سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :9

اڻ لڀ سنڌي بيتن جو ذخيرو

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

بيت سنڌي زبان جي نه فقط قديم بلڪه نهايت ئي مقبول صنف آهي. سنڌي ادب جي شروعات ئي بيت سان ٿي. صوفي بزگن ۽ الله پاڪ جي پيارن ٻانهن کي سنڌي بيت پسند هئا. هُو وعظ ۽ نصيحت مهل جتي قرآن پاڪ جون آيتون ۽ حديثون ٻڌائيندا هئا، اتي صوفي بزرگن جا بيت پڻ پڙهندا هئا. ان جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. اهڙو دور جڏهن سرڪاري زبان فارسي هئي، تڏهن به سنڌي عالمن، بزرگن ۽ شاعرن پنهنجي ڪچهرين، محفلن ۽ مجلسن ۾ سنڌي بيت چيا. اهڙيءَ ريت هنن هر لحاظ سان سنڌي بيتن کي اهميت ڏني.

شاهه ڪريم رح بلڙي واري جي ملفوظات ”بيان العارفين“، پير صاحب روضي ڌڻي رح جي ملفوظات ۽ سائين صبغة الله شاهه رح جن جي ملفوظات ”خزانة المعرفت“ پير سائين روضي ڌڻي جن جي ملفوظات ۽ مڪتوبات[1] ۽ ٻين بزرگن جي ملفوظات، مڪتوبات ۽ تذڪرن ۾ ڪيترائي سنڌي بيت نظر اچن ٿا. پير حسام الدين شاهه راشدي حديقة الاوليا جي مقدمي ۾ ملفظات ۽ تذڪري وارن ڪتابن جي معلومات ڏيندي لکيو آهي ته:

”سنڌي جي ادبي تاريخ جي سلسلي لاءِ بي شمار غير معروف شاعرن جا بيت پڻ آيل اهن، جيڪي ادبي ذخيري جي ڪيترن گمنام گوشن کي روشن ڪن ٿا.“[2]

پير صبغة اللهؒ جي ملفوظات جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي:

”ملفوظات ۾ سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جي بيتن ۽ قافين جو خاصو ذخيرو موجود آهي، جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهميت رکي ٿو.... انهن مان ڪي بيت 1233- 1246هه واري دور کان اڳ جي عارفن شاعرن جا آهن، جن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، خواجه محمد زمان لواري، شاهه عبداللطيف، مخدوم احمد ڀٽي، فقير عبدالرحيم گرهوڙي اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه پنهنجي والد سائين جا بيت پڻ آندا اٿن، جن مان ڪي وڏي ملفوظات ”مجمع الفيوظات“ ۾ پڻ موجود آهن.[3]

سنڌي بيتن جي اهميت جو اندازو هن ڳالهه مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جڏهن خواجه محمد زمان رح سان ملڻ ويو ته ٻنهي بزرگن جي پاڻ ۾ گفتگو بيتن ذريعي ٿي. ان کان علاوه ان قسم جا ڪجهه ٻيا مثال ملن ٿا، جن مان سنڌي بيت جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

بنده راقم جي ذاتي ڪتب خاني ۾ هزار کن قلمي ڪتاب موجود اهن. انهن مان هڪ ”حڪايات الصالحين“ جو جزء اول آهي. ڪتاب جو مؤلف ميو رڪن الدين آهي، جيڪو پاڻ قريشي پڻ سڏائي ٿو[4] ڪاتب جو نالو لطف الله آهي[5] جنهن ڪنهن جي استدعاتي هيءُ ڪتاب نقل ڪيو. هن مخطوطي جي تاليف جو سنه 1060هه آهي. جڏهن ته لطف الله (ڪاتب) هيءُ نسخو هڪ سؤ اٺ سالن کان پوءِ يعني 1168هه ۾ نقل ڪيو. مخطوطي جي تقطيع 19x9 انچ آهي، منجهس ڪُل ورق 121 آهن. هر صفحي تي 17 سٽون آيل آهن. پر پهرين صفحي تي 13 ۽ آخري صفحي تي 6 سٽون ڏنل آهن. آخري صفحي تي هڪ مختصر مثنوي ۽ مناجات ڏنل آهي. مخطوطي جي پڄاڻيءَ ۾ هيءَ تحرير نظر اچي ٿي:

تمت تمام شداين نسخه حکايات الصالحين[6]

بيد احقرالعباد .... لطف الله بموجب استدعا

...........................................................................[7]

تاريخ نهم شهر ذي حجه روز سه شنبه بعد

نماز ظهر سنه 1168

الهي بيا مرز خوانده را عفو کن گناهان نويسنده را

هر که خواند، دعا طمع دارم زانکه من بنده گنه گارم

هيءُ مخطوطو منڍ کان پڇاڙيءَ تائين مڪمل آهي. فقط ڪن سٽن تي جلد ساز مرمت ڪرڻ مهل ڪاغذ هڻي ڇڏيو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ مقدمو ڏنل آهي، جنهن ۾ ڪتاب لکڻ جو مقصد بيان ڪيو ويو آهي. منجهس ويهه باب اهن، هرهڪ باب ۾ ڏهه حڪايتون آهن. اهڙيءَ ريت ڪُل 200 حڪايتون ڏنل آهن. الله تعاليٰ جي پيارن ٻانهن جون حڪايتون بيان ڪندي مؤلف قرآن مجيد جون آيتون، حديثون ۽ صوفي سونهارن جا ڪي قول پڻ ڏنا آهن. هن ڪتاب جو منظوم سنڌي ترجمو الف اشباع واري نظم ۾ بمبئي مان ڇپجي چڪو آهي. ترجمو ميين ولي محمد ڪيو ۽ حاجي محمد جي هٿان سنه 1287هه ۾ لکجي پورو ٿيو. آخر ۾ قادر بخش ڪاتب جي دعا ڏنل آهي. هن ڪتاب جي هڪ ڪاپي سنڌ الاجي ۾ محفوظ آهي. هن مخطوطي جي خاصُ خوبي اها آهي ته هن جي حاشيي تي سنڌي بيت ڏنل آهن. ڪي بيت مڪمل آهن ته ڪي نامڪمل، ڪي وري اڏوهي کائي وئي ته ڪن جو حصو ڳري ويو[8] ڪن کي جلد ساز مرمت مهل ڍڪي ڇڏيو، تنهن ڪري اهي اڻ پورا بيت پڙهڻ ۾ نه ٿا اچن، ان هوندي به پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.

هن ڪتاب ۾ قاضي قادن، ميين شاهه ڪريم، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ڪن ٻين گمنام شاعرن جا بيت شامل آهن. اهي بيت انهيءَ اوائلي صورت ۾ ڏئي انهن جي آڏو انهن جي پڙهڻي موجوده صورتخطيءَ ۾ ڏني وئي آهي، ته جيئن پراڻي صورتخطي برقرار يه ۽ اڳتي هلي سنڌي زبان جي قديم خط بابت محققن کي ڄاڻ ملي سگهي.

حقيقت ۾ ڪتاب ۾ بيت گهڻا هئا، پر ڪنهن اڻ ڄاڻۡ جلد ساز (غالباً افغانستان جي ڪنهن غير سنڌي) ڪتاب جي مرمت ڪرڻ مهل انهن تي ڪاغذ هڻي ڇڏيو. ڪٿي ڪٿي فقط هڪ لفظ يا ڪي اکر نظر اچن ٿا. اندازو آهي ته سوُ کان مٿي بيت هئا، جن مان 98 هتي ڏنا ويا آهن. انهن مان به ڪي اڻ پورا آهن. بهرحال اها به اسان جي خوش قسمتي چئبي جو ايترا بيت هڪ فارسي مخطوطي ۾ محفوظ رهيا، جي اڄ پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿا:

ڦڪيون فرق نه ڪن، ويڄ وڳجي اٿيا

ويڙيون وگهيون وٺيون، طلبون طبيبن

دولاسي دوسن، ڏئي ڏيلُ چڱو ڪيو

ڪجو ڪامَ پچار، موٽڻ سندي جيڏيون

سڄڻ سڀ ڄمار، آءٌ ڏوريندي گذري

چرکو[1] ڏئي نه چس، ڀيريان ڀينر نه ڀري

مون کي ماريون مَس، ڪتائينديون ڪيترو

ڪُهي ڪيئي شهيد، توجي اکڙين سان

تنِ تنهنجي تاتڙي، نه ڪو عيش [نه عيد]

