سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :13

هشت بهشت از عطا ٺٽوي 1963ع:

پير صاحب کي سنڌ جي فارسي شاعرن جي شاعريءَ سان گهڻي دلچسپي هئي، ان ڪري هُن ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي (المتوفي 1118ع) جو هشت بهشت 1963ع ۾ ڇپيو. اهو 1085ع ۽ 1118ع جي وچ ۾ لکيو ويو، جنهن ۾ روح رضوان، حظ الجنان، ڪنز الاحسان، نور الاعيان، حصن الامان، بحر العرفان، حرز الايمان ۽ عجز و نياز تي اٺ مثنويون آهن. ان تي پير صاحب سنڌيءَ ۾ مقدمو لکيو آهي، جنهن مان استفادو نه وٺي سگهيس. مقدمو 160 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن تي هڪ نظر وجهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته ان جي هر مثنوي تي پير صاحب ان جي نوعيت ۽ تفصيل ٻڌائي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي پنهنجي پهرين مثنوي روح رضوان سنائي غزنوي جي مثنوي حديقة جي بحر ۾ لکي آهي. ان ۾ اطاعت، پرهيز گاري، حمد ۽ نعت جا جيڪي شعر پير صاحب کي پسند آيا آهن، انهن کي نقل ڪندو ويو آهي. مثنوي خط الجنان سعدي جي بوستان جي بحر ۾ لکي وئي آهي، ان جي مناجات ۾ زور آوري، سادگي ۽ مطلب جي ادائگيءَ جو حسن بيان آهي. ان مان پير صاحب متاثر ٿيو آهي ۽ ان جا گهڻا نمونا پيش ڪيا آهن. مثنوي ڪنز الاحسان مثنوي يوسف زليخا جي بحر ۾ آهي. مثنوي نور الاعيان خاقاني شرواني جي تحفة العراقين جي بحر تي چئي وئي آهي. ان ۾ جيڪا مناجات آهي ان کان به پير صاحب متاثر ٿيو هو. مثنوي حصن الامان، مشهور مثنوي، مخزن الاسرار جي بحر ۾ قلمبند ٿي. ان ۾ جيڪا مناجات آهي، ان جي هيٺين شعرن کان پير صاحب متاثر نظر اچي ٿو. ۽ ان کي خاص طور تي پنهنجي مقدمي ۾ درج ڪيو آهي.

داد رسا، داد گرا، داد بخش،    عاجزيم بين و بفرياد بخش.
فاتحہ آراي کلام قديم،       بسم الله الرحمٰن الرحيم.
اول طغراي کتاب کريم،       بسم الله الرحمٰن الرحيم.
آخر دعوات بہ يمن عظيم،    بسم الله الرحمٰن الرحيم.
سر بسجود تو رخم بر زمين، ارحمني يا رحيم الراحمين.
        ان سلسلي ۾ پير صاحب وڏي محنت سان انهن سڀني شعرن کي جمع ڪيو آهي، جيڪي مير محمد باقر، زلالي خوانساري، نواب مخلص خان، مير حسن آقا محمد فاضل، گل محمد عباسي سنڌي، مير اسد الله سنڌي، محمد سليم، مير حزب الله مسڪين سنڌي، سيد علي گوهر تخلص حبيب الله سنڌي، اسماعيل تخلص ذبيح الله پنهنجي شعرن ۾ بسم الله الرحمٰن الرحيم جي مصرع وانگر استعمال ڪيو آهي. مثلاً گل محمد عباسي جو شعر آهي:

’بسم الله الرحمٰن الرحيم، تازه گل هست زباع کريم‘

مير حزب الله مسڪين سنڌي هن طرح چيو آهي:

        ’بسم الله الرحمٰن الرحيم، تاج سر سبع مثاني کريم‘

اسد الله گوهر تخلص حبيب الله سنڌيءَ جو شعر آهي:      

        ’بسم الله الرحمٰن الرحيم،هست علم بر در باغ نعيم‘

مثنوي بحر العرفان جو بحر اهو ئي آهي، جيڪو جامي جي مثنوي ’سجة الابرار‘ آهي. ان جي گهڻن شعرن کي پير صاحب پنهنجي مقدمي ۾ نقل ڪيو آهي. جن ۾ هي به آهن:

اي تو پيدا کن دين صافي،    کہ بود در همہ عالم وافي.

کرده از قوم پر ستنده رب،    منهدم بت کدهء اهل عرب.

کرده ز آب کف شيران اجم،   سرد آتش کدهء اهل عجم.

اي توزايل کن اهل تضليل،    وز ابابيل باصحاب الفيل.

فضل تو عدل نمائي طمغاج،  خثم تو ظلم نمائي حجاج.

قاطع سلسلهء سفياني،         قاهر طائفہ مرواني.

        انهن شعرن کي نقل ڪرڻ وقت پير صاحب جي دل جي ڌڙڪن خبر ناهي ته ڪيتري تيز ٿي وئي هوندي.

مثنوي حزر الايمان، مثنوي مولانا روم جي بحر ۾ آهي. ان جي شعرن ۾ جيڪي فلسفيانه مضمون آهن، انهن جي نشاندهي ڪندي پير صاحب انهن شعرن کي خاص طور تي نقل ڪيو آهي.

اي بہ حلق آب و گل رانده قلم،

باوجود تو وجود ما عدم،

اهل جان را گرنشاني ديگر است،

بي زبان را هم زباني ديگر است

ز آب و گل گلهائي رعنا بر دميد،

يعني انسانهائي کامل سر کشيد.

وين دگر تاويل اين هر چار را،

بر نشاندي پهلوئي گل خاررا.

خار ابليس است و گل آدم بود،

باد و آتش، آب و گل باهم بود.

        ان مثنوي ۾ مناجات گوئي  ۾ جيڪا پختگي آهي، ان کان به پير صاحب متاثر آهي. ۽ نموني طور گهڻا شعر نقل ڪيا آهن. انهن مان تفرج الاشياء ۽ في بيان الموت و يوم الحشر جي عنوانن سان جو ڪجهه چيو ويو آهي، ان مان ڪيترا شعر نقل ڪري پير صاحب هُن سان پنهنجي پسندگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. نعت جا شعر به جيڪي کيس پسند آيا آهن، انهن کي به نقل ڪيو آهي، جن مان ڪجهه هي آهن:

مصطفي اول هم آخر مصطفيٰ،       مصطفيٰ فخر مفاخر مصطفيٰ.

