سنڌي لوڪ ادب سنڌي عوام جي سماجيات ۽ نفسيات جو مطالعو آهي
ڊاڪٽر غلام علي الانا
لوڪ ادب مان مراد آهي عام ماڻهن جو ادب، يعني اهو ادب جو تصنع،
هٿ ناٽ ۽ جڙتو ڪاريگرن ۽ صنعتن ۽ سينگار کان پاڪ ۽
صاف هجي. اينسائيڪلوپيڊيا آف اميريڪانا ۾ لوڪ ادب
جي وصف هن ريت بيان ٿيل آهي:
”هي اهو علم آهي جو عام ماڻهن جي قديم مانتائن، ريتين رسمن،
ڀرمن، وهمن، قديم روايتن ۽ اعتقادن تي مشتمل هوندو
آهي.“
پروفيسر ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي لکي ٿو:
”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جو لوڪ ساهتيه ايتروئي آڳاٽو آهي،
جيتري آڳاٽي آهي اسان جي سنڌي ٻولي. سنڌي لوڪ
ساهتيه ۾ ڪيترائي اهڙا جزا به آهن جن جو پڻ بنياد
ويدن ۽ اُپنشدن جي ڪٿائن توڙي ٻئي سنسڪرت ساهتيه ۾
ملي ٿو. رامايڻ، مهاڀارت، پراڻ، برهت ڪٿا منجري،
ڪٿا سُرت ساگ، پنجتنتر، هتو پديش، ويتال پنج
ونشتي، وغيره سنسڪرت ۾ لکيل اهڙا سرچشما آهن جن
مان نه فقط سنڌي، پر ڀارت جي ڪيترين ٻين ٻولين جي
به ڪن لوڪ ڪٿائن، لوڪ گيتن ۽ پهاڪن وغيره جو جنم
ٿيو آهي“(1)
هن علم ۾ جيڪي صنفون اچي وڃن ٿيون اُهي هي آهن:
روايتي ڪهاڻيون: هن جا وڌيڪ حصا آهن: (الف) لوڪ ڪهاڻيون، (ب)
وير ڪهاڻيون، (ت) رزميه نظم ۽ (ڀ) ڏند ڪٿائون.
روايتي رسمون ۽ رواج: هن جا وڌيڪ ڀاڱا هي آهن: (الف) ڏڻ وار،
رسمون ۽ رواج، (ب) شادين مرادين جون رسمون ۽ رواج.
ڀروسا ۽ ڀرم جهڙوڪ: (الف) جنن، پرين، ديون ۽
ڏائڻين جون ڳاهيون، (ب) جادو منتر، ٽوڻا ۽ ڦيڻا.
لوڪ ڪٿا: هن جا وڌيڪ حصا هي آهن: (الف) مشهور چوڻيون، (ب) مشهور
ورڻ مالهائون ۽ لغتون، (ت) پهاڪا، (ث) نقل نظير،
(د) چرچا، گهٻا ۽ ڀوڳ، (ر) معما ۽ ڳجهارتون(2).
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب جي جيڪا وصف مقرر ڪئي
آهي، سا اڳ ۾ ڄاڻايل وصف کان عام آهي. ڊاڪٽر صاحب
لکي ٿو:
سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي جنسون جيڪي هن وقت تائين
ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مروج آهن، تن کي ”لوڪ ادب“ جو
ذخيرو سليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب
جون معياري جنسون پڻ شامل آهن: مثلاً مداحون،
مولود، ٽيهه اکريون ۽ ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن ته
اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور
آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾
شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ
گڏ ڪيل ”لوڪ ادب“ کي فوڪ لور
(Folk Lore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾
شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه
ڪئي آهي جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو، يا
معياري ادب جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي
دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهن، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب
جو وڏو ذخيرو اهو ئي اهي جو عوام جي زندگيءَ جو
آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جو
لوڪ ادب ۽ معياري ادب جي وچ ۾ حد فاصل ڪري نٿي
سگهجي“(3).
مٿي ڏنل ٽنهي وصفن جي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي لوڪ
ادب، سنڌي عوام جي مزاج جو آئينو آهي. سنڌ جو لوڪ
ادب، سنڌ جي عوام جي تهذيب، تمدن، ريتين رسمن ۽
ثقافت جو دفتر آهي. هن ۾ عوام الناس کي خطاب ڪيل
هوندو آهي. عوامي زندگي، عام ماڻهن سان روزانه
واسطو رکندڙ جاندارن ۽ شين وغيره جهڙوڪ: رڍون،
ٻڪريون، مينهون، ڍڳيون، گهوڙا، ڍڳا ۽ اُٺ، عوام جي
زندگيءَ جا ذريعا، گزار گاهه، رڻ رائو، ٿر بر،
ڌنڌا ۽ هنر، رسمون ۽ رواج، هن ادب جا ئي عنوان
آهن.
