مومل راڻو
ڊاڪٽر اياز حسين قادري
راجا نند نالي گجر ذات جو هڪ راجا سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي
حڪومت ڪندو هو. راجا کي ٻن ڳالهين سان گهڻي دل
هوندي هئي، هڪ دولت ڪَٺي ڪرڻ ۽ ٻيو شڪار ڪرڻ.
هڪڙي ڀيري شڪار ڪندي راجانند پنهنجو گهوڙو هڪ سوئر جي پٺيان کڻي
ڇڏيو. جيڪو ڀڄي وڃي پاڻيءَ ۾ گهڙيو، راجا هي ڏسي
حيرت ۾ پئجي ويو ته سوئر ڀڄندو وڃي ۽ درياءُ ان کي
رستو ڏيندو وڃي. راجا سوئر جي پٺيان هلندو رهيو،
تان جو سوئر ۽ راجا ٻئي وڃي درياهه جي ٻئي ڪناري
تي پهتا. پويان درياءُ وري ساڳئي نموني وهڻ لڳو.
راجا وڏي ڪوشش سان سوئر کي ماريو ۽ اهو ڏسڻ لاءِ
ته سندس ڪهڙي عضوي ۾ راز رکيل آهي. سوئر جو سَنڌ-
سَنڌ وڍيندو پاڻيءَ ۾ وجهندو ويو. جڏهن سوئر جو
ڏند درياءُ ۾ وڌائين ته پاڻي انهيءَ هنڌان ڇڏي
ويو.
راجانند اهو جادو وارو ڏند کڻي قابو ڪيو ۽ ان جي مدد سان هن
پنهنجو سمورو خزانو درياءُ جي پيٽ ۾ پوري ڇڏيو.
هاڻي کيس پڪ ٿي ته نه ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس خزاني
جي خبر پوندي ۽ نه وري کيس خوف رهندو.
راجانند کي سَت ڌيئرون هيون جن مان سومل سڀني کان وڏي ۽ عقل
واري هئي ۽ مومل سڀني کان ننڍي پر سونهن ۾ سَرس
هئي. راجانند جو سڀني کان وڌيڪ مومل سان پيار هو،
سو اهو ڏند سنڀال لاءِ مومل جي حوالي ڪيائين، پر
کيس اهو ڪونه ٻڌايائين ته انهيءَ ڏند ۾ ڪهڙو راز
رکيل آهي.
هڪڙي جادوگر کي جادوءَ رستي راجانند جي انهيءَ پوريل خزاني جي
خبر پئجي ويئي، سو ڏند هٿ ڪرڻ لاءِ ماٿيلي اچي
نڪتو. هڪ ڏينهن جڏهن راجانند شڪار تي هليو ويو،
تڏهن جادوگر فقيراڻو لباس ڪري صبح جو سوير راجا جي
محل جي هيٺان اچي سِينَ هنئي. مومل جنهن جي در تان
ڪوبه سوالي خالي نه ويندو هو، تنهن پنهنجي
نوڪرياڻي نالي ناتر کي موڪليو ته فقير کي خيرات
ڏيئي اچ. فقير چيو ته ”مائي، مون کي ڌَن دولت نه
گهرجي، پر هڪ اهڙي درد ۾ ڦاٿل آهيان جنهن لاءِ ڏس
مليو اٿم ته ان درد جي دوا سوئر جو ڏند آهي، جي
اهو ملندو ته سڀ درد دور ٿيندا. اهو عرض کڻي هن در
تي آيو اهيان.“ مومل سواءِ ويچار جي، سوئر جو ڏند
کڻي فقير کي ڏنو.
فقير ڏند وٺي سڌو درياءَ تي آيو ۽ سمورو خزانو ڪڍي جتان آيو هو،
اوڏانهن هليو ويو.
هڪڙي ڏينهن راجانند کي پنهنجي خزاني ڏسڻ جو خيال ٿيو؛ تنهنڪري
مومل کان سوئر جي ڏند جي گهر ڪيائين، مومل کيس
ٻڌايو ته مون اهو ڏند ڌڻيءَ جي نالي هڪ فقير کي
ڏئي ڇڏيو آهي. اهو ٻڌي راجا جي پيرن هيٺان زمين ئي
نڪري ويئي، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ رڙيون ڪري روئڻ
۽ وار پَٽڻ لڳو. راجانند جون سڀ ڌيئرون ڊوڙنديون
آيون. سومل جا عقل واري هئي تنهن پيءُ کي چيو
”توهان غم نه ڪريو، اهو خزانو اوهان کي اسان گڏ
ڪري ڏينديونسين.“
سومل پيءُ کان موڪل وٺي ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي ماڙي اَڏائي
۽ پنهنجي ڀينرن ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ وٺي اچي اُتي
رهي. سومل هوشياري ڪري ماڙيءَ جي چؤڌاري جادو
رکائي ڇڏيو. گلن ڦلن جو هڪ باغ رکايائين جنهن جي
وچان هڪرو سوڙهو رستو، سومل جي ماڙيءَ ڏانهن ٿي
ويو. رستي جي ٻنهي پاسن کان جادوءَ جا خوفناڪ
جانور بيهاري ڇڏيائين، جن جي ڊيڄاريندڙ رڙين کان
وڏا وڏا سورهيه به ڏڪي ويندا هئا. ماڙي جي چئني
ڪُنڊن تي شينهن بيهاري ڇڏيائين، جيڪي هر وقت
گجگوڙون پيا ڪندا هئا. باغ کان پوءِ جادوءَ هڪ هڪ
تلاءُ جوڙايائين، جنهن جي ڏسڻ سان پڻ خوف پيو
ٿيندو هو. ماڙيءَ جي هڪڙي ڪمري ۾ سَت ڳاڙهيون
کَٽون ريشمي هنڌن سان رکائي ڇڏيائين.ڇهه کٽون ڪَچي
سَٽُ سان واڻيل هيون ۽ انهن جي هيٺان اُونهان کوهه
کوٽيل هئا، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن مان ڪنهن به هڪ
کٽ تي ويهي ها ته کوهه ۾ وڃي ڪِري ها.
جڏهن ڪاڪ جي ڪناري تي اهو جادوءَ جو کيل تيار ٿيو. تڏهن سومل
ملڪن ۾ پڙهو گهمارايو ته جيڪو شهزادو باغ مان
لنگهي سلامت مومل وٽ پهچندو تنهن جي شادي مومل سان
ٿيندي. ٻيءَ حالت ۾ کيس پنهنجي مال ۽ سامان تان هٿ
ڌوئڻو پوندو.“
مومل جي سونهن ملڪان ملڪ مشهور هئي. ان ڪري ڪيترائي بادشاهه ۽
شهزادا ڌن دولت ساڻ کڻي مومل کي حاصل ڪرڻ لاءِ
لُڊاڻي جي شهر ۾ جتي مومل جي ماڙي هئي اچي حاضر
ٿيا. پر ڪنهن جو به ڀاڳ اهڙو ڀلو نه هو جو کيس
مومل ملي. تنهنڪري هو دنيا ڦُرائي فقير ٿي ويا. ان
وقت عمرڪوٽ جو بادشاهه همير سومرو هو. همير جا ٽي
وزير هئا. راڻو مينڌرو سوڍو، ڏؤنرو ڀٽي ۽ شينهڙو
تماچاڻي. هي سڀئي بهادر ۽ عقلمند هئا، پر راڻو
سڀڪنهن ڳالهه ۾ ٻين کان وڌيڪ هو. سندس ڀيڻ وري
همير جي زال هئي.
