مولانا جلال الدين دوانيءَ ۽ سيد صاحب جي درميان علمي نڪتن تي
اختلاف ٿيندا رهندا هئا، ليڪن منهن سامهون بحث ڪرڻ
جي هام محقق دوانيءَ ڪڏهن نه ڀري. البته اختلافي
مسئلن تي، هن صاحب ڪيترا رسالا لکيا، جن مان
”حواشي تجريد“ ۽ ”حواشي مطالع“ مشهور**
آهن. اهڙيءَ طرح وقت جي ٻين عالمن به سيد صاحب سان
ڪڏهن مناظرو ڪونه ڪيو.
”حبيب السير“ هيٺيان ڪتاب سندس تصنيف ڪيل لکيا آهن:
(1) ”رساله تحقيق علم در اثبات واجب“؛ (2) حاشيه شرح شمسيه“؛
(3) ”حاشيه مطالع“ ۽ (4) ”حاشيه ترجيد“.
مير قانع انهن چئن ڪتابن سان گڏ هيٺين تصنيفات جو به ذڪر ڪيو
آهي.***
(5) ”حاشيه بر ’اوائل شرح مختصر اصول _ ابن حاجب‘؛ (6) ”حاشيه
بر ’ڪشاف‘“؛ (7) ”رساله درحل مغالط“؛ (8) ”رساله
در علم فلاحت“؛ (9) ”رساله در علم معرفت قوس قزح“؛
۽ (10) ”تعليقات بر فقہ شامي.“
سيد صاحب جو تولد 2 شعبان 828هه اڱاري ڏينهن ٿيو، ۽ 12 رمضان
903 هه ۾ جمعي ڏينهن کيس ديار بڪر جي ترڪمانن
هٿان شهادت نصيب ٿي.*
(3) خاتم الحڪما امير غياث الدين منصور ثاني: هيءُ بزرگ امير
صدرالدين جو صاحبزادو هو. سنه 900هه ۾ سندس ولادت
ٿي. پنهنجي والد محترم جي خدمت ۾ رهي تحصيل علوم
ڪيائين، ۽ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ فارغ ٿي، درس جو
سلسلو شروع ڪيائين. سندس علمي مرتبي ۽ شان جو ذڪر
ڪندي، صاحب ”حبيب السير“ هيٺينءَ طرح سندس تعريف
ڪري ٿو:
”آنجناب حالا بوفور علم و دانش دي اطراف و اکناف عالم بغايت
مشهور است، و مهارتش در فنون حکمي و رياضي ضرب
المثل جمهور علماي نزديک و دور.“**
سيد صاحب جي رياض دانيءَ ۽ طبي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي، نور الله
شوستري لکي ٿو ته ’ارسطو ۽ افلاطون بلڪه سڄي دنيا
جهان جا حڪيم ۽ طبيب جيڪڏهن سندس دور ۾ هجن ها، ته
هوند سندس معتقد ۽ نيازمند بڻجي وڃن ها!‘
_”ارسطو و افلاطون بلکه حڪامي دهر و قرون اگر در زمان آ قبلهء
اهل ايقان بودندي، مفاخرت و مباهات در سلک
مستفيدان و ملازمان مجلس عاليش نمودندي.“
*** ”حبيب السير“ جو مصنف، سيد موصوف جو معاصر ۽ واقف
هو.نورالله شوستريءَ جي قول کي جيڪڏهن مبالغو
سمجهيو وڃي، تڏهن به ”حبيب السير“ جي مصنف جي
راءِ، سيد صاحب جي علمي بلنديءَ ۽ برتريءَ لاءِ
ڪافي وزندار آهي.
سيد صاحب ڪجهه وقت مصر ۾ مقيم ٿي، صدارت جو بلند مرتبو ماڻيو.
