سنڌي لوڪ ڪهاڻي جو سماجياتي اڀياس
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
سنڌي لوڪ ڪهاڻيءَ جي سماجياتي اڀياس جي باري ۾ مون پنهنجو ڪتاب
”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ۾ خاصو بحث ڪيو آهي.
پر اهو پوءِ به ايترو ٿورو آهي جو موضوع مزيد بحث
طلب نظر آيو. ان ڪري ضروري ڄاتو ويو ته هن بحث کي
ٿورو اڳتي هلائجي.
جن ماڻهن لوڪ ڪهاڻيءَ جي موضوع تي سوچيو آهي (جئن نارائڻ
ڀارتي)، تن کي معلوم آهي ته اوائلي دؤر جون لوڪ
ڪهاڻيون ڪردارن جي خيال کان نجي ۽ نري فطرت تي
منحصر رهنديون هيون. فطرت ۾ جو ڪجهه به موجود هو ۽
ماڻهو کي نظر آيو تنهن کي هن لوڪ ڪهاڻين جو موضوع
بڻايو ۽ اهڙي موضوع جي لاءِ هن ڪردار به رُکيءَ يا
نريءَ فطرت مان ورتا. هن حالت ۾ وڏيءَ اهميت جي
ڳالهه رڳو اِها آهي ته اهڙي اوائلي ڪهاڻي ٻڌائڻ
وارو پاڻ البت صرف انسان ئي آهي.
هن طرح ٿلهي ليکي هنن ڪهاڻين جو مجموعي تصور انهيءَ مشاهدي جو
نتيجو آهي جيڪو هن ڪهاڻيءَ جي دؤر جو انسان ڪري ٿي
سگهيو. اهڙو انسان پنهنجا ڪردار، پنهنجي ماحول مان
وٺندو هو، اهي ڪردار، جانور، پکي، جيت ۽ وڻ ئي
هوندا هئا يا اهي ڪردار، وڏي مڇيءَ، ڪڇونءَ،
مانگرمڇ، درياهه، سمونڊ، جبل ۽ ٻن اهڙين موجود شين
جهڙا هوندا هئا پر انهن سڀني ۾ ڳالهائڻ وارو پوءِ
به انسان هو ۽ وري انهيءَ ڳالهائڻ واري انسان جي
ڳالهه ٻڌائڻ وارو به انسان هو.
هن طرح انهن سڀني ڪهاڻين جو ڪهاڻيڪار به انسان هو ۽ ڪردار به
انسان هو. پر اهو ماحول اهڙيءَ شراڪت وارو ماحول
هو جنهن ۾ ننڍي ۾ ننڍي شيءِ، ٻنهين ڪک جيتري شيءِ
به انسان جي مشاهدي جو موضوع بڻبي هئي ۽ نهايت اهم
ڪردار ادا ڪري سگهندي هئي. (مثال: سِپ، سُئي،
ڪَڪر، اِري، تارو، ٻاٻيهو يا وري مانگر مڇ، درياهه
وغيره.)
سنڌي لوڪ ڪهاڻيءَ جي سماجياتي اڀياس جي باري ۾ مون پنهنجو ڪتاب
”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ۾ خاصو بحث ڪيو آهي.
پر اهو پوءِ به ايترو ٿورو آهي جو موضوع مزيد بحث
طلب نظر آيو. ان ڪري ضروري ڄاتو ويو ته هن بحث کي
ٿورو اڳتي هلائجي.
جن ماڻهن لوڪ ڪهاڻيءَ جي موضوع تي سوچيو آهي (جئن نارائڻ
ڀارتي)، تن کي معلوم آهي ته اوائلي دؤر جون لوڪ
ڪهاڻيون ڪردارن جي خيال کان نجي ۽ نري فطرت تي
منحصر رهنديون هيون. فطرت ۾ جو ڪجهه به موجود هو ۽
ماڻهوءَ کي نظر آيو تنهن کي هن لوڪ ڪهاڻين جو
موضوع بڻايو ۽ اهڙي موضوع جي لاءِ هن ڪردار به
رُکيءَ يا نريءَ فطرت مان ورتا. هن حالت ۾ وڏي
اهميت جي ڳالهه رڳو اِها آهي ته اهڙي اوائلي ڪهاڻي
ٻڌائڻ وارو پاڻ البت صرف انسان ئي آهي.
هن طرح ٿلهي ليکي هنن ڪهاڻين جو مجموعي تصور انهيءَ مشاهدي جو
نتيجو آهي جيڪو هن ڪهاڻيءَ جي دؤر جو انسان ڪري ٿي
سگهيو. اهڙو انسان پنهنجا ڪردار، پنهنجي ماحول مان
وٺندو هو. اهي ڪردار، جانور، پکي، جيت ۽ وڻ ٽڻ ئي
هوندا هئا يا اهي ڪردار، وڏيءَ مڇيءَ، ڪڇونءَ،
مانگر مڇ، درياهه، سمونڊ، جبل ۽ ٻن اهڙين موجود
شين جهڙا هوندا هئا پر انهن سڀني ۾ ڳالهائڻ وارو
پوءِ به انسان هو ۽ وري انهيءَ ڳالهائڻ واري انسان
جي ڳالهه ٻڌائڻ وارو به انسان هو.
هن طرح انهن سڀني ڪهاڻين جو ڪهاڻيڪار به انسان هو ۽ ڪردار به
انسان هو. پر اهو ماحول اهڙيءَ شراڪت وارو ماحول
هو جنهن ۾ ننڍي ۾ ننڍي شيءِ“ ٻنهين ڪک جيتري شيءِ
به انسان جي مشاهدي جو موضوع بڻبي هئي ۽ نهايت اهم
ڪردار ادا ڪري سگهندي هئي. (مثال: سِپ، سُئي،
ڪَڪر، اِري، تارو، ٻاٻيهو يا وري مانگرمڇ، درياه
وغيره.)
سنڌي لوڪ ڪهاڻيءَ ۾ هن قسم جون ڪهاڻيون ٻاهران به ورتيون ويئون،
جئن ايسپ جون ڪهاڻيون ۽ گرم صاحب جون ڪهاڻيون آهن.
پر انهن جو تمام وڏو حصو خود سنڌ جي اوائلي ماحول
(Ecology of Enviranment) مان ورتو ويو هو. (مثال رسالو شاهه جو).
پر لوڪ ڪهاڻي ڇاڪاڻ ته انسان جي دنيا جو بنيادي ۽ اول ترين
موضوع آهي ان ڪري رڳو سنڌ ۾ نه پر سڄيءَ دنيا جي
سماجن ۽ قومن ۽ اتان جي ماحول ۽ پس منظر جي بنياد
تي لوڪ ڪهاڻيون لکيون ويئون آهن. اهڙيءَ طرح
Daniel Brinton
صاحب ”آمريڪا جي قديم ادب جو ڪتب خانو“ جي نالي
سان جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ آمريڪا جي اڳوڻي ادب جو
وڏو ذخيرو ڏنائين ۽ وري فرانزبوس
(Franz Boas
صاحب اتر امريڪا جي لوڪ ڪهاڻين ۽ ڳجهاندرن
(Myths)
جي باري ۾ تحقيق ڪئي. بوس صاحب ته قديم ادب جي
اسلوب تي بحث ڪيو ۽ هن صاحب ان ۾ لوڪ ڪهاڻين جو به
ذڪر ڪيو. بوس صاحب هن موضوع تي به هڪ اهم عالم جي
حيثيت حاصل ڪري ويو جو هن هڪ پراڻو لوڪ ادب پاڻ
دريافت ڪيو. اهو ادب هو. ايسڪيمو جو لوڪ ادب. هن
صاحب آمريڪي انڊيائي
(Indo American)
لوڪ ادب تي به هڪ سٺو مضمون لکيو.
لوڪ ڪهاڻيءَ جا موضوع قديم انسان جي فڪري نمونن جهڙا آهن. اهو
فڪر وري پنهنجي دور جي تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل آهي.
هن طرح هرڪا لوڪ ڪهاڻي پنهنجي دؤر جي انسان جي هڪ
تاريخ بڻجي ٿي. البت ڪنهن به لوڪ ڪهاڻيءَ مان
تاريخي مواد ٺاهڻ يا حاصل ڪرڻ جو ڪم جيڪو اڃا
تائين تمام گهٽ ٿيو آهي؛ اهو سماجيات ۽ لسانيات
کان سواءِ علم تاريخ جو ڪم آهي. اِهوئي سبب آهي جو
ادب جي هر صنف جو سماجي ڪارج ”سماجياتي لسانيات“
(Socio Linguistics)
جو موضوع بڻجي ويو آهي. هن طرح هڪ لوڪ ڪهاڻيءَ مان
ان جي مخصوص دؤر جي تاريخ دريافت ڪرڻ جو ڪم به
هاڻي سماجياتي لسانيات جي علم سان ئي ڪري ٿو
سگهجي.
قديم وچولي توڙي هاڻوڪي لوڪ ڪهاڻيڪار جي خصوصي ڪردار تي ۽ شخصيت
تي بحث ڪبو يا غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته:
1ـ اهو اديب تخليق ڪار آهي.
2ـ اهو لوڪ ڪهاڻيءَ جو روايت ڪندڙ يا بيان ڪندڙ به آهي.
3ـ اهو اديب پنهنجي فن ۾ ڪم ۾ اسلوب جو صاحب آهي.
