تبصرا
ڳجهارت ۽ پرولي ۾ گهڻو ڪري فرق ڪونهي، ڳجهارت ۾ ڳجهو ارٿ يا
مطلب رکيل هوندو آهي، جنهن ڪري کيس اهو نالو ڏنو
ٿو ڀانئجي. ڳهارت ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ سرائتي
ٻي درائو. سرائتي هڪ نه ٻئي سر جو بيت يا ڏوهيڙو
هوندو آهي. جنهن جي ڀڃڻي به ڏوهڙي ۾ هوندي آهي.
درائو جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ کان وڌيڪ سرن
سان تعلق رکندڙ آهي.
پرولي انهيءَ قسم جي ڳجهار آهي، جا ضروري نه آهي ته هروڀرو
ڏوهيڙي جي صورت ۾ هجي. ازان سواءِ اها ڏٺلين شين
جي نالن کي کڻي وڃڻ سان معلوم ٿئي، پوءِ جڏهن
گهربل نالي تي پهچبو آهي، تڏهن پرولي ڀڄي پوندي
آهي، جنهن ڪري کيس ڏِٺ به چئبو آهي.
ـــ عبدالحسين شاهه مسوي
(سڳنڌ)
ڪلياب امين
برصغير جي عظيم ۽ متبرڪ هستي حضرت غوث پاڪ مخدوم نوح سرور رح جي
خاندان جي عظيم ۽ بابرڪت شخصيت حضرت مخدوم امين
محمد ثالث رح عرف پکن ڌڻي جو عارفاڻو ڪلام سنڌي
ادبي بورڊ 1990ع ۾ ڇپايو آهي.
25 سال کن اڳ به 1966ع ۾ هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ هو ۽ ڪافي وقت
گذرڻ جي ڪري هن صوفيانه ڪلام جو خزانو ناياب ٿي
ويو ۽ علمي ادبي ۽ ديني حلقن مان هن ڪتاب جي ٻيهر
ڇپرائڻ بابت گُهر ٿيڻ لڳي، تنهن ڪري سنڌي ادبي
بورڊ هن سرچشمه محبت ۽ عشق الاهيءَ جي خزاني
”ڪليات امين“ کي وڌيڪ اضافن سان ٻيهر ڇپائي پڌرو
ڪري هڪ ادبي ضرورت پوري ڪئي آهي.
هن ڪتاب جي عظمت ۽ اهميت ان ڳالهه مان به واضح آهي ته هيءَ
روحاني ۽ ادبي افاديت جو ڪتاب جناب مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ صاحب، عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن
جي ماهر پروفيسر محبوب علي چنا (مرحوم) ۽ سنڌي ادب
۽ صحافت جي مشهور معروف شخصيت مولانا غلام محمد
گرامي صاحب (مرحوم) جن جي گڏيل محنت جي مشقت جو
شيرين ثمر آهي.
”ڪليات امين“ جي مطالعي مان هڪ طرف ته مخدوم امين محمد پکن ڌڻي
رح جي ادبي ۽ صوفيانه سمجهه ۽ پرک رکندڙن لاءِ
امين ائين جي هن ڪلام ۾ بيشمار اشارا آهن.
گذريل 25 سالن کان ناچيز راقم الحروف سروري خاندان جي بزرگن جي
علمي ادبي ديني ۽ روحاني خدمتن بابت تحقيق ڪندو
رهيو آهي.
سنه 1970ع ۾ جڏهن پنهن جي پي ـــ ايڇ ـــ ڊي جي مقالي جي سلسلي
۾ تحقيق ڪندي مون ڪليات امين جي گهڻي سڪ ۽ محبت
سان مطالعو ڪيم ۽ منجهس پنهنجي محدود ۽ ٿوري علمي
معيار موجب هدايت ۽ عشق الاهيءَ جا اسرا ڏٺم ۽
جيڪي پنهنجي ٿوري سمجهه کان ٻاهر ڏٺم تن لاءِ
پنهنجي استاد جناب محبوب علي چنا مرحوم کان
سمجهاڻيون ورتم. مگر اڄ وري ٻيهر مون جڏهن ”ڪليات
امين“ جو مطالعو ڪيو ته مون کي بيشمار اهڙيون
ڳالهيون نظر آيون جي اڳ مان پڙهي ته سگهيس مگر
سمجهي نه سگهيو هوس. شايد ان ڪري جو توصف ۽
روحانيت جا عنوان ئي اهڙا آهن جو نو عمريءَ ۾ يا
استاد ڪامل جي رهنمائيءَ کان سواءِ ايترو متاثر
نٿا ڪن. مگر پخته عمر ۾ بار بار مطالعو ڪندڙن
اڳيان اهي سڀ پنهان اسرار عجب اظهار بنجي پڌرا ٿا
ٿين.