اڇا ٻگهه م پَسُ، ور ميرائي هنجهڙا

رتا خالق سين، تنين م لڳي ڪسُ

ور سين وجهُه ويرُ، کرسين کلُو وسهين

تون ڪاڻياري ڪانڌ جي، تو برڪندو ڪير

جنهن در منهنجا سپرين، ڏٺئي جيلاهين

چون جهانئون اکڙيون، توکي تيلاهين؟

جنين صُبح ڪار، منجهه محبت گهاريو

توڙي نينهن وڪار، ته به هريا هوندا هٿ ۾

رڪن الدين پنهنوار واري حڪايات الصالحين جو پهريون ورقو

 

حڪايات الصالحين جو آخري ورق

روز محشر جتهين، سهسين سج تپن

سڀيئي جُهڙ ڀانئيان، جي مون پرين مڙن[1]

لڌوڙيون ڪوڙن کي، جو ڏهاڙيون ڏئي

سو ايندوءِ راڄيو، ويهه مَ وساري


[1] . مڪتوبات محمد راشد رحه جو هڪ قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

[2] . حديقة الاوليا، ص- 53، 54 سنڌي ادبي بورڊ 1967ع

[3] . خزانة المعرفت (سنڌي ترجمو) مترجم مفتي محمد رحيم سڪندري سن 1411هه- ص 43.

[4] . ڏسو ڪتاب جي آخري صفحي جو عڪس.

[5] . افسوس جو مؤلف ۽ ڪتاب بابت ڪا ڄاڻ نه ملي سگهي.

[6] . حڪايات الصالحين جا فارسي ۽ ٻيا به نسخا موجود اهن، پر هن جي پنهنجي اهميت آهي.

[7] . افسوس جو آخري صفحي تي جلد ساز مرمت ڪرڻ مهل ڪاغذ هڻي ڇڏيو، جنهن ڪري استدعا ڪرڻ واري جو نالو ڍڪجي ويو.

[8] . هيءُ نسخو ڪوئٽه مان ان ئي حالت ۾ هٿ آيو. اهو افغانستان مان بلوچستان پهتو. ممڪن آهي ته هيءُ نسخو احمد شاهه ابدالي يا ٻيو ڪو ظالم لُٽ ڦر ڪري سنڌ مان کڻي ويو هجي. سنڌ جا ڪيترائي قلمي نسخا ايران، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ هوندا. ڪي لُٽ ڦر ۾ ويا ته ڪي عالم سڳورا هتان هجرت ڪرڻ مهل پنهنجو قلمي ذخيرو ٻين ملڪن ڏانهن کڻي ويا. ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته پنهنجي وڃايل علمي خزاني جي ڳولا ڪجي. جيڪڏهن اصل نه ملي سگهي ته ان جي مائيڪرو فلم يا فوٽو اسٽيٽ سنڌ جي ڪتب خانن ۾ محفوظ ڪرڻ گهرجي.

 [1] . ڪاتب ”خ“ ”کي“ ”ڪ“ ۽ ”ک“ کي ”خ“ واري اچر ۾ بدلائي ڇڏيو جيئن خيرپور طرف ”ش“ جي جاءِ تي ”چ“ ۽ ”ڇ“ جي جاءِ تي ”ش“ اچاريندا آهن. مثلاً ”شاهن“ کي چون ”ڇاهن“

[1] . هيري ٺڪر پنهنجي ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام“ ۾ هن ريت ڏنو آهي:

روز محشر ڏينهڙي، ستر سج تپن

سڀوئي جَرُ ڀانئيان، جي مون پرين مڙن

روز جي معنيٰ ئي آهي ڏينهن، تنهن ڪري هتي لفظ ”ڏينهڙي“ صحيح نه ٿو لڳي. ان کان علاوه لفظ جَرُ صحيح نه آهي، پر ”جُهڙ“ صحيح آهي. مطلب ته ”حڪايات الصالحين“ واري پڙهڻي صحيح آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com