن ۾ گهمندو رهيو. لاچار ٿي کيس مون
سان گڏ هلڻو پوندو هو. آءُ بندوق کڻي هلندو هوس ۽
هو ڪتابن جون پيتيون، جنهن به وڏي شهر (مثلاً
بمبئي، دهلي، لکنؤ، ڪلڪتو) مان اسان جو لنگهڻ
ٿيندو هو، اتي لازمي طرح هو لائبررين ۽ پراڻن
ڪتابن جي دوڪانن ۾ گُهت هڻندو هو ۽ ڪتاب ڏسندو ۽
خريد ڪندو هو. ڪتابن پڙهڻ ۾ سندس مصروفيت جو
اندازو هن ڳالهه مان ٿيندو ته اسين شينهن جي ڳولا
۾ هاٿيءَ تي چڙهي جهنگن ۾ ڦرندا هئاسون ته ان وقت
به هن جي هٿ ۾ ڪونه ڪو ڪتاب هوندو هو. هڪڙي ڏينهن
مون شينهن تي گولي هلائي. شينهن ڦٽجي پيو. ڏاڍو
گوڙ گهمسان ٿيو. پر حسام الدين جو ڌيان ڪتاب ۾ ئي
لڳو پيو هو. پوءِ پڇيائين، ”ڇا جو هل هنگامو هو؟“
مون وراڻيون ”شينهن هو“. چيائين ”مليو يا نه؟“ ۽
پوءِ وري اکيون ڪتاب ۾. سندس اهو حال ڏسي آءُ وري
ڪڏهن به کيس پاڻ سان شڪار تي وٺي نه ويس. کيس ڪئمپ
۾ ڇڏي ويندو هوس ته ڀلي پيو بورچيخاني جي سار
سنڀال لهي.
اهي ڳالهيون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جون آهن. خود ان تحريڪ ۾ هن
ڪيترو حصو ورتو يا ڪهڙيون خدمتون ڪيون. انهن جو
ذڪر هت ڪرڻ نٿو گهران. هن جي پنهنجي خواهش به اها
هئي ته انهن ڳالهين کي ياد نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته
کيس نه ڪنهن انعام حاصل ڪرڻ جي سڪ هئي نه وري پاڻ
سياسي ماڻهو هو. خود کيس به اها ڳالهه پسند نه هئي
ته ماڻهو کيس ڪنهن ليڊر جي ساڄي ٻانهن يا ويجهو
ساٿي چون.
سن 1950ع ۾ اسين مصر وياسون ۽ پوءِ لنڊن.
مصر ۾ مرحوم جون ملاقاتون ان زماني جي وڏن وڏن عالم ۽ فاضل
ماڻهن سان ٿيون. هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته هو قاهره جي
شپرڊ هوٽل جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪنهن سوچ ۾ ويٺو هو (اسين
ان هوٽل ۾ ترسيل هئاسون). ويجهو وڃي پڇيومانس ته
چوڻ لڳو، ”ڪالهه اسين ٻئي ڊاڪٽر طهٰ حسين سان مليا
هئاسون. اهو شخص ڄائي ڄم کان انڌو آهي. پر ان
هوندي به سندس علمي ڪمال ته ڏسو. دنيا ۾ هن جهڙا
ڪي ٿورا عالم ۽ مفڪر هوندا، اهو انڌو ايترو حاصل
ڪري سگهيو ۽ ايترو لکي سگهيو جو دنيا دنگ رهجي
ويئي. اسان کي ته خدا ٻه اکيون ڏنيون آهن، پر هن
جي ڀيٽ ۾ اسان ڇا ڪيو آهي؟ وڏي افسوس ۽ شرم جي
ڳالهه چئبي.“
لنڊن ۾ اسين جيترا به ڏينهن رهياسون، هو هر روز برٽش ميوزم
ويندو هو ۽ جيستائين ميوزم بند نه ٿيندو هو، اتان
نڪرندو نه هو. آڪسفورڊ ويو. ڪئمبرج جا ڪتبخانا
ڏٺائين. خود لنڊن ۾ ڪتابن جا جيترا به دڪان هئا،
انهن جا چڪر هنيائين. ان زماني ۾ اتي هڪ وڏو جشن
پئي ٿيو، جنهن ۾ اسان کي دعوت هئي. آءُ ويس، پر هو
نه چُريو. چيائين، ”ماڻهو لنڊن اچي ۽ جشن ڏسي، اها
اجائي ڳالهه آهي. لنڊن جي اصلي شيءِ ان جا علمي
ذخيرا آهن. انهن مان فائدو وٺڻ اصلي ڪم آهي.“ اتان
ايترا ته ڪتاب خريد ڪري هليو جو موٽندي مهل اسان
کي ڪپڙن جون هڪ ٻه پيتيون لنڊن ۾ ئي ڇڏڻيون پيون
ته جيئن هوائي جهاز ۾ حسام الدين جي ڪتابن جا بنڊل
ساڻ آڻي سگهون.