عراق کان جڏهن مجتهد الزمان شيخ علي بن عبدالعالي
مصر آيو، ان وقت بادشاهه جي سامهون، عدم تقليد جي
مسئلي تي شيخ، ۽ سيد صاحب جو مناظرو ٿيو. بادشاهه
ڄاڻي واڻي مجتهد جو طرف ورتو، جنهن ڪري سيد صاحب
ناراض ٿي، صدارت جي عهدي تان استعفا ڏئي شيراز
هليو آيو.
”حبيب السير“ جي تصنيف وقت سيد صاحب پنهنجي والد واري مدرسهء
منصوريه ۾ درس ۾ مشغل هو، ۽ بقول مصنف:
”به افاده قيام مي نمايد، و گوش و هوش طلبهء علوم را از نتائج
درياي طبع نقا خود مي آرايد.“
48 ورهين جي جوان عمر ۾، سيد صاحب 948هه ۾ انتقال ڪيو. ”حبيب
السير“ جي مصنف سندس تصنيفات جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي،
البته مير قانع ”مجالس المومنين“ تان سندس انهن ٽيهن ڪتابن جا نالا نقل ڪيا آهن·،
جيڪي نور الله شوستريءَ پاڻ ڏٺا ۽ پڙهيا هئا. هن
ڪتاب جو مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته انهن کان سواءِ به
سيد صاحب جا تصنيف ڪيل ڪتاب ڪيترا آهن، جيڪي سندس
نگاهه تائين پهچي نه سگهيا.*
مير صاحب جي شعر سخن سان به دلچسپي هئي؛ سندن هيٺيون شعر مثال
طور ”مجالس المومنين“ ۾ نقل ٿيل آهي:
_هر کجا بي هنري هست بدومي بخشند،
بيشتر زانکه ز ايام تمنا دارد.
مير علي شير سندس ٻن فرزندن جا نالا ڏنا آهن: (1) مير شرف الدين
علي، (2) مير صدر الدين محمد
(4) السيد الاجل امير جمال الدين عطا الله (بن سيد فضل الله
المحدث): سيد صاحب، مير اصيل الدين جو ڀائيٽو ۽
مير علي شير جي ڏهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو هو. ”حبيب
السير“ جو صاحب، حسب دستور هن بزرگ جي تعريف ۽
توصيف ۾ به ربط اللسان نظر اچي ٿو. هڪ جاءِ تي چوي
ٿو:
”آنحضرت، مانند عم بزرگوار خويش امير سيد اصيل الدين، در علم
حديث بي نظير آفاق گشتہ اند؛ و در ساير اقسام علوم
دينيہ و انواع فنون يقينه از محدثان باستحقاق در
گذشة اند.“
ٻيءَ جاءِ تي جنهن طريقي سان سندس تعريف ڪري ٿو، سا پڻ سندس ئي
عبارت ۾ پڙهڻ جي لائق آهي:
”سدهء سنيہ اش، ملاذ طؤايف اکابر و اشراف انام است، و عتبہء
عليه اش مجمع اعاظم اولاد امجاد خير الانام، لوح
ضمير مهر تنويرش مُطرح اشعہء انوار اسرار کتب
الاهي و صحيفهء خاطر عالي ماثرش مهبط لوامع حقايق
اخبار حضرت رسالت پناهي، گنجينهء سينه اش بجواهر
زواهر علوم مشحون، و عقود در کلمات در ر مخزن باطن
خجسة ميامنش مخزون، نيئر شمايل نبوي اخ مشارف جمال
خجسة ماابش طالع و شعشہء آثار فضائل مرتضوي از
مطالع خصايص علم و کمالش لامع، راي عالم آرائش
کشاف اسرار معالم تنزيل، و طبع مشکل کشايش حلال
معضلات مواقف تاويل.