4ـ اهو اديب هن طرح ڳالهائڻ جي فن ۾ به صاحب اسلوب
آهي.
5ـ اهڙي اديب جي لاءِ موضوعات جي خيال کان عام طور
تي هيٺ ڏيکاريل ڳالهيون اهم هيون:
ڏاهپ، چالاڪي، زورآوري، نماڻائپ، وفاداري، دوستي،
بچاءُ جي وسيلن جي ضرورت ۽ نسلي وفاداري.
هنن وٿن جي باري ۾ غور ڪري نهايت ئي وثوق سان چئي ٿو سگهجي ته
هنن وٿن
(Values)
تي ٻڌل معاشرو اهو آهي جنهن ۾ انسان قبائلي صورت
اختيار ڪري رهيو هو. هي قبائلي صورت نسلي هئي ان
ڪري هن دؤر جي ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ نسل سان
وفاداريءَ جو عنصر نهايت ئي غالب آهي.
ان کان پوءِ لوڪ ڪهاڻيءَ جي ٻئي دؤر جي ڪهاڻي ۾ سماج قبيلي کان
اڳتي ”گهڻ قبيلائي“
(Multi Dianastic)
بڻجي ويو هو، ان ڪري نسليت انهيءَ حالت ۾ سماج کي
مڪمل ڪرڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پوريءَ ريت ڪافي نه
هئي، ان ڪري وڏي ۽ ويڪري قبيلائي سماج ۾ قوم بڻجڻ
واريون خصوصيتون ۽ وٿون ضروري ٿي پيئون. هن حالت ۾
سماج ۾ انفرادي وٿون جيڪي هر ماڻهوءَ ۾ اڪيلي طور
تي به ۽ هڪ ننڍي قبيلائي سماج ۾ پوري طور به ضروري
هيون، تن جي اجتماعي شڪل ضروري ٿي پئي. هن طرح
انفرادي وٿون وڌي اڳ ۾ قبيلائي
(Dianastic)
ٿيون ۽ پوءِ گهڻ قبيلائي
(Multi Dianastic)
ٿيون ۽ ان کان پوءِ اهي ئي وٿون سماج جي سطح تي
کڄي آيون ۽ انهن جو نه رڳو دائرو ويڪرو ٿيو پر
پوءِ اهي جاگرافي، تاريخ، علم انساب ۽ آب و هوا جي
ضروري حالت هيٺ اچي قوميت جي لاءِ ڪم ڪرڻ لڳيون.
ساڳيءَ ريت لوڪ ڪهاڻيءَ به هنن ٽن حالتن ۽ ٽن صورتن ۾ ٺهندي
رهي. اهڙيءَ حالت ۾ لوڪ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ئي سماج ۾
جدا جدا مذهبي روايتون به شامل ٿينديون رهيون، پر
اهي روايتون ”نسل“ وارو اهو اصول جيڪو سماج ۾
تفريح جي بجاءِ اتحاد قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت
ٿيون، هن طرح ”نسل“ وارو اهو اصول جيڪو ڊارون ڳولي
لڌو، اهو لوڪ ڪهاڻيءَ جي حالت ۾ به درست ثابت ٿيو
جو وڌيڪ صحتمند ۽ مقابلي جي طاقت رکڻ واريون
”قدرون“ جٽاداريءَ جي اصول تحت سلامت رهيون، ۽
جيڪي اِهو ڪم ڪري نه سگهيون سي گهٽجندي ختم ٿي
ويئون. هنن جي جاءِ تي ”وطن“ جو تصور اڀري آيو. هن
طرح ”وطنيت“ هڪ قدر (وٿ يا
Palue) جي صورت ۾ اڀري آئي. انهيءَ طرح هن ڪهاڻيءَ
(Legend)
وارو ”هيرو“ جيڪي گڏيل انساني ٿورڙي سماج جي نشاني
۽ خصوصيت وارو هو، سو قبيلي جي چڱي مڙس ۽ پوءِ راڄ
ڌڻيءَ ۽ پوءِ هڪ جاگرافيءَ جي حدن ۾ رهندڙ قبيلن
تائين رسوخ جو مالڪ بڻيو. هن طرح ڪهاڻيءَ جو اڪيلو
ڪردار فرد، پِير يا ٻائو بڻيو، سردار رئيس،
خانصاحب ۽ نواب بڻيو ۽ پوءِ اڳواڻ ۽ ”سماج ڌاري“
بڻيو. هن طرح سماجن کي ”اقتدار اعليٰ“ جو هڪ نمونو
مليو ۽ جيڪو موجوده رياستن ۾ دستور جي مدد سان ۽
ڏاڍ مڙسيءَ جي مدد سان پوري ريت اقتدار جو اڪيلو
مالڪ بڻجي پيو.
لوڪ ڪهاڻي هن حيثيت ۾ اسان کي اتي ملي ٿي، جتي ڏسجي ٿو ته ڪو
بادشاهه يا شهنشاهه خدا جو نمائندو ۽ ماڻهن جو
توڙي ملڪ جو اڪيلو وارث بڻجي ٿو ۽ ماڻهو ان جي
اتباع ۾ وڏي هڪ ٽولي ۾ گڏجي رعيت بڻجن ٿا. رعيت
پوءِ لشڪر جي صورت اختيار ڪري ٿي: ۽ هن طرح پوءِ
جنگ جي ميدان ۽ قتل انسان جي هڪ وڏي اڻ کٽ تاريخ
بڻجي ٿي.
هن طرح اسان کي جنگ ۽ مارڌاڙ ۽ قتل عام ۽ ڪوس جو اهو سبب به ملي
ٿو جيڪو اسان اديبن ڪڏهن به بيان نه ڪيو آهي. هن
ڪم ۾ انسان ”فطرت“ ۽ ضرورت
(Nature and Need)
جي حدن کي اورانگهڻ لڳو ۽ هن طرح هن پاڻ کي فطرت ۽
انسانيت ٻنهين کان جدا ڪري ڇڏيو. هاڻي ڇاڪاڻ ته
اهي ٻئي تصور انسان جي سلامتيءَ ۽ امن جي ضمانت
ڏيڻ وارا هئا، جڏهن اهي لتاڙجي ويا ته انسان جي
سلامتيءَ جي لاءِ ٻيو ڪوبه وسيلو نه بچيو. انهيءَ
ڪري انسان جو قتل، انسان جي هٿان لازم بڻجندو ويو.
هاڻوڪي رياست انسان جي انهيءَ غير فطري ۽ غير انساني مٿاڪٽ جو
نتيجو آهي جنهن ۾ انسان هڪ وڌيڪ حماقت يعني
”دستور“ جو اضافو ڪيو اهي، ۽ دستور ۾ هن هر قوم جي
حالت ۾ ”فطرت ۽ ضرورت“ جي ٻن بچاءِ جي وسيلن کي هر
طرح ختم ڪرڻ ۽ ان ڏانهن موٽي نه سگهڻ جو پورو پورو
بندوبست ڪيو آهي.
هن طرح دستوري حڪومت اصل ۽ حقيقت ۽ غير انساني عملن ۽ غير فطري
عملن کي جائز بڻائڻ، نين ضرورتن کي پيدا ڪرڻ ۽ نون
طريقن کي ڳولڻ جي لاءِ دستورسازيءَ جو ڪم ڪري رهي
آهي. هن طرح انسان جا بنيادي حق جيڪي فطرت ۽
انسانيت جي بنياد تي پيدا به ٿيا ۽ انسان کي ملڻا
به آهن. سي اڄ سوڌو انسان جي لاءِ مفقود آهن. دنيا
جو شاد ئي ڪو سماج اهڙو هجي جيڪو فرد کي ان جي
انساني فطرت ۽ بنيادي ضرورت جي عين مطابق حق وٺي
ڏيئي سگهندو هجي. توڙي جو ڪو معاشرو ائين چاهيندو
به هوندو ته اهو ائين ڪري نه سگهندو جو آئيني
حڪومتون بنيادي دائري کان ٻاهر ڪم ڪنديون رهيون
آهن.
هن پس منظر ۾ اسان نهايت ئي آسانيءَ سان انهيءَ سوال جو جواب
ڏئي سگهون ٿا ته موجوده دؤر ۾ ڪابه لوڪ ڪهاڻي ٺهي
نه ٿي سگهي، ته ان جو سبب ڪهڙو آهي.
اسان اِها ڳالهه به نوٽ ڪري ٿا سگهون ته لوڪ ڪهاڻيءَ جو وجود
انهيءَ سرچشمي
(Recource material)
جي ڪري پيدا ٿيو هو جيڪو بنيادي انسان کي ان جي
طبعي ماحول ۽ ان جي بنيادي معاشري جي بچاءَ جي
لاءِ پاڻ فطرت موجود ڪري ڏنو هو ته جئن انسان ان
کي بڻياد بڻائي اڳتي هلي.
بس هنن حالتن ۾ اسان جڏهن به لوڪ ڪهاڻيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون،
تڏهن يڪدم ماضيءَ جي تاريخ ڏانهن موٽڻو ٿو پوي جو
ان جو سڄو سارو تصور انسان جو ماضي آهي، جنهن ۾
دستور سازيءَ جي بجاءِ سماجن ۽ ڪردار سازيءَ جي
لاءِ انسان جي بنيادي عزت، آبرو، ان جون جسماني ۽
روحاني حالتون ۽ ان جي ارضي ۽ حياتياتي زندگيءَ جي
ضمانت موجود هئي.
