سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997-2ع

 

صفحو :10

پاڻ جويي صاحب سان هلڪا سلڪا چرچا گهٻا به ڪندو هو. پر، نهايت سنجيده مسئلن ۾، رازدارانه انداز ۾ کانئس ئي صلاح وٺندو هو. نه فقط صلاح وٺندو هو، پر ان تي عمل ڪندو هو. کيس جويي صاحب لاءِ تمام وڏو احترام هو. زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ سمورن سنڌي اديبن ۾ ڪوبه شخص کيس جويي صاحب کان وڌيڪ ويجهو ڪونه هو. گويا، پاڻ جويي صاحب سان ۽ جويي صاحب ساڻس، توڙ تائين سنگت نڀائي. سنڌ جو مثالي ڪلچر اهو ئي آهي. افسوس آهي ته سنڌ ۾ اهڙيون شاندار روايتون گهڻيون ڪونه رهيون آهن. هاڻي ته سنڌ ۾ ورهين جي دوستن سان دغا ڪرڻ ۾ ماڻهن کي دير ئي ڪانه ٿي لڳي!

*      *      *      *

بورڊ جي ٻين عهديدارن ۽ ميمبرن ۾ پير صاحب جي شيخ علي محمد سان محبت هوندي هئي، جو تڏهن روزانه ”عبرت“ جو ايڊيٽر هوندو هو. ”آفتاب“ اخبار گهڻو پوءِ ڪڍيائين. بورڊ جون آفيسون حيدرآباد ۾ هونديون هيون. پير صاحب حيدرآباد آيو، ته وٽس نوجوان اديبن جو ميڙو مچندو هو. رٽز هوٽل ۾ اچي ٽڪندو هو. شام جو اوير سوير، هرڪو اتي اچي مڙندو هو. اهڙن اديبن ۾ جويو صاحب، تنوير عباسي، جمال رند، نياز همايوني، ٻيڙو فقير ۽ شيخ علي محمد ته مون کي ياد پون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، مولانا گرامي، حميد سنڌي، اسد الله شاهه حسيني به ڀيرو ڀريندا هئا. ڪچهريءَ جو اختتام رات جي مانيءَ تي ٿيندو هو، جيڪا هميشه شيخ علي محمد ڪراچي هوٽل تي، يا وري لجپت روڊ تي، واڻئي واريءَ هوٽل ۾ کارائيندو هو.

هڪڙي دفعي شيخ صاحب پير صاحب سان ڪوريءَ جي ”جهوپڙا هوٽل“ جي مانيءَ جي تعريف ڪئي. انهيءَ ڏينهن ڪچهريءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب به آيو هو. ڊنبلو ڪري، وياسين ڪوريءَ جي هوٽل تي ماني کائڻ. ماني واقعي سٺي هئي. موٽڻ مهل جنهن گهٽيءَ مان لنگهياسين، تنهن مان ڪٿان باجن جا آواز پيا اچن، ته ڪٿان طبلن جي ٿاپ پئي ٻڌڻ ۾ اچي. اتي هر ڪنهن ڪن اپڙا ڪيا. جڏهن اهو آلاپ ڪن تي پيو ته ا”سن وي بلودي اکهه واليا“ تڏهن وڃي خبر پئي ته مار! هُن بزار مان لنگهي رهيا آهيون!

شيخ صاحب هر دفعي پير صاحب جي لاءِ هڪ ويلو گهر به ماني ڪرائيندو هو، ۽ ڏاڍي اهتمام سان ان جو بندوبست ڪندو هو. ٻه ٽي ڄڻا ٻيا به سڏيندو هو. مون کي ۽ جويي صاحب کي سڏيندو هو. جڏهن مان اسلام آباد ويس، ته اتي به ياد ڪندو هو. ڪڏهن پاڻ به منهنجي گهر ايندو هو. پر، اڪثر ڪري فون تي ڪچهري ڪندو هو. پير صاحب سان پنهنجي وضعداري پڇاڙيءَ تائين قائم رکيائين.

*      *      *      *

پير صاحب جي پيارن ۽ پراڻن دوستن ۾ رحيم بخش سومري جو نالو سڀني کان مٿي ايندو. سندن ٽڪنڊي جو ٽيون دوست آغا بدرالدين دراني ڳڙهي ياسين وارو هو. ٽنهي ڄڻن هڪٻئي سان توڙ تائين نڀائي. رحيم بخش سان منهنجي ميل ملاقات به پير صاحب جي ڪري ٿي.