زبانش مظهر اسرار تحقيق ضميرش مظهر انوار توفيق
ز توضيح بيانش گشة روشن براهل علم هر مشکل زهر فن
جمال دين مزين ز اهتمامش علوم شرح واضح از کلامش*
سيد صاحب جو مشغلو پنهنجي بزرگن وانگر، درس تدريس هو. مدرسہء
سلطانيه هرات جي انهيءَ گنبذ ۾، جنهن ۾ پوءِ سلطان
حسين بايقرا دفن ٿيو_ سندس مدرسو هو. ڪجهه سالن
بعد وري خانقاه اخلاصيه ۾ درس ڏيندو رهيو. هفتي ۾
هڪ دفعو پنهنجي چاچي امير اصيل الدين جي مسند تي،
جامع مسجد هرات ۾ وعظ ۽ نصيحت جي ٻه مجلس ڪندو هو.
صاحب ”حبيب السير“ (880_941هه) جو قول آهي ته ’هن وقت پاڻ گوشه
نشينيءَ جي زندگي گذاري ٿو. وعظ جي مجلس به بند
ڪري ڇڏي اٿائين ۽ سندس سمورو وقت طاعت ۽ عبادت
الاهيءَ ۾ گذري ٿو‘:
”سلاطين ايام، و حکام اسلام، باقدام ارادت و اعتقاد و ملازمت
آنحضرت را برذمه همت واجب ميداند و در ترفيہ حال و
فراغ بال خدام عالي مقامش طريقہء اشفاق مبذول
ميدارند، بر آنچه ميتوانند.“
”حبيب السير“ جي مصنف سندس هڪ تصنيف_ ”روضة الاحباب في سيرة
النبي و الال والاصحاب“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ
چوي ٿو ته ”سڄي
آفاق ۾ مشهور آهي ۽ انهيءَ تصنيف جو مثال ملڻ مشڪل آهي“:
”در اقطار آڦاق اشتها تمام دارد، و بي شائبه شبة عقل دراک نظير
آن کتاب افادت مآب را در آئينہء خيال امر محال مي
شمارد.“
”تحفة الڪرام“، ۾ سندس هيٺين ٻن تصنيفن جو به ذڪر آهي:
”تحفة الاحبار“؛ ۽ ”رياض السير“.**
سندس انتقال جو سال معلوم ٿي نه سگهيو؛ جنهن وقت ”حبيب السير“
تصنيف ٿي رهيو هو، ان وقت پاڻ گوشي نشينيءَ جي
زندگي گذاري رهيو هو.***
(5) امير نسيم الدين محمد معروف به ميرڪ شاهه: مير جمال الدين
جو فرزند رشيد.، ۽ پنهنجي والد محترم جهڙو ئي علم
۽ عمل ۾ يگانو هو. حديث ۾ خاص طرح درڪ کيس هو؛
”حبيب السير“ جو قول آهي ته
_”در تڪميل علوم و فنون سيما علم حديث يگانهء زمانه
اند.“
پنهنجي والد بزرگوار جي مسند تي، مدرسہء سلطانيه ۾ درس ڏيندو
هو، ۽ هزارين طالب علم وٽائنس فيضياب ۽ بهره مند
ٿي ويا.*
(6) سيد عرب شاهه (7) سيد نعمت الله، (8) سيد وجهه الدين: سيد
عرب شاهه، امير نسيم الدين جو فرزند، ۽ ان جو
فرزند سيد نعمت الله ۽ ان جو صاحبزادو سيد وجهه
الدين هو. اهي ٽيئي بزرگ به هرات ۽ شيراز ۾ پنهنجي
بزرگن وانگر علومن جي نشر و اشاعت ۾ زندگي بسر
ڪندا رهيا.
(9) قاضي سيد شڪر الله شيرازي (ولد سيد وجهه الدين): اهو بزرگ
ترين انسان هرات کان قنڌار آيو، ۽ اتان سيد شاهه
مبين، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله سان سنگتي ٿي، سال
927هه ۾ ٺٽي پهتو.
