سفر سکيرون، هُون سلامت سپرين
چُريا جو چِتُ ڪري، پنهون سو ڪاڄون
ته ايءَ مَ باکون، جو مون ڏيئي هليا؟
جُه سلتي تو سڌ، پرت نه ڪجي پڌري
توڙي اندر اڌ، مَر کچي ڳيما ٿئي
پوءِ سڀڪوءِ، محبتي مانَ ٿيان
ان در اگهيو سوءِ، جو سيباڻو سڄڻان
هڪ جي وجهنديون، ڀڃي بند مهراڻ جا
جيڪس گهڙي سنديون، پٽ پسي سي وارسيون؟
پاڙي ويڄ هُوام، مون ڀوري نه پڇيا
موريسر اکين ۾، تيلاهين پيام
جي سو ڏڍائون، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا
سرهايون سرير ۾، لکين لڌائون
ڪونه چوندن ڪڏهين، ته ڪي ماڻڪ ميڙيائون
يارن ڪارڻ پُڄرا، اکيهم ٿيا
تنين ڀيڻين تن ري، ويندا ڪين ٻيا
پيادي پنڌ گهڻو، هڪ ڏونگر ٻيو ڏينهن
تان ٽڪر ٽڪريو، سنگهر سنگهر شينهن
اوري اڃ اساٽ... ملارُ نه مينهن
نرتو جنين نينهن ............؟
سگهي جاءُ سڃا تڪيا ڪامڻ ڪاري
ويٺي ويل ڪهين، پرين چوندءِ آءُ
جي سو سڃاتوءِ، جو سَرُ سندو پاتڻي
وڃ لهرن گڏيو، ڪپر ڪين ڪندوءِ |