رحيم بخش پير صاحب سان ڏاڍو حجائتو هوندو هو. هڪ ڏينهن وٽس ويو ته ”هل ته هلي صدر مان چڪر ڏئي اچون.“

پير صاحب ڪو لکڻ پڙهڻ جي موڊ ۾ هو، سو جواب ڏنائينس ته ”هت کڻي چاءِ يا ڪافي پيون. مان واندو ڪونه ويٺو آهيان. مير علي شير قانع جو اهم ڪتاب ايڊٽ ڪري رهيو آهيان.“

رحيم بخش چيس ته، ”ڪو شرم ڪر! خدا جا بندا! پراوا نسخا چورائي، پنهنجي نالي پيو ٿو ڇپائين ۽ چوين ٿو ته اهم ڪم ويٺو ٿو ڪريان.“

اهو ٻڌي، پير صاحب کلي ڏنو، ٻئي ڄڻا صدر روانا ٿيا.

ڪراچيءَ ۾ ڪو زمانو رحيم بخش روزانو اچي مون کي موٽر ۾ کڻندو هو. پوءِ وڃي پير صاحب کي گهران کڻندا هئاسين. اتان ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي هليا ويندا هئاسين. ڀلا، جي ٻئي ڪنهن پاسي نه وياسين، ته هِل پارڪ تي هليا ويندا هئاسين. اتي ڪلاڪ ٻه گذاري، رات جو نوين ڌاران، محمد علي سوسائٽيءَ واري چونڪ تي، چڪن تڪا ۽ نان کائيندا هئاسين. آخر ۾ اسپينزر جي آئيس ڪريم کائي، گهرن ڏانهن موٽندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن رحيم بخش اسان کي، شام جي مهل، پراڻيءَ ڪلفٽن تي هواخوريءَ ۽ پسار ڪرڻ لاءِ وٺي ويندو هو. بيشمار ڳالهيون نڪرنديون هيون، گهڻا قصا انگريزي دور حڪومت جا هوندا هئا.

هڪ ڏينهن رحيم بخش مون سان ڳالهه ڪئي، ته صبح جو سوير پير صاحب منهنجي گهر آيو. سندس سڏن تي اکيون مليندو ننڊ مان اٿيس. چيائين ته، ”پڇ ته سهي، ته ايڏو سوير ڇو آيو آهيان؟“

”مون چيو، ”ڀلا، ڏيو حال احوال؟“

چيائين ته، ”فلائي وزير جي بيوه تنهنجو چوڻ مڃيندي؟،

”مون چيس ته، ”بلڪل مڃيندي.“

تڏهن چيائين ته، ”چوينس ته مون سان شادي ڪري.“

مون چيس ته، ”ٺيڪ آهي، چوانس ٿو.“

گهڙيءَ رکي چيائين ته، ”سوچين ڇا ٿو؟“

چيومانس ته، ”سوچيان ٿو ته اوهان جو شادي ڪندا، ته پوءِ انهيءَ عمر ۾، ساڻس شريعت وارو ڪم به ڪري سگهندا يا نه؟“

اهو ٻڌي، ڪاوڙجي ويو. چيائين ته، ”تون ته ڪو وڏو نالائق آهين! اها ڪا ڳالهه ٿو ڪرين؟“

ائين چئي چپ ٿي ويو. مان به خاموش رهيس. گهڙي کن رکي چيائين ته، ”رحيم، تون جائي ٿو چوين. بس منهنجيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏ.“

*      *      *      *

پير صاحب کي شاديءَ جو شوق ڪونه هو. کيس تنهائيءَ جي احساس تنگ ڪيو هو. اڪيلائي انسان کي عاجز ڪري ٿي. پر، کيس پنهنجي اولاد، حسين شاهه ۽ حسنا بيبيءَ جي شاديءَ جي اون وڌيڪ هئي. سو، ان باري ۾، مون سان گڏجي، اڪبر راشديءَ جي ڏاڏي وٽ پڊعيدن صلاح ڪرڻ هليو هو. اهو بزرگ وڏي اخلاق وارو هو ۽ پير صاحب جو مٿس مڪمل اعتماد هو. اڳتي هلي، پير صاحب سندس اهو ٿورو ائين لاٿو، ته اڪبر راشديءَ جو مهتاب راشديءَ سان وهان وڏي شوق سان ڪرايائين. ايڏو مان سڄيءَ سنگت مان ٻئي ڪنهن کي به ڪونه ڏنائين. هونئن سنڌي اديبن ۾ دوستن جا ڪٽڪ هوندا هئس: مثلاً، محمد حسين پنهور، حميد سنڌي، نياز همايوني، ڊاڪٽر نواز علي شوق، غلام محمد لاکو، نفيس احمد ناشاد، تنوير عباسي، ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ جوڻيجو، جمال رند، امداد جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، خان محمد پنهور، عبدالله ورياهه، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا بيشمار.