اهي چارئي بزرگ علم ۽ ايقان، دين ۽ ايمان جا روشن چراغ هئا، جن
نه فقط ٺٽي جي شهر کي، بلڪه سموريءَ سنڌ کي پنهنجي
عمل ۽ علم جي ضيابارين سان منور ڪري ڇڏيو. اڄ
صديون گذري ويون، ليڪن سندن مقابر اڄ به موڙهيل ۽
منجهيل انسانن جي حاجت روائيءَ ۽ مشڪل ڪشائيءَ
لاءِ مرجع ۽ مرڪز آهن.**
سيد شڪر الله ئي اهو بزرگ آهي، جنهن جي نسل مان
ٺٽي جو شڪر الاهي ساداتن جو سلسلو هليو، ۽ اها ئي
اها موتين جي لڙهي آهي، جنهن جو درُ شاهوار، سنڌ
جو لافاني مورخ، بي مثل تذڪره نگار ۽ بي بدل شاعر،
مير علي شير ”قانع“ هو.
سيد صاحب جا مراسم شاهه بيگ ارغون جي گهراڻي سان غالباً هرات ۾
پيدا ٿيا؛ ۽ جڏهن بايقرا جي وفات بعد، هرات جي
محفل درهم برهم ٿي، شيباني، شاهه اسماعيل صفوي ۽
بابر جي معرڪه آرائين، ملڪ جو اهو حصو تيغ زني
ڪندي ڪندي، تاراج ۽ تهه و بالا ڪري ڇڏيو تڏهن
انهيءَ تعلق سبب سيد صاحب شاهه بيگ وٽ قنڌار آيو؛
۽ جڏهن شاهه بيگ سنڌ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾ ئي مستقل
بودوباش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين، تڏهن سيد
صاحب به پنهنجي ٽنهي سنگتين ۽ پنهنجي فرزند ارجمند
سيد مير ظهير الدين سان گڏجي، ارغونن جي
دارالسلطنت ٺٽي ۾ اچي قيام پذير ٿيو.
شاهه بيگ ته چند مهينن بعد گذاري ويو، ليڪن سندس جانشين شاهه
حسن جو تعلق ۽ اعتقاد ساڳيءَ طرح سيد صاحب سان
رهيو. هن سيد صاحب جي علم، فضل، ديني عظمت ۽
بزرگيءَ سبب کيس پنهنجي حڪومت جو سڀ کان پهريون
شيخ الاسلام بڻائي سڄيءَ سنڌ جو منصب قضا سندس
سپرد ڪيو. هر چند سيد صاحب انهيءَ منصب لاءِ مناسب
۽ لائق هو، بلڪه جيڪڏهن ائين چئجي ته سيد صاحب جي
ذات سبب انهيءَ عهدي جو خود شان ۽ مان وڌيو، ته
بيجا نه ٿيندو؛ ليڪن منصب ۽ ان جي فرائضن جون
پابنديون سيد صاحب جي افتاد طبع جي خلاف هيون،
تنهن ڪري ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب علحدگي
اختيار ڪري، رياضت ۽ عبادت ۾ زندگي گذارش شروع
ڪئي.*
سيد صاحب جنهن محلي ۾ ٺٽي اندر اچي قيام ڪيو، اهو ان وقت انهن
انصارن جو محلو هو، جيڪي شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان
گڏجي برهانپور مان ٺٽي آيا هئا. سيد صاحب پنهنجي
فرزند سيد مير ظهير الدين والاسلام _ معروف به مير
جادم _ جي شادي، انهن انصارين مان ڪرائي، جنهن مان
گويا ٺٽي جي شڪر الاهي ساداتن جو نسل نروار ٿيو.
انصارين جي انهيءَ قبيلي جو اڳتي هلي نسل ختم ٿي
ويو ۽ محلي جو نالو بدلجي شڪر الاهي ساداتن جي
نالي تي مشهور ٿي ويو. اڄ تائين انهيءَ گهراڻي جي
پسماندن جو انهيءَ ئي محلي ۾ قيام آهي.