ڪليات امين جو تازو ڇاپو اڳئين ڇاپي کان گهڻو بهتر ۽ مفيد آهي
ان ۾ ڪيترا ضروري اضافا ڪيا ويا آهن. حضرت مخدوم
امين محمت ثالث پکن ڌڻي رح جو سمورو ڪلام خاص طور
سندن ڪافيون سنڌ جي عوام ۾ بيحد مقبول آهن. سندن
ڪافيون سنڌي لوڪ ادب ۽ نج سنڌي شاعريءَ جو انمول
خزانو آهن.
”دلبر دل کي دام وڌا ڪيئن لاعبدي چئي لاهيان لاهيان“
هي ڪافي به سنڌ جي هر خاص و عام جي ورد زبان آهي. هرڪو ٻڌندڙ ۽
پڙهندڙ پنهنجي پنهنجي سڪ ۽ سمجهه موجب هن محبوب
شاعر جي مئنخاني مان محبت جا پرڪيف پيمانا پي
هدايت سڪون سرور ۽ حظ حاصل ڪري ٿو.
جنهن جي روحاني قدر و منزلت جو انسان ته ڇا پر حيوان ۽ جهنگلي
جانور به ادب ۽ احترام ڪن ٿا جنهن جا ڪيترا مثال
اسان ڳوٺاڻن پيرسنن کان ٻڌا ۽ ڪيترا اسان هن ڪتاب
۾ پڙهيا.
ساڍن ٽن سو صفحن تي پکڙيل ڪليات امين جو تازو ڇاپو واقعي تحقي
خواهه طباعت جي اعتبار کان خوبصورت ۽ مفيد آهي.
جنهن ۾ درحقيقت ٽي مڪمل ڪتاب هڪ هنڌ گڏ ڪيا ويا
آهن هڪ ۾ حضرت مخدوم امين محمد ثالث پکن ڌڻيءَ جو
سمورو ڪلام، ٻئي ۾ حضرت امين محمد سائين رح جن جي
سوانح حيات، راهونڊ جي روحاني ۽ تاريخي اهميت ۽
افاديت، حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
جن جا پوري تفصيل سان لکيل عالمانه پيش لفط، علم
تصوف جي باري ۾ آسان پيراي ۾ سمجهاڻي، سروري
خاندان جو شجرو، سجاده نشين بزرگن جو تفصيل، اهي
سڀ موضوع ۽ احوال گڏجي پنهنجي سر هڪ جدا ادبي ڪتاب
جوڙين ٿا.
اهڙيءَ طرح ٽيو ڪتاب ائين ٿو ٺهي پوي جو حضرت مخدوم امين محمد
سائين پکن ڌڻي رح جن جي همعصر شعراء ڪرام جي طويل
فهرست سندن سوانح حيات ۽ نوشتئه ڪلام، ڪتاب جي آخر
۾ انڊيڪس ۾ نالا، ماڳ مڪان، ڪتابن جا نالا ۽
ذاتيون سڀ گڏجي حضرت امين محمد سائين رحه جن جي
عهد يعني ذري گهٽ هڪ صديءَ جي ادبي تاريخ کي نظرن
جي سامهون آڻي بيهارين ٿا.
توڙي جو اڳيون ڇاپو پڙهندرن وٽ دستياب هجي ته به مان صلاح ڏيندس
ته هيءُ نئون ڇاپو به خريد ڪن، جا پڙهڻ ۽ سانڍڻ
جهڙي ادبي سوکڙي آهي هڪ سؤ روپيه ڪتاب جي قيمت
رکيل آهي پر مان سمجهان ٿو ته ڪتاب جي اعليٰ ۽
عمدي ڪاغذ ۽ خوبصورت طباعت ۽ قيمتي مواد ۽ جديد
انداز سان ڏنل علمي ۽ فني اضافن جي اعتبار کان هي
ادبي صحيفو هڪ املهه سوکڙي آهي ۽ جنهن لاءِ سنڌي
ادبي بورڊ جو چيئرمين صاحب ۽ معزز ميمبر صاحبان
مبارڪباد جا حقدار آهن.