جمله خوبان سر فدائي پائي او، ورزو مندان راه رائي او.

قبلہ پاکان قدم گاهش بود،   کعبہء آزاد گان راهش بود.

لالہ رويان سر و اورا سربپا      هم چو بلبل برگل حسنش فدا.

از ازل گر دفتري انشا کنم،    تاابد گر قصہ اي املا کنم.

هر سرمو صد زيان سازم بنان، شمہ نتاونم بيان سازم ازان.

 

        هن جي آخري مثنوي عجز و نياز آهي، جنهن ۾ سندس حالات به درج آهن، جن کي ماخذ بڻائي پير صاحب هن جا سمورا حالات قلمبند ڪيا آهن. جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جي نجي ۽ خانگي زندگي ڏکن ۽ تڪليفن سان ڀريل رهي. شايد ان ڪري هي مثنويون لکي دل بهلائيندو رهيو.

هي مثنويون 32 سالن ۾ لکيون ويون. پهرين مثنوي روح رضوان 1085ع ۾ لکي وئي. آخري مثنوي عجز و نياز 1117ع ۾ ختم ٿي. ان وقت تائين خمسہ لکي شاعريءَ جو فن ڏيکاريو ويندو هو. ليڪن عطا ٺٽويءَ اَٺ مثنويون جنهن محنت ۽ مشقت سان 32 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ لکي پنهنجي آرٽ ۽ ڪمال جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو اسان جي دور جي شاعرن لاءِ عبرت جو پيغام آهي. هُن اهڙي زماني ۾ پُر مغز فلسفيانه ۽ حڪيمانه انداز جون مثنويون لکي خراج عقيدت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وري انهن ۾ شعر و شاعريءَ جو جيڪو فن نظر اچي ٿو، اهو به موجوده دور جي شاعرن وٽ نٿو ڏسجي. پير صاحب انهن مثنوين کي شايع ڪري نه صرف ان زماني جو قيمتي ادبي سرمايو محفوظ ڪيو آهي، بلڪه موجوده دور جي شاعرن کي سبق ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته ماضيءَ ۾ شاعرن پنهنجي ڪمال جو فن ڪهڙي طرح ڏيکاريندا رهيا ۽ هاڻي ڪمال جي مظاهري ڪرڻ جو معيار ڇا ٿي ويو آهي.

انهن مثنوين ۾ انهيءَ دور جي مذهبي ۽ سماجي حالتن جي عڪاسي به ٿيل آهي. مناجات، نعتون ۽ مذهبي خيالن جو اظهار جنهن گَهرائي ۽ حقيقت سان گڏ ڪيو ويو آهي، ان زماني جي دينداري، خدا پرستي ۽ مذهب سان لڳاءُ جو اندازو به ٿئي ٿو. مگر شاعر کي شڪايت رهي ته سندس قدرداني نه ٿي آهي، جنهن جو اظهار هن طرح ڪندو رهيو.

 منظر ڻهڻهه ندارد بجز، اين هيچ خطا،

قــحط قـــدر هنرش لازمہء خاک خمير.

اگر خوش آب و هوا هست شهر ڻهڻهه ما،

                بقدر قحـط هنر بين وطن خجستہ ما.

ديار مسکن ماگر چہ خوش بہ آب و هواست

بقحط قدر هنر منزلي ايست دل خستہ.

 

 

تاريخ مظهر شاهجهاني از يوسف ميرڪ 1964ع:

        پير صاحب 1964ع ۾ ’تاريخِ مظهر شاهجهاني‘ کي ايڊٽ ڪري شايع ڪيو. کيس شڪايت هئي ته مغلن جي دور ۾ جيڪي تاريخي لکيون ويون، انهن ۾ سنڌ جي حالتن جو ذڪر اٽي ۾ لوڻ برابر لکيل آهي. هُن کي خوشي ٿي ته مظهر شاهجهاني ۾ مغلن جي ابتدائي دور واري سنڌ جا حالات ۽ تفصيلي معلومات ملن ٿا. تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ جيڪو وڏو مونجهارو ۽ خال هو، اهو هن ڪتاب سان پورو ٿئي ٿو. هن پنهنجي ان ڏک جو اظهار ڪيو آهي ته جڏهن مؤلف هي ڪتاب لکيو هو ته ان وقت شاهجهان جي زماني ۾ ان جي هڪ ناظم سنڌ جي ماڻهن تي ڏاڍا ظلم ڪيا. ليڪن ان سان گڏ پنهنجي خوشيءَ جو اظهار به ڪيو اٿائين ته، هن ۾ ان زماني جي سنڌ جي سياسي، انتظامي ۽ ملڪي واقعن کان علاوه جغرافيائي ۽ اقتصادي حالتون به ڏاڍي تفصيل سان ملن ٿيون. پنهنجي مقدمي ۾ ان جو احاطو ڪرڻ ۾ ان تي خوشيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي آهي. شايد انهيءَ لاءِ ته، هي ان جي مادر وطن صوبي سنڌ جو تفصيل هو. هُو ان لحاظ کان به خوش هو ته سر هينري اليٽ جهڙو باوسائل مستشرق ان ڪتاب جي زيارت کان محروم رهيو، ليڪن سنڌ جي هيءَ حيرت انگيز تاريخ سندس ذريعي ڇپائيءَ جي زيور سان آراستہ ٿي. ان ۾ هُو پنهنجي صحت جي خرابيءَ سبب اهي حاشيا ۽ تعليقات ته قلمبند نه ڪري سگهيو، جيڪي هُن جي ايڊٽ ڪيل ڪتابن جون خاصيتون آهن، پوءِ به هنڌ هنڌ حاشيا لکيا اٿس، سنڌي نالن ۽ ماڳن جي ڏسڻي به شامل ڪئي اٿس. ۽ ڪيترن تاريخي آثارن ۽ شخصيتن تي به حاشيا ڏنا آهن، ۽ مؤلف جي خاندان جو شجرو به ڏنو اٿس. ان جي حوالي ۾ لکي ٿو ته، ’هن جو والد مير ابوالقاسم نمڪين جو اباڻو وطن سبزوار جي پسگردائيءَ ’بجق‘ ۾ هو. هُو ڪابل جي والي مرزا حڪيم بن همايون وٽ ملازم هو. اتان هندستان آيو ته اڪبري اميرن جي زمري ۾ شامل ٿيو. هُو پنهنجي سرڪاري عهدن سبب گهڻو سنڌ ۾ رهيو. هن جي خاندان اڍائي صدين تائين سنڌ ۾ عروج ۽ خوشنصيبيءَ جا ڏينهن گهاريا ۽ گهڻائي علمي ادبي يادگار ڇڏيا. انهن ۾ ئي هيءَ تاريخ مظهر شاهجهاني به آهي.‘ انهيءَ خاندان جا حالات قلمبند ڪرڻ ۾ پير صاحب جيڪا محنت ڪئي آهي، ان ڪري هي خاندان علمي پناه گاهه ۾ محفوظ ٿي ويو، ورنه انهيءَ تي گمناميءَ جو پردو پيل هجي ها. پير صاحب ان ۾ جهانگير جي ملڪه نورجهان بيگم جي ماءُ پيءُ جي سلسلي جو شجرو ڏئي هڪ وڏي خدمت ڪئي آهي. ان سان هن خاندان جي سياسي سرگرمين کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