سيد ظهير الدين جادم لاءِ مير علي شير لکي ٿو ته ’رس تدريس سندس
ظاهري مشغلو هو، ليڪن باطني طرح فقيري ۽ سلوڪ سان
لنئون لڳل هيس.‘
_”ظاهرش بتقويٰ و تشرع و تدريس، و باطن بسلوڪ راه فقر و سبيل
سنت اجداد مصروف بود.“*
سيد ظهير الدين ٻه فرزند يادگار ڇڏيا: هڪ سيد شڪر الله ثاني ۽
ٻيو سيد عبدالرحمان. مير علي شير قانع، سيد ظهير
الدين جي وڏي فرزند سيد شڪر الله ثانيءَ جي اولاد
مان آهي_ جهڙيءَ طرح ابتدا ۾ اسان شجرهء نسب ۾
ڄاڻائي آيا آهيون.
مير علي شير ”قانع“
ولادت: مير عزت الله بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن
سيد ظهير الدين ثاني، بن سيد شڪر الله ثانيءَ کي،
ڇهه پٽ ٿيا: سيد فخر الدين، سيد يار محمد، سيد
محمد امين، سيد محمد صلاح، سيد مير ضياءُ الدين
”ضيا“، ۽ مير علي شير ”قانع“. مير علي شير 1140هه
۾ اکيون کوليون _ ”خلق انسانا من السلانہ“ مان اهو
سال برآمد ٿئي ٿو.
اهو زمانو ميان نور محمد جي حڪومت جو هو _ کيس پنهنجي والد ميان
يار محمد ڪلهوڙي جي مسند تي ويٺي پورا ڏهه ورهيه
ٿيا هئا، جو مير صاحب ڄائو.
هندستان جي مغل سلطنت جو شيرازو، عالمگير جي وفات کان پوءِ،
ڪثير التعداد شاهزادن جي باهمي خون خرابي ۽ هڪ ٻئي
سان جنگ و جدل، منتشر ڪري ڇڏيو هو_ جنهن ڪري مرڪزي
حڪومت جو ڪوبه وقار باقي ڪونه بچيو هو،
ۖ
هندستان جي متحد سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي، مختلف
خودمختيار رياستن ۾ وراهجي چڪي هئي.
سنڌ جو به تعلق تقريباً ڏيڍ سؤ سالن کان دهليءَ جي مغليه مرڪز
سان هو، تنهن ڪري هتي جون حالتون به ٻارهين صديءَ
جي شروع کان ئي بدلجي چڪيون هيون. سنڌ تي دهليءَ
کان ايندڙ گورنر، مرڪزي بادشاهت جي روزانه تبديلين
سبب، پنهنجي قوت ۽ اقتدار، جنهن جي آڌار تي سنڌ
سندن قبضي ۾ رهندي ٿي آئي، وڃائي ويٺا هئا، ۽
نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ ۾ مرڪز کان آزاد ٿيڻ جي
تحريڪ شروع ٿي. ڪلهوڙن جي هڪ مقامي خاندان، جنهن
کي نه فقط زمينداري زور ۽ قبيلي جي قوت پٺيان هئي،
بلڪه پيريءَ ۽ روحاني رهبريءَ سبب به سڄيءَ سنڌ تي
تسلط حاصل هو _ آزاديءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾ ڀلئون
ڀل حصو ورتو.
مغل سلطنت جي ڪمزوريءَ ۽ انتظامي ابتريءَ جو فائدو وٺندي، سڀ
کان پهريون ميان يار محمد اپر سنڌ جو پاسو مرڪز
کان سالياني ڍل تي وٺي، پنهنجي قبضي ۾ ڪيو؛ جنهن
کان پوءِ ستت ئي سندس جاءِ نشين ميان، نور محمد
لوور سنڌ به ساڳين شرطن تي حاصل ڪري، ملڪي آزاديءَ
واري خوب کي تعبير بخشيو.
