ان کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ پير صاحب اها ئي عرق ريزي ڪئي آهي، جيڪا ان فن
کي فروغ ڏيڻ ۾ هُن جي عادت بڻجي وئي هئي. هن ان جي
تعليقات لکڻ ۾ 143 ڪتابن جو سهارو ورتو آهي ۽ محنت
ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. سومرا، سما ۽ ترخان
خاندانن جي سلسلي ۾ طبقات اڪبري، تاريخ معصومي،
ماثر رحيمي، تاريخ طاهري، منتخب التواريخ
اڪبرنامہ، آئين اڪبري ۽ بيگلارنامہ وغيره ۾ جو
ڪجهه درج آهي، انهن جا صفحا، حاشين ۾ ڏنا آهن. وري
انهن ٽنهي دورن ۾ جيڪي امير گذريا آهن، انهن تي
به، انهن تاريخن مان طويل حاشيا لکيا آهن، يا انهن
۾ جن شاعرن جو ذڪر آيو آهي، انهن تي به مستند
تذڪرن جي حوالي سان حالات ڏنا آهن. انهن شاعرن مان
ڪنهن نه ڪنهن فتح يا واقعي جي سلسلي ۾ جيڪو نظم يا
مثنوي قصيدو لکيو آهي ته ان کي به نقل ڪيو آهي.
ڪيترن خاندانن ۽ اميرن جا شجرا به ڏنا اٿس. اهڙي
طرح هُن مصنف جي اختصار کي طويل ڪيو آهي، ۽ جيڪا
ڳالهه مصنف جي ڪتاب مان معلوم نه ٿي سگهي آهي، اها
ان جي مرتب تعليقات مان معلوم ٿي وڃي ٿي. هن ڪتاب
کي جن ٻن ڳالهين سان سينگاريو ويو آهي، انهن جو
ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. برطانوي دؤر ۾ طبقات ناصري،
تاريخ فيروز شاهي، منتخب التواريخ، اڪبر نامہ،
بادشاهه نامہ، عالمگير نامہ، ماثر عالمگيري ۽
منتخب اللباب وغيره شايع ٿيون. بنگال ايشيا ٽڪ
سوسائٽي جا سمورا ڪتاب انگريز دانشورن جي نگرانيءَ
۾ ايڊٽ ٿيا، مگر ڪنهن ۾ به تعليقات ۽ حاشيا لکڻ جو
اهتمام نه ڪيو ويو هو، جهڙو پير صاحب ڪيو آهي. ان
۾ خود پير صاحب جي ذاتي ذوق جو وڏو دخل رهيو ۽ ان
کي ايترو مٿانهون بڻائي ڇڏيو هو، جو پنهنجي هن
منفرد حيثيت سان هميشه ياد ڪيو ويندو.
امين الملڪ نواب امير محمد معصوم بکري:
هيءَ پير صاحب جي شايد آخري تصنيف آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي.
هڪ دفعو ٻيهر افسوس جو اظهار ڪرڻو ٿو پوي ته سنڌي
ٻولي نه ڄاڻڻ جي ڪري ان مان پورو استفادو نه ڪري
سگهيس. ليڪن ان جي صورتخطي جي ذريعي هُن جي سڄي
محنت جو اندازو ٿي ويو. هي ڪتاب ٽيهن بابن جي 597
صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ مير محمد معصوم بکري جو
احوال، هن جي علمي، ادبي، تعميري ۽ فني ڪارنامن جو
پورو جائزو ورتو ويو آهي.