هڪ ڀيري چارئي سنبري شڪار تي نڪتا، اوچتو جهنگ ۾ هڪ سامي ملين،
جيڪو صورت مان شهزادو ٿي لڳو. انهيءَ کان پڇيائون
ته ”اي سامي تون اصل ڪير آهين، ڪٿان پيو اچين ۽
ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ساميءَ کين جواب ڏنو ته ”ڪڏهن
آءُ به توهان وانگر شهزادو هوس. مومل جي حُسن جي
هاڪ ٻڌي لُڊاڻي ويس، جتي صرف مومل جو منهن ڏسي
سگهيس باقي پنهنجو سڀڪجهه لُٽائي فقير ٿيو وطن
واپس ٿو وڃان؛ ۽ جيستائين جيئرو هوندس تيستائين
مومل نه وسرنديم.
ساميءَ جون ڳالهيون ۽ درد جون دانهون ٻڌي همير ۽ سندس ٽنهي
وزيرن جي دل ۾ به مومل ماڻڻ جو شوق پيدا ٿيو؛
تنهنڪري فيصلو ڪيائون ته پهريائين مومل کي حاصل
ڪرڻ لاءِ بخت آزمائبو پوءِ گهر هلبو. اهو خيال ڪري
چئني ڄڻن پنهنجي گهوڙن جون واڳون ڪاڪ ڏانهن
موڙيون.
مومل جي ماڙيءَ وٽ پهچڻ سان راڻي ٻاهر پيل ڀير تي اهڙو زور سان
ڏونڪو هنيو جو ڪاڪ جا ڪنارا ۽ لُڊاڻي جو شهر
گونججي ويو. اڃا گهوڙا ٻڌي ويٺائي مس ته سيکاريل
نوڪرياڻي ”ناتر“ اچي نڪتي. اچڻ سان کين سمجهايائين
ته ”ڀلائي انهيءَ ۾ اٿو ته ويهڻ جي نه ڪيو، جتان
آيا آهيون اوڏانهن هليا وڃو.“ چئني يارن کيس هڪ
زبان ٿي چيو ”ڪاڪ آيا آهيون يا مرنداسين يا مومل
حاصل ڪنداسين.“ پوءِ ناتر مُنجهيل سُٽ ۽ چڻن جو
تال آڻي اڳيان رکيو باقي ٻيا چڻا کائڻ ۽ منجهيل
سُٽ سُلجهائڻ لاءِ مٿا ڪُٽ ڪرڻ لڳا. راڻي اُٿي چڻن
جو ٿالهه گهوڙي جي اڳيان رکيو ۽ سُٽ کي ڪاتيءَ سان
ڪَپي ٿالهه ۾ رکي چيائينس ته ”وڃي پنهنجي
مالڪياڻيءَ کي هيءُ تحفو ڏي ۽ چوينس ته عزت وارن
جو آڌرڀاءُ“ ائين نه ڪبو آهي جيئن اوهان ٿا ڪريو.“
ٿوريءَ دير کان پوءِ ناتر طعام کڻائي اچي سندن اڳيان رکايو ۽
چيائين ”هيءُ طعام منهنجي مالڪياڻيءَ خاص اوهان
لاءِ موڪليو آهي.“ ٽي ڄڻا تڪڙا ٿي کائڻ لاءِ اڳتي
وڌيا. پر راڻي ان مان ٿورو ذرو کڻي ڪتي کي ڏنو
جيڪو کائڻ سان مري ويو. ۽ راڻي ڪاوڙ مان ناتر کي
چيو ”وڃ وڃي مومل کي چئو ته اسان ائين مرڻ وارا نه
آهيون.“
ناتر پوءِ به ڪيتريون اٽڪليون ڪيون، پر سندس هڪ به اٽڪل نه هلي،
آخر کين چيائين ته ”مومل سان ملڻو اٿوَ ته مونسان
هڪ هڪ ٿي هلو.“ همير سومرو، شينهڙو تماچاڻي، ۽
ڏؤنر ڀٽي واري واري سان ناتر سان گڏجي ويا. پر
اٽڪل ڪري ناتر واٽ تي کانئن گم ٿي ويئي، جنهنڪري
سندن حوصلا خطا ٿي ويا. ويتر ڪَلن جي ڪڙَڪن، شينهن
جي گجگوڙن ۽ تلاءُ جي خوف کين ڊيڄاري ڇڏيو ۽ پويان
پير ڪري پُٺتي موٽيا. چوٿينءَ رات ناتر راڻي کي
ساڻ ڪري هلي. راڻي کي يارن جي حال جو پتو هو، تنهن
ناتر کي اک ۾ رکيو. واٽ تي جيئن ناتر اٽڪل ڪري ڀڄڻ
لڳي ته راڻي کڻي وارن کان ورتس ۽ ڇِڪي کڻي سڌو
ڪيائينس. جڏهن تلاءُ تي پهتا ته ناتر نمونو ڪري
نڪري ويئي ۽ راڻو اڪيلو رهجي ويو. راڻي پاڻيءَ جي
اونهائي ڏسڻ لاءِ سوپاري ڪڍي پاڻيءَ ۾ اُڇلائي.
سوپاري آواز ڪندي پري وڃي پئي. تڏهن راڻي سمجهيو
ته تلاءُ رڳو ٺڳي آهي. گهوڙي کي ڊوڙائي اچي مومل
جي ماڙيءَ وٽ پهتو. جتي ناتر اڳيئي بيٺي هئي. جا
کيس انهيءَ ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي هڪ جهڙيون سَت
کَٽون پيل آهن، سو لڪڻ سان جيئن هڪ کٽ تي زور
ڏنائين ته هنڌ هيٺ هليو ويو. اهڙيءَ طرح سڀني کَٽن
کي آزمائيندو سچيءَ کٽ تي اچي ويٺو. جڏهن اها اٽڪل
به ڪامياب نه ٿي ته ناتر کيس هڪڙي ٻئي ڪمري ۾ وٺي
آئي، جتي ڪيتريون سهڻيون ڇوڪريون هڪ جيڏيون، هڪ
جهڙيون، هڪ جهڙن ڪپڙن ۾ ۽ هڪ جهڙا هار هٿن ۾ کنيو
بيٺيون هيون. ناتر راڻي کي چيو هنن ڇوڪرين ۾ مومل
به آهي، پر هنن مان جنهن جي تو ٻانهن کي وڃي ورتو
ان سان تنهنجي شادي ٿيندي.
راڻو مُنجهي پيو، مومل ڪهڙي آهي ۽ ڪنهن کي وڃي هٿ کان وٺي.