 

منشور الوصيت از ميان نور محمد 1964ع:

        پير صاحب 1964ع ۾ واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي تصنيف منشور الوصيت کي شايع ڪيو، جنهن ۾ حڪمرانيءَ لاءِ ڪجهه وصيتون قلمبند ٿيل آهن. جيڪي نه رڳو سندس اولاد بلڪه ٻين حاڪمن جي به ڪم اچي سگهن. هيءَ تصنيف تقريباً 1163هه ۾ لکي وئي. ميان نور محمد ۾ مذهبيت هئي، جنهن ڪري عبادت، اهل بيت جي محبت، عالمن ۽ صالحن جي صحبت، روزي ۽ نماز جي پابندي ۽ خدا جي بندگي ۽ موت جي يادگيري تي زور ڏنو آهي. وري پاڻ اسقلال ۽همت، سادو لباس ڍڪڻ ۽ پاڻ ۾ محبت ۽ اخلاص سان رهڻ جي تعليم ڏني آهي. حڪمرانن لاءِ عيش و عشرت خراب قرار ڏنو آهي. انهيءَ ڪري هي مسلڪ ٻڌايو آهي ته ”دست بکار دل بيار.“ هر حڪمران کي اها تلقين ڪئي آهي ته، هُو پنهنجي حڪومت کي الله تعاليٰ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جو عطيو ۽ تحفو سمجهن ۽ هُو ان کي رهنما اصول بنائين ته:

’خلاف پيمبر کسي ره گزيد کہ هر گز بمنزل نخواهد رسيد.‘

        اها به نصيحت ڪئي آهي ته انصاف ڪرڻ وقت پنهنجي ۽ پرائي کي هڪ نظر سان ڏسو. ’آنچہ هر خود نہ پسندي پر ديگران روا مدار.‘ فوج جي خبرگيري ۽ نگراني جي هدايت ڪندي لکيو اٿائين ته، لشڪر ’پان‘ جي پنَ جهڙو ٿئي ٿو. جيڪڏهن ان جي سار سنڀال نه لهبي ته جلدي پان جو پن سڪي سڙي ويندو. ان ڪري ڏينهن رات لشڪر جي خبرچار ۽ دلجوئي ۾ ڪوتاهي نه ڪئي وڃي ته، جيئن ڏکئي وقت ۾ فوج ڪابه ڪوتاهي نه ڪري.

        جناب پير حسام الدين راشدي صاحب هن ڪتاب کي شايد ان ڪري به ڇپايو جو موجوده دور جا حڪمران به انهيءَ وصيت مان فائدو وٺن. وري هن ڪتاب ۾ ڪجهه ضميمن جو اضافو به ڪيو آهي. جهوڪ واري جنگ جي سلسلي ۾ ميان يار محمد خان، نواب سيد حسين خان، ميران سنگهه کتري جا خط، وري ميان نور محمد عباسي ۽ مير لطف الله لڪعلوي جي نالي راءِ رايان انندرام مخلص جا خط ۽ انهيءَ انندرام مخلص جي تاليف بدائع وقائع، باغ علي سنڌي جي ڪتاب نامہ نغز، سيد مير محمد بلگرامي جو تبصرة الناظرين ۽ شاهنواز خان جو مآثر الامراء مان اقتباس ڏئي ۽ شيخ رحمت الله سنڌي جو هڪ خط نقل ڪري ۽ نامہ نغز جيان شاه نامہ نادري يا نادرنامہ جا شعر پيش ڪري، ان دور جي سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ ۾ مفيد مواد فراهم ڪيو آهي، جڏهن نادر شاهه جو حملو ٿيو هو. هن ڪتاب کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ پير سيد حسام الدين راشدي صاحب 45 ڪتابن تان مدد ورتي آهي. ان کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي مقبرن جون تصويرون به ڏنيون آهن. انهن ٻنهي جون مُهرون کيس مليون هيون ته انهن جا عڪس به ڏنائين. نادر شاهه، ميان نور محمد ۽ محمد مراد ياب جون تصويرون ڏئي، پڙهندڙن کي حيران ڪري ڇڏيائين.