مير علي شير يارهن ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن 1151هه ۾ ميان نور
محمد اهو تاريخي قدم کنيو، جنهن کان پوءِ مغلن جو
براه راست تعلق سنڌ سان قطع ٿي ويو.
آزاديءَ جي ٻئي سال تي سنڌ کي هڪ اوچتي آفت سان سابقو پيو، ۽
هندوستان جي مغل سلطنت تي ته گويا ڪاري قيام ٽٽي
پئي. محمد شاه بادشاه، جنهن کي تاريخ ۾ عام طور
”رنگيلي“ جي مناسب ۽ موزون عرف سان ياد ڪيو وڃي
ٿو، شاه جهان واري تخت طائوس تي جلوه گر هو. ايران
جو نو دولت، جابر ۽ قهار حڪمران نادر شاه، وڏو ڪٽڪ
ڪاهي اچي دهليءَ ۾ پهتو. بادشاه بي طاقت، رياستون
سڀ جدا جدا، لشڪر حفاظت لاءِ ڪونه، مقابلي جي طاقت
نه بادشاهه ۾، نه ملڪ ۾ _ دهليءَ کي نادر شاهه نه
فقط لٽيو ۽ ڦريو، بلڪه اهڙي خونريزي ڪيائين، جو
انساني نسل قطع ٿيڻ تي اچي پهتو! ڪنهن خدا جي بندي
دلسوزيءَ مان ڏانهنس لکي موڪليو:
”کسي نماند که او را به تيغ ناز کشي،
مگر که زنده کني خلق را و باز کشي!“
جنهن کان پوءِ ايران جي انهيءَ خونخوار حمله آور کي رحم آيو، ۽
باقي بچيل انسانن جي جان بخشي ڪري، تلوار مياڻ ۾
وڌائين.
دهليءَ کان موٽندي، نادر شاهه سنڌ ۾ به آيو. دهليءَ جي خبرن
پوري ملڪ کي دهشت زدو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ به لرزه
براندام هئي. نادر شاه جڏهن اچي لاڙڪاڻي ۾ لٿو،
تڏهن سموري سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. ”نادر ته پٺيان
ڪونه اٿئي“؛ ”نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ“؛
”نادري حڪم“ _ اهي ۽ ٻيون اهڙيون عام چوڻيون، اڄ
تائين سنڌ ۾ مشهور آهن، ۽ انهيءَ دهشت انگيز دور
ڏانهن حافظي جا ورق ورائن ٿيون. ”ياد باد زماني که
قيامت است“_ به ڪنهن شاعر انهيءَ دور جي تاريخ
لاءِ چيو.
نادر شاهه جو مقصد ڦر لٽ ۽ ملڪ جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ هو _
انساني خون مان ته دهليءِ واري ڪوس ۾ ئي دؤ ڪري
چڪو هو! ميان نور محمد عمر ڪوٽ ۾ هو. نادر پاڻ اتي
پهچي، کانئس هڪ ڪروڙ نقد وصول ڪيو. ويهه لک
سالياني ڏن جي به مٿس چٽي رکيائين، ۽ موٽندي سندس
عظيم الشان ڪتب خانو به کنيو ويو، ۽ سندس ٻه نور
نظر به يرغمال طور ورتيون ويو.*
تازي حاصل ڪيل آزاديءَ کان پوءِ، سنڌ کي وري جو هي نئون طوق
ايران جي غلاميءَ جو پيو، تنهن ملڪ کي سخت ذهني
اذيت پهچائي، ۽ سڄيون خوشيون خاڪ ٿي ويون. نادر
جڏهن ايران پهچڻ بعد قتل ٿيو، تڏهن ڪنهن ٻاهرئين
شاعر چيو:
”بيگ گردش چرخ نيلوفري؛
نه نادر بجا ماند ني نادري!“
سنڌي شاعرن پنهنجي جذبي جو اظهار هن طرح ڪيو:
”فتنهء نادر چو برون شد ز ميان،
راحت آمد به همه عالميان؛
خوش خبر هاتف فرمود زغيب،
”محو شد آفت نادر ز جهان،“ 1160هه
اها تاريخ آخوند عبدالقادر ٺٽويءَ چئي. اڌارام ٺٽويءَ فرمايو:
”شاه شاهِ نادرِ ايران ديار،
داشت باغِ دولتش خرم بهار،
تاکه از حکمِ قضا پيک اجل،
نيز بگر فتش عنانِ اختيار؛
بهرِ تاريخ و فاتش عقل گفت،
”رخت بست از تخت هَستي شهر يار.“
اهو هو ملڪ جو سياسي ماحول، جنهن ۾ مير
علي شير زندگيءَ جو سفر شروع ڪري، ٻارهن منزلن
تائين پهتو هو.