مير محمد معصوم بکري پنهنجي دور جو نامور امير، مورخ، شاعر،
خطاط ۽ نثرنگار هو. هُن جا وڏا ترمذ جي سيدن مان
هيا. وري قنڌار ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا، جتي اتان جي
مشهور بزرگ بابا شير قلندر جي مقبري جي توليت جا
فرائض ٻين ماڻهن سان گڏجي انجام ڏنائون. مير محمد
معصوم جو والد مير سيد صفائي قنڌار کان بکر آيو ۽
اتان جي حاڪم سلطان محمد جي پذيرائي سبب اتي ئي
سڪونت اختيار ڪيائين ۽ سيوستان جي کابڙوٽ سيدن سان
رشتو ڳنڍيو. مير محمد معصوم بکر ۾ ئي 944هه ۾ پيدا
ٿيو. هُن جا ٻه ڀائر ٻيا به هئا. ابتدائي تعليم
بکر ۾ ورتائين سندس والد بزرگوار سکر ۾ هڪ وڏي
حويلي ٺهرائي، جتي سموري ڪهول سان رهندو هو، مگر
هن جي وفات کانپوءِ هي خاندان غريب ٿي ويو ته مير
معصوم پيادل گجرات طرف نڪري پيو. اتي پهتو ته
پنهنجي هڪ پڙهندڙ جي معرفت خواجه نظام الدين احمد
بخشي، ’طبقات اڪبري‘ جي صاحب سان وڃي مليو، جيڪو
ان وقت گجرات جو ديوان هيو. هن ساڻس ’طبقات اڪبري‘
جي ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، ڇو ته هُن کي پاڻ تاريخ
نويسيءَ سان گهڻي دلچسپي هئي. قمست ساٿ ڏنس ته
گجرات جي شهاب الدين احمد خان جي ملازمت ۾ گهريو ۽
اتي به کيس منصب مليو. اڪبر هُن ڏانهن متوجهه ٿيو
ته کيس ايران جي سفارت تي شاهه عباس صفوي ڏانهن
موڪليو، جتي هُن بهترين خدمتون ڏنيون. جهانگير جي
زماني ۾ هُن کي امين الملڪ جو خطاب مليو، ٽيهه
چاليهه لکن جي ملڪيت ٺاهيائين. مگر سخاوت ۽ تحفة
تحائف ۾ بي پناهه رپيا ڏيندو رهيو. ڪيتريون ئي
مسجدون، سرايون، پليون، کوهه ۽ عيدگاهه وغيره
ٺهرايائين. سکر ۾ ٻه عمارتون ٺهرايائين. بکر ۾
سيتاسر جي عمارت به هن جي جوڙايل آهي، جيڪا ان
زماني ۾ دنيا جي نوادر ۾ سجهي ويندي هئي، گنبذ
دريائي مان ان جي تاريخ (1007هه ) نڪري ٿي. دهليءَ
۾ ان جو ٺهرايل هڪ منارو، اوچائيءَ ۾ ويهن ڪوهن
کان ڏسجي ٿو. انهيءَ سان گڏ هڪ گنبذ به جوڙايائين،
جيڪو پڪين سرن سان ٺهيو هو، ليڪن ان جون سرون ڀڳل
معلوم ٿيون. چوکنڊيءَ جي قبرستان کي باهي ڪلان پٿر
سان درست ڪرائي، تمام گهڻو مضبوط ڪرايو. ڪجهه باغ
به لڳرايائين.
هُو سٺو خطاط ۽ ڪتبہ نويس به هيو. هندستان کان تبريز ۽ اصفهان
تائين سمورن رستن ۽ منزلن تي پنهنجا شعر مسجدن ۽
عمارتن جي پٿرن تي اڪرايا. آگري جي قلعي جي دروازي
۽ فتح پور جي جامع مسجد جا ڪتبا سندس ئي هٿن جا
آهن. هُن جي آخري آرامگاهه سکر جي هڪ گنبذ هيٺان
آهي. ان ۾ به هُن جو هڪ ڪتبو لڳل آهي، ۽ ڪلام پاڪ
جي آيتن کان علاوه اتي خود مير معصوم جون رباعيون
لکيل آهن، جن مان ٻه هي آهن:
(1)
ني گل برخ باد صبا مي خندد، ني ني همہ برغفلت مامي خندد
گويم گويم کہ چرامي خندد، بريک دم عمر بي وفامي خندد
(2)
نامي من ازين دبر پشيمان رفتم،
ناچيده گلي ازين گلستان رفتم
بودم دو هزار آرزو در دل بيش،
نہ کرده يکي از آن بہ سامان رفتم
هُو قادر الڪلام شاعر به هو عرفان العاشقين جي مؤلف هن جي شاعري
تي عام تبصرو ڪندي لکيو آهي ته
الحق او را قوت و قدرت عظيم در شاعري بود.