 

ترخان نامہ از سيد مير محمد ٺٽوي 1965ع:

        پير صاحب 1965ع ۾ ترخان نامه شايع ڪيو، جنهن ۾ ارغون ۽ ترخان خاندانن جي دور واري سنڌ جي تاريخ آهي، جيڪا سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي تقريباً 1065هه ۾ لکي. ڪتاب جو متن 99 صفحن جو آهي، مگر پير صاحب ڪتاب ايڊٽ ڪندو هو ته ان ۾ پنهنجي پوري محنت جا جلوا مختلف نمونن سان ڏيکاريندو هو. هن ڪتاب جي شروع ۾ 74 صفحن جو پيش گفتار لکيائين، جنهن جي شروع ۾ ارغون ۽ ترخان خاندانن جو ذڪر ڪري اهو ٻڌايو آهي ته انهن جو احوال ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن ۾ ملندو. انهن جو تعداد 33 ٻڌائي ٿو. وري اهو ڪڏهن لکيو ويو، ان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، هي مرزا عيسيٰ خان ترخان جي پٽ مرزا محمد صالح ترخان جي حڪم تي لکيو ويو ۽ اهو شاهجهاني عهد هو. پير صاحب پنهنجي خصوصيت مطابق مصنف جو خانداني احوال به جمع ڪيو آهي، جنهن ۾ سندن وڏڙن جا حالات ملن ٿا. انهن جو جد امجد سيد محمد المعروف بہ ميران محمد، شيراز کان سنڌ ۾ آيو ۽ سيدپور علائقي ۾ رهائش پذير ٿيو. اهو ڄام نظام الدين سمي جي حڪومت جو زمانو هو. هُن جو پٽ سيد احمد ٺٽي منتقل ٿي ويو، جتي سندس اولاد عزت ۽ احترام سان رهيو. ترخان نامه جو مصنف انهيءَ خاندان مان هو. هن جو پوٽو مير زين العابدين فارسيءَ جو شاعر به هيو. قانع تخلص استعمال ڪندو هو. هڪ منظوم ڪتاب ’حرزالبشر‘ جي نالي سان لکيائين. پنهنجي سهڻين خاصيتن سبب اعليٰ اڪابر هو. انهيءَ خاندان جو قبرستان مڪلي ۾ آهي، جنهن جو ذڪر مڪلي نامہ ۾ به آهي.

پير صاحب کي ترخان نامه جا ٽي نسخا برٽش ميوزم لنڊن مان مليا، جنهن ۾ شابيگ ارغون، مرزا شاهه حسن ارغون، ميرزا عيسيٰ خان ترخان، ميرزا محمد باقي ترخان، ميرزا پاينده بيگ ترخان، ميرزا غازي بيگ ترخان، نواب ميرزا عيسيٰ ترخان جو تاريخي احوال ملي ٿو. پير صاحب هن ڪتاب بابت لکيو آهي ته، ’هي مير معصوم جي تاريخ جو اڻپورو خلاصو آهي. ۽ تاريخ طاهري ۾ جو ڪجهه لکيل آهي ان ۾ ڪوبه اضافو ٿيل نه آهي. وري هن ڪتاب جي ايڊٽ ڪرڻ ۾ 36 ڪتابن ۽ گهڻن مقالن تان مدد ورتي وئي آهي ۽ حاشين ۾ ڪارائتا نوٽ لکيا ويا آهن. جڏهن ته انهن حاشين ۾ پير صاحب جي تحرير جي اها فراواني نه آهي، جيڪا هُن جي ايڊٽ ڪيل ٻين ڪتابن جي تعليقات ۾ آهي. ان جو سبب اهو هو ته، ان زماني ۾ پير صاحب دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو هو ۽ فلپائن جي شهر منيلا ۾ وڃي کيس علاج ۽ آرام ڪرڻو پيو ۽ سندس غير موجودگيءَ ۾ ئي ڪراچيءَ مان ڇپجي ويو. ۽ ڇپجڻ کان پوءِ ان ۾ تعليقات جو واڌارو ڪرڻ پئي گهريو، پر سندس ٻين مصروفيات سبب ائين ممڪن ٿي نه سگهيو. ڪتاب جي مصنف، عبدالعلي ترخان، ميرزا غازي، مرزا جاني بيگ، مرزا جان بابا، ميرزا عيسيٰ اول جي وفات جا سن صحيح نه لکيا آهن، پير صاحب انهن جي تصحيح ڪئي آهي، جنهن سان هن جي ديده وري جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ڪتاب جي ايڊٽ ڪرڻ ۾ پير صاحب جي سخت محنت ان وقت نظر اچي ٿي، جڏهن مصنف، پهرين حصي ۾ حضرت نوح کان تومنہ خان تائين، تومنہ خان کان امير اڪوتمر تائين، امير اڪوتمر کان امير حسين بصري تائين، وري اڪوتمر کان عبدالعلي ترخان تائين. عبدالعلي کان عيسيٰ ثاني تائين، وري ٻئي حصي ۾ تومنہ خان کان امير تيمور تائين ۽ امير تيمور کان بابر تائين نسب نامہ لکيا آهن. پير صاحب کي هي نسب نامہ ناقص نظر آيا، ڇو ته سندس تحقيق موجب هيٺيون ڪجهه ڪڙيون ڇڄي پيون آهن، ان ڪري ترخان نامہ جي نسب نامن سان گڏ روضة الصفا، حبيب السير، ظفرنامه، جامع التواريخ، جهان ڪشائي جويني، اويماق مغول، تاريخ مغول، تاريخ سيد مير معصوم، بيگلارنامہ، تاريخ طاهري ۽ مآثر رحيمي ۾ جيڪي نسب ناما لکيل آهن، انهن کي ڪتاب جي آخر ۾ درج ڪيو آهي. وري مڪلي ٽڪريءَ جي ڪن قبرن تي جيڪي ڪتبا درج ٿيل آهن، انهن مان به مدد ورتي آهي. اهڙي خشڪ موضوع سان ڪير دلچسپي رکي ٿو، مگر پير صاحب جي اها عادت هوندي هئي ته جنهن علمي ڪم کي لڳي ويندو هو، ان کي پنهنجو نور نچوڙي به پورو ڪندو هو. جنهن جو هڪ نمونو، انهن سڀني نسب نامن جي تصحيح ۽ تفصيل آهي. هن کي نسب نامن ۽ شجرن کي ترتيب ڏيڻ ۾ شايد گهڻو مزو ايندو هو، ان ڪري جتي به کيس موقعو ملندو هو ته هُو شاعرن مصنفن، بادشاهن ۽ اميرن جا نسب نامہ ۽ شجرا مرتب ڪندو هو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ مان ڇپيو آهي.