ـــ ڊاڪٽر عبدالرحمٰن قريشي
*
فوڪ ٽيلس فرام سنڌ
فوڪ ٽيلس فرام سنڌ، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو انگريزي ترجمو آهي، جيڪو
سنڌي ادبي بورڊ ۽ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان
شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سورنهن ڪهاڻين جو
ترجمو ڏنل آهي. ترجمو ڪندڙ شيرين خان جنهن رت سنڌي
ڪهاڻين کي انگريزيءَ ۾ منتقل ڪيو آهي تنهن مان هن
جي ٻنهي ٻولين تي عبور جو اندازو ٿئي ٿو.
ترجمي ڪندڙ جي خيال ۾ لوڪ ڪهاڻيون انسان ذات جو مشترڪ ورثو آهن.
فرق صرف اهو آهي جو هر ملڪ ۽ قوم ۾ انهن ڪهاڻين کي
مقامي رنگ ڍنگ سان پيش ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه
گهڻي ڀاڱي درست به آهي، ڇو جو انساني سڀاءَ ۽
اخلاق ڪڏهن به جاگرافيائي حدن جا محتاج نه رهيا
آهن. پيار، محبت، نفرت، ڏک، سک، بهادري، بزدلي،
سچ، ڪوڙ، لالچ، دغا فريب، مڪر، هرهنڌ ۽ هر دور ۾
ساڳيائي رهيا آهن. دنيا جي باشندن جو اهو دستور
آهي ته هو ڏک ۾ روئيندو ۽ خوشيءَ ۾ کلندو. پيار جو
جواب پيار ۽ نفرت جو جواب نفرت سان ڏيندو آهي.
ڪهاڻيون به انسان جي سڀاءُ جي انهن گوناگونين جو
احاطو ڪن ٿيون. انساني فطرت جي اڀياس مان انهن رنگ
حاصل ڪيو آهي، تنهنڪري انهن جو سبق به سڄي انسان
ذات لاءِ آهي. سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪيتريون ئي
اهڙيون ڳالهيون ملنديون جيڪي چين، افريقه ۽ ٻين
خطن جي ڪهاڻين ۾ ملن ٿيون؛ مثال طور اجگرن واريون
ڪهاڻيون، جيڪي چين ۾ آهن. ننڍي پير وارين شهزادين
جون آکاڻيون جيڪي پڻ چيني نسل جون آهن، ڇو جو عورت
جو پير ننڍو هجڻ چيني روايت سان واسطو ٿو رکي.
ساڳيءَ طرح مانگر مڇن جون ڪهاڻيون وري افريقه ۾ به
عام جام ملن ٿيون.
لوڪ ڪهاڻيون سنڌ جي ڪهني ادب ۾ وڏي اهميت رک ٿيون. هي ديو مالا
(Mythology)
۽ داستانن جي وچ واري دور سان واسطو رکن ٿيون،
تنهنڪري اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته لوڪ ڪهاڻيون نسبتا
تهذيب يافته دور جون نشانيون آهن.
سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون هڪ منفرد ڪردار رکن ٿيون. اهي پنج تنتر،
ڪليله و دمنه يا ايسپ جي آکانين جي برعڪس، جيڪي
بنيادي طرح فيبل (Fable)
آهن، پيريبل (Parable)
يا اخلاقي، آکاڻيون آهن. جڏهن ته فيبل جا ڪردار
پکي يا جانور ٿيندا آهن، ان کان سواءِ اهي ڪهاڻيون
ٻارن لاءِ نه بلڪ بالغن لاءِ چيون ويون آهن، ڇو جو
انهن ۾ لڪل ڳوڙها اخلاقي درس ٻارن جي سمجهه کان
مٿي آهن.
علم الانسان جي ماهرن جي راءِ موجب انساني جيوت جا جيڪي دور ۽
ڏاڪا مقرر ڪيا ويا آهن. تن مطابق انسان جي اوائلي
دور کي ان جي ٻالپڻي جو دور ڪوٺيو ويو آهي، جڏهن
هن جو شعور ۽ سمجهه ايڏا پخته نه هئا ۽ هن جي ڄاڻ
جو دائرو محدود هو. تڏهن ئي ديو مالا، لوڪ ڪهاڻيون
۽ داستان هن جي تجسس جي مادي کي مطمئن ڪري سگهندا
هئا ۽ اهي ئي سندن وندر ۽ ؤرونهن جا ذريعا به هئا.