پوين ڏينهن ۾، حميد آخوند، ظفر ڪاظمي ۽ (مرحوم* ممتاز مرزا سان به گهڻو گهرو گهاٽو ٿيو. حميد آخوند ته سندس هڪ ٻه ڪتاب به سٺا ڇپايا. انهن مان هڪڙي تي نفيس احمد شيخ وڏي محنت ڪئي هئي. ممتاز مرزا جي والد مرزا گل حسن ڪربلائيءَ سان سندس پراڻا لڳ لاڳاپا هئا. هو جڏهن ريڊئي پاڪستان تي نوڪري ڪندو هو، تڏهن کان پير صاحب سان ملڻ ايندو هو. ٽنڊي آغا جا اهي مرزا صاحبان سنڌ جي مير صاحبن کي ڏاڍا ويجها هوندا هئا ۽ وٽن سندن گهڻا حال احوال هوندا هئا. مرزا گل حسن ڪربلائي پير صاحب سان اهي حال احوال ڪندو هو ۽ ڪڏهن قلمي ڪتاب به ڏيکاريندو هو. خود مير صاحبن ۾ پير صاحب جو ڊاڪٽر نور محمد ٽالپر سان وڏو لڳ لاڳاپو هوندو هو، جو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو. پير صاحب سندس تمام وڏي عزت ڪندو هو.

پير صاحب جي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان وڏي محبت هئي. پوئين زماني ۾ پير صاحب کي سچل جي ميلي ۾ هر سال ادبي ڪانفرنس جي صدارت لاءِ سڏيندا هئا. پاڻ سڀ سرڪاري انتظام ڇڏي، تنوير وٽ وڃي ٽڪندو هو. اتي جيڪي محفلون مچنديون هيون، تن جو تفصيلي احوال رڳو تنوير ٻڌائي سگهي ٿو.

*      *      *      *

 سنڌي زبان جي عالمن ۽ اديبن وانگر پير صاحب جا اردو زبان جي عالمن ۽ اديبن ۾ بيشمار دوست هوندا هئا، پر مڙني ۾ ممتاز حسن جو نالو مٿان ايندو. هونئن ته پير صاحب جا مولوي عبدالحق باباي اردو، جوش مليح آباديءَ ۽ فيض احمد فيض سان به گهرا گهاٽا لڳ لاڳاپا هئا.

جوش مليح آبادي ۽ جگر مرادآبادي هاڻوڪي دور ۾ هندستان جا وڏا شاعر هئا. هوش، سڪندر مرزا ۽ اي. ٽي. نقويءَ جي زماني ۾ پاڪستان لڏي آيو. پر، جگر ڪونه آيو. جوش جو نالو گهڻو وڄيل هو. هونئن به اردو زبان جا ڳالهائيندڙ پنهنجن عالمن ۽ اديبن ۽ شاعرن جو وڏو قدر ڪندا آهن. ڇو ته منجهن وڏيرا آهن ئي ڪونه! اهي يا ته هندستان ڇڏي آيا، يا وري اتي پاڻ مرادو ڳري مري کپي ويا.

مهاجر امير هجن يا غريب، سڀ جوش کي، ”پير مرشد“ جو درجو ڏيندا هئا. وڏا وڏا مهاجر عملدار مٿس پاڻ گهوريندا رهندا هئا. اهي ڳالهيون ماڻهوءَ تي ضرور نفسياتي اثر وجهنديون؛ چنانچه، جوش تي به وڌائون. منجهس ”لا اباله پن“ جون ادائون پيدا ٿيون.*

جوش پير صاحب سان گڏجي ٻئي ڏينهن ٽئين ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ايندو هو. مخصوص نشست ٿيندي هئي. پنهنجو ڪلام ”گهن گهرج“ سان ٻڌائيندو هو. سندس شعر پڙهڻ جو انداز انوکو هو. وڏي اثر وارو هو. اهڙو مون ٻئي ڪنهن به شاعر ۾ ڪونه ڏٺو.

هڪ دفعي منجهد جو پير صاحب جي گهر آيو. پير صاحب چيس ته ”جوش صاحب، غلط وقت تي آيا آهيو.