نظامي گنجوي جي تلقيد ۾ پنج گنج لکيائين، جنهن ۾ ’معدن الافڪار‘
نظامي جي ’مخزن الاسرار‘ جي ’حسن و نازان‘، ’يوسف
زليخا‘، ’راوي و صورت‘، ’ليليٰ مجنون‘، ’خمسہ
متحيره‘، ’هفت پيڪر‘ ۽ ’اڪبر نامہ‘، ’سڪندر نامہ‘
جي جواب ۾ آهن. ان کان علاوه هُن جا ٻه ديوان،
رباعين جو هڪ مجموعو، هڪ ساقي نامه ۽ هڪ معمه جو
مجموعو به آهي. کيس طب ۾ به مهارت هئي. ’مفردات
معصومي‘ يا ’طب نامي‘ جي نالي سان هُن جي هڪ تصنيف
ان فن ۾ به آهي.
تاريخ ۾ هُن جي تصنيف ’تاريخ سنڌ‘ گهڻو مشهور ٿي. ان ۾ بنواميہ
جي زماني ۾ سنڌ جي فتح کان وٺي اڪبر جي عهد تائين
جا واقعا آهن. سومرن، سمن ۽ ارغونن جي به ان تاريخ
اچي وئي آهي. مرزا جاني بيگ جو احوال لکي هي ڪتاب
ختم ڪيو ويو آهي. مرزا جاني بيگ 1008هه ۾ فوت
ٿيو. ۽ مير معصوم 1015هه ۾ وفات ڪئي. اهڙي طرح
هُو پنهنجي موت کان ست سال اڳ جا حالات قلمبند
ڪندو رهيو. 1938ع ۾ ان کي بمبئي مان ڊاڪٽر عمر بن
محمد دائود پوٽي ايڊٽ ڪري شايع ڪيو. ان جو ناقص
ترجمو جي جي ميلٽ ڪيو. هن ڪتاب جا طويل اقتباسات
’اليٽ‘ ۽ ’ڊائوسن‘ پنهنجي ’تاريخ هند‘ جلد اول ۾
ڏنا آهن. ان جا سنڌي ۽ اردو ترجما به شايع ٿيا
آهن.
مير معصوم جي دوستن ۾ خواجہ نظام الدين بخشي، ’طبقات اڪبري‘ جو
صاحب، خان خانان عبدالرحيم ۽ ملا عبدالقادر
بدايوني، ’منتخب التواريخ‘ جو مصنف به هيو. ملا
عبدالقادر بدايوني، منتخب التواريخ جي ٽئين جلد ۾
ان جو احوال تفصيل سان لکيو آهي، ۽ ان جي تعريف هن
طرح ڪئي آهي: ”نهايت درويش صفت، با اخلاق،
ديانتدار، بهادر ۽ سخي آهي. تقويٰ پرهيزگاري، نماز
۽ تلاوت جو وڏو پابند آهي. شعر گوئي ۽ معمہ چوڻ ۾
گهڻو ذوق مليل اٿس، نهايت بلند فطرت آهي.“ (ج 3_ص
44_364). هن ڪافي شعرن جا نمونا به ڏنا اٿس. مير
معصوم به ملا صاحب جو قدردان هيو. جڏهن هُو احمد
آباد ۾ هيو ته هن وٽ منتبقت لکي موڪليائين. ملا
صاحب کي اها پسند اچي وئي هئي، ان ڪري پنهنجي ڪتاب
۾ ان کي سڄو نقل ڪري ڇڏيائين.
شاعرن ۽ هُن جي صحبت نظيري نيشاپوري، ملاغني، امني، بقائي،
حياتي، صرفي، سائوجي، تقي ڪاشي، حڪيم شفائي ۽ محمد
رضا فڪري سان رهي.