اها
فهرست مير صاحب ”مجالس المومنين“ تان نقل ڪئي
آهي (ڏسو مجالس المومنين، ص 350).
(1) ”کتاب صحة الکلام“ (در رد ”حجة السلام“ _
امام غزالي)؛ (2) ”هزار بيت“؛ (3) محاکات“،
اول _ ثاني _ ثالث؛ (4) ”شرح بر کتاب اثبات
واجب“؛ (5) ”کتاب تعديل الميزان بر منطق“ (خلاصه
”منطق شفا“)؛ (6) ”معيار الافکار“ (خلاصة
”تعديل الميزان“)؛ (7) کتاب لوامع و معارج“ (علم
هيئت)؛ (8) ”تحفهء شاهي“ (17) ورهين جي ڄمار ۾
لکيائين)؛ (9) ”تجريد در حکمت“ (جامع مسائل
حکمت طبيعي و الاهي)؛ (10) ”رساله در معرفت
قبله“؛ (11) ”کتاب معالم الشفا“ (طب)؛ (12) ”شافيه“؛
(13) ”سفرويه هيئت“؛ (14) ”حاشيه بر الاهيات
شفا“؛ (15) ”حاشيه بر شرح حکمت العين“؛ (16)
”رساله در بابت خلافت فرزند خود“؛ (17) ”رد بر
حاشيه شمسيه _ علامه دواني“؛ (18) ”رد بر
حاشيه محمد“؛ (19) ”خلاصة التلخيص“ (اختصار
رساله تلخيص و معاني و بيان؛ (20) ”رد بر
حاشيه تهذيب“؛ (21) ”رد انموذج“؛ (22) ”رساله
تحقيق جهات“؛ (23) ”رد بر رسالهء زوراء“؛ (24)
”رساله مشارف در اثبات واجب کتاب اخلاق منصوري“؛
(25) ”حاشيه بر اوائل کشاف تفسير سورة الانسان“؛
(26) ”مقامات العارفين“ (تصوف و اخلاق _
پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)؛
(27) ”رسالہ قانون السلطنت دين“؛ (28) ”شرح
کتاب هياکل انوار“؛ ۽ (29) ”حاشيه بر اشارات“.
مير علي شير وڌيڪ هيٺين ٻن ڪتابن جا نالا ٻڌا
(30) ”ڪتاب رياضي الرضوان“ ۽ (31) ”کتاب اساس
در علم هند سہ“ (مقالات الشعراء“، ص 211؛ ۽
”مجالس المومنين“، ص 351).
”حبيب
السير“، ج 3، جز 3، ص 348.
”تحفة الڪرام“، ج2، ص 71؛ ”مجالس المومنين“، ص
222.
نادر
شاه، 11 محرم 1153هه جو، لاڙڪاڻي مان ڪوچ ڪري،
ايران هليو ويو.
|