نه صرف ايترو پر اهي سندن ضعيف الاعتقاديءَ ۽ خوف
کي به سهارو ڏيندا هئا ۽ منجهن جيئري رهڻ ۽ جدوجهد
ڪرڻ جو اتساهه به پيدا ڪندا هئا.
لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار ديون، پرين، جنن ڀوتن، جادوگرن ڏائيڻن کان
هلي جڏهن بادشاهن، وزيرن اميرن، سوداگرن ۽ پوءِ
عام انسان جهڙو ملا نصيرالدين، وتايو فقير، گامون
سچار ۽ حاجي بابا اصفهاني تائين پهتا ته هنن ۾ هڪ
انوکو ڏاهپ جو احساس به شامل ٿي ويو. انهن ۽ ڏاهپ
جي سبقن هنن ڪردارن کي امر ڪري ڏيهان ڏيهه مشورو
ڪري ڇڏيو. سنڌ جو وتايو فقير ۽ ترڪيءَ جو ملا
نصيرالدين جيئن ته هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي بنجي ويا.
هنن جي سادگي، سچائيءَ ۽ ڏاهپ مثالي بنجي ويا.
جڏهن ته لوڪ ڪهاڻين کان اڳ واري دور يعني جانورن ۽
پکين جي ڪهاڻين (Fable)
واري دور ۾ لومڙ، واڳون، گدڙ، ڪانگ، شينهن، ڪڇون،
سهو ۽ گرڙپکي وغيره چالاڪي، ڏاهپ، سچائي، عقلمندي
۽ بهادري جا عمل ڪندا هئا.
هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ”گامون سچار“، لوڪ ڪهاڻيون جلد 7 مان
کنئي وئي آهي. هونئن ته هن جلد ۾ گامون سچار جون 6
ڪهاڻيون آهن ليڪن ترجمي نگار پهرين ڪهاڻي چونڊي
آهي جيڪا دلچسپ به آهي ته سبق آموز پڻ.
ٻيو نمبر ڪهاڻي ٿالهي، گدرو ۽ ڪاتي آهي، جيڪا جلد 2 مان کنئي
وئي آهي. هن ڪهاڻيءَ م هڪ شڪي وزير جو قصو آهي،
جيڪو بنا ڪنهن تصديق جي غلط فهميءَ جي رڪي زال تي
شڪ ٿو ڪري ۽ آخر ۾ بادشاهه هن جو شڪ دور ٿو ڪري.
ٽيون نمبر ڪهاڻي ”املهه ماڻڪ سوداگر“، به ٻئي جلد مان کنيل آهي.
هي هڪ ڏاهپ واري آکاڻي آهي، جنهن ۾ ”املهه ماڻڪ
سوداگر“ هڪ درويش جي ڏاهپ جي گفتن تي عمل ڪري
مشڪلن تي فتحياب ٿئي ٿو.
چوٿون نمبر ڪهاڻي ”اميدن ڀريو بادشاهه“، جلد پهرئين مان کنيل
آهي هيءَ هڪ رومانوي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ”چتون“ جي
چوڻ تي بادشاهه کي نيڻان ٻائي سان عشق ٿئي ٿو ۽ هو
ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو.
پنجين ڪهاڻي ”شهزادو ساعت ملوڪ“ به جلد پهرئين مان کنيل آهي. هي
به شهزادي جي عشق جي داستان تي ٻڌل آهي. هن ۾ به
طوطي جو ڪردار آهي، جيڪو انسانن جيان ڳالهائي ٿو.
ڇهين ڪهاڻي ”شهزادو ۽ فقير“ جلد پهرئين مان کنيل آهي. هي داستان
نما ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ بادشاهه جي اولاد نه ٿيڻ
کان وٺي اولادي ٿيڻ ۽ ڪيترن حيرت انگيز واقعن جو
بيان آهي.
ستين ڪهاڻي ”صبر شهزادو“، جلد ٻئي مان کنيل آهي. هيءَ ڪهاڻي
انگريزي اديب شيڪسپيئر جي ڪنگ ليٽر، ڊرامي سان
ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن ۾ بادشاهه پنهنجي ڌيئرن کان
پڇندو آهي ته هو کيس ڪيترو ٿيون ڀانئن ۽ پوءِ جيڪا
ڌيءَ حقيقت پسندانه جواب ڏيندي آهي. ان تي ناراض
ٿي سزا ڏيندو اٿس. ليڪن آخر ۾ اها ڌيءَ ۽ ان جو
اولاد ئي ڪم ايندو اٿس.