معصوم بکريءَ جو احوال ۽ ڪارناما، مٿي مختصر بيان ٿي چڪا آهن،
انهن جو پورو تفصيل سيد حسام الدين راشدي صاحب جي
هن ڪتاب ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ مير معصوم جي حسب نسب،
خاندان، خانداني بزرگن، تعليم، تربيت، گجرات،
لاهور، اسير ۾ قيام، شاهي ملازمت، ايران ۾ سفارت،
بکر ۾ واپسي، خانگي زندگي، سيرت، ڪردار، علم، فضل،
تصنيفون، شعري مجموعا، ٺهرايل عمارتون، همعصر،
احباب ۽ڪتبن وغيره تي تفصيلي تبصرو ڪيل آهي. ان
دور ۾ خبر ناهي ڪيترا صاحب علم امير ٿي گذريا آهن،
ليڪن اهي ڪتابن ۽ مخطوطات ۾ گم ٿيل آهن. مير معصوم
بکريءَ جي اها خوش بختي آهي جو کيس پير صاحب جهڙو
قدردان تذڪره نويس مليو، جنهن ان تي هڪ ضخيم ڪتاب
لکي موجوده دور جي اهلِ علم ۽ ذوق رکندڙن آڏو آڻي
بيهاريو آهي.
پير صاحب کي فارسي شعر و ادب سان گهرو لڳاءُ رهيو، ان ڪري مير
معصوم نامي جي فارسي شاعريءَ طرف سموري توجهه
ڏياري آهي. مختلف تذڪره نويسن جي تحريرن مان هُن
جو شعوري رتبو متعين ڪرڻ کان پوءِ جيڪي شعر تذڪرن،
عمارتن، مقبرن ۽ ڪتبن وغيره ۾ مليا آهن، انهن کي
پنهنجي ڪتاب جي 29 باب جي 64 صفحن ۾ درج ڪيا آهن.
هي وڏي محنت جو ڪم هيو، ليڪن علمي محنت پير صاحب
جي لاءِ خود وقف ٿي وڃي ٿي ان ڪري اهڙي محنت ڪرڻ
کان لنوائيندو نه هيو. ان جي هِن ڪتاب ۾ جيتريون
رباعيون، غزل، ادب ۽ ٻين قسمن جا شعر جمع ٿي ويا
آهن. ان کان پوءِ شاعر جي ديوان کي ڏسڻ جي ضرورت
ناهي.
هن ۾ مير معصوم جي رباعين ۽ غزلن جا جيڪي نمونا ڏنا ويا آهن،
انهن مان ٻن چئن تي نظر وجهو. اهو ئي پير صاحب جي
محنت جو ڪمال آهي؛
(1)
يک حصہء عمر من بہ ناداني رفت، يک حصه ازان چنان کہ
مي داني رفت
يک حصه بہ بيهوده بہ بيکار گذشت، يک حصه بافسوس و
پشيماني رفت
(2)
گلزار جمال عارض دلدارم، چون جلوه دهد بخاطر افگارم
دريا، دريا، جهان جهان خون ريزم، بستان بستان، چمن چمن
گل بارم
(3)
گہ نالم وگہ زنالہ خاموش کنم، باشد کہ زجائي سخنت گوش
کنم
فارغ ز خيال تو نيم يک نفسي، ترسم کہ دگر نفس فراموش کنم
غزل
عفوتو، بستہ است لب عذر خواه را
بر رو نها ده داغ شفاعت گناه را
از بس بہ جستجوي تو پيک نظر و دويد
ديدم هزار آبلہ در پائي نگاه را
از بس کہ ناز و عشوه فشاند که خرام
آرايش بهار دهد جلوه گاه را
________
حسنست کہ او جلوه گراز پرده ناز ست
عشقست کہ يا حسن ازل محرم راز است
قانون خروشم همہ بيرون ز جنون است
اي زمزمہ امشب نہ باندازه ناز ست
امشب بہ تمناي مہ روئي تو تا صبح
چشم چودر خانہء ويران شده باز ست
آن حسن کہ جولان گہ او عرصہء ناز ست
مستغني از آرايش و فارغ ز نياز است
________
بي روي تو در ديدهء من نور نماند ست
يک ذره توان در من مهه جور نماند ست
پيو ستہ بتان راسوي عشاق نظر بود
اين قاعده در عهد تو منظور نماند ست
دور از تو مرا حال بہ مردن شده نزديک
تامرگ زمن يک نفسي دور نماندست
هجران تونامي صفتم تافته پنجہ
بازوي مرا طاقت اين زور نماندست
ڪتاب جي آخر ۾ 114 تصويرون ۽ عڪس، انهن قبرن، عمارتن،
مسجدن، عيدگاهن، مينارن، آرام گاهن ۽ ڪتبن جا آهن،
جن جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن سلسلي ۾ ڪتاب ۾ آيو آهي يا
انهن جو تعلق مير محمد معصوم بکري سان آهي. ان سان
ڪتاب جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ وڏو اضافو ٿي پيو آهي.