ايتري ۾ هڪ ڀؤنر هڪڙي ڇوڪريءَ جي وارن جي مٿان ڦرڻ
لڳو، جنهن مان راڻي سمجهيو ته اهڙي خوشبودار وارن
واري مومل ٿي سگهي ٿي. اڳتي وڌي وڃي هٿ کان
ورتائينس. مومل گلن جو هار کڻي راڻي جي ڳچيءَ ۾
وڌو. پوءِ خوشيون ٿي ويون، ۽ ٻنهي جي شادي ٿي
ويئي.
راڻي جا دوست پنهنجي هار ۽ راڻي جي سوڀ تي سَڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾
اچي روانا ٿيا ۽ وڃي پنهنجي ملڪ کان نڪتا، راڻو
اتي ئي مومل سان ماڙيءَ تي رهي پيو. ٿورن ڏينهن
کان پوءِ همير سومري بهانو ڪري راڻي کي پاڻ وٽ
گهرائي ورتو، ۽ راڻي کي اهڙو ڪم ڏنائين جيئن راڻو
مومل سان ملي نه سگهي. مگر راڻي کي ڪٿي ٿي ماٺ
آئي. سو لِڪ چوريءَ ڪاڪ ڏي هليو ويندو هو ۽ مومل
سان ملي جلد واپس ايندو هو.
راڻي جي جدائيءَ ۾ مومل اُداس رهندي هئي، هر رات راڻي جي راهه
نهاريندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ سومل کي
راڻي جو لباس پهرائي، گڏ سمهاري ڇڏيندي هئي. هڪ
رات راڻو جيئن ماڙيءَ تي اچي پهتو ته ٻيئي ڀينرون
گڏ سُمهيون پيون هيون، اوندهه ۾ راڻو سومل کي
سڃاڻي نه سگهيو، ۽ کيس مرد سمجهي ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو.
پهريائين ته خيال ڪيائين ته ٻنهي کي ڌڪ هڻي ماري
ڇڏي، پر دل نه مڃيس، ان ڪري پنهنجو لڪڻ مومل جي ڀر
۾ رکي واپس عمرڪوٽ هليو ويو.
صبح جو مومل پنهنجي ڀر ۾ راڻي جو لڪڻ ڏسي سمجهي ويئي ته راڻو
ڪاوڙجي ويو آهي. پوءِ راڻي کي ريجهائڻ لاءِ قاصدن،
پٺيان قاصد، ماڻهو پٺيان ماڻهو موڪليائين، پر راڻي
جي دل ۾ وهم ويهي ويو هو تنهن سندس هڪ به نه ٻڌي،
جدائيءَ جي غم ۾ مومل جو گلاب جي گل جهڙو منهن
ڪومائجي ويو. کائڻ پيئڻ نٿي وڻيس. راڻي جي جدائي
سهي نه سگهي، تنهنڪري ڪهي ڪهي اچي عمرڪوٽ نڪتي.
جتي راڻي جي محل سامهون جاءِ جوڙائي رهڻ لڳي. جاءِ
جون دريون راڻي جي محل جي درين جي سامهون هيون
جتان راڻي کي ڏسي کيس خوشي ٿيندي هئي. مگر راڻي کي
مومل تي ايتري ڪاوڙ هئي جو محل جو اهو پاسو بند
ڪرائي ڇڏيائين. جڏهن مومل راڻي جي اها هلت ڏٺي ته
هن جي نااميدي وڌي ويئي. هاڻي هوءَ حياتيءَ کان
بيزار ٿي پئي تنهنڪري ڪاٺين جو وڏو مَچُ تيار
ڪرائي جيئري سَتِي ٿيڻ لاءِ پاڻ کڻي اُن ۾
اُڇلايائين.
جيئن ئي راڻي کي اها خبر ملي ته رڙندو رئندو ڊڪندو وڃي مومل جي
مَچَ وٽ پهتو. پر دير گهڻي ٿي چڪي هئي ان ڪري پاڻ
به اُن مَچ ۾ ٽپي پيو. اهڙي ريت مومل ۽ راڻي جي
مِٽي ملي هميشہ لاءِ هڪ ٿي ويئي.
سسئي ۽ پنهون
سنڌيڪار: خانم خديجہ دائود پوٽو
جنهن زماني ۾ راجا دلوراءِ سنڌ تي راڄ ڪندو هو، تن ڏينهن ۾
نائونءَ نالي هڪ برهمڻ سندس وزير هوندو هو. هن
برهمڻ وٽ وڏو خزانو هو ۽ هيرن جواهرن جو مالڪ هو،
پر اولاد جهڙي نعمت کان بلڪل محروم هو. هن جيتوڻيڪ
هزارين رپيا جوڳين ۽ سنياسين تي خرچ ڪيا، مگر تنهن
هوندي به پاڻ ۽ سنس زال بي اولادي ۽ دکي رهيا.
هڪڙي ڏينهن، وزير جي زال کي ڪنهن نجوميءَ جي خبر
پئي جو نه فقط هندي علم جو ڄاڻو هو، مگر يوناني
حڪمت ۽ ٻين علمن کان به چڱي ريت واقف هو. هن کي
اولاد جي هيڪر وري اچي آس ٿي، سو مڙس کي چوڻ لڳي
ته اولاد کان سواءِ زندگي اهڙي آهي، جهڙي تارن کان
سواءِ رات. بهتر آهي ته سفر ڪري هلي انهيءَ
نجوميءَ کان ڏس پتو پڇون؛ ڇو ته هن جي ڏاهپ جي
واکاڻ هر ڪنهن جي وات آهي“ برهمڻ ٿوري دل هڻڻ کان
پوءِ ڳالهه مڃي ۽ دولت جا انبار ساڻ ڪري زال سميت
نجوميءَ جي آسٿان ڏانهن روانو ٿيو.
جوتشي جڏهن برهمڻ ۽ سندس زال کي ايندو ڏٺو، تڏهن اُٿي هنن کي
کيڪاري پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وٺي ويو ۽ کانئن حال
احوال ورتائين. برهمڻ هٿ ٻڌي هن جي پيرن تي ڪري
چوڻ لڳو ته اي ڀڳوان جا پيارا! ڌڻيءَ کان اسان
لاءِ دعا گُهر ته اسان کي ڪو اولاد ٿئي؛ ڇاڪاڻ ته
اولاد کانسواءِ اسان جي حياتي ويڳاڻي ۽ ڪڙي ٿي پئي
آهي.“ جوتشيءَ ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ ڍاري جي
دٻلي کنئي ۽ ڍارو وڌائين. انگ وجهڻ کان پوءِ
جادوءَ جي هڪ آرسي ڪڍي آيو ۽ ان ۾ ڏسي چوڻ لڳو ته:
”مون کي مشتري مريخ جي ويجهو ٿو ڏسجي، جنهن مان
معلوم ٿو ٿئي ته ڌڻي توهان کي نياڻي عطا ڪندو، مگر
هن جو لکيو مسلمان سان ٿيندو.“ اهو حال، ٻُڌي
برهمڻ جي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ ليلائي نجوميءَ
کي چوڻ لڳو ته منهنجي ڌيءَ جو لکيو ڪيئن به ڪري
بدلائي ڏيو. نجوميءَ کي نائونءَ جي ليلائڻ تي قياس
ته گهڻو ئي آيو، پر هن جي وس ۾ ڪجهه به نه هو؛ سو
وراڻيائين ته: جيڪي ڌڻيءَ لکيو، سو لکجي ويو.“ اهي
لفظ چئي، هنن کي وڃڻ جي اجازت ڏنائين.