اٺين ڪهاڻي ”سياڻو سوداگر“ به ٻئي جلد مان کنيل آهي، جنهن ۾
ڏاهپ جو سبق ڏنل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڏيکاريو
ويو آهي ته حرام جي ڪمائي ۽ حلال جي ڪمائيءَ ۾
ڪهڙو فرق آهي.
ان کان سواءِ ”گل انداز بادشاهه“ بادشاهه ۽ ٽرڙ ڪانو، ”جڙو
بادشاهه“ سوداگر ۽ هنس پکي ۽ ٻيون ڪهاڻيون جلد
پهرئين ۽ ٻئي مان چونڊيل آهن.
فوڪ ٽيلس فرام سنڌ جي مترجم شيرين خان ترجمي تي تمام گهڻي محنت
ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪهاڻين جي دلچسپي
برقرار رهي آهي ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ اهي به
”ائنڊريولينگ“ ۽ ”گرم“ جي پرين وارين آکاڻين جيان
اصلوڪيون انگريزي ڪهاڻيون هجن.
ڪتاب جي پيش لفظ ۾ محترم مخدوم مخدوم زمان طالب الموليٰ نهايت
وضاحت سان ڪتاب جو تعارف به ڏنو آهي ۽ لوڪ ادب جي
اهيمت ڄاڻائيندي ڪتاب جي اشاعت ۾ ادبي بورڊ سان
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي سهڪار جو به ذڪر ڪيو
اٿن.
هن ڳالهه چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي
ادب ۽ تاريخ تي کوجنا ڪري، سنڌ جي ماضيءَ جي ڪيترن
لٽيل واقعن تان پڙدو کنيو آهي ۽ ان جي واڌاري لاءِ
جيڪي اپاءُ ورتا آهن، تن جي ڪري ئي اڄ سنڌي ادب
بين الاقوامي معيار کي پهچي سگهيو آهي. ان جو ثبوت
هي ڪتاب به آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ”سنڌي لوڪ
ڪهاڻين“ کي بين الااقوامي سطح تي روشناس ڪرائي
سنڌي ادب کي دنيا جي ٻين ٻولين جي ادبن سان مقابل
ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جي پرنٽنگ توڙي پنو تمام سٺو آهي، ليڪن ٽائيٽل اڃا به
خوبصورت ۽ جديد قسم جو هجن گهرجي ها، جيئن اهو
ڪتاب مارڪيٽ ۾ وڌيڪ جاذب نظر ئي پيش ٿئي ها. هن
ڪتاب جي قيمت 120.00 روپيه آهي.
ـــ ڊاڪٽر قاضي خادم
*
سگهڙن جي ڊائريڪٽري
مرتب: عبدالله ورياهه. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
سنڌي هڪ وسيع ۽ شاهڪار زبان آهي، جنهن ۾ لفظن جي اڻ کٽ کاڻ آهي.
اهوئي سبب آهي جو ان ۾ تصوف جهڙي ڏکئي ۽ اونهي
مضمون کان وٺي سائنس جهڙي جديد علم جي ڪنهن به
موضوع لاءِ لفظن جي ڪڏهن ڪا ڪمي محسوس ڪانه ٿي
آهي.
سنڌي ٻولي جيڏي لفظن ۾ شاهڪار آهي، اوڏي ان جو لوڪ ادب وسيع ۽
ڪشادو آهي، جنهن جي دائري ۾، لوڪ داستان، لوڪ گيت،
مولود، مناجات، ڳجهارت، هنر، ڏور، سينگار بيت
وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي ادب جي ان سرمائي کي جنهن
صدين کان پئي سنڀاليو آهي، سو آهي اسان جو سگهڙ،
جيڪو هن پنهنجي عظيم ورثي کي هر دؤر ۾ ساهه سان
سانڍيو اچي ۽ انکي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پيو
پهچائي، جو سلسلو جڳن کان جاري آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ
وجود ۾ آيو ۽ اڄ ڏينهن سوڌو پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ
پيو پاڻ پتوڙي، تنهن سنڌي لوڪ ادب جي اهميت ۽
افاديت محسوس ڪندي انکي سهيڙن ۽ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ
جو فيصلو ڪيو ۽ اهو ڪم پنهجي ڏيهه جي ڏاهي ۽
نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سپرد ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب جهڙ سڄاڻ شخص ان اسڪيم کي پائي تڪميل
تي پهچائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي وطن جي هر
واهڻ ۽ وستيءَ وڃي، اتان جي سگهڙن سان راتيون جاڳي
ڪچهريون ڪيون. ۽ انهن جي سيني اندر سانڍيل سرمايو
سهيڙي، انکي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ
اسان وٽ پورن چاليهن جلدن ۾ موجود آهي.