پير صاحب بزرگن ۽ اوليائن جا حالات به اهڙي ئي دلچسپي سان قلمبند ڪندو هو، جهڙي طرح شاعرن جي ذڪر ڪرڻ ۾ هن جو قلم تازو ٿي ويندو هو. ترخان نامه جي مقدمي ۾ ان جي مولف جي خاندان جو احوال لکڻ جي سلسلي ۾ ان جي بزرگن مان سيد مراد شيرازي جو ذڪر ڪندي وڏي احترام سان هيءَ معلومات فراهم ڪري ٿو ته هو وڏو صوفي، صاحبِ طريقت ۽ معروف زمان هيو، ماڻهن جون ٽولين پٺيان ٽوليون وٽس مذهبي رهنمائي لاءِ اينديون هيون. هُن جيڪو فيض ۽ هدايت جو سلسلو جاري ڪيو هو، اهو اڃا تائين جاري آهي. سندس عرس جي موقعي تي زائرين جا هجوم هوندا آهن. هن جي وفات 893هه ۾ ٿي. سندس مزار مڪلي ٽڪريءَ تي آهي. مڪلي نامہ جي مصنف هن جي باري ۾ جو ڪجهه لکيو آهي، ان کي به پير صاحب نقل ڪيو آهي. ان ۾ ڄاڻايل آهي ٿه هن جي مزار گلشن راز انوار الٰهي آهي ۽ هن جي قبر سفيدي تجلي طور آهي. وري ڪجهه شعر به آهن، جن مان هڪ شعر هي آهي:

هران سائل کہ بردر گاهش نايد              دهن ناکرده وا مقصود بايد

        حديقة الاولياء جي مصنف هُن جي هڪ طويل مدح لکي آهي. پير صاحب پنهنجي مقدمي ۾ ان کي شامل ڪيو آهي، ان جا پهريان ٻه شعر هي آهن:

ملک سيرت، آن پير سيد مراد،             خجستہ لقا و مبارک نهاد،

فروزان چراغي ز آل رسول           گل گلشن مرتضيٰ و بتول.

پير صاحب حضرت سيد مراد جي وڏي ڀاءُ حضرت سيد علي ثاني جو به ذڪر گهڻي احترام سان ڪيو آهي ته هُو وڏو عالم ۽ صاحبِ دل هو. تفسير، فقہ ۽ سڀني علمن تي وڏو عبور رکندو هو. سڄي عمر ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاريائين. پنهنجي ڀاءُ حضرت سيد مراد جي وفات کان پوءِ ان جو جانشين ٿيو. گهڻا مشائخ ان کان فيضياب ٿيا. انهن مان ئي حضرت سيد عبدالڪريم به هو، جنهن جي بزرگي سان سنڌ جي سرزمين سيراب ٿي. کيس سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين تي وڏو عبور حاصل هو. سنڌيءَ ۾ شاعري به ڪندو هو. سندس تصنيفن ۾ ’آداب المريدين‘ ۽ ’تذڪرة المراد‘ آهن. پنهنجي خاندان جو تذڪرو به لکيائين. محفلِ سماع برابر ڪرائيندو هو ۽ ماڻهن کي دعوت ڏئي کاڌي پيتي ۽ مهمانن جا آداب سيکاريندو هو. ديني مسئلن ۾ وڏي ڪوشش ورتائين. مير معصوم لکيو آهي ته سندس معيشت ۾ جيڪو مقدر هو، ان جو اڌ حصو فاضلن ۽ حج جي پانڌيئڙن کي ڏئي ڇڏيندو هو. پاڻ ٻارنهن ڀيرا حج ڪيائين. ربيع الاول جي شروع ۾ ٻارنهن ڏينهن ۾ سيد المرسلين صلي الله عليه وسلم جي پاڪ روح تي فاتحه موڪلڻ لاءِ فقيرن ۽ مسڪين کي کاڌو کارائيندو هو. پير صاحب ’حديقة الاولياء‘ مان اها مدح به نقل ڪئي آهي، جيڪا ان جي شان ۾ لکي وئي آهي. جنهن جا ٻه شعر هي آهن:

آن والي کشور ولايت،          برهان ممالک هدايت.

صاحب دل عارف محقق،      بيدار ولي دلي مطلق.

        حضرت سيد علي ثاني جي صاحبزادي ۽ جانشين حضرت سيد جلال ثاني جو ذڪر پير صاحب نهايت عقيدت ۽ احترام سان ڪيو آهي ته هو پنهنجي والد بزرگوار جيان ئي اهل دل، صاحب رشد و هدايت هو ۽ ان سان گڏ علمي تبحر، سياسي بصيرت، مهمان نوازي ۽ سخاوت جي وصفن سان سينگاريل هو. مير معصوم جي ئي حوالي سان هن بابت لکي ٿو ته زهد و ڪمال جي زيور سان سينگاريل هو ۽ مڙني علمن ۾ منفرد ۽ ذهني لطافت ۽ مروت ۾ بي نظير هو.

        پير صاحب کي انهن بزرگن جو احوال قلمبند ڪرڻ ۾ گهڻو لطف مليو آهي، جيئن سندس تحرير مان ظاهر آهي. هُن انهن بزرگن سان پنهنجي عقيدت ڏيکاري آهي. دعا آهي ته ان جي صدقي بارگاه خداونديءَ ۾ سندس مغفرت ٿي وڃي.