هن ادب ۾ هر خطي جو ڌار ڌار بيان، هر علائقي جو الڳ الڳ احوال،
ريتين رسمن، اُٿڻي ويهڻيءَ جا وستار ٿيل هوندا
آهن. اهڙيءَ طرح عزت، مردانگي، همت، جرئت، مُرت،
مريادا، سيرت، صورت، سورهيائي، سچائي ۽ سونهن هن
ادب جا موضوع رهيا آهن.
زندگيءَ جي هر شعبي جو بيان هن ادب جي هر شعبي ۾ نظر ايندو آهي.
ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته لوڪ شاعرن ۽ لوڪ سگهڙن
سنڌي عوام جي نفسياتيءَ پهلوءَ جو اڀياس لوڪ ادب
ذريعي ڪيو آهي. سنڌ جي ماڻهن جي عزت، غيرت، مروت،
مريادا، مردانگي، سيرت، صورت، سچائي، سخاوت توڙي
ٻين ڳڻن کي ڳايو آهي. زندگيءَ جا جذباتي پهلو
جهڙوڪ: عشق، پيار، محبت، الفت، وصال، وڇوڙو، دک،
درد ۽ فراق جا ورلاپ هن شاعريءَ جا موضوع رهيا
آهن. حاصل مطلب ته سنڌي لوڪ ادب، سنڌي عوام جي
روزانه زندگيءَ جو نشانبر آهي.
سنڌ جي لوڪ ادب مان مراد اهو ادب آهي جو سنڌ جي عام ماڻهن ۾
مقبول ۽ مروج هجي؛ جو عوام جو پنهنجو ادب هجي؛ جو
عوام جي باري ۾ هجي؛ جو عوام جي مسئلن متعلق هجي؛
جو عوام جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ هجي ۽ جو عوام ۾، سيني
به سيني هلندو آيو هجي.
دنيا جي ڪابه قوم، لوڪ گيتن ۽ لوڪ ادب جي خزاني کان خالي نه
آهي. ملڪن ۽ قومن جو هي هڪ اهو عظيم ورثو آهي جيڪو
جڳان جڳ، سيني به سيني، هڪ نسل کان ٻئي نسل کي
منتقل ٿيندو رهيو آهي. انهيءَ ڪري هر خطي جي لوڪ
گيتن ۾، اُتي جي سماجياتي ۽ تهذيبي ارتقا جا
تاريخي سلسلا سمايل هوندا آهن، ۽ انهن مان هر
علائقي جي ماڻهن جي مخصوص روايتن، ذهني لارن ۽
قومي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
لوڪ گيتن ۽ لوڪ ادب جو اصل سرچشمو جيئن ته عام ماڻهن جي دلين ۽
ماحول ۾ موجزن رهي ٿو، ان ڪري انهن ۾ جذبن جي
اصليت، زبان جي لطافت ۽ اظهار جي سادگيءَ سان گڏ،
ثقافت ۽ لغت جا ڀنڊار ڀريل هوندا آهن.
سنڌي زبان جي لوڪ ادب ۽ لوڪ گيتن ۾ اهڙو ته لطف ۽ سوز ڀريل
هوندو آهي، اهڙو ته رس رچيل هوندو آهي جو ٻڌڻ واري
جا دل ۽ دماغ، تاثر جي انتهائي گهراين ۾ گم ٿي
ويندا آهن ۽ هو پاڻ کي انهيءَ گهڙيءَ، اهڙي ماحول
۾ تصور ڪرڻ لڳندو آهي. انهيءَ جو ڪارڻ هي آهي ته
انهن ۾ هڪ عجيب رس، انوکي لَئي ۽ دل ۾ اُمنگ
اُٿاريندڙ تڙپ موجزن هوندي آهي جنهن سان هر انسان
بي اختيار ٿي، ماحول ۽ فضا سان گڏ تحرڪ ۾ ايندو
آهي.
نارايڻ ڀارتيءَ جي راءِ ۾:
”لوڪ- گيت من ۾ اُٿندڙ يا پئدا ٿيندڙ قدرتي جذبا يا اُمنگ آهن.
اُنهن ۾ تشبيهون نه آهن پر رس آهي؛ ڇنڊ يا بحر وزن
نه آهن پر لَئي آهي، رواني آهي، مَڌرتا آهي. انسان
جو من جڏهن موج ۾ ٿو اچي تڏهن هُو نچڻ ۽ ٽپڻ ۽
ڳائڻ ٿو لڳي؛ تڏهن ڳائڻ ۾ هرديه جو اتهاس، اهڙيءَ
طرح ته ظاهر ٿو ٿئي، جهڙيءَ طرح پريم ۾ ڪشش، شرڌا
۾ وشواس ۽ ڪُروڻا ۾ ڪوملتا“ (4).
ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي اڳتي لکي ٿو:
”هونءَ به ڪوتا، قدرت جو آلاب آهي؛ هن جو لاڳاپو دماغ سان نه پر
دل سان آهي؛ ائين کڻي چئجي ته انساني جيوت جڏهن
ڪنهن پهاڙي جهرڻي جيان سک ۽ دک جي لاهين چارهين
تان لهندي، چڙهندي وهڻ لڳندي آهي، تڏهن هن مان به
جهرڻي جي جهر جهر ۽ ڪل ڪل شبد جيان ڪي آلاپ نڪرن
ٿا؛ آنند ۽ اُلاس، سک دک درد سان پُر. جڏهن پوک
پچي هوا جي هلورن تي جهومڻ لڳي ٿي تڏهن هاريءَ جو
من هلاس ۾ ڀرجي، نچي ۽ ڳائي ٿو اُٿي. هو هر
کيڙيندي به ڳائي ٿو ۽ پاڻي ورائيندي به سُريلا
آلاپ ٿو ڪڍي؛ پورهيت پورهئي جي پيڙا کي گهٽائڻ
لاءِ ڪي آلاپ ٿو آلاپي. اِهي ڏَرن ڀريندي ڳائڻ ۾
ايندڙ گيت، اهي جنڊ پيهندي ڪڍيل سَنهڙا اُپندڙ يا
هي لاڏا ۽ لوليون، اوراڻا ۽ پار ئي لوڪ گيت
آهن“(5).
هو اڳتي لکي ٿو:
”ماءُ جي هرديه ۾ ٻار لاءِ جا ممتا آهي سا لولين جو روپ وٺي،
اسان جي آڏو ٿي اچي. پريتم جي وڇوڙي ۾ تڙپندڙ نئين
ڪنوار جا سڏڪا هنن گيتن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا. وڌوا
استريءَ جا ورلاپ، ننڍين ڇوڪرين جي چلولائي، کل ۽
ڀوڳ، پتي ۽ پتنيءَ جي مليل وچوتري جي ڪهاڻي، سڀ جو
روپ هي گيت آهن؛ يعني لوڪ گيت ئي آهن“(6)
ڀارتي صاحب هڪ هنڌ هيئن ٿو بيان ڪري ته:
”لوڪ گيت ۽ ڪوين جي رچيل ڪوتا ۾ بنيادي تفاوت آهي. لوڪ- گيت،
هرديه جي ڌُن آهي، شعر يا ڪوتا دماغ جو
پورهيو.“(7)
لوڪ ادب جو شاعر ۽ سگهڙ پنهنجي سرزمين، هر خطي ۽ هر حصي ۽ هر
ماحول جو ترجمان هوندو آهي. هُو عام فهم زبان ۽
اُن زبان جي اصطلاحن ۽ پهاڪن کان سواءِ، پنهنجي
تَرَ جي محاوري ۽ لغت ۾ مهارت رکندو آهي.
لوڪ گيتن ۾ ڪم آندل ٻولي سليس، عام فهم ۽ مرصع هوندي آهي. انهن
۾ سگهڙن ۽ شاعرن جي زباندانيءَ سان گڏ، سندن
فصاحت، بلاغت، صنايع بدايع کان واقفيت، فن جي ڄاڻ،
بيان جي اُسلوب، سيرت نگاري، فطرت ۽ منظر نگاريءَ
جا لاثاني مثال ملن ٿا. لفظن جي مناسب ۽ موقعي آهر
استعمال، بيان ۾ رنگينيءَ لاءِ اصطلاحن، چوڻين ۽
پهاڪن جو استعمال تعريف جي لائق هوندو آهي.