هن طرح انسان جي معاشري ۾ لوڪ ڪهاڻيءَ ۽ انسان جي تاريخ جو پاڻ
۾ وڏو سٻنڌ ملي ٿو.
هنن سببن جي ڪري اسان ڪٿي ڪنهن ٻيءَ تحرير ۾ ڪهاڻيءَ، مها
ڪهاڻيءَ، لوڪ ڪهاڻيءَ ۽ داستان جي صنفن تي لکي آيا
آهيون.
مها ڪهاڻي يا ليجينڊ
(Legend)
کي بنيادي حيثيت ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي،
جو ان ۾ ڪهاڻيءَ يا داستان جي باقي صورتن جو سچو
ڪچو مواد موجود آهي. مها ڪهاڻي هنن حالتن ۾ ويدن،
الف ليلائي داستانن، قصن ۾ اڄ به موجود آهي، توڙي
جو انهن جي اصلي حالتن ۾ ڀڃ گهڙ ٿيندي رهي آهي.
ڪٿي ڪنهن ٻئي هنڌ اسان اهو به مشورو ڏنو هو ته شاهه سائينءَ جي
سڀني سرن يا داستانن کي اهڙيءَ ريت مرتب ڪجي جو ان
مان هڪ مها ڪهاڻي بڻجي پوي. اسان اِهو سوال ائين
سمجهي اٿاريو هو ته اها ڪهاڻي شاهه جي دور جي دنيا
جي مها ڪهاڻي هوندي ۽ اسان لاءِ ۽ شايد باقي دنيا
جي لاءِ به اها ڪهاڻي جديد ترين مها ڪهاڻي ٿي
پوندي.
اهو ڪم ڪريون ها ته اسان کي وٿن جو اهو سيٽ
(Set of Values)
ملي وڃي ها جنهن مان اسان انسان جي بنيادي حقن ۽
ضرورتن جي باري ۾ آئيني جدوجهد ڪري سگهون ها، پر
اسان جي ڳالهه دستور مطابق ڪنهن به نه سمجهي.
بهرحال لوڪ ڪهاڻيءَ جو نسل بيهي ويو ۽ ان جي اڳتي نه وڌڻ جو سبب
دستوري حالتون ئي بڻيون جن انسان کي مهلڪ ترين
تباهيءَ جي ٻوهي ۾ ڏئي ڇڏيو. بهرحال اسان جي حالت
۾ لوڪ ڪهاڻيءَ جو خاصو مواد اڄ به موجود آهي جنهن
تي تحقيق ٿي سگهي ٿي.
جڏهن انسان جي جيتامڙن، جانورن، پکين، راڪاسن ۽ بلائن جي دنيا
جي تمام ويجهو رهندو هو، تڏهن هن جي فڪر جا موضوع
اهڙا هوندا هئا جن ۾ جانورن جي عملن ۽ ساٿ سنگت کي
به تمام وڏو هٿ هوندو هو. جانورن ۽ پکين جي ڪردارن
کي ايسپ جهڙي عظيم ماڻهوءَ اهڙو روپ ڏنو آهي جو
اهي انسان جي من جي ڪهاڻي بيان ڪن ٿا ۽ ان ۾ پاڻ
انساني قوت جو مظاهرو ڪن ٿا.
ان دؤر ۾ ڏاهپ، چالاڪيءَ، زوراوريءَ، نماڻائپ، وفاداريءَ
دوستيءَ سڪونت ۽ بچاءَ جي سوالن تي جانورن جي زبان
۾ نهايت ئي فائديمند ويچار ڀريا ويا ۽ اهڙا ويچار
اڄ به انسان جي سماج ۾ اهميت رکن ٿا. پر اهو سوال
ته ايسپ انسان جا ويچار جانورن جي زبان مان ڇو
ڏنا، اڄ به تحقيق طلب آهي.
انهيءَ فيصلي ڪرڻ لاءِ ته ڪا لوڪ ڪهاڻي ڪيتريقدر عام ماڻهن ۾
مقبول آهي، اِهو ڏسڻو پوندو آهي ته جنهن سرزمين جي
لوڪ ڪهاڻيءَ جو اڀياس ڪيو پيو وڃي، ان سرزمين ۾
اها ڪهاڻي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪئن ٿي ادا ٿئي. لوڪ ڪهاڻيءَ
جي مقبوليت جو فيصلو ان جي وڌيڪ نمونن
(Version)
تي مدار نه ٿو رکي پر ان جي واحد نموني جو گهڻن
ماڻهن ۾ قابل قبول هئڻ ئي اِهو ٻڌائي ٿو ته ڪهاڻي
لوڪ ڪهاڻي آهي ۽ ان کي پسند ڪيو ٿو وڃي. جئن اسان
مٿي چيو آهي، لوڪ ڪهاڻيون انهيءَ دور جون اهن جڏهن
ادب لکيو نه ويندو هو. هن خيال کان وڌيڪ قابلِ
اعتماد نمونو اهو آهي جيڪو سڀ کان اڳ تحرير هيٺ
آيو هجي.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون گهڻو ڪري ڳاهن جي سَند سان لکيو ويئون اهن ۽
تمام ويجهڙاليءَ ۾ لکيون ويئون آهن. ان ڪري ڊپ آهي
ته اهڙين ڪهاڻين، اهو مٿيڪل
(Mythical)
ذائقو گهڻو وڃائي ڇڏيو هوندو، جيڪو ايسپ ۽ گرم
صاحب جي ڪهاڻين ۾ موجود آهي.
سنڌ ۾ اسان جي نسل کان ڪجهه آڳاٽو هي ڪهاڻيون هيٺين موضوعن تي
ٻڌايون وينديون هيون:
شاهي ڪهاڻيون- جن ۾ ڪنهن بادشاهه جي سخا قهر، ظلم، جانبداريءَ
يا بدنصيبيءَ جو ذڪر هوندو هو.
شهزادائي ڪهاڻيون- جن ۾ شهزادن جي بهادريءَ ۽ بدنصيبيءَ کي بيان
ڪيو ويندو هو.
پَٽ راڻي ڪهاڻيون- جن ۾ هڪ راڻيءَ جي بادشاهه سان وفاداريءَ يا
بي وفائيءَ جو ذڪر هوندو هو، جنهن ۾ عورت جي
نفسيات کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
جوکِي ڪهاڻيون
(Adventure Tales) جن ۾ درويشن يا شهزادن جي سفر ۽ مشاهدي تي چٽيل تجربو هوندو
هو.
نصيب ڪهاڻيون- جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن گهٽ ذات يا غريب ماڻهوءَ جي
بادشاهه بڻجڻ جو داستان هوندو هو.
ڪاٺير ڪهاڻيون- جن ۾ ڪاٺين ڪرڻ وارن مردن ۽ عورتن
جي انهيءَ تجربي جو ذڪر هوندو هو، جنهن ۾ هو دولت
هٿ ڪرڻ سان وڌيڪ مصيبت ۾ گرفتار ٿي ويندا هئا. هنن
ڪهاڻين ۾ دولت ۽ محنت تي ٻڌل سماجن کي سمجهڻ ۾ مدد
ملي ٿي.
اهي ۽ ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون راتين جو مردن جي مجلسن ۾ ڪونه ڪو
ڳالهير اچي بيان ڪندو هو ۽ راتيون گذاري ڇڏيندو
هو.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڳالهير جو ڪردار انهيءَ ڏاهي ماڻهوءَ جي
ڪردار جهڙو هوندو هو جنهن کي ڳالهه جي دقيق نڪتن
کي سمجهائڻ جي صلاحيت هوندي هئي ۽ بيان جي قوت سان
مالا مال هوندو هو. هن جو حافظو قابِل اعتماد
هوندو هو ۽ هو پاڻ هڪ عام آدمي هوندي، ٻڌندڙن جي
لاءِ قابلِ قبول دانشور هوندو هو. ڳالهير ڳاهون
ٻڌائيندو هو. هرهڪ ڳر کان اڳ ۾ ڪو ٽوٽِڪو بيان
ڪندو هو ۽ سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي جي ماڻهوءَ جي
مرڪزي تي هو ٻڌندڙن کي متوجهه ڪري پوءِ قصو شروع
ڪندو هو. ڳالهير جي لاءِ اِهو به ضرورري هو ته هو
خوش مذاق ۽ خوش خلق هجي.
سنڌ ۾ لوڪ ڪهاڻيون گهڻو ڪري ٻن نمونن جون هونديون هيون، پهريون
نمونو انهن ڪهاڻين جو هوندو هو جن جو ذڪر مٿي ڪري
آيا آهيون. ٻيو نمونو انهن ڪهاڻين جو هوندو هو
جيڪي ننڍن ٻارن يا عرتون جي لاءِ وندر ۽ ڏاهپ جو
مواد پيش ڪنديون هيون. ٻئي قسم جون ڪهاڻيون گهڻي
قدر پروليءَ جي ڪتاب ۾ آنديون ويئون آهن. اهي
مختصر آهن. ياد ڪرڻ ۾ آسان آهن، سمجهڻ ۾ آسان آهن.
انهن جو لفظي ذخيرو ٿورو آهي ۽ انهن ۾ رڳو هڪڙو
سادو خيال موجود ٿئي ٿو. (هت واضح هجي ته آءُ
پروليءَ کي به هڪ مختصر ڪهاڻي سمجهان ٿو.)
سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار ڪٿي ڪٿي جوڙن جي صورت ۾ هوندا هئا.
مثال طور وڏي ڀيڻ ۽ ننڍي ڀيڻ، وڏور ڌيءُ ۽ شهزادي
يا نينگر، بادشاهه ۽ وزير، ڪُئو ۽ اُٺ، ڪانؤن ۽
لومڙ، ڪُئو ۽ شينهن، شينهن شير خدا جو ۽ ٻيا
جانور، راڪاس ۽ آدم جو ٻچڙو، ديوَ ۽ شهزادي، جن ۾
آدم جو ٻچڙو. ڪن ڪهاڻين ۾ بادشاهه ۽ راڻيءَ جي سڄي
سرگذشت بيان ڪئي ويندي هئي. هي ڪهاڻيون عشقي
ڪهاڻيون هونديون هيون. ڪن ڪهاڻين ۾ ننڍي شهزادي ۽
ننڍيءَ شهزاديءَ جي بدقسمتيءَ کي بيان ڪيو ويندو
هو. عورت کي گهڻو ڪري محڪوم سمجهي بيان ڪيو ويندو
هو.
سماجيات ۽ سماجي نفسيات جي خيال کان هي ڪهاڻيون هرهڪ جي حالت ۽
مقدر، ظلم، غير عقلي هلت، احسان فراموشي، بغض،
اٽڪل بازيءَ، جرم ۽ ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي وچ ۾ فرق
کي ظاهر ڪن ٿيون. هنن ڪهاڻين جو پسمنظر جادوئي
آهي، ان ڪري هنن ڪهاڻين جي مِٿ واري صورت ۽
ڪهاڻيءَ واري صورت ۾ ڪجهه فرق ڪري نه ٿو سگهجي.
ائين ٿي سگهي ٿو ته ڪي ڪهاڻيون اڳ ۾ ڳجهاندر هيون
۽ پوءِ ڪهاڻيون ٿيون يا هيئن ته ڪي ڳجهاندر جيڪي
اڳ ۾ ڪهاڻيون نه هئا سي ڪهاڻيون بڻيا، پر هن باري
۾ هرهڪ ڪهاڻيءَ لاءِ فيصلو ڪرڻ ممڪن نه آهي. هڪڙي
ڳالهه جيڪا هن باري ۾ يقيني آهي سا اِها آهي ته
ساڳي ڪهاڻي هڪ حالت ۾ ڪهاڻي يا آکاڻي آهي. ۽ ٻي
حالت ۾ ڳجهاندر يا مِٿ آهي. ڪن حالتن ۾ لوڪ
ڪهاڻيون انسان جي عقيدي جو مواد فراهم ڪن ٿيون ۽
ڪن حالتن ۾ اهي ڪي نصيحتون ڪن ٿيون. ٻنهين حالتن ۾
آکاڻين جو بنياد ڏاهن ماڻهن جو رکيل هوندو آهي، پر
پهرينءَ حالت ۾ ڪن آکاڻين جي نسبت عقيدي جي بنياد
تي ڪن اوتارن سان ڳنڍيل ٿئي ٿي ۽ ڪن حالتن ۾ ڪن
سياڻن ماڻهن سان جيڪي اوتار نه هئا.
آکاڻي جي قدامت جي سوال تي انهن جا دور ٻه مقرر ڪيا ويا آهن:
اهو دور جڏهن اهي واقعا جيڪي آکاڻيءَ ۾ اچن ٿا، سي ان وقت سان
تعلق رکن ٿا جڏهن دنيا اڄوڪيءَ حالت ۾ نه هئي. هنن
آکاڻين کي قديم آکاڻيون چيو ٿو وڃي، جو انهن جا
قدر اڄ ڪلهه جي انسان جي قدرن کان مختلف آهن.
انهن ئي اکاڻين کي ڳجهاندر يا مِٿ به چيو ويو آهي ۽ هنن جي هڪ
ڊگهي سلسلي کي مِٿالاجي چيو ويو آهي. ٻيو اهو دور
جنهن جون آکاڻيون اسان جي هن دور جي روزمره جي
حالتن سان اتفاق ڪن ٿيون. هي آکاڻيون موجوده دور
جي ڪلچر ۽ تهذيب جو وڏو حصو آهن، پر هن آکاڻين جو
تعلق آڳاٽي دور کان تاريخ سان رهندو ٿو اچي. اڄوڪو
دور ڪابه لوڪ ڪهاڻي نه ٿو ٺاهي. پهرئين دؤر جي
آکاڻين ۾ هڪ خصوصيت اِها آهي ته اهي ”هيرو“ جو
تصور ڏين ٿيون ۽ ان هيرو کي باقي ماڻهن جي لاءِ
ماڊل طور پيش ڪن ٿيون. هن قسم جون آکاڻيون اهي آهن
جن جو تعلق ان دؤر سان آهي جنهن ۾ انسان اڃا قبيلن
جي صورت ۾ هو ۽ سماج قبيلي جي وسعت جيترا هئا. جئن
اسان چيو آهي، هن حالت ۾ قبيلي جو سرواڻ سا سر
پئنچ يا سردار هڪ هيرو مڃيو ويندو هو. پر اهي
ڪهاڻيون جن جو تعلق اڄ جي حقيقي واقعن سان قائم
رهي ٿو، سي انسان جي تاريخ جو اهم موضوع آهن. توڙي
جو اهي سڀ انسان جو ماضي آهن.
پهرئين دور جون آکاڻيون جانورن ۽ انسان جي فوق الوجودي قوتن کي
ظاهر ڪن ٿيون. هن قسم جون آکاڻيون هيسپ
(Hesiod)
جون آکاڻيون آهن جيڪي تاريخ کان اڳ واري دؤر جي
جانورن ۽ ماڻهن کي هڪ ئي ماحول، هڪ ٻئي سان تعلق ۽
لاڳاپي ۾ ڏيکارين ٿيون.
سنڌ ۾ قديم، جديد- قديم ۽ جديد آکاڻيون موجود آهن. قديم آکاڻين
جون خصوصيتون اسان مٿي ڏيئي آيا آهيون. جديد قديم
جون آکاڻيون اهي آهن جن ۾ ڏاهپ ۽ مذاق ڀريل آهي ۽
اهي جيتريون اڳي اهم هيون اوتريون ئي اڄ به آهن.
هنن آکاڻين ۾ وتائي فقير ڏانهن منسوب ٿيل ٻول، شيخ
چليءَ ڏانهن منسوب ٿيل ٻول، جُمن چارڻ، گامُو
سچار، ڇُٽل ڳنوار، گُرو چيلي جون پروليون ۽ پيراڻي
ڀنڀري جا ٻول اچي وڃن ٿا، جن جون صداقتون قديم
توڙي جديد دور ۾ هڪ جهڙيون ڪارائيتيون آهن. ٽئين
قسم يعني جديد آکاڻين جو تعلق انهن آکاڻين يا
ڪهاڻين سان آهي جيڪي اسان جي پهاڪن جو مواد بنائين
ٿيون. هي جديد ترين صداقتون اسان جي ڪلچر ۽ تاريخ
جو اهم موضوع آهن ۽ اسان جي تاريخ جي اندر هڪ روح
جيان قائم ۽ دائم آهن.
سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ فطرت جو ڪردار اسان جي لاءِ اهم آهي. اسان
جي قديم ڪهاڻين ۾ ديوَ سان گڏ زوردار هوا يا طوفان
جو اچڻ ۽ مينهن جو پوڻ، فطرت جي انهيءَ ڪردار سان
تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ فطرت انسان جي لاءِ سنگين ۽
رُکي فطرت بڻجي ٿي پوي. اسان وٽ پنڊ پاهڻ بڻجڻ جو
مفهوم به اِهو آهي ته انسان فطرت جي اڳيان مجبور ۽
لاچار آهي ۽ فطرت ان کي عالم انسان مان ڪڍي بي روح
۽ بي تحرڪ بڻائي ٿي سگهي.
هڪڙو ڪردار اسان وٽ ”اجگر“ جو آهي. اجگر مِٿالاجيڪل ڪردار آهي،
جنهن کي انسان جي اڳيان وڏي هيبتناڪ حيثيت ڏني وئي
ته جئن انسان پاڻ کي مجبور تصور ڪري. اسان وٽ ديو-
دشمن ۽ ديوَ- دوست ٻه طاقتور ڪردار موجود آهن، جن
مان هڪڙو انسان کي مجبور بڻائي ٿو ۽ ٻيو ان کي
مجبوريءَ جي حالت ۾ رکندي به عذاب يا قيد ۽ بند
مان ڇڏائي ٿو.
ڇَپر کَٽ جو ڪردار هميشہ دوست ڪردار آهي ۽ ان جي مدد سان اسان
ڏسون ٿا ته انسان هوائن ۾ سفر ڪري ٿو ۽ نهايت ئي
آرام سان پنهنجيءَ منزل تي پهچي ٿو. پَرين جا
ڪردار هڪ جدا مخلوق جا تصور ڏين ٿا. انهيءَ مخلوق
۾ به اسان جي قديم دنيا وانگر عورت مجبور هئي توڙي
جا اها حسن جو پيڪر هئي ۽ جمال جو نمونو هئي. هن
حالت ۾ پَرين کي انسان جو دوست ڪردار سمجهي پيش
ڪيو ويو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن قسم جون
آکاڻيون انسان جي زال مڙس هئڻ واري رشتي کي قبول
ڪن ٿيون ۽ انسان جي جمالياتي قوت کان به متاثر
آهن. هنن ڪهاڻين ۾ عورت جو مرد لاءِ دلي ڇڪ ۽ لاڙي
وارو خيال موجود آهي.