ہيءَ ته منهنجي ماني کائي آرام ڪرڻ جي مهل آهي.“

اهو ٻڌي، جوش چيس ته ”پير صاحب، ڳالهه ئي اهڙي هئي.“

پير صاحب چيس ته، ”ڪهڙي ڳالهه؟“

چيائينس ته، ”اڄ پنجين بجي منهنجي خاندان جي فلاڻي نياڻيءَ جو نڪاح آهي.“

پير صاحب حيرت مان پڇيس ته ”ڇا مطلب؟“

چيائين ته، ”ان جو بندوبست ڪرڻو آهي.“

پير صاحب چيو ته مان ته ڳالهه ٻڌي وائڙو ٿي ويس. اوڏيءَ مهل ئي ممتاز حسن کي فون ڪيم، سو نيشنل بئنڪ مان سهڪندو اچي پهتو. تڏهن بئنڪ جو M.D. هوندو هو. ٻه چار ٻيا دوست به وٺيون آيو. وٺ وٺان ٿي وئي. تنبو تولان لڳا. کجور ۽ نقل ورهائڻ جو بندوبست ٿيو ۽ نڪاح خوان کي سڏ ٿيو، تڏهن وڃي نياڻيءَ جو نڪاح ٿيو.

پير صاحب ۽ جوش صاحب جي انهن تعلقات کي خيال ۾ رکي، مون اسلام آباد ۾، ايڪيڊميءَ طرفان، جوش جي وفات کان پوءِ سندس ياد ۾ هڪ ٻه جلسا ڪرايا ۽ سندس خاندان وارن جي مالي مدد ڪيم. سندس زبون ٿي ويل تربت جي جاءِ تي سنگمرمر جي عاليشان قبر پڻ ٺهرايم. سائين حسام الدين شاهه جي وفات کانپوءِ سندس مزار سنگمرمر سان ڪا سهڻي ٺهرايان ها! پر، حسين شاهه موڪل ڪانه ڏني. چيائين ته ”چاچا جي قبر سرڪاري پئسن مان نه ٺهندي.“

*      *      *      *

ڪراچيءَ جي اديبن ۾ پير صاحب کي گهڻي ۾ گهڻي محبت ڊاڪٽر رياض الاسلام، محمود الحسن صديقي ۽ مشفق خواجه سان هئي. انهن ٽنهي جو وڏو احترام ڪندو هو. ٽئي ڄڻا به سندس پرستار هئا. مئي جيئري ساڻس نڀايائون.

پير صاحب جي وفات کان پوءِ اردوءَ جي هڪ اديب ”تاريخ ۽ دانشور“ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ پير صاحب تي الزام هنيائين ته ”پئسا ڏئي، مسڪين مهاجر اديبن کان ڪتاب لکائيندو هو ۽ پنهنجي نالي ڇپائي، پاڪستان ۽ ايران جي سرڪار کان فائدو وٺندو هو.“

ڪنهن به سنڌي اديب کي ته کيس رد ڏيڻ جي توفيق ڪانه ٿي. البت، مشفق خواجه ”تڪبير“ رسالي ۾ شاندار مضمون لکي، انهيءَ اردو دانشور کي چڱو بڇڙو ڪيو.

ڪراچيءَ جي ٻين اردو اديبن ۾ قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهي، شاهد احمد دهلوي،* جميل الدين عالي، جميل جالبي، حڪيم سعيد، شان الحق حقي، ڪرنل خواجه عبدالرشيد، ابوالليث صديقي، حميد ڪاشميري، ايوب قادري سندس خاص دوستن جي حلقي ۾ شامل هئا. آثار قديمه کاتي مان محمد ادريس صديقيءَ سان ٻٽيهه دليون هئس. غفور بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ اوڏانهن هليو ويو ۽ اتان جي آثار قديمه کاتي جو ڊئريڪٽر مقرر ٿيو.

لاهور جي اردو اديبن ۽ دانشورن مان مونا غلام رسول مهر، عبدالله چغتائي، مولوي شفيع، سيد عبدالله، وحيد قريشي، اي. ڊي. اظهر ۽ حنيف رامي سان مراسم هئس. پير صاحب پنهنجي پهرين پهرين ڪار ”فوڪسي“ حنيف رامي جي ترغيب ڏيارڻ تي ورتي، ٻنهي ڄڻن ڪمپنيءَ کان اوڌر تي  قسطن ۾ گاڏيون ورتيون هيون. ٻئي ڄڻا مرڪزي اردو بورڊ لاهور ۾ نوڪري ڪندا هئا.