* * *
سن 1950ع ۾ اسين ٿورو هڪٻئي کان جدا ٿي وياسون. آءُ عملي سياست
۾ گهڙي پيس. وزير، سفير وغيره ٿيندو رهيس ۽ حسام
الدين سمورو وقت تحقيق، تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ لڳي
ويو. انهيءَ عرصي ۾ هن ٻاهرين ملڪن جا ڪيترائي
تحقيقي چڪر هنيا. روس ويو. وچ ايشيا جون تاريخي
جايون ۽ علمي مرڪز ڏٺائين. ٻه ڀيرا چين جو چڪر
هنيائين. ٻه سال فلپائن ۾ رهيو ۽ ايران سان ايترا
ته لاڳاپا پيدا ڪيائين ۽ ايران جي تارخ تي ايترو
ته ڪم ڪيائين جو طهران يونيورسٽي کيس ڊاڪٽريٽ ۽
ايران جي حڪومت ”نشان سپاس درجه اول“ جو اعزاز ڏيڻ
مناسب سمجهيو. هن ڪڏهن به پاڻ کي ڊاڪٽر نه سڏايو،
ڇو جو کيس پنهنجن جي تنگدليءَ جو احساس هو. سندس
خيال هو ته ان جي ڪري نيچ طبيعت وارن ماڻهن ۾
اجايو سندس خلاف حسد جو جذبو پيدا ٿيندو. ڪيترن ئي
بين الاقوامي سيمينارن ۾ به حصو ورتائين ۽ دنيا جي
مشهور معروف محققن ۾ ليکجڻ لڳو. 1961ع ۾ ايوب خان
جي حڪومت کي ٿورو شرم آيو ۽ هن کي ”ستارهء امتياز“
ڏنو ويو، پر هن پنهنجي نالي سان ان لقب کي ڳنڍڻ
مناسب نه سمجهيو. انهن ڏينهن ۾ هو مون وٽ هانگ
ڪانگ ۾ هو. جڏهن ان لقب جو اعلان ٿيو ته هن مون کي
چيو، ”غاصب جو ڏنل لقب ڪو لقب ڪونهي. اهو ته مرڳو
ڪنهن علمي ماڻهوءَ جي لاءِ بيعزتيءَ جو باعث آهي.
”انساني حقن ۽ آدميت جي احترام جي مسئلي ۾ هو
ايترو ته حساس هو جو سن 1958ع ۾ جڏهن ايوبي مارشل
لا لڳو ۽ پاڻ بيمار هو ته مون کي منيلا مان گهرائي
چيائين ته ”مون کي هتان ڪڍي ڪنهن پاسي وٺي هل نه
ته منهنجو هن گهٽ ۾ خاتمو ٿي ويندو. آءُ کيس ان اڌ
بيماريءَ جي حالت ۾ فلپائن وٺي ويس ۽ پاڻ وٽ ٻه
سال رهايومانس. اتي به جيئن ئي سندس صحت سڌري ته
بيڪار ويهي نه سگهيو، پنهنجو مشهور ڪتاب ”هو ڏوٿي،
هو ڏينهن“ اتي ئي لکيائين. ان ڪتاب ۾ سندس دل جون
ڪيتريون ئي ڳالهيون ملن ٿيون، جن کي سمجهڻ لاءِ
عقل ۽ وقت گهرجي.