وقت گذرندو رهيو. برهمڻ جي زال کي پوري ميعاد تي ٻار ڄائو. ڄمڻ
سان دائيءَ کان پڇيائين ته ”ڇا ڄائو آهي“؟ ڇو ته
هن کي هروقت اهائي اميد هوندي هئي ته من ڀڳوان جي
ديا سان پٽ ڄمي پوي! دائيءَ وراڻي ڏني ته ”نياڻي
ڄائي آهي.“ اها خبر ٻڌي برهمڻ جي دل ٻڏڻ لڳي، کيس
پڪ ٿي ته نجوميءَ جي اڳڪٿي ضرور پوري ٿيندي، سو
وڏي ارمان ۽ ڪاوڙ مان چيائين ته: مان انهيءَ نڀاڳي
ڇوريءَ کي گهر ۾ نه رکندس، پٿراڻي ڏيو ته هڻي هن
کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيان يا ڇڏيوم هن کي باهه ۾ اڇلي
وجهان.“ مڙس جا اهي لفظ ٻڌي، جوڻس به ساڻس شامل
راءِ ٿي ته ڇوڪريءَ مان جند ڪنهن طرح ضرور آزاد
ٿئي، مگر هوءَ نياڻيءَ جي مارڻ ۾ رضامند ڪانه هئي.
هن جي مرضي هئي ته ٻار کي پيتيءَ ۾ بند ڪري، سنڌو
درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏجي ته جيئن لڙهندي لڙهندي ڪنهن
جي نظر چڙهي ۽ حياتي بچي پويس، ماءُ جي دل ائين ئي
چاهيندي برهمڻ کي به اها صلاح آئڙي، سو پيتي وٺي
آيو ۽ معصوم ٻارڙي انهيءَ ۾ وجهي، پاسي کان سون ۽
جواهرن جي ٿيلهي به رکي ڇڏيائون. پيتيءَ کي ڪلف
لڳائي بند ڪيائون. ان کان پوءِ پيتي کڻي نديءَ جي
ڪناري تي ويو. ۽ وڃي درياهه ۾ اڇلايائين. اها پيتي
وهڪرن جي ور چڙهي، جن کيس لوڙهيندي، لوڏيندي آڻي
ڀنڀور جي شهر ۾ ڪڍيو. ڪناري تي محمد نالي هڪ
ڌوٻيءَ درياءُ ۾ پيتي ترندي ۽ ڪناري ڏانهن ايندي
ڏٺي نظر پوندي ئي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيئي، پيتيءَ کي
ڇڪي ڪناري ڏانهن گهلي کڻي آيو. ڪلف ڀڃي پيتي کي
کوليائين، ڇا ڏسي ته هڪڙي ننڍڙي سهڻي ڇوڪري اندر
ستي پئي آهي. جان کڻي ان کي کنيائين ته هن جي ڀر
مان هڪ ڳوٿري سون ۽ جواهرن جي مليس، جنهن کي ڏسي
خوشيءَ جي حد ئي نه رهيس ۽ پنهنجو ٻٽو خزانو کڻي
گهر ڏانهن راهي ٿيو. ڌوٻيءَ جي زال، جا اڳيئي
اولاد جي سڪايل هئي، سا بيحد خوش ٿي، ٻنهي زال مڙس
هن لڌل ٻار کي کڻي گود ورتو. سڀني پاڙيسرين، دوستن
۽ برادريءَ وارن کي دعوت ڏنائون، جن ٻارڙيءَ کي
ڏٺو ۽ هن تي هي ”سسئي“ نالو رکيو ويو. جيئن وقت
گذرندو ويو، تئين هيءَ سهڻيءَ نينگري ڏينهون ڏينهن
سونهن ۾ سرس ٿيندي ٿي وئي، ايتري قدر جو هن حسين
ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي
سيڙائي ڌوٻيءَ جي گهر جي گهٽين وٽ منتظر بيٺا
هوندا هئا ته من هن جي سهڻي صورت جو ديدار نصيب
ٿئين. سون ۽ جواهرن جي ڳوٿري، جا پيتيءَ مان لڌي
هئائون، انهيءَ مان ڇوڪريءَ لاءِ زيور ۽ سينگار جو
سامان ۽ رهڻ لاءِ ٻه طبقو گهر ٺهرايائين، جنهن جي
چوگرد گلاب جو باغيچو رکايو ويو. انهيءَ گهر ۾
سسئي پنهنجون ساهيڙيون ۽ سرتيون سڏي انهن سان گڏجي
ويهي ڪتيندي هئي يا وري باغيچي ۾ سارو ڏينهن پسار
پئي ڪندي هئي.
انهن ڏينهن ڪيچ- مڪران ۾، ڄام آريءَ نالي هڪ بلوچ رهندو هو،
جنهن جي بهادريءَ جي ايڏي ته هاڪ هئي، جو اتان جي
بلوچن هن کي پنهنجو سردار مقرر ڪري سڄي ڪيچ ۽
مڪران جو پڳ ٻڌائي. ڄام آريءَ کي پنج پٽ هئا- چنو،
پنهون، هوتو، نڪرو ۽ نوتو. هونئن ته سڀئي حسين
جوان جوڌا هئا، پر سڀني کان بهادري ۽ سونهن ۾ سرس
ٻيو نمبر پٽ، ”پنهون“ هوس. بلوچن جي سردار کي
پنهنجي پَٽَ مان ايندڙ ويندڙ قافلن تان محصول
ملندا هئا ۽ جيڪي ڏيڻ کان انڪار ڪندا هئا، تن تي
هن جا پٽ حملا ڪندا هئا. بدقسمتيءَ سان ”سسئيءَ“
جي حسن جي هاڪ هن ڏورانهين ملڪ ۾ ”پنهون“ جي دماغ
تي وڃي واسو ڪيو. هڪ ڏينهن، ٻاٻيو نالي هڪ سوداگر،
ڪيچ ۾ آيو، ڄام آريءَ هن جي گهڻي آجيان ڪئي ۽ هن
جي گفتگوءَ ۽ هلت چلت کان ايترو متاثر ٿيو جو کيس
محصول معاف ڪري ڇڏيائين. ٿورن ڏينهن ۾ ٻاٻئي
پنهنجو سڀ سامان وڪڻي ٻيو خريد ڪري وري ٻئي پاسي
واپار لاءِ اسهيو. وڃڻ وقت ڄام کان موڪل ورتائين،
جا هن خوشيءَ سان ڪانه ڏنيس، ارهو ٿي ڏنس. پر جڏهن
پنهونءَ کان موڪلايائين، تڏهن هن ڪن ۾ چيس ته
”ڀنڀور ۾ ”سسئيءَ“ جي ڳولا ڪج ۽ مون کي مخفي نياپي
ذريعي ٻڌائج ته سسئي واقعي اهڙي سهڻي آهي، جهڙي
ماڻهو چون ٿا.“
سوداگر مُشڪندي واعدو ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي اُٺ ڏانهن وڌيو. لانگ
ورائي مهار کي ڇِٻي ڏني ۽ قافلو روانو ٿيو. سڀني
جي اڳ ۾ مشڪي مهري ڏاڍي شان سان تيز قدم کڻندو ٿي
هليو. اهڙيءَ ريت اهو قافلو ڏينهن جا ڏينهن هلندو
اچي ڀنڀور پهتو، ٻئي ڏينهن ٻاٻئي پنهنجو مال اسباب
ڪڍي ٻاهر ڪيو، جنهن تي سڄي ڀنڀور شهر ۾ سندس سودي
۽ سامان جي هاڪ پکڙجي ويئي. جوان توڙي ٻڍو، زالون
۽ مرد، سڀ اُتي اچي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا، ڏينهن ٻن کان
پوءِ، ٻاٻيو سسئيءَ جي گهر وٽان لانگهائو ٿيو.