ڪتبن جا عڪس ۽ مختلف تصويرن ڪڍڻ ۾ جيڪا محنت ڪيل
آهي، ۽ وري ان سلسلي ۾ جيڪو خرچ ٿيو هوندو، ان جو
اندازو ڪري سگهجي ٿو. ڪتبن جي عڪس کان علاوه ڪتاب
جي 30 نمبر باب ۾ 54 ڪتبا ائين جمع ڪيا ويا آهن جو
قنڌار، ادگير، بيمانہ، فتح پور، سيڪري، اجين،
گواليار، ناگور، سعدل پور، مانڊو، برهان پور،
اسير، دهلي ۽ جيپور جي عمارتن يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڳل
هئا. هي ڪتبن جي ماهرن لاءِ گهري مطالعي لاءِ مفيد
سرمايو پڻ آهي.
پڄاڻي:
آخر ۾ اهو عرض ڪرڻو آهي ته پير صاحب جي علمي زندگيءَ جا
شايد ٻه وڏا مقصد رهيا، هڪ اهو ته ان جو مثال پيش
ڪيو ويو آهي. علم جي تلاش ۾ تن آساني، سهل نگاري،
ڪوتاه قلمي، گريز، فرار ۽ چشم پوشي اختيار ڪرڻ،
علم سان سراسر بي انصافي ۽ زيادتي آهي. وري ٻيو
مقصد اهو آهي ته هُو سنڌ جي گذريل علمي عظمت،
فضيلت ۽ جلالت کي سامهون رکي سنڌ کي اهو مقام عطا
ڪري جنهن جي هوءَ واقعي مستحق آهي. ٺٽو سنڌ جو
دارالسلطنت رهيو. هُن جي شايد اها دلي خواهش هئي
ته هن شهر جي هڙني آثارن جي تاريخ اهڙي نموني
قلمبند ڪئي وڃي، جو اهو معلوم ٿئي ته هي شهر به
علم ۾ غزنيءَ ۽ دهلي کان گهٽ نه رهيو. اگر هو اهل
قلم بجاءِ اهل حڪومت هجي ها ته شايد ٺٽي جي مسجدن،
تلائن، کوهن، پلين، مسافرخانن، نزهت گاهن، بلڪه
رستن ۽ گهٽين کي اهڙيءَ طرح نئين سر تعمير ڪرائي
ها، جهڙيءَ طرح اهي پنهنجي عروج واري زماني ۾ هئا
۽ مڪلي ٽڪري جي شاندار مقبرن سان گڏ اتان جي ننڍين
ننڍين قبرن کي اهڙي طرح ٺهرائي ها، جهڙي طرح انهن
جي وارثن ٺهرايون هيون ۽ جيڪڏهن پنهنجي حڪومت جي
بي تحاشا دولت خرچ ڪري ها ته، اهي ضايع نه ٿين ها.
هي شهر هڪ گلستان بڻجي سياحن جي توجهه جو مرڪز ٿي
پوي ها. پير صاحب جيترو به خرچ ڪري ها، ان کان به
گهڻو سياحن جي ذريعي حاصل ٿي وڃي ها. اهو ته هُن
لاءِ ممڪن نه ٿي سگهيو، ليڪن هُن سنڌ ۽ ٺٽي متعلق
ايترو تاريخي، ادبي شعري ۽ فڪري مواد فراهم ڪيو
آهي جو ان ۾ اهو سڀڪجهه نظر ايندو جيڪو ٺٽي يا سنڌ
۾ گذريل زماني ۾ نظر ايندو هو.
