(1) ”ديوان علي شير“ (1152هه): ٻارهن ورهين جي
ڄمار ۾ هي ديوان مرتب ڪيائين، جنهن کي نامعلوم
سببن ڪري درياه ۾ لوڙهي، ايندڙ ٻه سال، 53_1154هه،
شعر چوڻ ڇڏي ڏنائين. هن ۾ نالو تخلص طور استعمال
ڪندو رهيو.
(2) ”مثنوي شمهء از قدرت حق“_ (1165هه): مثنويءَ جو نالو تاريخي
آهي _ سال تصنيف 1165هه ان مان برآمد ٿئي ٿو.
انهيءَ مثنويءَ جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي. ڀانئجي
ٿو ته مثنويءَ ۾ ڪو قصو بيان ڪيل آهي. ”مقالات
الشعرا“ ۾ نمونتاً چند شعر ڏنا ويا آهن، جن مان
مٿيون قياس ٿئي ٿو:
_در تعريف برد کان نشستن آن جوهري پسر_
پسر چون دکاندار شددر ديار، چو خورشيد اندر حمل بسته بار
کفش بر ترزو چو گشتي فرو قمر در ترازو مکان يافت گو
_قطعات لعل امانت فقرا را جوهري پسر درستون مخفي ساخته_
ستون گشته کان بدخشان سپس
برو رشک برودي بسي کان سپس
چودر راستي بوده پا استوار
شده زاد گانِ خورش در کنار
(3) ”مثنوي قضا و قدر“ _(1167هه): ”گل از بهار قضا“ مان اهو
تصنيف جو سال بر آمد ٿئي ٿو. ڪوبه نسخو موجود نه
آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ هيٺيان اقتباس ڏنل آهن:
_در صفت کشمير_
خور اندر سبزه زارش سپره وار
نيارست آنکه بيند روي انوار
گر آيد بالمثل مه در زمينش
کند گلچين غلط با يا سمينش
ببوي بوي شبويش زهر باد
گل خورشيد گيرد غنچگي ياد
گهي تقرير وصفِ زعفران زار
لب از خنده نيابد راه گفتار
زبس سَروشَ بازادي علم شد
ثمر در نخلهايش وقف هم شد
طلاي آفتاب آنجا است پر غِش
زبش در بوتهء گل ديده آتش
تونگر گردد آن کو بار دارد
گلستانش گل دينار دارد
_در صفت خوبرويان چين_
ز روي گلر خانش چشم خورشيد
زبس گستاخ بين افتاد جوشيد
ز گفتارِ ملاحت ريز خوبان
بگيرد عندليب آتش بدامان
ز فر جبہء، شان حسن آداب
نمايد همچو در مينا ميء ناب
مه نو تا به ابرو يافت نسبت
همي بالد بخود از فرط بهجت
مگر دست قضا از صنع ايزد
لطافت جمله اندر ساعدش زد
ز روي بيت صدرِ شان توان يافت
معاني را که اندر دل همان يافت
نهدار ار پشت بر ديوان چون مست
توان دريافت نقش اوچه چيز است
گهي نظاره خوبيء هر ماه
تماشائي بر آرد الله الله
_صفت هند و نغمه نوازان هند_
بپا کوبيء رقاصان مہ وش
فتد نظاره را نعل اندر آتش
صلاي باده نوشي اندر و عام
بود خورشيد آنجا صورت جام
مدام اندر وي از صافيء مهتاب
مہ نو هر شب آفزايد ميء ناب
مگو اخترکه رخشانند هر شام
خم گردون شراب انداخت در جام
بهار نشهء سر شاد دارد
سرود آنجا عجب بازار دارد
هر آنکو بسته آهنگ حجاز ست
نجام توسنش از تار ساز ست
دف خورشيد اندر دست زهرش
به پيش مطربش کمتر ز مهرش
بهر محفل که نا و نوش دارد
هوس بر سير پا بردوش دارد
_در وصف مصر و تعريف عمارتهايش_
وزد بادش اگر جانب آب
حباب از ياسمين گيرد فزون تاب
هوايش گر بر وي هجر آيد
ز شاخِ خشک مرجان گل برآيد
بدوش مشرق اندر وقت تعمير
فلک مي ريخت آهک از تباشير
ازان خورشيد بر کف رعشه دارد
که خواهد دستي از بامش بر آرد
که گچکاري از خورشيد تابان
ستاند پنجه رازش دستگردان
بهر خشت عمارتهاش خورشيد
براي اقتباس نور بوسيد
کمانِ طاقش از قوسِ قزح ساخت
ر واقش را چو بنا منشرح ساخت
بود مهتاب از آنجا آهک کرم
سفيده صبح از خاکش کشد شرم
_رسيدن از خشکي بدريا و صفت آن_
دگر راهِ شتابيدن چو طي شد
بجمله احتياجِ کشتيء شد
بلي کشتي گدايان را ضرور است
که فاقه را بدو راهِ عبور است
مسافر را برطب و يابس است راه
ز خشکي باز دريا گشت دلخواه
غبارِ ماندگي بست ابر در دل
کنارِ بحر ماندم پاي در گل
چه بحر آن کز کمال پاکئي رنگ
نهنگ چرک را زد قافيه تنگ
(4) ”نو آئين خيالات“ _(1169هه): انهيءَ نالي مان سال تصنيف بر
آمد ٿئي ٿو. اهو ڪتاب نثر ۾ آهي. ڪوبه نسخو موجود
نه آهي، جنهن ڪري معلوم نه ٿي سگهيو ته ڪتاب ڪهڙي
موضوع تي هو.