لوڪ ادب جي اسڪيم کي مڪمل ڪرڻ ۾ بورڊ جي چيئرمين مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ صاحب جي دلچسپي ۽ مدد کي ڪڏهن
به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جنهن جو اظهار خود
ڊاڪٽر صاحب پڻ ڪيو آهي. ضلعي سانگهڙ جي هڪ سپوت
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سڄي سنڌ گهمي ڳولي وڃي
سگهڙن کي هٿ ڪيو ۽ ان ئي علائقي جي هڪ نوجوان محقق
۽ اديب جناب عبدالله ورياهه وري انهن کي مانُ ڏيڻ
جي مقصد سان سڄي سنڌ مان سڏائي آڻي هڪ هنڌ گڏ ڪيو.
اهو سال 1974ع هو، جو ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر جناب
محمد شريف بلوچ جي سهڪار سان ورياهه صاحب ”سگهڙ
هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽيءَ“ جي پليٽ فارم تان
سانگهڙ شهر ۾ سنڌ ليول تي سگهڙن جي ڪچهري ڪوٺائي،
جنهن ۾ سنڌ جا سمورا ناميارا سگهڙ اچي شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي سگهڙن جي ادبي پورهي کي مڃتا ڏيندي،
انهن کي اڳتي آڻڻ ۽ کين دنيا آڏو روشناس ڪرڻ لاءِ
وڏا اعلان ڪيا ويا. پر پوءِ ستت ئي محمد شريف صاحب
جي بدلي ٿي وڃڻ سبب اهي اعلان اتي ئي رهجي ويا ۽
سانگهڙ هسٽاريڪل سوسائٽي به ورياهه هائوس ٽنڊو آدم
۾ ڪچهريون ڪرائڻ تائين محدود رهجي ويئي. تنهن بعد
گذريل سال 1991ع ۾ ڊاڪٽر امداد علي سيهڙ جهڙو سڄاڻ
۽ علم دوست شخص جو سانگهڙ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مقرر
ٿي آيو. ته هيڏانهن سوسائٽي به وري سرگرم تي آئي ۽
سيهڙ صاحب جي سهڪار ۽ صلاح سان 27، 28، 29 نومبر
1991ع تي ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ ٽنڊو آدم شهر ۾ منعقد
ڪئي ويئي. ڪيل فيصلي مطابق ان موقعي تي سنڌ جي
سگهڙن متعلق پهريون ڀيرو تعارفي ڪتاب ”سگهڙن جي
ڊئريڪٽري“ (حصو پهريون) شايع ڪري ادبي دنيا ۾ آندو
ويو، جنهن جي ڪمي ڪافي سالن کان شدت سان محسوس ڪئي
پئي وئي.
ڪتاب ”سگهڙن جي ڊئريڪٽري“ (حصو پهريون) سنڌ جي نوجوان محقق ۽
شاعر جناب عبدالله خان ورياهه جو ترتيب ڏنل آهي،
جيڪو سنڌي ادبي بورڊ تمام سهڻي نموني ڇپرائي پڌرو
ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل سادو پر ڏاڍو پيارو ۽
وڻندڙ آهي ۽ ان ۾ پنو پڻ تمام سٺي ڪوالٽي وارو
استعمال ڪيل آهي. ڪتاب ڪل 158 صفحن تي مشتمل آهي.
جنهن ۾ ڏهن ضلعن (جيڪب آباد، حيدرآباد، خيرپور،
دادو، سانگهڙ، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽
نوشهرو) جي لڳ ڀڳ ٻن سَو سگهڙن جي ضلعي وار احوال
ڏنل آهي. هر سگهڙ جي مختصر تعارف ۽ پاسپورٽ سائيز
فوٽو سان گڏوگڏ ان جي سگهڙ پائيءَ جو هڪ اسم پڻ
نموني طور ڏنو ويو آهي، جنهن سبب نه صرف سگهڙ پر
ان جي فن متعلق پڻ چڱي موچاري معلومات ملي وڃي ٿي.