        پشاور جي اديبن مان، پشتو ايڪيڊميءَ جي ڊئريڪٽر، مولانا عبدالقادر سان گهرو گهاٽو هو ۽ ولي خان جي وڏي ڀاءُ غني خان جو مداح هو، جو پشتوءَ جو وڏو شاعر هو. پشتو زبان جا ننڍا وڏا شاعر مٿس مفتون هوندا هئا.

مولانا عبدالقادر سنڌي ادبي بورڊ جي ڪراچيءَ واريءَ آفيس ۾ جويي صاحب وٽ گهڻو ايندو هو. اها 1957ع جي ڳالهه آهي. مون جويي صاحب ۽ پير صاحب جي انهيءَ نسبت سان، سندس وفات کان پوءِ، ايڪيڊميءَ طرفان پشاور ۾ سندس تربت سنگمرمر سان ٻڌائي ۽ سندس گهر واريءَ لاءِ ماهيانه پينشن به منظور ڪيم.

غني خان سان ته سنگت رکيم. راجا ماڻهو هو. مون کي پنهنجي ڳوٺ، ناڙيءَ دعوت ڏئي سڏيائين. اتي، پنهنجيءَ زندگيءَ جو سمورو احوال ٻڌايائين. نظريي جي لحاظ کان ”انسان _ دوست“ هو. وڏي شان وارو ماڻهو هو. مون پشاور ۾ سندس مان ۾ ٻه جلسا ڪيا: هڪ پشتو مشاعرو، جنهن جو کيس مکيه مهمان ڪيم. ٻئي دفعي، ساڻس پشاور ۾ ”شام“ ملهايم. انهيءَ جلسي ۾، صوبي سرحد جا معزز شهري ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار شريڪ ٿيا. جلسو خيبر پرل ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ ٿيو. صدارت جي لاءِ سرحد جي گورنر امير گلستان جنجوعه کي چيم. هن پنهنجيءَ تقرير ۾، غني خان کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪئي. پر، جڏهن غني خان تقرير ڪئي ته جنجوعه کي چيائين ته ”يار، پٺاڻ ۽ جنجوعه ڪڏهن کان پاڻ ۾ مائٽ ٿيا، جو تون منهنجي ايڏي تعريف ٿو ڪرين!“

غني خان هڪ دفعي اسلام آباد آيو. پنهنجيءَ نُنهن نگينه ۽ سندس ٻارڙن کي هندستان وٺي ٿي ويو، جو کين سندن ڏاڏيءَ (ٽاٽا ڪمپنيءَ جي هڪ پارسي خاتون) جي ملڪيت ورثي ۾ ملي هئي. رات جي ماني مون وٽ کاڌائين ۽ يادگار ڪچهري ڪيائين. سنڌ جو ذڪر نڪتو، ته سڪ سان چيائين ته: ”پير صاحب نهايت شريف انسان هو.“

*      *      *      *

ملتان جي دوستن ۾ پير صاحب جي مداحن ۾ سرفهرست ٻه نالا ايندا: هڪ مخدوم ملتان، سجاد حسين قريشي صاحب ۽ ٻيو ممتاز حسن خزانه افسر. ملتان ۾ به حيدرآباد وانگر نوجوان اديبن ۾ پنهنجا پرستار پيدا ڪيائين، جن ۾ ٽي نالا ته اهم آهن: هڪ (مرحوم) خان رضواني، ٻيو غضنفر مهدي ۽ ٽيون مظهر عارف، جو هاڻي ايوان صدر ۾، ڪنهن عهدي تي آهي.

اسلام آباد جي اديبن ۾ پير صاحب جا ٻه وڏا مداح هئا: هڪ ممتاز مفتي، جيڪو ”علي پور کا ايلي“ ”هند _ ياترا“ ۽ ٻين ڪتابن جو مصنف هو. قدرت الله شهاب جي حلقي جو ماڻهو هو. ليڪن، پير صاحب جو وڏو مداح هو. ٻيو ممتاز ۽ معروف عالم ۽ آثار قديمه جو ماهر ڊاڪٽر احمد حسن داني. پير صاحب وصيعت ڪئي هئي ته سندس وفات کان پوءِ، سندس لکڻ واري ڪرسي ڊاڪٽر دانيءَ کي ڏني وڃي.