ٻارن جي آکاڻين ۾ ڪي ڊگهيون آکاڻيون به ٿين ٿيون جن ۾ انيڪ
ڪردار مِٿالاجيڪل صفات سان پيش ڪيا ٿا وڃن. انهن
ڪهاڻين ۾ ورجاءُ
(Repetation)
ججهو آهي. مثال طور هڪڙي قديم ڪهاڻي هيٺ ڏجي ٿي:
هلي لڪڙ، چلي لڪڙ، ککر جو مانارو
پي چڙهيو تارو، تاري ڪئي راڙ، پي چڙهي ترار، ترار جو مٿو، پي
چڙهيو کٿو، کٿي جو پلاند، پي چڙهيو ڏٻو ڏاند، ڏٻو
ڏاند ڇُهي، پي چڙهي پن- سُئي، سُئي جو پاهو، پي
چڙهيو ڄاهو، ڄاهي جا ڪن پي چڙهيا پن ڀنن جون
چوٿيون پي چڙهيون سوٽيون. هت اصل مسئلو هو ته سوٽي
ڪئن ٿي پاڻي پي سگهي؟
هيءَ هڪڙي مِٿ آهي جنهن جا ڪردار فطرت، زمين ۽ انساني سماج مان
ورتا ويا آهن. مجموعي تصور پاڻيءَ جي اهميت جو آهي
جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ مِٿ ان دور جي آهي
جڏهن سنڌ زرعي سماج بڻجي رهي هئي. هيءَ مٿ لِڪڙ جي
هلڻ جي تصور سان شروع ٿئي ٿو جنهن جو مطلب هي آهي
ته هيءَ مِٿ ”ڦڙ ڦڙ سوٽي“ جهڙي هڪ مٿ آهي.
اسان جي لوڪ ڪهاڻين جو هڪ عجيب ڳر اِهو آهي جنهن ۾ انسان جو
ساهه ڪنهن پکيءَ يا ڪنهن گل يا ڪنهن ٻيءَ اهڙيءَ
شيءَ ۾ پئجي ٿو سگهي. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته فطرت
۽ انسان جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو ڏيکاري اِهو ٻڌايو
ويو ته انسان به فطرت جو هڪ جزو آهي، ۽ اهو فطرت
سان ملي هڪ ٿي ٿو سگهي. هت اهو به بيان ڪيو ويو
آهي ته فطرت ساهه واري آهي. حياتيات جي خيال کان
فطرت جي حيات جي باري ۾ هي تصور شايد قديم ترين
آهي.
آکاڻيون توڙي ڪهاڻيون دنيا جي قديم ادب جو حصو به آهن، جو انهن
جو اسلوب ناچ ۽ ورجاوَ تي مبني آهي. وري جهڙيءَ
ريت قديم شاعريءَ جو تعلق موسيقيءَ سان هو، تهڙيءَ
ريت ڪن ڪهاڻين جو تعلق به موسيقيءَ سان آهي. اسان
کي هن باري ۾ ”ڊينبو- ڪهاڻي،“ مان مثالن سان هيءَ
ڳالهه واضع ڪرڻي آهي. ڊينبو ڪهاڻيءَ جي هڪ صنف آهي
جئن ”چيڻو ڪهاڻي“، هڪ الڳ صنف آهي. ڊينبو (ٿلهو
متارو) ڪهاڻيءَ جا ڪي بند هي آهن:
جو ڊينبو، جو ڊينبو، واٽڙيءَ ڦٿو
جا واٽ، جا واٽ، چٻرڙي ڦٽي
غور سان ڏسبو ته هنن شروعاتي لفظن ۾ هڪ قسم جو ترنم به آهي ۽ ان
سان گڏ هڪ قسم جو سياڻپ جو نڪتو به آهي. هي سٽون
اڪثر اسان جا ٻار ڳائين ٿا ۽ ان ڌن تي ناچ به ٿئي
ٿو. هنن بنيادن تي هن قسم جي ڪهاڻيءَ کي قديم ادب
۾ شامل ڪري ٿو سگهجي. هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار
ڊينيو آهي جيڪو هڪ يڪ طاقتي شيءِ جهڙو آهي. ڪهاڻي
جوڙڻ وار و سماج ٻڌائي ٿو ته جڏهن ڊينبو واٽ هلندي
پنهنجي جان پاڻ ٿو وڃائي تڏهن تهذيب جو دؤر شروع
ٿو ٿئي. مان سمجهان ٿو ته هي نقطو عجب جهڙو آهي.
سفريءَ زندگيءَ جي هڪڙي مِٿ هن طرح آهي:
اُٺ ماما گوگڙو
سائي لڪڙ پوئتان
منهنجا ماما ڪاٿي
جڙيا پنهنجيءَ جاءِ تي.
هيءَ مِٿ انهيءَ دور جي آهي، جڏهن سنڌ اُٺن جي سواريءَ کي ڇڏي
ڪَلن جي مدد سان تڪڙي سفر جي طريقن ڏانهن اچي رهي
هئي. هت ”سائي لڪڙ“ جو چيو ويو آهي ان جو مفهوم
عجيب آهي. سائي لڪڙ مان مراد اُٺن کي چهبڪن سان
کنجڻ جي به نڪري ٿي ته جئن رفتار وڌائين ۽ سائيڪل
جي به نڪري ٿي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اُٺن جي
رفتار جڙي آهي ۽ انهن جو دور اِجهو ٿو پورو ٿئي.
پر تنهن هوندي به اسان ڏسون ٿا ته سنڌ جو ٻار
پنهنجن مامن کي پنهنجي ماڳن تي ڏسڻ ٿو گهري، ته
جئن سدا جُڙيا هجن.
ڪهاڻين جو هڪڙو نمونو اهو آهي جنهن کي اسان جادوءَ جون ڪهاڻيون
ٿا چئون. مثال طور: ”ڦر ڦر سوٽو، دٻلي ٿي کڙڪي“ هڪ
جادوئي ڪهاڻي آهي. هن طرح ”هلي، لڪڙ چلي لڪڙ“ (هلي
چلي) به ساڳئي قسم جي ڪهاڻي آهي. ”هت سوٽي جو هلڻ
۽ دٻلي جو کڙڪڻ“ جادوءَ جا عمل آهن، جو اهي سواءِ
ڪنهن ظاهري قوّت جي لاڳو ڪرڻ جي سرزد ٿين ٿا.
هنن ڪهاڻين جي ڪردارن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته لڪڙ يا
سوٽو يا سوٽي يا لٺ ۽ دٻلو يا دٻو به، ڪن حالتن ۾
عمل پذير ٿي ٿا سگهن. اهي عمل ڪن ٿا ۽ انهن جو عمل
حالتون به پيدا ڪري ٿو. صاف ظاهر آهي ته هن موڙ تي
سنڌي ڪهاڻي مستقبل جي جديد عمليت لاءِ رستو هموار
ڪري رهي هئي.
لوڪ ڪهاڻيون، جيڪي ڊگهيون هيون، انهن ۾ اڪيچار ڪردار هئا، ۽ اصل
۾ اهي داستان جهڙيون هيون، جن کي وقتائتين حالتن
جي ذڪر سان ڳالهير وڌيڪ جديد بنائيندو ويندو هو.
ٺيٺ لوڪ ڪهاڻين ۾ اسان کي مختصر يا ورجاءَ واريون ڪهاڻيون به
شامل ڪرڻ گهرجن جيڪي ٻاراڻيءَ اوستا جون ڪهاڻيون
اهن. هنن ڪهاڻين جي وڏي خصوصيت آهي ٻوليءَ جي
ورجيس ۽ آوازن جي موسيقي هن طرح لوڪ ڪهاڻيون
عمديون لوڪ ڪهاڻيون آهن.
ذاتي طور تي مون کي پڪ آهي ته ڪيترائي لوڪ گيت اصل ۾ نثري شڪل
جون لوڪ ڪهاڻيون وٺي ٺهيا آهن. هن طرح اسان اڳي به
لکيو آهي ته ”جلالو“، جراڙ ۽ جمالو اصل ۾ لوڪ
ڪهاڻيون هيون. انهن جون نثري شڪليون گهڻو مقبول
ٿيون ته پوءِ انهن کي ڳاتو ويو ۽ هن طرح هنن
ڪهاڻين مان گيت ٺهي پيا.
هن طرح ڪهاڻيءَ جيڪا به ”لوڪي“ آهي ان جون ڪي خصوصيتون لڳ ڀڳ هن
طرح ٿين ٿيون:
لفظن جو ورجاءُ
ٻوليءَ جي ورجيس
مِٿ يا جادوءَ جو رنگ
موسيقيءَ جو رنگ يا ڳائجڻ جي خصوصيت.
تحقيق ڪبي ته اِها ڳالهه نڪري ايندي ته هنن خصوصيتن ڪهاڻين واري
لوڪ ڪهاڻي اوائلي لوڪ ڪهاڻي هئي، اُها قديم لوڪي
صنف آهي.