 

مڪلي نامہ از مير قانع ٺٽوي  1965ع:

        1965ع ۾ پير صاحب مير علي شير قانع ٺٽوي جي مڪلي نامہ کي به ايڊٽ ڪري شايع ڪيو. هُن کي مير علي شير قانع سان ڪجهه عشق ٿي ويو هو، انهيءَ ڪري هو به ان جي سنڌ جي عشق ۾ سرشار رهيو. هو سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي شاعرن ۽ فاضلن جو تذڪرو لکي سنڌ کي اهو مقام ڏيڻ پيو چاهي، جنهن جو مستحق هي صوبو هو. اهو ئي جذبو پير صاحب ۾ موجود هو. ان ڪري هو هر ان شيءِ ڏانهن متوجهه ٿيندو هو، جنهن سان سنڌ جا تاريخي، سياسي، علمي، ادبي پهلو نمايان ٿين. مڪلي جو قبرستان پنهنجي خاموش زبان سان سنڌ جي گذريل شاندار تاريخ جي ياد ڏياري ٿو. علي شير قانع مڪلي نامہ لکي، ان ياد کي تازو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هي فارسيءَ ۾ لکيو ويو، ليڪن پير صاحب ان ۾ حاشيا ۽ اضافا قلمبند ڪيا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ آهن. هن پنهنجي سنڌي تحريرن ۽ خصوصاً حاشين ۽ تعليقات سان ان کي روشن ڪيو آهي. ان جو لطف ته اهي اهل علم ئي وٺي سگهن ٿا، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کان واقف آهن. مگر مون کي مڪلي جي شاهي قبرستان ڏسڻ جو اتفاق خود پير صاحب جي صحبت ۾ ٿيو. سندس ساٿ ۾ هندستان جي ايپي گرافيءَ جي شعبي جو سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر ضياء الدين ڊيسائي ۽ پاڪستان جي آثار قديمہ جو سپرنٽينڊنٽ جناب خورشيد حسن به هو. هو ٻئي صاحب ته خود آثارن جا ماهر هئا، پر منهنجي لاءِ پير صاحب مڪلي نامه بڻيل رهيو. هو ان ڇهن ميلن جي قبرستان جي کنڊرن ۾ اهڙيءَ طرح نظر اچي رهيو هو، ڄڻ هو سنڌ جي تاريخ جو هڪ چمنستان ڏسي رهيو آهي. سنڌ جا اهي حڪمران، شهزادا، صوبيدار، وزير، روحاني پيشوا ۽ شاعر جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ سياسي، مذهبي ۽ ادبي قوت بڻيل هئا، هاڻي هتي ئي ابدي ننڊ ۾ سمهي پنهنجي زائرين کي هن صوبي جي پراڻي عظمت جي ياد ڏياري رهيا آهن. پير صاحب پاڻ سان گڏ ان جي مختلف گوشن ۾ وٺي ويو. اتي به مون کي پهچايائين، جتي سما دور جي مقبرن ۾ ڄام نظام الدين، مبارڪ خان، ملڪ راج پال جون مزارون آهن. ترخاني ۽ ارغوني دور جي عيسيٰ خان ترخان، باقي بيگ، طغرل بيگ، عيسيٰ خان ترخان ثاني، جان بابا ۽ ديوان شرفاء جي شاندار ابدي خواب گاهن کي ڏسي سنڌ جي پراڻي تاريخ نظرن آڏو متحرڪ ڪرائي. هر عمارت تي پير صاحب پنهنجي ڪانه ڪا راءِ ظاهر ڪندو هو. مرزا عيسيٰ خان ترخان جي مزار تي جيڪو ڪتبو هو، ان کي پڙهي ان جي اهميت ٻڌائي. ان جي وچ ۾ جيڪي سجاوٽون ۽ خط جو نمونو هو، وري ان جي خوبصورت محرابن جي جيڪا نوعيت هئي، ان جي وضاحت ڪندو رهيو. جان بابا جي قبر تي جيڪو ڪتبو ۽ ان جي پٿرن جي محرابن تي جيڪي نقش هئا، اهڙي طرح جاني بيگ ۽ غازي بيگ جي مقبرن ۾ جيڪا سونهن، ڪاشي ڪاري ۽ سنگ تراشي ٿيل هئي، ان جي وضاحت ڪندو رهيو. وري هڪ عبارت ڏيکاريائين جنهن کي ماڻهو ’ست چڙهڻي‘ چوندا آهن. ان جي باري ۾ سندس خيال هو ته هي پنهنجي بناوٽ ۽ خوبصورتيءَ سبب سڄي مڪلي تي حاوي آهي، جنهن کي ترخاني حڪمرانن جي دور ۾ امير چرڪس پنهنجي مقبري جي لاءِ ٺهرايو هو. مگر ان کي هت دفن ٿيڻ نصيب نه ٿيو. سندس وفات اجمير جي قيدخاني ۾ ٿي ۽ خواجه معين الدين چشتي اجميري جي مزار جي احاطي ۾ دفن ٿيو. اها ڳالهه به نڪتي ته انهن عمارتن ۾ ڪٿان جا اثرات گهڻا آهن. ان تي سڀني جو اتفاق هو ته ڪيترين عمارتن ۾ جيڪي قرآني آيتون گهني ماهرانه انداز سان اڪريل آهن، انهن تي وچ ايشيا جا اثرات آهن. وري سورج مکيءَ جا گل، سواستيڪا ۽ سکر وغيره جن عمارتن تي ڏسجن ٿا، انهن تي هندن جو اثر آهي. پٿرن جي مجسمہ ڪاري ۽ ڪيترن ٺُلن ۾ فتح پوري سيڪري جي محلات جا اثرات آهن. ذڪر نڪتو ته پاڪستان جي پروفيسر احمد حسن داني جو خيال آهي ته هتان جي عمارتن تي گهڻو اثر وچ ايشيا جو آهي.