*      *      *      *

هندستاني اديبن ۾ پير صاحب جا هونئن ته گهڻن سان گهرا لڳ لاڳاپا هئا، پر ٻه ڄڻا مون کي خاص طرح سان ياد اچن ٿا: هڪ مالڪ رام ۽ ٻيو سيد صباح الدين عبدالرحمان. ٻئي جبل جيڏا وڏا عالم هئا.

مالڪ رام هو ته هندو عالم، پر عربيءَ ۽ فارسيءَ جو گوهر هو. ايتريقدر جو مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙي دنيا ڀرمڃيل مذهبي عالم جا ڪتاب، مثلاً ”غبار خاطر“، ”تذڪره“ ۽ ٻيا ايڊٽ ڪيائين. هو انهن ڏينهن ۾ ساهتيه ايڪيڊمي دهليءَ ۾ اردو شعبي جو سربراهه هو.

مالڪ رام پاڻ به ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس هڪ ڪتاب ”وه صورتين الاهي“ ته تمام مشهور آهي. مون پڙهيو آهي. سهڻو ڪتاب آهي. مالڪ رام پنهنجين نياڻين جا نالا اسلامي رکيا ۽ سندس سڄي نشست برخواست مسلمان عالمن واري هئي. هندستان جي حڪومت کيس مصر ۾ پنهنجو سفارتڪار مقرر ڪيو. اتان، پير صاحب سان خط ڪتابت ڪندو رهندو هو. ٻنهي جي پاڻ ۾ وڏي محبت هئي. سندس ڪيئي علمي خط پير صاحب وٽ سانڍيل هئا.

سيد صباح الدين عبدالرحمان هندستان جو هاڪارو عالم هو. علامه شبلي نعمانيءَ جي قائم ڪيل اداري ”دارالمصنفين“ جو صدر نشين هو. ماهوار ”معارف“ رسالو به ايڊٽ ڪندو هو، جيڪو عيد هجي ته ڇا، محرم هجي ته ڇا، دهليءَ ۾ دنگو فساد هجي ته ڇا، امن امان هجي ته ڇا، هر حالت ۾ مقرر تاريخ تي شايع ٿيندو هو. اصول پرست انسان هو. هر قسم جي تعصب کان پاڪ صاف هو. صحيح معنيٰ ۾ محقق ۽ عالم هو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. پير صاحب سان ڏاڍي گهري دوستي هئس. منهنجي ساڻس ملاقات به پير صاحب وٽ ٿي. جڏهن پير صاحب وفات ڪري ويو، ته مٿس هڪ مفصل مضمون لکيائين، جنهن جو سنڌي ترجمو ”مهراڻ“ رسالي جي موجوده نمبر ۾ شايع ٿي رهيو آهي.

*      *      *      *

غير ملڪي اديبن ۾، پير صاحب جي دوستن ۾، سرفهرست، پروفيسر ڊاڪٽر ائنيمري شمل جو نالو ايندو، ۽ نهايت ادب ۽ احترام سان کنيو ويندو.

ڊاڪٽر شمل لاءِ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هوءَ جرمن آهي يا سنڌي. ٻين يورپي دوستن سان سندس لڳ لاڳاپا فقط خيرسگاليءَ تائين محدود هئا. البت، ايران ۾  سٺا دوست هئس. انهن ۾ آقاي سعيد نفيسي ته خير وڏي شخصيت هو. پر، پاڻ علي اڪبر جعفريءَ، منوچهر ستوده، خدابنده لو، جعفر محجوب، ايرج افشار ۽ لطف الله هنرفر سان گهرو گهاٽو هو. پروفيسر فروزان فر ۽ ڊاڪٽر عبدالحسين زرين ڪوب سان به سٺا تعلقات هئس، ماهيار نوابي، يوسف ڪيوان شڪوهي، رشيد فرزانه پور، محمد حسين تسبيحي ته کيس گهڻو ويجها هئا.

افغانستان جي عالمن ۾ مون کي سندس هڪ ئي دوست سمجهي ٿو: آقا عبدالحئي حبيبي، جنهن سنڌي ادبي بورڊ جو ڪتاب ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ ايڊٽ ڪيو آهي. سڪندر مرزا واري زماني ۾، افغانستان مان خوبخود جلاوطني اختيار ڪري، پاڪستان هليو آيو هو. هت حڪومت پاڪستان جو ”سروش“ رسالو ڪڍندو هو. جڏهن پنهنجي حڪومت سان ٺاهه ٿيس، ته موٽي افغانستان ويو.