ٻي صنف آهي قديم ۽ جديد جو ميلاپ. ”قديم- جديد“ لوڪ ڪهاڻيءَ جون
صنفون هنن کان مختلف آهن. ۽ انهن جون خصوصيتون به
مختلف آهن. قديم- جديد ڪهاڻي پاڻيءَ کيتيءَ ۽ شڪار
واري دؤر جي آهي. ان مان جادوءَ جو رنگ نڪري چڪو
آهي. اها وڌيڪ حقيقي عمل جي طرف راغب آهي. ان ڪري
ان ۾ جيڪا گروهي ڪارڪردگي
(Group Behaviour)
(گروپ بِهيوير) آهي. اها قديم لوڪ ڪهاڻيءَ کان
وڌيڪ حقيقي آهي. اڳتي هلي جڏهن سماج وڌيڪ پختا
ٿيا، تڏهن هن ئي ڪهاڻيءَ ۾ گروهي يا سماجي
ڀلائيءَ، برائي، حق سچ، انصاف ۽ عقل جو مواد مليو.
سماجيات جا ماهر هن قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ اها ڪهاڻي به شامل ڪندا
جنهن ۾ هڪ غريب جي مٿي تي اڏايل باز وهي ٿو، يا
ڪوبه پکي وهي ٿو ۽ پوءِ هن کي اوچتو ئي اوچتو
بادشاهه بڻايو ٿو وڃي. هيءَ ڪهاڻي سماجي نفسياتي
ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هرڪو بي وس ۽ لاچار، دل ۾
بادشاهه يا امير بڻجڻ جي خواهش ته رکي ٿو پر تاج ۽
تخت جو ڪوبه قانون ڪونه ٿو ٿئي ۽ اهو رڳو حادثاتي
طور تي ڪن ماڻهن جي مٿي تي اچي ٿو ڦهڪو ڪري.
ٻئي طرف هيءَ ڪهاڻي اِهو ڏيکاري ٿي ته هرڪو اهو ماڻهو جيڪو
بادشاهه بڻايو ته وڃي ٿو پر آهي گداگر يا ڪو هيڻو.
هو پاڻ کي حقيقي بادشاهيءَ جي لائق بڻائڻ جي ڏاڍي
ڪوشش ٿو ڪري. هن ڪوشش ۾ انسان جو اهو اتساهه به
ڏسي ٿو سگهجي جيڪو هيٺيئن سماج کي مٿي کڻي اچڻ
لاءِ ظاهر ڪيو ٿو وڃي.
ٽئين نمبر تي جيڪا ڪهاڻي اچي ٿي، اها آهي ”جديد لوڪ ڪهاڻي.“
جديد لوڪ ڪهاڻي هڪ طرف تخليقي ادب جو اهم حصو بڻجي
رهي آهي ته ٻئي طرف علم، عقل ۽ انصاف کان سواءِ
انهن جا ضد يعني جهالت، بيوقوفي ۽ ناانصافيءَ کي
به ساڳيءَ اهميت سان بيان ڪري ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾
طنز ۽ مزاج جو انداز به گهڻو سڌريل ٿئي ٿو. هن
ڪهاڻيءَ جا ڪردار رڳو انسان ئي ٿين ٿا ۽ انهن جو
مواد انساني سماج مان ورتو وڃي ٿو ۽ سڌيءَ طرح
ورتو وڃي ٿو.
ڪهاڻي سڀ ڪا بياني طرز ۽ اسلوب رکي ٿي. مثال طور ”هڪڙو هو
بادشاهه“ واريون ڪهاڻيون. هنن ۾ مسلمان معاشرن جي
دؤرن ۾ ”بادشاهه ته پاڻ الله آهي“ جا لفظ شامل ٿيا
هئا. هن ئي دؤر ۾ اصلي بادشاهه ”الله تعاليٰ“ جي
خدائي ۾ ”زماني جي بادشاهه“ جو تصور شامل ٿيو هو.
هن طرح اصل سٽا وڃي هيءَ ٿي:
”هڪڙو هو بادشاهه، بادشاهه ته پاڻ الله، پر هي زماني جو
بادشاهه.“
ظاهر آهي ته هيءَ ڪهاڻي منڍ ۾ ئي هڪ سيڪيولر سماج جي طرف اشارو
ڪري ٿي جو ڳالهه آهي زماني جي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ اسلوب جو به تنوع ملي ٿو. جدا جدا اسلوب ڪم اچن
ٿا. هرڪو اسلوب بيان ڪندڙ جي صلاحيت تي مدار رکي
ٿو. هن طرح ادائگيءَ جو فن به وجود ۾ اچي ٿو. پر
بي پناهه صلاحيت رکڻ وارو هومر، ۽ سنڌ جو ڀاڳ ڀان،
هڪ ئي ڪهاڻيءَ کي جدا جدا اسلوب به ڏئي سگهن ٿا،
جيڪا ڳالهه انسان جي اظهار جي دنيا ۾ حيرت ناڪ
صلاحيت جو ثبوت فراهم ڪري ٿي. هومر وٽ هن طرح جون
ڪهاڻيون اصل ڪهاڻيءَ جا مها ڪهاڻيءَ جا حصا بڻجن
ٿيون. اهڙيءَ طرح دودي چنيسر جي مها ڪهاڻيءَ م يا
”جيس ۽ جيسار“ جي ڪهاڻي ۾ يا ڍول ماروءَ جي مها
ڪهاڻيءَ ۾ به اسان کي جدا جدا پر مڪمل حصا ملن ٿا،
جيڪي سڀ گڏجي ڪا مڪمل ڪهاڻي بڻائين ٿا.
هن طرح اسان جو خيال آهي ته شاهه سائينءَ جو رسالو به هڪ زبان
ڳالهائڻ واري سماج ۾ هڪ مها ڪهاڻي ٺاهي ٿو جنهن جو
هرهڪ سُر ڄڻ ته ان جو هڪ اهم جدارو ۽ مڪمل حصو
آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته اسان رسالي جي ترتيب کي
هن لوڪ ادب سان ملائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي.
هيرو ڪهاڻيءَ جي سوال تي منهنجي مطالعي ۾ هڪ عجيب ۽ عظيم ڪهاڻي
رهي آهي. هن ڪهاڻيءَ کي ”اِرچڪ مرچڪ“ ڪهاڻيءَ جو
نالو ڏنو وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جون ڪي خصوصيتون هي
آهن:
هن ڪهاڻيءَ جو تعلق انسان جي تخليق ۽ ان جي سماجي زندگيءَ سان
آهي.
هيءَ ڪهاڻي انسان جي زندگيءَ جي انتها جو به ذڪر ڪري ٿي.
هن ڪهاڻيءَ جو لسانياتي مزاج سنڌي لسانيات وارو آهي.
هن ڪهاڻيءَ جو اسلوب خالص ۽ مخصوص سنڌي اسلوب آهي.
هيءَ ڪهاڻي علامتون به ڪم آڻي ٿي بلڪ شروع ئي علامت سان ٿئي ٿي.
شايد هيءَ ڪهاڻي سنڌي ٻوليءَ جي قديم ترين ڪهاڻي آهي، جو ان ۾
علامت، موسيقيت، بيان، ورجاءُ، اسلب ۽ مقصد سڀ
ضروري ڳالهيون موجود آهن، جيڪي قديم کان جديد
تائين هڪ جهڙيون ۽ بنيادي آهن.
هن ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ جديد ڪرڻ لاءِ ان ۾، بعد ۾ هڪ حصو به شامل
ڪيو ويو آهي جيڪو صاف سنڌي زبان جو حصو آهي.
هن ڪهاڻيءَ جي ابتدا ڏسڻي آڱر اڀي ڪرڻ سان ڪئي ٿي وڃي. هن آڱر
کي ”شهادت جي آڱر“ چيو ويندو آهي. شهادت جي معنيٰ
آهي ثبوت. ابتدا ۾ هيءَ ڪهاڻي ثبوت جي طرف اشارو
ڪري ٿي ۽ پنهنجو موضوع خلقت کي بڻائي ٿي.
ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو هن حالت ۾ جيڪو عمل اختيار ڪري
ٿو اهو ٻيءَ ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ نه ٿو ملي. هو چپ
گول ڪري انهن مان هوا ڪڍي ٿو ۽ پوءِ ڏسڻي آڱر انهن
جي وچ ۾ وجهي هو متوجهه به ڪري ٿو ۽ انسان واحد جي
طرف اشارو به ڪري ٿو. هن طرح هو اِهو به ٻڌائي ٿو
ته هاڻي هن کان پوءِ ”ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي.“
هن کان پوءِ لفظ اچن ٿا ”اِرچڪ مرچڪ“ ۽ پوءِ ڌاڻا
ڌرچڪ هي لفظ ٺاٺ راڳن ۾ به ڪم اچن ٿا. پوءِ لفظ
اچن ٿا ”آڳ“ ۽ ”پٽيهر“. آڳ مان مراد آهي ابتدا ته
پٽيهر لفظ مان مراد آهي ”زمين“. پٽيءَ لفظ کي اسان
زمين جي معنيٰ ۾ ڪم آڻيون ٿا. (جئن رک پٽيءَ تي يا
پٽيءَ نه).
پهرين جملن ۾ ورجاءُ آهي لفظ ؟چڪ“ جو.
”چڪ“ جو آواز سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي آوازن مان هڪ
آهي.