مگر ڊاڪٽر ضياء الدين ڊيسائي ٻڌايو ته گجرات جا اثرات گهڻا آهن، ان جي تائيد پير صاحب به ڪئي. مڪلي ٽڪريءَ کان الڳ ٺٽي شهر ۾ شاهجهاني مسجد آهي. پير صاحب مون کي چيو ته ان کي ڏسڻ کان سواءِ نه وڃو. ان کي ڏسي هت اچڻ جي زحمت جو ٻيهر خيال نه رهندو. مسجد کي ڏٺم. مون سوچيو ته، جيڪڏهن ان کي نه ڏسجي ها ته افسوس ٿئي ها. ائين معلوم ٿيو ته هڪ جاذب نظر ۽ حيادار ڪنوار سامهون بيٺي آهي. ان جي مٿان ٽيانوي (93) ننڍا وڏا گنبذ آهن، جن سان سڄي مسجد ۾ آواز گونجندو رهندو آهي. انهيءَ ڪري ئي ڪنهن لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت نٿي پوي. ان جو سفيد ٽائيل، مزيڪ، ڪاشي ڪاري ۽ منبت ڪاري نهايت ديده زيب هئي. ٺٽي کان واپسيءِ تي اسان ڀنڀور ۾ هڪ اهڙي هنڌ بيٺاسين، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهو ديبل آهي ۽ اتي ئي محمد بن قاسم لنگر انداز ٿيو هو. ان وقت هڪ بلند دڙي تي واقع هو. مگر پير صاحب پوري يقين سان چيو ته هي ديبل هرگز نه آهي. ديبل جو ماڳ ڪنهن ٻئي هنڌ آهي. سندس ڳالهين مان خبر پئي ته هن کي ٺٽي سان والهانه محبت آهي. ان جو ثبوت اهو به آهي ته هُو قانع ٺٽوي، عطا ٺٽوي، امير محمد ٺٽوي ۽ عبدالقادر ٺٽوي جا ڪتاب ايڊت ڪري شايع ڪندو رهيو. جيئين گذريل صفحن ۾ ظاهر ٿيو آهي مڪلي ٺٽي ۾ آهي، انهيءَ ڪري هن عبرت ڪده کي پنهنجي ابدي ننڊ جو آرامگاهه بڻائڻ به پسند ڪيائين.

هينئر مير علي شير قانع، المتوفي 1203هه جو مڪلي نامه ۽ ان کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ پير صاحب جي محنت جو شوق ۽ رياضت جي مظاهري واري ڪمال تي هڪ نظر وجهڻ ضروري آهي. قانع جو مڪلي نامه 1174هه ۾ لکيو ويو، جيڪو 96 صفحن تي مشتمل آهي. مگر پير صاحب ان کي ايڊٽ ڪرڻ وقت 40 صفحن جو مقدمو 734 صفحن جا حاشيا، ضميما ۽ اضافا وغيره لکيا. اهڙيءَ طرح سڄي ڪتاب ۾ ’قانع‘ ته دٻجي ويو آهي ۽ پير صاحب نروار نظر اچي ٿو. خيال ٿئي ٿو ته هن ننڍڙي ڪتاب تي پير صاحب ايتري محنت ڇو ڪئي؟ جيڪڏهن هو خود مڪلي نامه لکڻ جي زحمت گوارا ڪري ها ته هي ان جو هڪ اهڙو ڪارنامو بڻجي ها، جنهن جي احسان جي بار سان سنڌ جو علمي حلقو برابر جهڪيل رهي ها. مگر هن کي ايڊٽ ڪرڻ ‎ ۾ جيڪا لذت ملندي رهي اها مستقل هڪ ڪتاب لکڻ ۾ شايد نه مليس ها.

قانع هي ڪتاب نثر ۾ لکيو آهي، ليڪن ان جا تقريباً سٺ پنجهٺ صفحا ته عقيدت مندانه شعرن جي نذر ڪيا آهن. باقي صفحن ۾ پنهنجي تحرير جي فنڪاري جو آرٽ ڏيکاريو آهي. انهن 30 _ 35 صفحن ۾ مڪلي، سيد محمد حسين، سيد محمد جلال ثاني، شيخ عيسيٰ لنگوٽي، مسجد مڪلي، شيخ حماد جمالي، قاضي عبدالله، ڄام نظام الدين، پير شيخ جيئو، پير آسات، تلاءُ ۽ رانڪ خسرو خان، رانڪ مرزا عيسيٰ، کيرسر تلاءُ، پير شيخ عالي پير غيب ۽ ملا دائود درس وغيره جو ذڪر آيو آهي ۽ انهن جي مزارن جي تفصيل سان گڏ بزرگن کان جيڪو فيض ۽ برڪتون حاصل ٿيون آهن، انهن تي به پنهنجي نثر ۽ شاعري جي ذريعي اظهار خيال ڪندو ويو آهي. مثلاً حضرت سيد محمد جمالي جي ذڪر ۾ لکي ٿو ته:

”درگاه مظهر جلال و جمال گزين ثمراء، شجرهء طيبهء آل، صاحب المناقب المتعال سيد محمد جمال است، که گنبدش صندوقچہء نقد نزول رحمت باري و مرقد امجدش کعبہء مقصود اهل زاري.

نہ انجا آهک و گچ راست تخمير

سراپا يافتہ از نور تعمير

        درين درگہ کہ فرض آمد عبادت

                        ملک برانس مي جويند سبقت

بود روحش ز روح القدس بي شک

بود نورش بنور ايزدي يک

برائي زائرانش رحمت حق

رسد هر دم ازين سطح معلق“

 

قانع جي نثر نگاري ۽ شاعري جي ذريعي مڪلي ٽڪرتي ابدي ننڊ ۾ سُتلن جي ذڪر سان اُڃ نه ٿي اجهامي. پير صاحب جيڪي حاشيا ۽ ضميما لکيا آهن، انهن ۾ تمام گهڻا تفصيلات آهن، مگر اها سنڌي ٻولي ۾ آهي، جنهن ڪري مان پنهنجي اڃ به نه اجهائي سگهيو آهيان. صرف ايترو معلوم ڪري سگهيس ته مڪلي تي پير مراد شيرازي، سيد محمد جلال ثاني ابن سيد علي اول، شيخ عيسيٰ، ساموئي، شيخ حماد جمالي، جامع مسجد مڪلي، قاضي عبدالله، ڄام نظام الدين سمون، پير شيخ جيئو، قاضي الحاجات رفيع الدرجات برآرنده، مدارات حضرت پير آسات، ميرزا خسرو چرڪس، شاه پريان، ميرزا عيسيٰ خان ترخان ثاني، سيد محمد يوسف رضوي، ميڪرا، پير عالي، طغرل آباد تي حاشيا آهن. پوءِ ضميما ۽ اضافا آهن.