مون سان دعا سلام هئس، جڏهن پير صاحب گذاري ويو، تڏهن منهنجو هڪ سنڌي هندو دوست، پنهنجن ٻن عرب شاگردن سان گڏ ڪابل ويو. ٻڌو هئائين ته يوروپي سياح، موٽرن ۾ ملڪن مٿان ملڪ گهمندا، ڪرسمس جي موقعي تي ڪابل ايندا آهن ۽ پنهنجون موٽرون سستيون وڪڻي، واپس هوائي جهاز ۾ وطن ويندا آهن. شوق ٿيس ته ڪابل مان ڪا سستي ۽ سٺي موٽر وٺي اچان.

مون چيس ته، ”هڪڙو ڪم ڪجانءِ.“

پڇيائين ته ”ڪهڙو؟“

مون چيو ته، ”تحفة الڪرام“ فارسيءَ جي ڪاپي ساڻ کنيو وڃ. ڪابل ۾ آقاي عبدالحئي حبيبي نالي پير صاحب جو هڪ عالم دوست آهي. منهنجي طرفان کيس تحفي طور ڏجانءِ.“

چيائين ته ”اهو ڏاڍو سٺو ٿيو، جو ڪابل ۾ ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو ملي ويو.“

مون کان ڪتاب ورتائين. پنهنجن ٻنهي عرب شاگردن سان گڏجي ڪابل هليو ويو. ٻه _ ٽي مهينا ته سندس ڪو اطلاع ئي ڪونه مليو. آخر هڪ ڏينهن ملڻ آيو.

مون کيس چيو ته، ”يار، تو ته ڪابل جي ڪا خبر ئي ڪانه ڏني؟“

چيائين ته، ”ڳالهه ئي نه پڇ.“

مون چيو ته، ”ڇا ٿيو؟ حبيبيءَ کي ڪتاب ڏنئي؟“

چيائين ته، ”اسان ٽئي ڄڻا جهاز مان ڪابل جي ايئرپورٽ تي لٿاسين، ته ٻه ٽي پوليس وارا، ازخود اسان ڏي آيا. ڏاڍا خوش ٿياسين، ته پاڙيسري ملڪ جا باشندا سمجهي، استقبال لاءِ اچن ٿا. پر، جيئن ئي اسان وٽ پهتا، ته نه ڪيائون هم نه تم، اسان ٽنهي کي مارڻ ڪٽڻ شروع ڪيائون. اسان پاڻ سنڀاليون ئي سنڀاليون، تنهن کان اڳ اسان کي هٿڪڙيون هڻي، سٽيندا، ڪٽيندا، ٿاڻي تي وٺي ويا، ۽ لاڪپ ۾ بند ڪري هليا ويا.

اسان حيران، ته هي ٿيو ڇا؟ پر، موچڙن کائڻ ڪري لڱن ۾ ڏاڍو سور هو. سو، ڍير ٿي، فرش تي ڪري پياسون. ڪو ڏينهنَ پهرَ ته صفا غش هئاسون.

ٽن ڏينهن کان پوءِ ساڳيا پوليس وارا آيا ۽ اسان کي لاڪپ مان ٻاهر ڪڍي، رستي تي، ڇڏي ڏنائون. اسان ڊڄندا ڊڄندا، هڪ هوٽل تي وياسون. اتان مون حبيبي صاحب کي فون ڪيو. پر هن ملڻ کان انڪار ڪيو. چيائين ته ”ڪتاب هوٽل جي مئنيجر وٽ ڇڏيو، مان پاڻهي کڻندس.“

مون پڇيس ته ”آّخر پتو پيو، ته اوهان سان اها جٺ ڇو ٿي؟“

چيائين ته، ”هائو فلسطيني عربن جي Black September نالي ڪا تنظيم هئي، تنهن جا ٽي گوريلا بئنڪاڪ مان چڙهي، ڪابل اچڻا هئا. اهو اطلاع افغاني پوليس کي ملي ويو. هنن سوچيو ته هو ڪابه ڪارروائي ڪن، تنهن کان اڳ اسان کين پڪڙي وٺون. مون سان جيڪي ٻه عرب شاگرد گڏ هئا، تن کي هنن فلسطيني گوريلا سمجهيو. اصل گوريلا ته چالاڪي ڪري، ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ لهي ويا هئا. افغان سپاهين اسان کي ڪڇڻ پڇڻ جو ته موقعو ئي ڪونه ڏنو. هڪدم پنهنجي رٿيل ڪارروائي ڪيائون. اسان کي سٽي رکيائون. ٽي ڏهاڙا بک تي رکيائون. آخر جڏهن پڪ ٿين، ته هي ته اهي گوريلا ناهن، تڏهن ڏاڍا مايوس ٿيا. سو، لاڪپ مان ڪڍي، اسان کي ڌڪا ڏئي، رستي تي ڇڏي ڏنائون. هٿڪڙيون لاهڻ مهل، پشتوءَ ۾ ٻه ٽي ڪچيون گاريون به ڏنائون.