مگر هڪ شيءِ کٽڪي ٿي، جنهن جي اظهار ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي
ته پير صاحب جون سموريون علمي سرگرميون سنڌ جي ان
قيمتي سرمايي کي گڏ ڪرڻ ۾ صرف ٿيون جيڪي فارسيءِ ۾
آهن، مگر پاڪستان ۾ فارسي سان گهٽ چاه جو اظهار
ڪيو ويو آهي.
هتان جي يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ فارسي پڙهڻ وارا شاگرد گهٽ
ٿا ڏسجن. اگر فارسي زبان هن سرزمين ۾ وساري وئي ته
هتان جا ماڻهو پنهنجي گذريل قيمتي ورثي کان محروم
ٿي ويندا ۽ پير صاحب جا سمورا علمي ڪارناما ۽ نقش
نگار مٽجي ويندا! اهو سوچيندي خيال ٿو ٿئي ته پير
صاحب سنڌي يا اردو ٻولي ۾ مستقل ڪتاب لکندو رهي ها
ته هُن جي علمي ڪاوشن سان اهي ٻوليون مالا مال به
ٿين ها ۽ هو انهن ٻولين جي دربار ۾ وڏو مقام حاصل
ڪرڻ ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ٿئي ها. مگر پاڪستان جي اها
وڏي محرومي چئبي جو فارسي زبان کي وساري پير صاحب
جي علمي ڪارنامن کي به فراموش ڪيو وڃي. آخر ۾ اهو
چوڻو آهي ته هُن پنهنجي پويان جيڪو علمي سرمايو
ڇڏيو آهي، ان کي پڙهي ڪري، پير صاحب جا پڙهندڙ ۽
خصوصاً سنڌ جا اهل علم کيس ياد ڪندي چوندا رهندا.
ان کي گئي په دل کي خرابي نه پوچهئي
جيسي کسي کا کوئي نگر هو لڻا هوا.
(انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچيءَ پاران
شايع ڪرايل ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي اور ان کي
علمي کارنامي“ جو ترجمو).
مون ڏٺو ته سنڌ جون جيڪي به قديمي تاريخون آهن، انهن ۾ سنڌ جي
ماڻهن کي نيچ ۽ ڪمذات ڪوٺيو ويو آهي. انهيءَ گناهه
۾ غير سنڌي ۽ سنڌي مؤرخ ٻئي شامل هئا. اهي تاريخون
فارسيءَ ۾ لکيون وين، ڇاڪاڻ ته فارسي،عربي کان
پوءِ سنڌ جي ارغونن، ترخانن ۽ ٻين فاتحن جي زبان
هئي. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ جڏهن سنڌيءَ کي تسليمي
ملي ۽ ان ۾ تاريخ جا ڪتاب لکيا ويا ته سنڌي مؤرخن
ساڳي پراڻي غلطي ڪري فارسي تاريخن جي نقالي ڪئي ۽
سنڌ جي فاتحن کي ’ظل الله‘ جي خطاب سان سڏيو.
منهنجي خدمت اها آهي ته مون سنڌ جي تاريخ جي سمورن مجرمن، سياهه
ڪارن، باغين ۽ خونين کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هنن
سنڌ ۽ اهل سنڌ جي مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد ڪيو، تنهن
کي پنهنجين تصنيفن ۾ آشڪار ڪيو اٿم. ان لحاظ کان
مون سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي،
جنهن تي مون کي بجا طور فخر ۽ خوشي آهي. اڄ جو
نوجوان، جيڪو وطن جي جذبي سان سرشار آهي، اهو
منهنجي سالها سال جي تاريخ جي مطالعي ۽ سوچ موجب
صحيح راهه تي هلي رهيو آهي. آءُ نوجوانن کي عرض
ڪندس ته هو تعليم ۾ چاهه وٺن. مون کي افسوس آهي ته
اڄ جي شاگردن ۾ علم سان انس گهٽ آهي ۽ استاد به ڪي
قدر فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن. جنهن قوم
وٽ علم ۽ عالم لاءِ مان نه آهي، اها اڳتي وڌي نه
سگهندي. جرمنيءَ جڏهن روس تي حملو ڪيو ته روسي
پنهنجن عالمن کي لڏائي محفوظ هنڌن ڏانهن وٺي ويا.