(5) ”مثنوي قصهء کامروپ“_(1169هه): هيءَ مثنوي به گم آهي،
”مقالات الشعراء“ ۾ لکي ٿو ته تخميناً ٽي هزار بيت
منجهس آهن ۽ 1169هه ۾ تصنيف ڪيائين. ”مقالات
الشعراء“ ۾ انهيءَ مثنويءَ جا هيٺيان اقتباس ڏنل
آهن، جن مان نوعيت ۽ انداز معلوم ڪري سگهجي ٿو:
تا قدم از ارض رضاعت کشيد
پايهء قدرش بعلين رسيد
قبضهء قدرش جو کمان گير شد
ناوک دستش بفلک تير شد
بخت بلندش نه شمارد يکي
بلکه کند سهو که جم بود وکي
باز وي قدرت چو فشر دي به تيغ
زهرهء رستم بزدي زيع زيع
_در صفت چترمن مصور_
کز قلم مو چو کشد مشکل باغ
لاله ز شنجرف پر آرد اياغ
آب گهر در صد فش داشت جا
تا ورق سبزه لمايد طلا
غنچهء تصويروي از بوي فرح
رايحهء خلد برين راست شرح
بر لب تصويرش حرفِ نشاط
گل کند از گوشهِ صحنِ بساط
گر بمثل در کشود شکل آب
نقطهء سهوِ قلمش دان حباب
_صفت صيد گاه مينو نشان_
آهکش از پر تو مه بيش تاب
در گچش آميخته رنگ سحاب
خشت پزانش پي حسن نظر
بسته نمودند خميرِ گهر
مخمل سبزه به هجومي که آب
راه نمي يافت ببالين خواب
بر لب هر جدولس از موج آب
نقش نشاط ابدي داشت تاب
بلبلش از نغمه سرائي فرح
از پي سيپارهء گل بسته شرح
فاختهء زاهد مشرب دران
داشت بلب آيهء کو کو روان
حاجيءَ قمري ز پئي طوف سرو
خواسته احرام ز بال تذرو
پير عصا در کف زنبق بنام
داشت بصحن چمن آنجا خرام
موي دماغش بس آشفته بود
بينيء وا کرده سطن مي نمود
از گل شب بوش گل آفتاب
گريه همي خواست کند بوي آب
باد صبا داشت درو زرگري
سکه همي زد بزِر جعفري
_در شکستن جهازا تبطوفان_
يوسف مه رفته تہ قعر چاه
يونس شب حوت گرفته پناه
فتنه بپا خواسته در رنگ باد
جوش زده بحر که طوفان فتاد
آتشي افروخت منقل حباب
سوخته هر خار و خسي را بر آب
ماهيء موج از اثرِ برق باد
سينه خود را بشر بر نهاد
جامه به تن چاک زده ناخدا
رفته ز سکان سکون جمله را
در کف ملاح ز بادي چنان
پنبهء حلاج شده بادبان
ديدهء گر داب ز بس کور بود
در طلبِ مردم پر شور بود
خورد شد آن جمله کشتي بر آب
در نفسي همچو سفالِ حباب
مردم خشکي همه آبي شدند
در چه آن بحر شتابي شدند
_ در صفت جنگ_
صور صرافيل دميده چو نائي
مغز هزبران بچکيده ز نائي
بسکه بپا گشت دَم گا و دم
گا و زمين و فلک انداخت سم
در کف پر برگ تبيره زنان
خون بلان بسته چو بيره زنان
بحر ستيز آنگه طوفان گرفت
پنجهء خورشيد ببحران گرفت
تير فلک ريخت برنگ خدنگ
گاهگشان پا زده در نيم لنگ
ازدرِ شمشير چو پر وار شد
هر طرف از زخم بهم غار شد
مغز پراگنده شد از عطسه تيغ
در سر پيکار کنان بدريغ
گشت بپا تاکه طريدِ ستيز