* * *
هيءُ موقعو تفصيل ۾ وڃڻ جو ڪونهي. مختصر هيءُ ته پنهنجي زندگيءَ
جي آخري ٽيهن ورهين ۾ هن ايترو ته علمي ڪم ڪري
ورتو ۽ ايتري قدر ٺوس ۽ بامعنيٰ، جو انسان اچرج ۾
پئجيو وڃي. فارسيءَ ۾ پنجويهه وڏا ڪتاب لکيائين،
سنڌيءَ ۾ ٻارهن ۽ اردو ۾ چار. سڀئي معياري ڪتاب ۽
وڏي تحقيق ۽ وڏي محنت جو نتيجو. انهن سان گڏ هو
علمي رسالن جي لاءِ مضمون ۽ تحقيقي مقالا به لکندو
رهيو. (سنڌيءَ ۾ ٻه سو، اردو ۾ ويهه ۽ فارسيءَ ۾
پنج، اخباري مضمون ڪيترائي هزار) هي اهي شيون آهن
جيڪي ڇپجي چڪيون آهن. انهن کان سواءِ مرحوم جا
لکيل ٻيا سوين اڻپورا مسودا اڃا به پيا آهن _ جيڪر
انهن تي ڪو شخص ڪم ڪري ۽ انهن کي پورو ڪري ڇپائي
سگهي. اسان جي اوسي پاسي نالي جا بکيا ۽ نااهل ته
ڪيترائي آهن، پر مقصد وارو ۽ محنت سان ڪم ڪندڙ
تمام ٿورا نظر ايندا.
”شايد که مردي از غيب برون آيد و کاري بکند.“
پنهنجي طرفان مرحوم گهڻوئي ڪي ڪري ويو آهي. ڪيترن ئي اڻلڀ ۽
قيمتي شين کي تباهه ٿيڻ کان بچائي عام جي اڳيان
آندائين. سنڌ جي تاريخ تي تمام قيمتي مواد ڪٺو ڪري
ڇڏي ويو. هن خطي جي تاريخ لاءِ پختو بنيا رکي ويو
آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ ته هن هتي جي لٽريچر
کي مقصديت ڏني.
آخر پنج سال مرحوم ڪينسر جي موذي مرض ۾ ڪنجهندو رهيو، پر تڏهن
به علمي ڪم جاري رکيائين. علاج جي لاءِ ملڪ کان
ٻاهر وڃڻ گهريائين ٿي، پر اجازت حاصل ڪرڻ ۾ وقت
لڳي ويو. جيستائين اجازت ملي ۽ هو لنڊن پهتو،
تيستائين موذي مرض پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو هو.
واپس اچڻ کان پوءِ ٿورن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي پالڻهار
کي وڃي پرتو ۽ مون ستر ورهين جي پوڙهي کي ڏکن ڀري
دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويو.
تو عزم سفر کردي رفتي زبر ما _
بستي کمر خويش شکستي کمر ما.
هن ڌرتيءَ جو هو سرفروش عاشق هو. وصيت ڪري ويو ته مرڻ کان پوءِ
کيس پنهنجي والد ۽ والده جي قدمن ۾ نه، پر سنڌ جي
قومي قبرستان مڪليءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم
جي ڀرسان هميشه لاءِ سمهاريو وڃي. ان کان وڌيڪ عشق
۽ قربانيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هاڻي قيامت
جي ڏينهن هو انهن بزرگن ۽ شهيدن سان گڏ اٿندو جن
جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”مڪلي نامہ“ ۾ وڏيءَ حب سان
ڪيو آهي.
هن ننڍڙي حياتيءَ ۾ هڪڙو انسان انهيءَ کان وڌيڪ ڪري به ڇا ٿي
سگهيو؟ هاڻي سنڌ جو مٿس ڪهڙو قرض رهيو؟
(ترجمو: مراد علي مرزا)
بشڪريه جنگ، ڪراچي |