مون چيو ته، ”حبيبيءَ اوهان کي رخ ڇو نه ڏنو؟“

چيائين ته، ”افغانستان ۾ جيڪي تڪڙا تڪڙا انقلاب آيا، تن جي نتيجي ۾ حبيبي وري معتوب ٿي ويو هو. حڪومت کيس نظربند ڪيو هو. سو، اسان سان ڪونه مليو.“

*      *      *      *

افغانستان ۾ حبيبيءَ کان علاوه پير صاحٻ جا ٻيا ڪهڙا اديب دوست هئا، تن جي مون کي خبر ڪانهي. پر، اتان جي شاهي خاندان جون ٻه جوان خواتين ڪراچيءَ ۾ سندس ڪچهرين ۾ اڪثر اينديون هيون. سندن خاندان، ڪنهن زماني ۾، ڪابل مان لڏي ديرادون هليو ويو هو. اهو انگريزن جو زمانو هو. پوءِ پاڪستان ٺهيو، ته ڪراچيءَ لڏي آيو. ٻئي خواتين نهايت مهذب، اعليٰ تعليم يافته ۽ خوبصورت هيون. وڏيءَ ڀيڻ جو نالو شيرين خان هو ۽ ننڍيءَ جو ثريا خان. پير صاحب جي وفات کان پوءِ، شيرين خان منهنجي چوڻ تي سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي ڪتاب جو انگريزي ترجمو ڪيو، جو ايڪيڊمي آف ليٽرس ۽ سنڌي ادبي بورڊ گڏجي ڇاپيو.

ٻي اهڙي غير ملڪي اعليٰ تعليم يافته خاتون جيڪا پير صاحب جي قريبي حلقي ۾ هئي، سا گلشن خاڪي هئي. مون سان حجائتي هئي، سو ساڻس چرچا گهٻا ڪندو هوس. آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ”تقابل اديان“ پڙهائيندي هئي. ڊاڪٽر شمل جي مرضي هئي ته پير صاحب جي خاندان ۾ جو هيترا نوجوان ويٺا آهن، سو، انهن مان ڪنهن سان شادي ٿئيس. قسمت کي ائين منظور ڪونه هو. گلشن سڄي عمر شادي ڪانه ڪئي. تازو پڇا ڪيم، ته خبر پئي ته آمريڪا ۾ آهي، پر ويچاري سخت بيمار آهي. ڪينسر ٿي پيو اٿس. اها خبر ٻڌي افسوس ٿيو. پير صاحب به ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ حياتيءَ جا پويان ڏينهن ڏاڍي ڏک ۾ گذاريائين.

*      *      *      *

انسان هن دنيا ۾ مقرر مدي لاءِ اچي ٿو. پر، دنيا جي موه ۾ مبتلا ٿي، ان کي ”دائمي حقيقت“ سمجهي ٿو. دنياداريءَ جي معاملن ۾ الجهي، دنيا اندر پنهنجي دنيا ٺاهي ٿو. انهيءَ پنهنجيءَ ننڍڙيءَ دنيا جي ننڍين ننڍين ڳالهين حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ئي ڊوڙي ٿو، جيئن اڃايل هرڻ رڃ جي پٺيان ڊوڙندو آهي ۽ نيٺ هلاک ٿي پوندو آهي. انهيءَ ڪري، رڃ کي هنديءَ ۾ ”مرگهه ترشنا“ ڪوٺيندا آهن.


*  جوش جي ”مقبوليت“ ۽ سندس ”لا اباله پن“ جا واقعا معلوم ڪرڻا هجن، ته ڪنور مهندر سنگهه بيديءَ جو ڪتاب ”يادون ڪا جشن“ پڙهي ڏسجي. (دهلي، 1986ع).

*  شاهه احمد دهلوي، پنڊت برج موهن ڪيفي دتاتريه، مولوي محمد شفيع لاهوري تي ته پير صاحب جا مضمون ڇپيل آهن _ ادارهء مهراڻ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com