تنهن کان پوءِ لفظ اچن ٿا ”نانگڻ جوڳڻ“. هي لفظ لوڪي لفظ آهن.
سنڌَ ۾ نانگن ۽ جوڳين جا داستان جيڪي لوڪ ڪهاڻين ۾
آيا آهن. انهن ۾ ”نانگ ۽ جوڳڻ“ جو ڪو داستان هن
لوڪ ڪهاڻيءَ تي غالب آهي ته شڪ ناهي، پر هن باري ۾
تحقيق جي ضرورت آهي. هونئن ”نانگڻ جوڳڻ“ لفظن ۾
جدا جدا معاشرن جو تصور ملي ٿو جيڪي خوف ۽ خوف کان
بچاءَ جي تصور تي قائم ٿيا هئا.
ان کان پوءِ لفظ اچي ٿو ”کارا“ کارا شايد واحد لفظ ناهي اسان وٽ
”کائڻ“ ۽ ”رائڻ“ ٻه جدا مصدر آهن. ”رائڻ“ مصدر
رسالي ۾ به ڪم آيو آهي. مثال:
ڍول مَ کڻي ٻانهيڙي، رات مَ کڻي پاند
آءُ پنهنجو ڪانڌ، راتيون جاڳي رائيان
ٿي سگهي ٿو هي لفظ انان معاشري جي ٻن اهم رخن يعني پورهيي ۽
پيار جي طرف اشارو ڪندا هجن.
تنهن کان پوءِ آهي لفظ ”کُٽي“ سمجهه ۾ ته ائين ٿو اچي ته کُٽيءَ
مان مراد آهي انتها يا ”موت“ پوءِ لفظ آهي ”ٻُٽي“
۽ ”ڇُٽي“.
باقي حصو جيڪو بعد ۾ ملايو ويو آهي اهو هي آهي:
ڀن ۾ سُتي
ڀن پراڻو
اٽي ساڻو
ڀڄ ڙي ڀولا! ”تڙو“
آخري حصي ۾ وري به هڪ آواز پيدا ٿئي ٿو جنهن جو اچار آهي ”تُڙو“
تڙو جو اواز سڱ وڄائڻ واري آواز جهڙو آهي.
هن انسان کي ”ڀولو“ سڏيو ويو آهي ته هيءَ وڏي ”مام“ آهي. عام
دعوت آهي ته اسان کي گهرجي ته اسان هن لوڪ ڪهاڻيءَ
جي ”مام پروڙيون.“
هيءَ لوڪ ڪهاڻي هڪ علامتي لوڪ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ انسان کي ڪمال
کان پوءِ زوال جي طرف مائل ڏيکاريو ويو آهي ۽
ڪيترين ئي ڪٺناين کان پوءِ ان کي هڪ دفعو وري ڪمال
جي طرف راغب ڏيکاريو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ابتدا
به آواز سان ٿئي ٿي ته انتها به آوازن سان.
هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪي لفظ رڳو آواز آهن: مثال طور اِرچڪ مرچڪ، ڌا-
ما، ڌر- چڪ. هيءَ ڳالهه، ٻوليءَ جي ارتقا جي خيال
کان هن ڪري اهم آهي جو اسان جا عالم مڃن ٿا ته
ٻوليءَ جي لفظي صورت کان اڳ ۾ آوازن جو وجود قابل
قبول آهي. آوازن مان اڳ ۾ پدَ ٺهيا آهن ۽ مٿي ذڪر
ڪيل آواز پدن جا آهن. انهن جي پرن جي صوتياتي
بنيادن تي اڳتي هلي لفظ جڙيا آهن جن جي معنيٰ اڄ
به سنڌي زبان جي دائري ۾ سمجهه ۾ اچي ٿي. هن طرح
هيءَ ڪهاڻيءَ هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا جي طرف
ڌيان ڇڪائي ٿي، ۽ ٻئي طرف سنڌ ۾ رائج انسان جي
وجود جي لوڪ فلسفي کي بيان ڪري ٿي.
ادبي خيال کان هيءَ لوڪ ڪهاڻي ملٽن جي ”بهشت هٿون ويو“
(Paradize Lost)
۽ بهشت هٿ اچي ويو،
(Paradize regained)
جهڙي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جي مزاج مطابق انسان
جي سفر جا ٻه رخ ڏيکاريا ويا آهن. هن ڪهاڻيءَ جا
ڪي لفظ شايد ڪن قديم زبانن ۾ سنڌ ۾ ئي ملي وڃن.
لهجي جي خيال کان هيءَ ڪهاڻي ڄڻ ته ڪنهن جوڳيءَ جي
چيل ٿي لڳي. هن خيال جي لاءِ ڪي دليل موجود آهن.
مثال طور ”ڌرچڪ“ ۽ ”ڌاما“ يا ”ڀن“ يا ٻيا اهڙا
لفظ: مثال طور آڳ، پٽيهر ۽ نانگڻ، جوڳڻ، اهڙي ئي
سماج جا آهن جن ۾ جوڳي رهن ٿا. پهريون ۽ پويون
آواز به مرليءَ جي آواز جي شروعات ۽ پڄاڻيءَ جهڙو
آهي.
پر هي خيال محض هڪ قياس آهي جنهن جي بنياد تي فيصلو ڪري نه ٿو
سگهجي. مقصد هت هي آهي ته هن قسم جي ڪهاڻي ”هيرو
ڪهاڻيءَ“ جي ڄڻ ته هڪ ابتدائي صورت آهي. هيءَ
ڪهاڻي پڪ ئي پڪ پٺتي پيل نسل کي اڄ به سڌو ڪري
سگهي ٿي.
سنڌي سماج ۾ هيرو ڪهاڻيءَ جون سڌريل صورتون آهن. دودي جي ڳالهه،
چنيسر جي ڳالهه مورڙي جي ڳالهه، راڻي مينڌري جي
ڳالهه، ۽ ٻيون ڪي لوڪ ڪهاڻيون جن جو ٿورو گهڻو
تعلق تاريخ سان به آهي.
سنڌ ۾ ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به آهن جن جو نمونو ڪن ٻين قومن جي
ڳجهاندرن يا لوڪ ڪهاڻين ۾ ملي ٿو. هن قسم جو
تقابلي اڀياس اسان کي ڪرڻ گهرجي. ڪن ڪهاڻين جي
باري ۾ اشاري طور مون پنهنجي ڪتاب ۾ ڪجهه بحث ڪيو
به آهي.
هن سوال تي مزيد تحقيق جي لاءِ اسان هن هيٺ لوڪ ڪهاڻيءَ جون ڪي
صنفون ڏيون ٿا. هنن صنفن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي ان
جو تعلق هنن ڳالهين سان آهي: (1) اسلوب، (2) مواد،
(3) ڳجهاندر جو عنصر، (4) مها ڪهاڻيءَ جو عنصر،
(5) سماجي قدرون، (6) سماجي نفسيات تي ٻڌل خوف،
جدائي، هيڪلائي، نراسائي ۽ محتاجيءَ يا بي همتيءَ
جا تصور.
ڪهاڻين جي اڀياس جي لاءِ هن سڄي سوال کي هيٺين صنفن ۾ ورهائي
سگهجي ٿو:
اجگر ڪهاڻيون- اجگر انهيءَ هيبتناڪ جو نالو جيڪو انسان کي ڳهي
ٿو وڃي.
ديو ڪهاڻيون- هن ۾ اهي فوق البشر ڪردار اچي وڃن ٿا، جيڪي ديو-
دوست ۽ ديو دشمن جي صورت ۾ انسان جي سماج ۾ ڪم ڪن
ٿا.
جانور ڪهاڻيون- هنن ڪهاڻين ۾ ايسپ جي ڪهاڻين کي شمار ڪري ٿو
سگهجي.
ندي ڪهاڻيون- هنن ڪهاڻين ۾ پاڻيءَ جون نديون پنهنجو ڪردار ادا
ڪن ٿيون. ڪن ندين مان سونيون مڇيون نڪرن ٿيون، ته
ڪن مان شهزاديون ته ڪن مان بلائون.
رڻ پٽ ڪهاڻيون- جن ۾ سراب ڪهاڻيون شامل آهن. بَنَ جو پراڻو
هندوستاني تصور به هن ڪهاڻيءَ سان تعلق رکي ٿو.
غضب ۽ عتاب هيٺ آيل انساني ڪردار به هن ڪهاڻيءَ جي
دائري ۾ ڏيکاريا ويندا آهن.
جوکي ڪهاڻيون- هي ڪهاڻيون انگريزيءَ ۾ ايڊوينچر ڪهاڻيون سڏبيون
آهن. هنن ڪهاڻين ۾ هڪڙو انسان (روايتي حاتم طائي)
ممتاز يا دمساز تاجل ملوڪ يا چئن درويشن مان ڪوبه
هڪ هنن ڪهاڻين ۾ پنهنجي روئداد پيش ڪري ٿو.
هيرو ڪهاڻيون- هي ڪهاڻيون مثالي ۽ بهادر انسان جي تصور تي چيل
آهن.
عقلي ڪهاڻيون- جن ۾ علاماتي طور تي ڪي ڪردار مثال طور چٻرون، يا
ڪانور يا پنج تنتر جي ڪهاڻين جو ڪو ڪردار دنيا کي
هڪ سبق ڏئي ٿو.