اتفاق سان اوڏيءَ مهل سسئي پنهنجي ساهيڙين سان
راند پئي ڪئي ته اوچتو ماڙيءَ جي دريءَ مان سندس
نظر وڃي ٻاٻئي تي پئي جو هيٺ گهٽيءَ مان پئي ويو.
سسئي کي هن جي سونهن ۽ صورت موهي وڌو ۽ پنهنجي
ساهيڙي، ساقيءَ کي منت ڪيائين ته وڃي انهيءَ
سوداگر کي مٿي وٺي اچ. ساقي ڊوڙندي گهٽيءَ ۾وئي ۽
ٻاٻئي کي سسئي جو نياپو وڃي ڏنائين. ٿورو مشڪيو ۽
پاڻ سان وڪري جو ڪجهه قيمتي سامان کڻي ساقيءَ سان
گڏجي سسئيءَ جي گهر ويو. جيئن پنهنجو سودو سسئيءَ
کي ڏيکاريائين پئي، تيئن سسئي سندس ڪن ۾ ڀڻڪو ڪري
چيو ته ”سوداگر! تو ته منهنجي دل ڄڻ ڪنڍيءَ ۾
ڦاسائي آهي ۽ هاڻي مان توکان سواءِ رهي نٿي
سگهان.“ ٻاٻئي اهي اکر ٻڌي پهريائين ته ڪو جواب
ڪونه ڏنو، هو سسئي جي منهن ۾ نهارڻ لڳو، جنهن جي
حُسن خود ٻاٻئي کي به موهي وڌو هو. هو دل ۾ سوچڻ
لڳو ته ”هيءُ ڇوڪري ڀلي کڻي کٽيءَ جو ٻار هجي،
تڏهن به پنهونءَ جي لائق آهي. چنڊ جهڙو چهرو اٿس ۽
هن جي قدقامت ۾ مون کي ڪوبه نقص نظر نٿو اچي. ههڙو
حُسن ته ڪنهن شهزادي جي ڪنوار کي سونهين.“
ان کان پوءِ ٻاٻئي، سسئيءَ ڏانهن ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”اي حسين نينگر،
منهنجي ڳالهه ٻڌ! تون مون تان پنهنجو خيال لاهي
ڇڏ. مان هڪ جوان سڃاڻان جنهن جو نالو ”پنهون“ آهي،
جو مون کان وڌيڪ تنهنجي لائق آهي. مان ته عام
رواجي ماڻهو آهيان، پر پنهون هڪ شهزادو ۽ وڏيءَ دل
وارو سخي آهي. جيڪو هن وٽ آيو سو پنهنجي غرض پوري
ڪرڻ کان سواءِ نه موٽيو. هن وٽ اُٺ، گهوڙا، انبار
سون ۽ چانديءَ جا، سپاهي، دربان ۽ منشي هن جي
حاضريءَ ۾ رهن ٿا. مان به حقيقت ڪري هن جي
خدمتگارن مان آهيان مون هن جي حسن جي تعريف نه ڪئي
آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو حسن اهڙو اهي، جنهن جي تعريف
لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. فقط ڏسڻ سان ئي ان حسن جو
اندازو لڳائي سگهندينءَ. خدا شال اهو ڏينهن آڻي،
جڏهن تون هن سان ملي سگهين.“
سسئيءَ جا خيال هاڻي ٻاٻئي تان لهي وڃي شهزادي تي کُتا، جنهن جي
ديدار ڪرڻ لاءِ اندر ۾ آس جاڳيس. دل ۾ دعا گهرڻ
لڳي ته شل خدا منهنجي اها تمنا جلد پوري ڪري ته
مان شهزادي پنهونءَ کي اکين سان ڏسان. ان بعد
ٻاٻئي کي مخاطب ٿي چيائين، سوداگر! تون انهيءَ
حسين جوان کي وڃي وٺي اچ، جو منهنجي دل هاڻي هن کي
ڏسڻ لاءِ بيقرار آهي!، ٻاٻيو هن موچاريءَ ڇوڪريءَ
کان موڪلائي اچي گهر پهتو. گهر پهچڻ شرط خط نويس
ڏانهن ماڻهو موڪليائين. خط نويس کي ٻن خطن لکڻ جو
حڪم ڏنائين، هڪڙي جو مضمون هن ريت هو: ”مون سسئي
ڏٺي اهي، جا هڪ ڌوٻيءَ جي ڌيءَ آهي، مگر هن کي خدا
ڪمال جو حسن ڏنو آهي. هن جو حسين چهرو چنڊ جي
سونهن ۽ سج جي روشنيءَ کي مات ڪيو ڇڏي. اوهان
سوداگر جي ويس ۾ جلد هليا اچو ۽ پاڻ سان عطر ۽
عنبير جو ذخيرو آڻجو.“
ٻئي خط جو مضمون وري هن ريت هو: جلد منهنجي مدد لاءِ اچو، جو
ڀنڀور جي ماڻهن زبردستي مون کي پڪڙي نظربند ڪري
رکيو آهي ۽ محصول جي تقاضا ٿا ڪن، سو ڀلائي ڪري
شهزادا پنهون! تون اچ، ڇاڪاڻ ته توکانسواءِ مان
ڇُٽي نه سگهندس.“ اهي بئي خط لکرائي، قاصد کي
ڏنائين جو هڪ ڀلي اٺ تي روانو ٿي جلد پنهونءَ جي
ڳوٺ پهتو. اتي پهريون خط پنهونءَ کي ڏيئي چيائينس
ته ٻيو تنهنجي پيءَ لاءِ آهي. خط پنهونءَ ۽ سسئيءَ
جي سونهن جي ساراهه پنهنجي خط ۾ پڙهي ته اکيون
تجلا ڏيڻ لڳس ۽ پوءِ ٻيو خط ڄام آريءَ وٽ کڻي ويو،
جنهن خط پڙهايو. جڏهن معلوم ٿيس ته سندس سوداگر
ٻاٻئي سان بدسلوڪي ٿي آهي، تڏهن، کيس سخت غصو آيو
۽ پنهونءَ کي گهرائي چيائين ته ”تون ڀنڀور وڃ ۽
