اکڙين الڌّ، ماءِ سيئي سڄڻ آئيا
ڳالهڙيون پرين سان اوريان، لهي نه سڌ
فارق فراقاءُ، نه ڪو وهم وصال جو
پرت پريان جي کاءُ، گهڙي ڪاءِ نه سنڀران
اکيون سهس پسن، روح نه ريلو تن ڏي
من ڍؤ اکڙين، توريءَ نه ٿئي
اکڙين اتاءُ، گهوريان پاڻ گهڻين پرين
ويريئڙن وچاءُ، پِرُ پروڙي آئيون
پرزا ڪري ڀڳوم، ريزا روح رڪن سين
تِڪا ڪري تعظيم سين، اُتي آڳ رکيوم
تيلاهين ٿيوم، ميڙو محبوبن سين
ڌوئي پوئي اکيون، پاٺيون جان نه ڪجن
جَرّ ڪَجّر جن وچ ۾، سي ڪيئن پرين پسن
جي لياڪا لوڪ جا، جان جان سي نه لتاءِ
تان تان ٿئي نه ماءِ، پورو پسڻ پرينءَ جو
ڪاٺا رئا ڪڻڪن، تو جي ڪُٺا ڪام سين
ويڄ وگهجي شڌيا، اڄ ڪه ڪالهه مرن
اُٿو ڊرڀ کڻي، وڃو ويڄام وهو
آهي ڀيڙ برهه جي، اندر گُهٽ گهڻي
ايندا ڏيهه ڌڻي، چڱو ڪندا چِت کي
نِمَر نينهن سندوءِ جان تون هنجون هارئين
سورائتي سيک، پريان کي روءِ
جا نينهن نِستّ، اڇو جان آبُ وهي
رڳو ريلي رت، اکين جاءُ نه اٿلئو
نُوري ڪين لکن، رهن مياڻيءَ وچ ۾
(تن) مَرهاتن، لٿو حرف حساب جو
قيربنؤن ڪوءِ، جي لحظو هوءِ لطف جو
ته جيوڻ منهنجو جهان ۾، حياتيءَ سين هوءِ
جان جان سونه پسن، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا
تان تان سناسن، ورهه وهامي راتڙي
منهن ڪائو ڏيئي، ٻيٺا جي سمونڊ ۾
ماڻڪ اکڙين سين، پسندا سيئي
جاءُ اگهاڻو ڪَچُ، ماڻڪين موٽ ٿي
پلئي پايو سچُ، اليندين لڄ مران
[1]
وڍيل سين ويرِ، مريل سين مائٽي
مَرُ مرڪي منڌ، توڙي لڪئين لوڏي
آرياڻي اُڪنڊ، ڀيڙي ٻڌءِ سندرو
|