پري ڪهاڻيون- هنن ڪهاڻين ۾ هيرو جو ڪردار ”عورت هيرو“ جو ڪردار
ٿئي ٿو.
نصيب ڪهاڻيون- هنن ڪهاڻين ۾ انسان کي فوق البشر تصور يعني نصيب
جي قبضي ۾ ڏيکاريو ويندو آهي.
ورجاءَ واريون ڪهاڻيون- هنن ڪهاڻين ۾ لفظن جي ورجين يا اسلوب ۽
ادا جو سوال اهم ٿئي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جي خاص ڳر
(Episode)
کي ورجايو ٿو وڃي.
”هڪڙو هو بادشاهه“ ڪهاڻيون- هي ڪهاڻيون داستانن
جيڏيون وڏيون اهن. انهن ۾ ڪردار به گهڻا آهن ۽ هڪ
ئي وقت ۾ انسان، ديو، پريون، جانور ۽ پکي گڏجي ڪم
ڪن ٿا، ان ڪري هنن ڪهاڻين کي گهڻن ڳرن واريون يا
ڪامپليڪس ڪهاڻيون چيو ٿو وڃي.
قرباني ڪهاڻيون- هنن ڪهاڻين جو تعلق انهن واقعن سان ٿئي ٿو جن ۾
انسان بهادريءَ سان قرباني ڏئي ٿو مثال طور، مورڙي
جي ڪهاڻي.
پکين جون ڪهاڻيون- هنن ۾ ڪانون، چٻري ۽ ٻين پکين، مثال طور طوطي
مينا، ڪبوتر ۽ هد هد جا ڪردار بيان ٿين ٿا.
جيتامڙا ڪهاڻون- هنن ڪهاڻين ۾ ڪُتا، ماڪوڙيون، هرڻ، ٻڪريون ۽
ٻيا اهڙا ڪردار جاندار ڪم ڪن ٿا. ڪِوِل ۽ ماڪوڙي
جا ڪردار ٿي پيش ٿين ٿا.
وڇڙيل يا جدا ٿي ويل ماءُ ڌيءُ يا پيءُ پٽ جون ڪهاڻيون جن ۾
بدنصيب عورتون ٿين ٿيون، يا بدنصيب معصوم ٻارڙا،
يانياڻيون جانور جي ور چڙهي ٿيون وڃن.
وچن ڪهاڻيون- جن ۾ اهڙا قصا آهن جو ڪو ڪردار وچن تي ٻڌل رهي ٿو
۽ تڪليفون سهي ٿو. معلوم هجي ته پَٽ راڻيءَ، وڏور
ڌيءَ، سياڻي وزير، هڪڙو هو بادشاهه ڪهاڻين جا
ڪردار به تڪليفون ڏسن ٿا، پر اهي ڪهاڻيون وچن
ڪهاڻيون نه آهن.
ڪهاڻين جو هڪڙو نمونو ته اِهو آهي جنهن ۾ راڪاس،
برڙ باڪاس، ازدها ۽ عفريت، جن يا بوقلمون جادوگر
جا ڪردار آهن. هنن ڪهاڻين کي جادوئي ڪهاڻيون چئي
ٿو سگهجي پر هي ڪهاڻيون اصل ۾ داستان آهن.
ڇپر کٽ ڪهاڻيون- هي ڪهاڻيون به جادوئي ڪهاڻيون
آهن.
رام ليلائون يا سوانگ ڪهاڻيون- هنن ڪهاڻين ۾ روپ بدلائي ڪي
ڪردار ڪن اهم واقعن جو بيان ڪن ٿا.
لطيف جذبن تي ٻڌل ڪهاڻيون- جن ۾ عاشقن ۽ معشوقن جا ڪردار ملن
ٿا. هنن ڪهاڻين جو وڏو حصو انسان جي حسن، جنساتي
جذبن، ۽ باهمي عشق تي ٻڌل هوندو آهي. ليليٰ مجبون،
شيرين فرهاد، گل بڪاولي، انجمن آرا ۽ گل گلاب پَري
هنن ڪهاڻين ۾ ڪردار وانگر آهن. مجموعي طور تي عاشق
مردن کي ڏيکاريو ويو آهي، پر عقلي عروج ۾، ۽ مهذب
دؤرن ۾ عورت کي به متحرڪ ڏيکاريو ويو آهي. جيئن
شاهه لطيف ڪيو آهي.
ڳجهاتر ڪهاڻيون ۽ مها ڪهاڻيون- هنن ڪهاڻين ۾ انسان
جي تخليق، انسان جي ايجادات، باه جي تصور، ۽
سمونڊن مان رستن ٺاهڻ جي تصور کان سواءِ جبلن مان
چشمن وهائڻ جا تصور به موجود آهن. هنن ڪهاڻين مان
تمام گهڻين جو تعلق انسان جي عقيدن سان آهي. هي
ڪهاڻيون دنيا جي مذهبن جي ڪتابن ۾ به ملن ٿيون.
هنن کي مِٿ يا ليجينڊ چيو ويو آهي. هي ڪهاڻيون
مصر، يونان ۽ هندوستان جي تاريخ جي ابتدائي دؤر
جون آهن. ڪهاڻين جو مطالعو اسان کي تاريخ ۽ تهذيب
جي ارتقا کي سمجهڻ ۾ به مدد ڪري ٿو، ۽ ٻولي جي
ارتقا کي سمجهائي ٿو.
اهڙيءَ اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت يوسف بازار ۾ ڇو ٿو
وڪامي، عبدالعزء کي ابولهب چوٿو سڏيو وڃي، حضرت
ابراهيم پٽ جي قرباني ڇو ٿو ڪري، شداد جو بهشت ڪئن
ٿو فنا ٿئي، فرعون جي گهر ۾ ڪئن ٿو حضرت موسيٰ
پلجي، ابابيلن جو لشڪر ڪئن ٿو ٺهي، تُندُ ۽ تيز تر
هوائون ڪئن ٿيون غضب ظاهر ڪن، حضرت موسيٰ جي لٺ
ڪئن ٿي چشما پيدا ڪري، حضرت سليمان ڪئن ٿو راڻي
شيبا سوڌو تخت تي وهي ۽ تخت ڪئن ٿو اڏامي، شيطان
کي پٿر ڇو ٿا هنيا وڃن. راڌا ڪرشن ۽ رام سيتا جا
داستان ڪئن ٺهيا ۽ مهاڀارت ۽ رامائڻ جا داستان ڪئن
ٺهيا ۽ مهاڀارت ۽ رامائڻ جي داستان جو اصل ڪهڙو
آهي، گلگامش جي ڪهاڻيءَ جو موضوع ڪهڙو آهي، راميسس
فرعون ۽ حضرت موسيٰ جي داستان جو مفهوم ڪهڙو آهي.
ننڍيون ڪهاڻيون- هنن ڪهاڻين ۾ ٻارن کي وندرائڻ شامل آهي. گفتا ۽
چرچا به موجود آهن ۽ لطيفا ۽ ٽوٽڪا به.
مختلف جيتامڙن تي ٻڌل بهادريءَ جي ڪارنامن جون ڪهاڻيون جئن
(ڪُئو ۽ شينهن! ڪهاڻي آهي.)
انگريزي زبان ۾ لکيل هيٺ ڏيکاريل ڪتاب لوڪ ڪهاڻيءَ جي سماجياتي
مفهوم کي بهتر طور تي سمجهڻ جي لاءِ پڙهي سگهجن
ٿا.
اسڪيمو ڪهاڻين تي، ايڇ رنڪ
H Rink
ڪئناڊا جي ڪهاڻين تي اِي پيٽيٽاٽ
E. Petitot
پونڪا ڪهاڻين تي جي. او ڊارسي
G.o.Daracy
سايوئان ڪهاڻين تي اسٽيفن. آر- رگس
Stephen R. Riggs
لاماٿ ڪهاڻين تي، البرٽ گاٽسٽي
Albert Gatschet
سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي باري ۾ سڄو لوڪ ڪهاڻي سلسلو موجود آهي، جنهن
کي محترم ڊاڪٽر بلوچ مرتب ڪيو آهي، پر عام طور تي
هڪ تمام پراڻي سلسلي جي روايت به موجود آهي. ان
ڪهاڻيءَ کي سمجهڻ ۽ نئينءَ طرح مرتب ڪرڻ جو ڪم
هاڻي شايد اسان کان ٿي نه سگهي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ ”جو ڊينبو“ ڪهاڻي ۽ ”اِرچڪ مرچڪ“ ڪهاڻي شامل آهن،
هنن ڪهاڻين جو هڪ تمام وڏو سلسلو روايت جي حالت ۾
اڄ به موجود آهي. هنن ڪهاڻين ۾ پلاٽ به آهن ۽
ڪردار به آهن. اسان جو ڪم آهي هنن کي ”نروار ڪرڻ.“
هنن ڪهاڻين مان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اسان جي ٻوليءَ
جي بنيادي صورت کي سمجهڻ ۾ به مدد ڪن ٿيون، جو
انهن ۾ اها ساڳي ٻولي موجود آهي جنهن جي تلاش ۾
اسان رات ڏينهن هڪ ڪري رهيا آهيون.
اسان جي صلاح آهي ته ڪو به ادارو ڪهاڻي يا ”لوڪ ڪهاڻي“ سلسلي تي
تحقيق جو ڪم هٿ ۾ کڻي. |