هن ڪتاب لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ۾ شاهنواز بابر سومري ۽
ٻين ڪارڪنن جي محنت پڻ شامل آهي.
ڪتاب تي سراسري نظر وجهڻ سان اهو پيو معلوم ٿئي ته هن ۾ وڌ ۾ وڌ
سگهڙن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر پوءِ
به ڏنل انهن ڏهن ضلعن مان ئي ڪافي سگهڙ رهجي ويا
آهن، جن جا نالا نه اچي سگهيا آهن. انهيءَ کان
علاوه ڪتاب ۾ ڪن سگهڙن جا فوٽو ئي مٽجي ويا آهن.
اهڙيءَ ريت ڇپائيءَ ۾ به ڪجهه مواد هيٺ مٿي ٿي ويو
آهي. جنهن مان محسوس اهو پيو ٿئي ته اهو سڀ ڪجهه
تڪر ۾ ڪم اڪلائڻ ڪري ئي ٿيو آهي، ڇو جو ڪتاب کي
”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ جي موقعي تي هر هال ۾ آڻڻو ئي
هو. اهو ئي سبب آهي جو اڃا به گهڻن سگهڙن بابت وقت
اندر مواد نه ملڻ سبب انهن سڀني کي ”ٻئي حصي“ لاءِ
ڇڏيو ويو آهي. هاڻي اميد ٿي ڪجي ته ڪتاب جو جيڪو
نئون ايڊيشن نڪرندو ان ۾ ڇپائي جون سڀ اوڻايون دور
ڪيون وينديون ۽ ان ۾ سگهڙ پڻ شامل ڪيا ويندا.
بهرحال سگهڙ جي ڊائريڪٽري (حصو پهريون) پنهنجي نوعيت جو هيءُ هڪ
پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ پنهنجي ”ڏيهه جي ڏات
ڌنين“ ۽ سنڌي ٻولي جي رکوالن (سنڌ جي سگهڙن) متعلق
سٺي معلومات مهيا ڪئي ويئي آهي. تنهنڪري هر علم
دوست شخص کي اهو ڪتاب پڙهڻ ۽ سانڍڻ گهرجي، جنهن جي
قيمت 25.00 روپيا بلڪل مناسب آهي.
ـــ سيد محسن علي شاهه بخاري
*
لاڙ جو مطالعو
مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. ناشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/
حيدرآباد سنڌ 1991ع. قيمت چاليهه روپيا.
سرزمين سنڌ ۾ بزرگن ۽ اوليائن تي عام طرح سان ميلا ۽ لاکڙا
منعقد ڪيا ويندا آهن. اُنهن ميلن جي گڏجاڻي ۾ سنڌ
جي ثقافت جو اُهڃاڻ آهي. پر موجوده دور ۾ ثقافتي
ميلا، اسان جي هن سرزمين جي تاريخ جو هڪ حصو آهن.
”لاڙ جو مطالعو“، ڪتاب، لاڙ جي ثقافتي ميلي 1991ع
جي سلسلي ۾ ادبي سيمينار ۾ پيش ڪيل مقالن تي مشتمل
آهي؛ جنهن ۾، تحقيقي مقالا ۽ مضمون آهن.
”لاڙ جو مطالعو“ سنڌ جي تايرخ ۽ ادب ۾ تحقيق جي لحاظ کان هڪ
معلوماتي ۽ ثقافتي ورثو آهي. هڪ ڪتاب ۾، سنڌ جي
نامور محققن جون ڪوششون شامل آهن ۽ اُهي قابل
تعريف آهن. ”لاڙ“؛ سنڌ جي تهذيب و تمدن، ثقافت،
علم و ادب؛ تاريخ ۽ قديم روايتن؛ دڙن ۽ ڀڙن ۽
تاريخي ماڳن جي ڪري مشهور آهي. انهن تي وجهه ڏيئي؛
تحقيقي مقالا لکيا ويا آهن.