جان به برِ رستم شد ريز ريز
هر طرفي خاست ترنگا ترنگ
پنجهء خورشيد شده بر خدنگ
شور چقا چاک ننن خندگ
ريخت همي مغز دماغِ پلنگ
بسته بخون بود يلان را مگر
لاله صفت کرده سپر در سپر
_صفت مبارزت نانک چند جوهري_
تيغ بکف نانک چند جوهري
تيغ بکف نانک چند جوهري
بود چو الماس پيء جان جري
تابزدي از سر غصه طريد
لعل و فيروز همي شد پديد
داشته تيغش عمل کهربا
بهر خسيسان بجان در بلا
_صفت رزم دهنتر طبيب_
دهنتر آنجا که فشر دي قدم
تيغش مي جسته ز کف دم بدم
شربتِ مرگ از کفِ او موجزن
بوده پيء نوش عدو در زمن
_صفت جنگ رس رنگ کلونت_
کرده چو رس رنگ سوي رزم راه
جسته ز چنگش اجل آنجا پناه
گوش مخالف ز طريدش بخست
تيغ دو دستي بزدي همچومست
کرده گران در کفش از پر دلي
زمزمه خوان بود به نقشِ بلي
_صفت نبرد چترمن مصور_
چترمن آنگه که شدي رزم جو
پاي عدو بود گو اندر فرو
در کفِ او مانده عدو نقش وار
بلکه چو تصوير بديوار يار
صفحهء صحرا ز کفش رنگ بست
بسکه سرانِ سپه اندر شکست
_در فتح شاه و هزيمت دشمن_
شير علم ديده چو روباه شد
بود ز جان سير بلا خواه شد
پرچمِ اقبال شه از بادِ فتح
ترجمه مي بست باسناد فتح
(6) ”ديوان قال غم“ _ (1171هه): ديوان جو اهو تاريخي نالو آهي.
منجهس غزل، قصيدا، مخمس، ترجيع بند، وغيره سڀئي
اصنافِ سخن موجود هئا. 9 هزار شعرن جو هي مجموعو
به زماني جي دستبرد تباهه ڪري ڇڏيو.
(7) ”ساقي نامه“ (1174هه): ”ساقي نامه جو اندازو هي آهي:
بيا ساقيا زان ميء ناب ده
بلب تشنگان يکدمي آب ده
که در آتشم از خمار شراب
باتش ز آتش توان داد آب
شب و روز در فکر آنم که کي
شود جان اين مرده دل باز حي
گروهي که رفتند ز بن تيره خاک
ندايم چه کردند با جانِ پاک
وضو را بابِ عنب مي کنم
نمازِ سرِ شام و شب مي کنم
همي بينم از دور محراب جام
کي پيشش صراحي است اندر قيام
بابن قائم الليل دارم شروع
که در سجده افتم ز بعدِ رکوع
موذن چو گلبانگ حي در زند
صراحي در جامِ مي در زند
در اخلاص مي چار قل بر زبان
چو مينا دهم روح گريه کنان
مناجاتيان تا نيابند راه
بکوئي خرابات بردم پناه
مغني نواي که مستي دهد
رهي زن که ذوقِ الستي دهد
چو در کاسهء سر نداريم آب
لبم تر نمائي ز موجِ رباب
(8) ”واقعات حضرت شاهه“ (1174هه): هن جو ذڪر به ”مقالات الشعرا“
۾ آيو آهي، جنهن ڪري ڀانئجي ٿو ته 1174 هه کان اڳ
جي تصنيف آهي. هن مثنويءِ ۾ هڪ هزار شعر هئا. نسخو
ڪوبه موجود نه آهي. نالي ۽ هيٺين اقتباد مان معلوم
ٿئي ٿو ته هيءَ مثنوي ڪربلا جي واقعات ۾ آهي، ۽
منجهس مختلف بحرن ۾ شعر چيا ويا آهن.