مڪلي جي قبرن جي ذڪر ڪرڻ ۾ انهن جو گهڻي کان گهڻو احاطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مثلاً ترخاني دور جي قبرن ۾، امير محمد قلي بن عبدالصمد خان (946هه) حسين بيگ ترخان (949هه)، امير سلطان قلي (951هه)، امير عباسي (952هه)، ظريف بيگم بنت امير محمد مومن بيگ (953هه)، سلطان مقيم ارغون (962هه)، بي بي گل بيگہ (965هه)، بي بي مريم (967هه)، خانم آغا بنت سلطان ميرزا مسعود (967هه)، مير فرخ ارغون (1000هه) وغيره وغيره جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙي طرح جلوه گاه امامين، ميڪرا ۽ طغرل آباد وغيره ۾ جيتريون قبرون آهن، انهن جي به ڄاڻ ڏني وئي آهي. انهيءَ تفصيلات سان نه رڳو آثار قديمه جي سلسلي ۾ مفيد معلومات ۾ واڌارو ٿئي ٿو، بلڪه ان سان انهيءَ دور جي ڪيترن ئي خاندانن جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

قانع مڪلي نامه لکي ۽ پير صاحب ان ۾ حاشيا، ضميما ۽ اضافا قلمبند ڪري سنڌ جي تاريخ لاءِ گهڻو ئي بيش بها مواد فراهم ڪيو آهي. هندستان جي ڪنهن به قبرستان تي اهڙو مفيد ۽ مرتب مواد شايد ئي ملي.

ڄام نظام الدين تي حاشيا لکڻ وقت ان خاندان تي پير صاحب تقريباً سو صفحا لکي ويو آهي، جن ۾ ڪيترائي تاريخي خط به ڏنا آهن. عيسيٰ خان ترخان جي حاشين ۾ انهيءَ خاندان بابت تمام گهڻي مفيد معلومات تقريباً 321 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ شاهجهان جي زندگيءَ ۾ سندس شهزادن ۾ جانشينيءَ تي جيڪا ويڙهه هلي، ان جو ذڪر به تفصيل سان آيو آهي. دارا شڪوه جي سرگرمين جو تفصيل به ملي ٿو. منهنجو خيال آهي ته پير صاحب جيڪڏهن ’ترخان نامه‘ جي عنوان سان ڪو ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪري ها ته هي سمورا تفصيل ان ۾ شامل ٿي وڃن ها ۽ ان جو هڪ مستقل ڪتاب جڙي پوي ها. مگر حاشيا لکندي ئي هو پنهنجي ذوق کي تسڪين ڏيندو رهيو. شجرا ترتيب ڏيڻ ۾ به کيس گهڻي لذت ملندي رهي. ان ڪري هن ۾ فيروزالدين شاهه ڄام، علاؤ الدين ڄام، سيد محمد عرف پير مراد شاهه، سيد علي اول، سيد مير محمد مؤلف ترخان نامہ، مرزا عبدالعلي ترخان، مير محمد باقي ترخان ۽ ميرزا جان بابا بابت وغيره جا شجرا درج ڪيا آهن، جن جو مطالعو، ڪيترن حلقن ۾ دلچسپي ۽  افاديت جي خيال کان ڪيو ويندو. آخر ۾ مڪلي ٽڪري جي تمام گهڻن مقبرن ۽ قبرن ۽ انهن جي ڪتبن جون تصويرون به آهن. هي انهن جي لاءِ ديده زيب آهن، جيڪي مڪلي جو قبرستان پنهنجي اکين سان نه ڏسي سگهيا آهن.

 

 

حديقة الاولياء از سيد عبدالقادر ٺٽوي 1967ع:

        پير صاحب 1967ع ۾ سيد عبدالقادر بن سيد هاشم بن سيد محمد ٺٽوي جو ’حديقة الاولياء‘ تصحيح ڪري شايع ڪيو، جيڪو 1016هه ۾ لکيو ويو هو. ان تي پير صاحب سنڌيءَ ۾ 96 صفحن جو مقدمو لکيو آهي. سنڌي ٻولي نه سمجهڻ ڪري ان کي چڱي طرح آءُ به نه سمجهي سگهيس. حديقة الاولياء جو متن فارسيءَ ۾ آهي جيڪو 262 صفحن تي مشتمل آهي. ان ۾ سنڌ جي 42 اوليائن جو تذڪرو آهي، جن جا نالا هي آهن:

        1. شيخ بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني،  2. شيخ صدر الدين ملتاني، 3. شيخ رڪن الدين ملتاني، 4. شيخ عثمان شهباز، 5. شيخ پتہ، 6. شيخ حماد جمالي، 7. شيخ جيہ ولد شيخ نعمت الله، 8. شيخ مير مراد شيرازي ٺٽوي، 9. شيخ سيد علي شيرازي ٺٽوي، 10. شيخ نظام الدين ولد سيدنا ناصر بکري، 11. شيخ نوح بکري، 12. مخدوم حسام الدين ملتاني، 13. مخدوم بلال، 14. قاضي ڏتو سيوستاني، 15. درويش احمد  و محمد ولد مخدوم اسحاق هالائي، 16. شيخ هوٿي لاکو، 17. شيخ احمد و محمد ولد شيخ هوٿي لاکو، 18. درويش حسن مقرري، 19. مخدوم ساهڙ لنجار، 20. مخدوم ڌياڻو هالائي، 21. مخدوم نوح هالائي، 22. درويش وهيو، 23. شيخ محمد اسماعيل سومرو، 24. درويش رڪن الدين ولد ڏتو ياوسيو، 25. راجا سيہ دل، 26. شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، 27. درويش چرڪس، 28. شيخ موسيٰ آهيداڻي، 29. درويش صدر، 30. درويش پنهون ناريجو، 31. درويش هالو سهتو، 32. درويش ابراهيم، 33. درويش علاؤ الدين، 34. قاضي صدهو، 35. درويش يحيٰ، 36. قاضي خير الدين، 37. درويش يعقوب پليجو، 38. شيخ مغل چاچڪ، 39. شيخ ڀريو ويرداس، 40. درويش عمر بودلو، 41. درويش آلو، 42. شيخ عبدالهادي جميل شاهه گرناري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com