لوڪ شاعريءَ جي هر صنف، ادبي ۽ لسانياتي نقطه نگاهه کان گهڻو
ڌيان ڇڪائي ٿي. لوڪ ادب کي اُستادن ۽ ماهرن سموهي
هڪ مستقل علم ۽ امر درجي ۽ منزل تي پهچائي ڇڏيو
آهي. حسن ۽ عشق، سوز ۽ سڪ، جوش ۽ تڙپ واري مضمون
لاءِ سينگار واري صنف هڪ اُتم ۽ اعليٰ صنف مڃي
ويئي آهي. سينگار جي وصف ۽ خوبيون بيان ڪندي ڊاڪٽر
بلوچ صاحب لکي ٿو:
”هن ۾ لوڪ شاعرن ادبي ۽ شاعراڻي لحاظ سان ڪمال ڪيو آهي. ڪنهن
جوان عورت جي جوڀن، ۽ ان جي سونهن ۽ ساڀيا کي لفظن
جي روپ ۾ نروار ڪرڻ لاءِ ان جي جسماني حسن
رَعنائي، محبوبيت، نرمائي، لباس، زيورن، ادا،
فطرتي حسن کي چمڪائڻ خاطر ٿورو ظاهري سينگار ڪرڻ،
مثلاً پان کائي چپ ڳاڙها ڪرڻ. نرم، نازڪ ۽ صاف
ڪپڙا پائڻ، چلولائي جهڙين ڳالهين جو بيان ڪندا
آهن. عورت جي جسماني حسن ۽ قدقامت، شڪل شبيهه
رفتار، گفتار، اکين جا اشارا، انهن کان سواءِ
ڏندن، چپن، نڪ، پيشانيءَ ۽ آڱرين ۽ ٻين عضون لاءِ
تشبيهن جا دفتر بيان ڪندا آهن“(8).
اهڙيءَ طرح ٻيون صنفون جهڙوڪ: نڙ بيت، ڊگها بيت ۽ لوڙائو کان
سواءِ هنر ۽ ڳيچ اهم صنفون آهن.
انسانن جو هنن گيتن سان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين لاڳاپو آهي.
ڇٺيءَ جا گيت، شاديءَ جا گيت، ايتري قدر جو مرڻ
وقت به دک جا گيت يعني پارَ ۽ مارُون وغيره چيا
ويندا آهن. شايد ان ڪري ئي بقول نارايڻ ڀارتيءَ،
جپان جو هڪ ودوان
شري جان ايمبُروءَ پنهنجي ڪتاب
Japanes Peasants Songs
۾ لوڪ گيتن بابت لکي ٿو:
”اهي هر ڪنهن جا ڄاتل سڃاتل آهن؛ اهي سماجڪ حالتن کي ظاهر ڪندڙ
آهن؛ اهي نصيحت آميز آهن مطلب ته لوڪ گيت صحيح
معنيٰ ۾ ماڻهن جا گيت آهن“(9).
لوڪ گيتن ۾ ڳيچ علم الانسان سان دلچسپي رکندڙ ماهرن لاءِ نهايت
ئي اهم سرمايو رکن ٿا. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
لکي ٿو:
”علم الانسان جي طالب علمن لاءِ ڳيچن جي مطالعي ۾ ڪافي قيمتي
مواد موجود آهي. ڳيچ عوام جي گهرو زندگي، قبائلي
رسمن، رواجن، شاديءَ جي ساٺن سؤڻن، عزيزن جي
اُمنگن ۽ احساسن ۽ سماجي زندگيءَ جي خوبين ۽ خامين
جو ائينو اهن. ان کان سواءِ سنڌ جي ڳيچن ۾ خصوصاً
سنڌين جي اڳوڻين رسمن ۽ رواجن توڙي تاريخي اهڃاڻن
جا آثار پوشيده آهن. ٻوليءَ جي لحاظ سان ڳيچ عوام
جي زناني گهرو ٻوليءَ جا اهم دستاويز ۽ دفتر آهن،
جن جو مطالعو، لسانيات جي طالب علمن لاءِ ڪافي
اهميت رکي ٿو“(10)
بهرحال سنڌي لوڪ ادب ۾ سنڌي عوام جي سماجي ۽ نفسياتي پهلوءَ جو
ڀرپور سرمايو موجود آهي جنهن تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي
ضرورت آهي.
حوالا
نارايڻ ڀارتي، ڊاڪٽر: سنڌي لوڪ ساهت، سنڌي ٽائمس پبليڪيشن،
الهاس نگر-3، 1988ع، ص ص 9 ۽ 10
غلام علي الانا، ڊاڪٽر: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڄام شورو،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص ص 242-254 ۽
269-270
نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: لوڪ ڪهاڻيون، حيدرآباد، سنڌي ادبي
بورڊ. 1964ع، ص ص الف ۽ ب
نارايڻ ڀارتي، ڊاڪٽر: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 21
نارايڻ ڀارتي ڊاڪٽر: حوالو ڏنل آهي، ص 21
نارايڻ ڀارتي، ڊاڪٽر: حوالو ڏنل آهي، ص 24
ايضاً
نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: مقالو: هندي ۽ سنڌي شاعريءَ جو
لاڳاپو، سماهي مهراڻ، اونهارو، 1955ع، ص 188
نارايڻ ڀارتي: ص 188
نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ڳيچ، سنڌي ادبي بورڊ،
1943ع، ص 32 |