مگر هلال که يک کشتي است طوفاني
تنور فتنہ ز بس جوش کرده عماني
دونيمه گشتهء دل روزگار روزِ عزا
يکي بزير زمين شد دگر بر وي سما
ز بس گريست محبانه زين مصيبت خون
فتاد ناخنه در چشم ارزقِ گردون
پر از ستاره نباشد بچشم اندهناک
ز ناوک غم گشتہ مشبک اين افلاک
* * *
مگر که مهر بروي سما نمود طلوع
درين معامله چشم مسيح شد نگران
* * *
دم آبي نبوده جز دمِ تيغ
مگر از آسمان باريد اين ميغ
لباس چرخ زان گريد ليلي
کزين جورِ زمانه خورد سيلي
براندامِ خور از آن رعشه افتاد
که روزي کربلا مي باشدش ياد
(9) ”چهار منزله“ (1174هه): مصنف هن مثنويءَ جو ذڪر به ”مقالات
الشعرا“ ۾ ڪيو آهي، جنهن ڪري مثنوي 1174 هه يا ان
کان اڳ جي تصنيف ڀانئجي ٿي. هڪ هزار شعرن جي هيءَ
مثنوي به گم ٿي وئي . هيٺين اقتباس مان اندازو ٿي
سگهي ٿو:
_در صفت حلقه بيني_
بر وي راست بينش حلقه ديده
دکانِ حيرتم بر خوَيش چيده
کدامي بي ادب پيچيده بر راست
که شکل حلقهء بينش پيداشت
تامل کرده تا من خوب ديدم
بر وي راست بيني سر کشيدم
سرش گردِ دهانِ يار الحق
طلوعِ آفتاب اين ز مشرق
_در شکايت زمانه_
مرا از بي زري شد آنچه حاصل
نديده عشر آن قارون تہِ گِل
مرا او را کرده زر مردود ايزد
منم از بي زري در مردمان بد
بسي از دوستان در بي زري ام
همين رانند اندر زر گري ام
همه اخوان بحق اخ نويسد
شدم تا بينوا اخ اخ نمايند
کليم الله بفرض آيد اگر باز
ازين قارون سرشتان نيستش ساز
کساني که چنين کالا کشيدند
مگر از خانهء خالا کشيدند
(10) ”تزويج نامهء حسن و عشق“ _(1174هه): هي ڪتاب به 1174 هه
کان اڳ جي تصنيف آهي. نه نسخو موجود آهي نه
اقتباس، جنهن مان ڪتاب جي مضامين جو اندازو ڪري
سگهجي. البته پاڻ لکي ٿو ته هن ۾ مقفيٰ ۽ مسجع نثر
لکيو ويو آهي. عنوان مان معلوم ٿئي ٿو ته حسن ۽
عشق جي ميلاپ ۽ معاملات تي ادبي طور طريقي ۾ خيال
آرائي ڪئي هوندي.
(11) ”اشعار متفرقه در صنايع و تاريخ“ (1174هه): هي هڪ جدا
مجموعو، ڄاڻايل ساک تائين مرتب ڪيو هئائين، جنهن ۾
تاريخي قطعا ۽ صنايع جا اشعار، هڪ هزار جي تعداد ۾
هئا. اهو نسخو به گم آهي.
(12) ”بوستان بهار“ (1174هه) معروف به ”مکلي نامه“: ”بوستان
بهار تازهء دل“ مان سال تصنيف برآمد ٿئي ٿو.
مڪليءَ جي منظرن ۽ مقبرن تي هن ۾ نظم ۽ مقفيٰ نثر
۾ شاعرانه خيال آرائي ڪئي وئي آهي. هي مسودو سنڌي
ادبي بورڊ ۾ مصنف جي خط ۾ محفوظ آهي.