جڏهن ان تي عوام جي هڪ طبقي طرفان اعتراض ٿيو ته
ان کي حڪومت جواب ڏنو ته عام ماڻهو روزانو ڄمن ۽
مرن ٿا، پر عالم روزانو پيدا ڪونه ٿا ٿين. جنهن
کان سواءِ اسان جي قوم اڳتي وڌي نه ٿي سگهي. عالمن
وانگر علمي ادارن جو احترام پڻ لازمي امر آهي.
ڪابه سجاڳ قوم پنهنجن علمي ادارن کي زوال پذير ڏسڻ
نه گهرندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي ڪم ڪيو
آهي، انهيءَ سنڌ کي يورپ، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا ۾
شهرت بخشي آهي. اميد ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽
دانشور مسلسل محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي
اوج تي رسائيندا.
_سيد حسام الدين راشدي
سيد حسام الدين راشدي
مير علي شير قانع ٺٽوي
خانداني پس منظر
مير علي شير پنهنجو نسبي سلسلو هن طرح بيان ڪيو آهي:
مير علي شير، بن سيد عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم،
بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهير الدين ثاني، بن سيد
شڪر الله ثاني، بن سيد ظهير الدين والاسلام
المعروف بہ سيد جادم اول، بن سيد قاضي شڪر الله
شيرازي، بن سيد وجهه الدين، بن سيد نعمت الله، بن
سيد عرب شاهه، بن امير سيد نسيم الدين محمد
المعروف بہ مير ميرڪ شاهه، بن امير سيد عطاالله
جمال الدين بن محدث، بن امير سيد فضل الله المحدث
الحسيني الدشتڪي
* الشيرازي.
مير صاحب پنهنجن مٿين بزرگن جو ذڪر ”تحفة الڪرام“ جي
ٻئي جلد ۽ ”مقالات الشعرا“ ۾، پنهنجي سوانح جي ضمن
۾ ڪيو آهي. ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾، قاضي سيد
شڪر الله اول کان وٺي پاڻ تائين، خاندان جي سنڌي
افرادن جو احوال لکيو اٿس.
پنهنجن ايراني بزرگن جي سلسلي ۾، مير صاحب جا ماخذ تاريخ ”حبيب
السير“، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس المومنين“ آهن، جن
تان هن صاحب پنهنجا خانداني حالات نقل ڪيا آهن.
مناسب آهي ته مير صاحب جي سوانح حيات سندس بزرگن جي مختصر
احوال سان شروع ڪئي وڃي، تاڪه پڙهندڙ مير صاحب جي
حالات پڙهڻ کان اڳ، سندس خانوادي جو علمي پس منظر
ذهن نشين ڪن.
(1) السيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله (بن سيد عبدالرحمان،
بن سيد عبداللطيف، بن سيد جلال الدين يحيٰ محمد
الحسيني) تفسير، حديث ۽ فن انشا جو جيد عالم ۽
پننجي زماني جو فاضل ترين بزرگ هو. ”حبيب السير“
جي مصنف، جنهن ادب ۽ احترام سان هن بزرگ جو ذڪر
ڪيو آهي، اهو سندس ئي لفظن ۾ پرهڻ جي لائق آهي.