”لاڙ جو مطالعو“ ۾ لاڙ جي تاريخ؛ لاڙ تهذيب ۽ ثقافت جي آئيني ۾،
لاڙي محاوري جو لساني جائزو وغيره جي علاوه ڊاڪٽر
سرفراز احمد ڀٽي جي تحقيقي مقالو؛ ”بدين ضلعي جون
ٻه قومون ـــ جت ۽ ملاح“ هڪ معلوماتي، دلچسپ ۽
قابل توجه مقالو آهي.
ساڳي ريت برک اديب ۽ محقق محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو
تحقيقي مقالو ”جت قوم، ان جي تاريخ ۽ سنڌ جي ثقافت
۾ انهن جو ڪردار جو اڀياس“ دلچسپ ۽ بحث طلب مقالو
آهي. تحقي جي لحاظ کان هيءَ مقالو وڻندڙ ۽ وڏي
افاديت جو حامل آهي. هن مقالي ۾ جت قوم تي ڀرپور
بحث ڪيل آهن ۽ خاص طرح سان، ڊاڪٽر الانا صاحب جت
قوم کي بلوچ نسل مان تحقيقي طور تسليم نٿو ڪري.
پنهون به بلوچ نسل مان نه آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب
لکي ٿو ته: ـــ
”شاهه صاحب، پنهونءَ يا سندن ڀائرن کي بلوچ يا ٻروچ ان ڪري سڏيو
آهي جو بلوچستان جي رهاڪوءَ کي مجموعي طور بلوچ يا
ٻروچ ان ڪري سڏيو آهي جو بلوچستان جي مسلم باغ جو
رهاڪو هجي يا دالبندين جو رهاڪو. اهڙيءَ طرح
بلوچستان جي ديره بگٽيءَ جي رهاڪن کي بگٽي به سڏيو
ويندو آهي، پوءِ اهو ماڻهو چاهي هندو هجي يا
مسلمان؛ اهڙي طرح کيتراني لاسي، جو گاني، مڪراني
خطيوار نالا آهن. ان لحاظ سان لطيف جتن کي بلوچ ان
ڪري سڏيو آهي جو اهي بلوچستان جا رهاڪو آهن.“ (ص
ـــ 122)
انهيءَ جي علاوه ڊاڪٽر الانا صاحب، شاهه صاحب جي رسالي مان
مصرعون ڏنيون آهن؛ جن ۾ شاهه صاحب، ٻروچ، ٻاروچ،
ٻاروچاڻا ٻار. پنهون ڄام، آري ڄام، هوت، ڄامن سندو
ڄام وغيره لفظ ۽ فقرا ڪم آندا آهن، جيڪي صرف خطاب
۽ لقب آهن؛ جيڪي سماٽ قوم ۾ به ملن ٿا.
محترم عبدالله ورياهه صاحب جو مقالو سومرن جي آخري تخت ”محمد
طور“ تي آهي. هيءُ مقالو به نهاتي تحقيقي آهي ۽
تاريخدانن ”محمد طور“ کي مهمتور، مهامتور، مُنهن
متور، مهامتور وغيره پئي لکيو آهي. ليڪن عبدالله
ورياهه صاحب، اُتان هڪ ڪيل قرآن پاڪ جي نسخي تي
لکيل عبارت ”محمد طور“ مان اصلي نالي جي تصديق ڪئي
آهي ۽ هن تحقيقي مقالي ۾ ”محمد طور“ متعلق سٺي
معلومات مهيا ڪئي ويئي آهي.
محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جو تحقيقي مقالو ”صوفي عنايت
شهيد“ تي آهي ۽ هن مقالي ۾ ڊاڪٽر شوق صاحب صوفي
شاهه عنايت جي خليفن ۽ طيرقت جي سلسلي بابت ڄاڻ
ڏني آهي ۽ اهو ٻڌايو آهي ته ”فقير قادر بخش بيدل
پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن شاهه شهيد جي طريقت
وارو سلسلو قلمبند ڪيو.“
اهڙي ريت شاهه شهيد تي ڊاڪٽر ”شوق“ صاحب جو مقالو پڻ نئين تحقيق
۾ اضافو آهي.
”لاڙ جو مطالعو“، تاريخي تحققي ۽ ادبي مقالن جو مجموعو آهي. ان
ڪري، هيءُ ڪتاب، اُستادن، شاگردن ۽ عام پڙهندڙن جي
لاءِ نهايت مفيد ۽ ڪارائتو آهي.
ـــ ڊاڪٽر گل حسن لغاري. |