(13) مقالات الشعرا“ (1164هه): مصنف لکي ٿو ته 1169هه ۾، جڏهن
هو ”مثنوي کامروپ“ لکي رهيو هو، ان وقت کيس هن بي
بها تذڪري لکڻ جو خيال پيدا ٿيو. انهيءَ سال هن
لکڻ شروع ڪيو، ۽ پنجن سالن جي ديده ريزيءَ ۽ محنت
بعد 1174هه ۾ جوڙي تيار ڪيائين. نالي مان اختتام
جو سال نڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن ان مان 5 عدد گهٽ ڪبا ته
تصنيف جي شروعات جو سال 1169هه معلوم ٿيندو. سنڌ
جي فارسي گو شاعرن تي انهيءَ کان اڳ ڪوبه تذڪرو
ڪونه هو. اهو ئي پهريون ڪتاب آهي، جنهن مان سنڌ جي
فارسي ادب جي تاريخ معلوم ڪري سگهجي ٿي. مير صاحب
سنڌين کان سواءِ هن ۾ انهن شاعرن جو به ذڪر ڪيو
آهي، جيڪي سنڌي النسل نه هئا، بلڪه ٻاهران اچي سنڌ
۾ رهيا، يا سفر ڪندي سنڌ مان اچي لانگهائو ٿيا. هن
تذڪري لکڻ ڪري، مير صاحب جو سنڌ تي اهو احسان عظيم
آهي، جنهن جي بار کان سنڌي قيامت تائين آزاد ٿي
نٿا سگهن. مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين لکيل نسخو،
سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، ۽ هڪ نسخو برٽش ميوزم
۾ به
(ADD21,589) آهي، جيڪو 1246 هه ۾ مير مراد علي خان لکرايو هو. انهن ٻنهي
نسخن جا نقل مون وٽ آهن؛ انهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه
نسخو موجود نه آهي.
(14) ”تاريخ عباسيه“ (1175هه): ميان غلام شاهه 1175هه ۾ مير
صاحب کي ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ لاءِ مقرر ڪيو. معلوم
نه آهي ته مير صاحب ڪهڙن سببن جي ڪري ان کي مڪمل
نه ڪيو، ليڪن ٺٽي جي ڪتبخانن جي فهرست، جيڪا برٽش
ميوزم ۾
(O.R. 2073) آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب جو گهڻو حصو لکجي چڪو هو،
فهرست نگار لکي ٿو ته:
”تاريخ عباسيه“ اعني در بيان ميان صاحبان ڪلهوره از ابتداي آمدن
شان در سند، مع تحقيقات نسب اوشان، و تقرر
زمينداري آن فرقه در سند، و بدست رسيدن بانها
حکومت سند، و احوال و واقعات آن ايام، سيد علي شير
قانع مرحوم در نظم و نثر تاليف و تصنيف کرده، و
مسوده نا تمام، از هردو در کتابخانه موجود _ نسخهء
نظم قريب بيست هزار ابيات“.
(15) تاريخ عباسيه (1175هه): مٿئين اقتباس مان معلوم ٿئي ٿو ته
هن جو نامڪمل نسخو به مير صاحب جي ڪتابخاني ۾
موجود هو، ۽ ان ۾ ويهه هزار اشعار هئا. ڀانئجي ٿو
ته دستور مطابق اها تاريخ ”شاه نامه“ جي طرز تي
ساڳئي ئي بحر ۾ لکي وئي هوندي. افسوس آهي جو هنن
ٻنهي ڪتابن جا نسخا تلف ٿي ويا؛ ورنه انهيءَ دور
جي تاريخ تي اهي ٻئي تاريخون مستند ماخذ جو ڪم ڏين
ها. جنهن صورت ۾ مير صاحب انهيءَ دور جي تاريخ تي
جداگانه ڪتاب لکي رهيو هو، تنهن ڪري ”تحفة الڪرام“
۾ ڪلهوڙن جو ذڪر نهايت سرسري محض هن ڪري ڪيو اٿس
ته:
”ذکر شان در طبقه علحده ميگردد، و بنابر مزيد فائده و اداي حقوق
از اصل مع بيان بزرگان ابن سلسله مجملاً گذارش
ميکند.“
(16)”تحفة الڪريم“_(1181هه): ”مقالات الشعرا“ کان پوءِ مير صاحب
هي ٻيو ڪتاب معرڪي جو لکي، سنڌ ۽ تاريخ سان دلسچپي
رکندڙ اهل علم ماڻهن تي عظيم احسان ڪيو. ڪتاب ٽن
جلدن ۾ هيٺئين طرح ورهايل آهي: |