_” بصفت اصالت و فور جلالت و نباهت شان، و قدم دودمان موصوف و
معروف بود، و بوفور زهد و تقويٰ و دينداري و غايت
ديانت و پرهيزگاري، از اڪثر علما و سادات بني آدم
ممتاز و مستثنيٰ مينمود. زبان گهر افشانش مفسر
حقايق صحف آسماني، و بيان بلاغت نشانش مبين دقايق
کتب سبحاني، باطن خجسة ميامنش مظهر آثار ولايت و
رشاد، و خاطر فرخنده مآثرش مهبط انوار هدايت و
ارشاد، و بي شائبه مدح گستري آن مهر شريعت پروري،
در علم تفسير و حديث و انشا و تاليف شبيہ و نظير
نداشت.“·
سيد صاحب، سلطان ابو سعيد جي
زماني (855 _ 872هه) ۾، شيراز کان لڏي هرات ۾ اچي
مقيم ٿيو، ۽ بادشاهه جي تحريڪ تي هفتي ۾ هڪ دفعو
مدرسہ گوهر شاد آغا ۾ وعظ فرمائيندو هو. اهڙيءَ
طرح، هر سال ربيع الاول جي مهيني ۾ ميلاد جي مجلس
منعقد ڪري، حضور جن جي سيرت پاڪ اهڙي دلنشين
پيرايي ۾ بيان فرمائيندو هو، جو سامعين جي تاثر جي
ڪيفيت ڏسڻ وٽان ٿيندي هئي.*
سندس تصنيفات ۾ هيٺين ٻن ڪتابن شهرت دوام حاصل
ڪئي:
”شرح درج الدرر“ ( بر ”سير سنيہء خير البشر“)
”ڪتاب مزارات هرات“.
پوئين ڪتاب لاءِ صاحب ”حبيب السير“ جو قول آهي ته
”درميان افاضل اقطار جهان مشهور است، و صحت روايت و بلاغت عبارت
آن نسخه برالنسہ و خلايق مذڪور.“
سيد صاحب جو انتقال، سلطان حسين بايقرا جي دور ۾، 17 جمادي
الآخر· سنه 803هه ۾ ٿيو. سلطان حسين سندس اولاد لاءِ جاگيرون مقرر
ڪيون، مير علي شير سندس ٻن فرزندن جو نالو کنيو
آهي: سيد صفي الدين محمد ۽ سيد برهان الدين محمد.
سيد الحڪما و المدققين امير صدرالدين محمد شيرازي (”ابو
المعالي“ ڪنيت؛ ”صدر العلما“ ۽ ”صدر الحقيقة“
لقب): سندس والد جو نالو امير غياث الدين منصور
هو، جنهن لاءِ حبيب السير جي مصنف جو قول آهي ته
”در سلڪ سادات علي نسب مملڪت فارس انتظام داشت، و مرجع اشراف
داعيان بوده؛ پيوستہ نقش خير خواهي برالواح خواطر
آدميان مي نگاشت.“
امير صدر الدين، مولانا قوام الدين گلباريءَ وٽ علومن جي تحصيل
ڪئي* جنهن کان پوءِ شيراز ۾ هڪ عظيم الشان مدرسو _ ”مدرسهء منصوريه“
ٺهرائي، ان ۾ درس جو سلسو شروع ڪيائين. ”حبيب
السير“ ۾ آهي
_”صفت بالاعزاز بنشر علوم محسوس و مفهوم قيام و اقدام مينمود، و
بجودت طبع و دقت ذهن از جميع علماي متبحرين و
فضلاي متاخرين ممتاز و مستثنيٰ بود.· انهيءَ مدرسي ۾ هزارن طالبعلمن، ۽ سوَن ذوق رکندڙ ٻين صاحبن،
علم حاصل ڪري، دين ۽ دنيا ۾ سرخروئي حاصل ڪئي.
”مجالس المومنين“ جي صاحب جو انهيءَ بزرگ لاءِ قول آهي ته ”حديث
جو جيد عالم ۽ حافظ هو. علوم حڪميه ۽ شمسيه ۾ دنيا
جي عظيم ترين حڪما جي درجي تائين پهتل هو. جن
بزرگن کان پاڻ تعليم ۽ فيض پرايائين، سي سڀ پنهنجي
دور جا بينظير عالم هئا، جن جي استادن جا سلسلا بو
علي سينا، ملا قطب الدين، علامه شيرازي، سلطان
المحققين خواجه نصير الدين طوسيءَ، ۽ امام
غزاليءَ، امام فخر الدين رازيءَ ۽ علامه شيخ جمال
الدين حسن جهڙن بزرگن تائين پهتا ٿي.*
”حبيب
السير“ ج 3، ص 335؛ ”مجالس المومنين“، مجلس
پنجم، ص 226.
”حبيب السير“ ج 3، جز 3، ص 335؛ ”هفت اقليم“،
ص 261، مطبوعه بنگال ايشيا ٽڪ سوسائٽي، ڪلڪته.
|