ٻاٻئي کي آزاد ڪرائي پاڻ سان وٺي اچ.“
پنهونءَ قاصد کي حڪم ڪيو ته موٽي ڀنڀور وڃي ۽ ٻاٻئي کي ٻڌائي ته
پنهون جلد اچڻ وارو آهي. پوءِ پنهون عطر ۽ عنبير
جو وڏو انبار دٻن ۾ بند ڪرائي، مخفي طور پنهنجي
اُٺ سان ٻڌائي ڇڏيو. هن جي اٺ جا سنج ۽ سنجن جا
پوش سون ۽ چانديءَ سان چمڪي رهيا هئا ۽ موتين جا
هار ۽ سهڻن مڻين سان ڳانيون اٺ جي ڳچيءَ ۾ پئي
لڙڪيون. پنهونءَ ۽ سندس همراهن پنهنجا مُقيشي ڪوٽ
پهريا ۽ شاهي پڳون مٿن سان ٻڌي ۽ سايون سٿڻيون
پائي ۽ ڪلهن تي سون ۽ چانديءَ جي جهالرن وارا بوڇڻ
رکي اٿي هليا. جڏهن پنهونءَ ۽ ان جا ساٿي اسهيا
ٿي، تڏهن ان وقت ڄام آريءَ، پنهونءَ جو ننڍو ڀاءُ
چنون ساڻ ڪري آيو ۽ چيائين ته هن کي ساڻ وٺيو وڃ،
جو ضرورت وقت هي تنهنجو ٻانهن ٻيلي ٿي تنهنجي مدد
لاءِ تيار رهندو. پڇاڙيءَ جو هن کي تاڪيد ڪيائين
ته جيتريقدر ٿي سگهي ته جلد موٽڻ واري ڪج، ڇو ته
تون منهنجو لاڏلو آهين سوڀارو ٿي موٽين ته اڳيان
دهل دمام وڄائيندا اچجو. پنهون پيءُ ۽ ماءُ کان
موڪلائي پنهنجي ساٿين سميت روانو ٿيو. هيڏانهن
پنهونءَ جي اسهڻ کان پوءِ، ماءُ پيءُ اچي ڳاراڻي ۾
پيا. پنهون ۽ سندس ساٿ سفر جي سختين سان منهن
ڏيندا هلندا ويا. سندن آوازن ۽ ان سان گڏ اٺن جي
چڙن جي چانگار سارو آسمان گونجي ٿي ڇڏيو. رات ڌاري
وڃي ڪيهر بيلا پهتا. رات اتي منزل ڪيائون، صبح جو
سڄو ڳوٺ هنن مسافرن کي ڏسڻ لاءِ اچي ڪٺو ٿيو.
انهيءَ ڳوٺ ۾ هڪڙي سوناري جي ڌيءَ ساجن، نالي
رهندي هئي. هن جڏهن پنهونءَ کي ڏٺو، تڏهن دل ۾
چيائين ته هاڻي پنهونءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان
حياتيءَ ۾ نينهن نه لڳي سگهندو.
هن هڪ ٻڍي مائي پنهون، ڏانهن موڪلي ته وڃي هن کي منت ڪري ته
پنهنجو سودو آڻي ڏيکاري ۽ گڏوگڏ هيءُ به چويس ته
آءُ عطر عنبير بدران توکي هيرا موتي ۽ ياقوت ڏيندس
۽ اهو نياپو انهيءَ نيت سان موڪليائين ته شايد
پنهون انهيءَ لالچ تي هرکجي اچي. پنهون ٻڍڙيءَ
مائيءَ سان گڏجي ويو، پر پنهنجو مال ڪين موڪليائين
۽ سوچيائين ته ڀنڀور ۾ مون کي انهيءَ سامان جي
وڪري جي ضرورت پوندي، اها رات وڏي خوشيءَ سان
ساهجان سان گذاريائين، جن لاءِ هن پر تڪلف ماني
تيار ڪرائي، جا هن ڏاڍي اشتياق سان کاڌي. ٻئي
ڏينهن باوجود ساهجان جي آزيءَ نيزاريءَ جي، پنهون
پنهنجي رفيقن سان روانو ٿي ويو. وري ساڳئي پنهنجي
ڳائڻ جي اوازن ۽ چڙن چونگارڻ سان ڪيهر بيلا مان
روانا ٿيا. ڀنڀور پهچڻ کان اڳ وري وچ تي منزل نه
ڪيائون. جڏهن شهر کي ويجهو پهتا، تڏهن پنهون ٻاٻئي
کي ماڻهو موڪليو، جنهن هن کي شهر جي ڏکڻ طرف منزل
لاءِ جاءِ ڏسي. ان هنڌ تي ٻنهي ڀائرن پنهنجي اٺن
تان سامان لهرائي ۽ اتي خيما کوڙي غاليچن کي
وڇارائي، سهڻي نموني ديرو دمائي ويٺا. پنهنجو
واپاري مال جهڙوڪ مشڪ، عنبر ۽ عطر ڪڍي اهڙيءَ طرح
ڏيک ويک لاءِ رکيائون، ڄڻ ته هي واقعي ڪي جهونا
سوداگر هئا. اها خبر هوا جيان سسئيءَ جي ڪن تائين
پهتي ته هڪ وڏو سوداگر ڀنڀور ۾ آيو آهي، مڄاڻ ته
اهو سوداگر پنهون هو، جنهن کي ٻاٻئي گهرايو هو.
سسئيءَ پنهنجون سڀ جيڏيون سرتيون گهرايائين ۽ سڀئي
جواهرن سان سينگارجي هڪ ٻئي پٺيان ائين قطار ڪري
هليون، ڄڻ سياري جي سانجهيءَ وقت ڪونجون آسمان ۾
ولر ڪري اُڏامنديون هجن. سڀئي پاڻ ۾ هم عمر هيون،
مگر سونهن ۾ سسئي سڀني کان سرس هئي: هرڻ جهڙيون
سندس اکيون، ڏند جهڙا موتين جي قطار، نَڪُ جهڙي
انب جي ڦار، سندس وار سونن گهنگهرن سان مڙهيل هئا.
سندس هلڻ جو اندازو اهڙو هو، جهڙو ڊيل بهار جي
مُند ۾ صبح جو ٽلندي آهي.
هنن ڇوڪرين جي پازيبن ۾ گهنگهرن جي آواز تي پنهونءَ جي دربانن
کي کڙڪ پئجي وئي، جن پنهونءَ جي اجازت سان تنبن جا
در کولي ڇوڪرين کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني. خيمن جي
اندر پنهونءَ جو سارو مال اسباب ٽڙيو پکڙيو پيو
هو. ڇوڪرين جڏهن سامان کي ڏٺو، تڏهن حيرت ۾ بيهي
اگهه ٻولائڻ ۽ قيمتن جي گهٽ ڪرائڻ تي ريڙهه پيڙهه
ڪرڻ لڳيون. مگر جڏهن پنهونءَ ۽ سسئي جون اکيون پاڻ
۾ لڙيون، تڏهن ته هنن کي ٻي ڪابه تمنا باقي ڪانه
رهي. جڏهن سسئيءَ کان سواءِ ٻيون ڇوڪريون پنهنجي
سودي جي اگهه پار پڇڻ کان وانديون ٿيون، تڏهن گهر
موٽڻ جي ڪيائون. هاڻي سسئيءَ جي دل ۾ پنهونءَ جي
عشق جي آگ ڀڙڪي چڪي هئي ۽ ساڳئي وقت پنهونءَ جي
حالت به سسئيءَ کان گهٽ ڪانه هئي. لاچار سسئيءَ
ويچاري تنبن کان نڪري، پنهنجين سهيلين سان اُٿي
هلي. گهر پهچندي ئي ساقيءَ کي سڏائي چيائين ته
”منهنجي اکين ۾ لُڙڪ ۽ دل ۾ عشق جي آگ آرام وٺڻ نه
ٿي ڏئي. مون کي پنهون آڻي ڏيو، نه ته آءُ مري
وينديس.“
ساقيءَ، سسئيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اُن کي تيسين آرام
نه آيو، جيسين ساقي اِهو دلاسو ڏنس ته خاطري ڪر
آءٌ سڀاڻي پنهنجي مائٽن سان ملي پنهونءَ سان
تنهنجي شادي جو بندوبست ڪندس. ٻئي ڏينهن ساقي، جي
ماءُ وٽ وئي ۽ چيائينس ته ”سانئڻ! هڪ سوداگر ڪنهن
ڏوراهين ڏيهه کان ڀنڀور ۾ وارد“ ٿيو آهي. سونهن ۾
سج ۽ چنڊ کي مات ڪيو ويٺو آهي. منهنجي صلاح آهي ته
تون پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ جي کيس آڇ ڪر، ڇو ته
هن کان وڌيڪ سهڻو ۽ دولتمند نوجوان توکي ڌيءَ لاءِ
مشڪل هٿ اچي.“ ڌوٻڻ عجب ۾ پئجي ساقيءَ کان سوال
ڪيو ته ”ذات ڪهڙِ اٿس؟“ اتفاق سان اوڏي مهل محمد
کٽي به گهر اچي سهڙيو. جوڻس هن کي ساقيءَ واري
ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائي. هنن پاڻ ۾ اڃا ڳالهيون
پئي ڪيون ته ٻاٻيو گهٽيءَ مان اچي لانگهائو ٿيو.
ساقيءَ کيس ڏسي چيو ته اجهو هن سوداگر جو منشي پيو
وڃي، هن کي سڏائي پڇو ته سوداگر جي ذات ڪهڙي آهي.
محمد هن جي ڳالهه مڃي ۽ ٻاٻئي کي سڏايائين. ٻاٻيو
هن قسم جي سوال جو مطلب سمجهي ويو ۽ جواب ڏنائين
ته ”سوداگر اڪثر مون کي ٻڌائيندو آهي ته هو ڪنهن
وقت ڌوٻي هو، پر پوءِ جڏهن ملڪ مان ڀڄي نڪتو، تڏهن
کان وٺي واپار جو ڌنڌو اختيار ڪيو اٿس. انهيءَ تي
محمد ٻاٻئي کي، پنهونءَ تائين سندس دعوت پهچائڻ ۽
سندس گهر وٺي اچڻ لاءِ منت ڪئي. ٻاٻئي ائين ئي
ڪيو. پنهونءَ خوشيءَ مان دعوت قبولي ۽ جڏهن هو
ٻاٻئي سان گڏجي ڌوٻيءَ جي گهر آيو، تڏهن پنهونءَ
کي پرکڻ لاءِ چوڻ لڳو ته ”مون ٻڌو آهي ته توهان
ذات جا ڌوٻي آهيو. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٿورن
ڪپڙن ڌوئڻ ۾ مدد ڪريو.“
ائين چئي پنهونءَ کي صابڻ ۽ هڪ ڳٺڙي ريشمي ڪپڙن جي ڌوئڻ لاءِ
ڏنائين، ٻاٻئي پنهونءَ کي اڳي ئي خبردار ڪري ڇڏيو
هو ته پنهنجي ذات ڌوٻي ٻڌائي. انهيءَ ڪري کيس ڪپڙا
کڻڻا پيا، جيتوڻيڪ هن کي ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪابه خبر
ڪانه هئي.
پنهون جيئن ڪپڙا کنيو پئي ويو، تيئن سندس ڀاءُ چنو کيس گڏيو ۽
ڪاوڙ مان پڇيائين ته ”مان جيڪي ٻُڌي رهيو آهيان،
سو سڀ سچ آهي؟ ڇا تون هڪ کٽيءَ جي ڇوڪريءَ سان
شادي ڪري اسان جي عزت ٻوڙيندين؟“ پنهونءَ جواب ڏنو
ته ”ادا! انهيءَ ۾ ڪهڙي بي عزتي آهي، جيڪڏهن ڪو
ماڻهو پنهنجي دل گهرئي محبوب سان شادي ڪري.“ اِهو
ٻُڌي، چنو ماٺ ۾ رهيو ۽ پنهون درياء جي ڪپ ڏانهن
هليو ويو. اُتي ڪپڙن کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندي، هن
ڪپڙا ڦاڙي ليرون ليڙون ڪري وڌا ۽ جيئن ئي انهن
ٿڳڙين کي ارمان مان پئي ڏٺائين، تيئن سسئي هن وٽ
اچي نڪتي ۽ هن کي مشڪندي کيڪاريائين. ان کان پوءِ
کيس چيائين ته ”نا اُميد نه ٿيءُ، منهنجا محبوب،
هرهڪ ڪپڙي جي کيسي ۾ سوني مُهَرَ وجهي ڇڏ ته پوءِ
ڪنهن وٽان به ڪا دانهن ڪانه ايندي.“ پنهونءَ ائين
ڪيو ۽ ڪپڙا کڻي وڃي مالڪن کي پهچايائين ۽ کين
چيائين ته ”کيسا ڏسجو“ جڏهن هنن کي پنهنجن ڪپڙن
کڻي وڃي مالڪن کي پهچايائين ۽ کين چيائين ته ”کيسا
ڏسجو“ جڏهن هنن کي پنهنجن ڪپڙن جي کيسن مان سوني
گِني هٿ آئي، تڏهن سندن ڪاوڙ اُتي ئي ٿڌي ٿي ويئي.
محمد کي جڏهن خبر پيئي ته پنهون ڪپڙا ڌوئي مالڪن
کي پهچائي آيو ۽ ڪنهن وٽان به ڪا شڪايت ڪانه آئي
آهي، تڏهن پڪ ٿيس ته سوداگر سچ پچ ذات جو ڍوٻي آهي
۽ هو سسئي ۽ پنهونءَ جي شاديءَ لاءِ رضامند ٿيو.
شاندار مجلس جي تياري ڪرايائين، جنهن ۾ شاندار
مجلس جي تياري ڪرايائين، جنهن ۾ پنهونءَ ۽ سسئيءَ
جو ميڙائو ٿيو. چنوءَ پنهنجي ڀاءُ جي شادي ۾ ڪوبه
حصو نه ورتو ۽ ڏاڍيءَ غمگين حالت ۾ پنهنجا ماڻهو
ساڻ ڪري، پنهنجي ملڪ موٽي ويو. اَتي اچي خبر
ڪيائين ته پنهون سسئيءَ جي سونهن جي ڄار ۾ ڦاسي
چڪو آهي. پيءُ جو منهن ڪاوڙ ۽ صدمي کان ڪارو ٿي
ويو. ٽي ڏينهن انهيءَ ماتم ۾ گذري ويس، جنهن کان
پوءِ چنو، هوتو ۽ نوتو کي حڪم ڏنائين ته اُٺن تي
سوار ٿي، وڃي پنهونءَ کي موٽائي اچو. ٽئي ڀائر
ڀنڀور پهتا. دلين ۾ دولاب، مگر چپن تي مٺڙا ٻول
ٻوليندا اچي سسئي ۽ پنهونءَ ساڻ ڀيڻ ڀاءُ وانگر
مليا. پنهونءَ توڙي سندس ڪنوار کي پنهنجن ڀائرن ۾
ڪابه بدگماني ڪانه هئي. چنوءَ هنن کي ٻڌايو ته
”بابي سندن شاديءَ جي خبر ٻڌي، انهيءَ جي خوشي
ملهائڻ لاءِ ڪيترا ڏينهن دعوتون ۽ مجلسون ڪيون
آهن.“
هڪ رات هِنن ٽنهي ڀائرن گڏجي پنهونءَ ۽ سسئيءَ کي سخت نشي واري
شئي پياري، ۽ هو جڏهن رات جو اگهور ننڊ ۾ هئا،
تڏهن آڌيءَ رات پنهونءَ کي سسئي کان جدا ڪري،
بيخبريءَ جي حالت ۾ هڪ اُٺ تي سمهاري، اُٺن کي تيز
هڪليندا تکا ڪيچ ڏانهن راهي ٿيا. ٻئي ڏينهن صبح جو
جڏهن سسئي ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ پاڻ کي اڪيلو ڏٺائين،
تڏهن سندس دل ڏاريندڙ دانهن پاڙي وارن کي ڇرڪائي
ڇڏيو. پوءِ ته پنهنجي سڄي ڪهاڻي انهن کي بيان ڪري
ٻڌايائين، ۽ پڪو پهه ڪيائين ته پنهونءَ کي جي
پٺيان پيادي ويندس ۽ جيسين پنهونءَ ڳولي هٿ نه
ڪنديس، تيسين پاڻ کي لَڪَن ۾ رولي پورو ڪري
ڇڏينديندس. ساقيءَ کان سواءِ ٻين سڀني کيس سمجهائڻ
جي ڪافي ڪوشش ڪئي، مگر ساقيءَ هن جو صدمو ڏسي، هن
کي پنهنجي وچن پوري ڪرڻ جي نصيحت ڪئي.
آخر سسئي پنهونءَ جي اُٺن جو پيرو کڻندي، جبل جهاڳيندي رواني
ٿي. جڏهن رات پئي ۽ پنڌ سببان ٿڪجي بيحال ٿي پئي،
تڏهن هڪ ٻڪرار جي جهوپڙيءَ وٽ اچي نڪتي. ويجهو
پهچي ٻڪرار کان پڇيائين ته ”ادا، ڪو قافلو هتان
لنگهندو ڏٺئه؟“ ٻڪرار جيئن سسئيءَ ڏانهن اک کنيئي
ته هن جي سونهن جو تاب نه جهلي سگهيو ۽ جواب ڏيڻ
جي بدران هن کي جهلي، پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ اندر نيڻ
جي ڪوشش ڪيائين. سسئي پنهونءَ کي مدد لاءِ رڙيون
ڪيون، مگر پنهون ڪٿان ٿي پهچي سگهيو، جواب نه
مليس. آخر بيوس ٿي، ڌڻيءَ کي ٻاڏايائين ”اي مالڪ
مهربان! مون کي هن زمين اندر جاءِ ڏي ته آءُ هن
ڪميڻي جي بدنيتيءَ کان بچي پوان.“
ڌڻي هن جي دعا قبول ڪئي ۽ سندس پيرن هيٺان زمين هڪدم ڦاٽي پئي ۽
سسئي کي ٻڪرار جي چَنبن مان نجات ملي. ان کان پوءِ
زمين وري مِڙي ويئي، مگر سسئيءَ جي پوتيءَ جو پلؤ
رهجي ويو. اهو حال ڏسي، ٻڪرار خوف کان پنهنجي
جهوپڙيءَ ۾ وڃي لِڪو.
ٻئي پاسي، منجهند ڌاري پنهون نشي مان سجاڳ ٿيو ۽ پاڻ کي اُٺ جي
پٺيءَ تي جڪڙيل ڏسي چنو کان ان جو سبب پڇيائين.
جنهن تي سندس ننڍي ڀاءُ وراڻي ڏني ته ”بابي جي حڪم
موجب توکي ڪيچ ڏي وٺيو ٿا وڃون“ پنهون اهو ٻُڌي،
هڪدم ٽپو ڏئي اُٺ تان هيٺ لٿو. جنهن تي چنو ۽ سندس
ڀائرن اُٺ بيهاري ڪوشش ڪئي ته هن کي زوريءَ جهلي
قابو ڪن، مگر پنهون پنهنجي تلوار مياڻ مان اهڙي
جوش ۽ ڪاوڙ مان ڪڍي جو هنن ڊڄي کيس ڇڏي ڏنو.
پنهونءَ وائڙائپ ۽ چريائب واري حالت ۾ پنهنجو رخ
ڀنڀور ڏانهن ڪيو. هو ساڳيا پير وٺي پوئتي موٽيو.
هلندي هلندي هو انهيءَ هنڌ اچي پهتو، جتي سسئيءَ
کي ڌرتيءَ پناهه ڏني هئي. انهيءَ هنڌ ڀر پاسي ۾ هن
هڪ ٻڪرار ڏٺو، جو ان وقت ڪي قدر خوف تي غالب پئجي
چڪو هو ۽ پنهنجي جهوپڙي کان پئي موٽيو. پنهونءَ هن
کان پڇيو ته ”تو ڪا هتان سهڻي عورت لنگهندي ڏٺي؟“
ڇو ته کيس پڪ هئي ته سسئي سندس ڳولا ۾ ضرور نڪتي
هوندي. ٻڪرار جواب ڏنو ته ”ٿوري دير اڳ هڪ زال هت
آئي هئي، مگر اوچتو هن کي زمين ڳڙڪائي ويئي“ هن
پنهنجي ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ سسئيءَ جي پوتيءَ
واري پلاند ڏانهن اشارو ڪيو جو ٻاهر نڪتل رهجي ويو
هو. پنهونءَ پوتيءَ جي پلؤ کي ڏسندي هڪدم سڃاڻي
ويو. هن عشق ۽ محبت جي جذبي وچان ڌڻيءَ کي ٻاڏايو
۽ دعا گهريائين ته ”اي مالڪ مهربان! زمين کي ڦاڙ ۽
مون کي به انهيءَ هنڌ جاءِ ڏي! زمين ڦاٽي پيئي!
پنهونءَ اک ڇنڀ ۾ پنهنجي محبوب سان وڃي مليو، ڌرتي
وري اهڙي ٿي ويئي جهڙي اڳ هئي. اهڙيءَ ريت، ڌڻيءَ
ٻنهي محبت جي مشتاقن جو پنهنجي ڪمال قدرت سان
دائمي ميڙائو ڪيو. |