لوڪ ڪهاڻيون
”لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب جو نهايت ئي اهم ڀاڱو آهن. ڇاڪاڻ جو نه
رڳو اهي لوڪ ادب جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو آهي، پر
اهي انساني نفسيات، توهمات ۽ ابتدائي اعتقادات جي
آثارن جو آئينو اهن. هر انساني گروهه جون ”لوڪ
ڪهاڻيون“ ان گروهه جي ننڍپڻ جون وسريل يادگيريون
آهن، ۽ مجموعي طور سان مڙني قومن جون ”لوڪ
ڪهاڻيون“ ڄڻ انسان ذات جي ننڍپڻ واري دؤر جا
داستان ۽ دستاويز آهن. علم الانسان جي ماهرن وٽ
”لوڪ ادب“ جي هن قديم ذخيري يعني ته ”لوڪ ڪهاڻين“
جي وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي گهري مطالعي
مان قدري انسان جي نفسياتي ۽ ذهني ارتقاءَ جي
تاريخ تي روشني پوي ٿي.
”لوڪ ڪهاڻين“ ۾ انسانذات جي ٻالاپڻ جا اهڃاڻ موجود آهن. عقل جي
بلوغت ۽ جوانيءَ ان اڳ واري دؤر ۾، وهم ۽ وسوسا،
سوڻ ۽ سنسا، منڊ ۽ منتر، سڳا ۽ ڌاڳا، ديو ۽ پريون،
جن ۽ ڏائڻيون انسان جي ڪائنات جا اهم اسباب هئا ۽
انهن کي سندن عملي زندگيءَ ۾ وڏو دخل هو. جهڙي طرح
جهونن دڙن ۽ ڀِڙن ۾ آڳاٽين تهذيبن ۽ تمدنن جا آثار
محفوظ آهن. ”لوڪ ڪهاڻيون“ ڄڻ لفظن ۽ بيانن جي صورت
۾ جهونا کنڊر آهن، جن کي وَلڻ ۽ ويچارڻ سان انسان
جي آڳاٽن وهمن ۽ ويچارن، خوشين ۽ خوفن، مرادن ۽
مقصدن، حڪمتن ۽ حيلن، ڪاميابين ۽ نوهن ۽ نمونن جو
اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
مجموعي طور سان انسانذات جي قديم نفسياتي تاثرات ۽ توهمات جي
اهڃاڻن کان سواءِ، هر انساني گروهه جي ”لوڪ
ڪهاڻين“ ۾ ان گروهه جي مخصوص ڀرمن ۽ وسوسن، رسمن ۽
ريتين، نفسياتي لاڙن ۽ سماجي رجحانن جا اڳاٽي ۾
آڳاٽا آثار ملن ٿا. اهي ڪهنيون ڪهاڻيون، ڄڻ آڳاٽا
کنڊر ۽ ڀڙا، دَنب ۽ دَڙا آهن، جن جي پهچڻ ۽ پچارڻ
سان ان گروهه جي ذهني نشو و نما جا نشان نظر اچن
ٿا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(مهراڻ/ 1-2-1963ع)
ڍول مارو
شاهنواز عارف الموليٰ جيلاني
ٻهراڙي وارن جون ڪچهريون به عجيب آهن؟ ڪنهن ٻٻر ٻير ڇني ڇپر ۾
رنگ رچايو ويٺا هوندا آهن ۽ ڏورن بيتن ڳالهين
ڳجهارتن جي هونگ پئي هلندي آهي.
هڪ دفعي پنهنجي ڪم سانگي جمڙائو واهه جي پاڇي واري موري جي
ڀرسان ويس. اُتي سيد عالي شاهه دعوت جهلي. رات جو
آس پاس جا مريد ۽ راڄ وارا اچي گڏ ٿيا. يڪتارا،
گهڙا، نڙ بيت، ڪافيون ڪلام شروع ٿي ويا. اوائلي
سيارو، ٿڌا سيءَ هڪ وڏي وڻ جو اولو ٻيو مچ جو مزو.
هرڪو پنهنجي موج ۾ مست، ڪچهري به ڏاڍو ڪَٺُ ڪيو.
تان جو محمد ماڇيءَ جو وارو آيو. محمد ڍول مارو جي
ڳالهه کڻندو هو سو به پنهنجي سازن ۽ سنگت سان شروع
ٿيو. هڪ هوسُ آواز بلند ۽ مٺو، ٻيو وري رات جي
نِوائي، ٽيون سُريلي سنگت ۽ سازن جو ساٿ سو ڳالهه
اهڙو ته رَسُ رچايو جو ڇيهَه ڇني ڇڏيائين. صبح سان
ڳالهه قلمبند ڪري مزيد مرچ مصالحه لڳائي سڄڻن
اڳيان سَلِيمُ ۽ هت وري هميشہ لاءِ يادگار طرح
مرقوم ڪيان ٿو.
ڳالهين جا ڳَهيرَ ۽ ڪچهرين جا ڪوڏيا، جڏهن ڪنهن مجلس ۾ ميڙ ڪري
اچي رهاڻين جو رس رچائيندا آهن تڏهن ڳالهه کڻندڙ
کي چوندا ته ”هائو ادا.... جيءُ جيءُ.... اڳيان
ڳالهه کڻندڙ چوندو ته ”مِٺو کير پيءُ....
جڙيو تنهنجو جيءُ ماڻي جنت جو ويءُ وغيره.... محمد به انهيءَ
موج سان هنريت ڳالهه شروع ڪئي ته:
ٿَر ملڪ ۾ راجا (انيراءِ) جي وَسين اچي ڏُڪار پيو راجا سڄي راڄ
کي گهرائي صلاح ڪئي ته ٻه ٽي ڏينهن سانگ جا هلي
ڪنهن ٻئي ڏيهَه ڪٽيون ته بهتر. سڄي شهر کي اها
ڳالهه وڻي ۽ مال متاع ڪاهي نڪري پيا هڪڙي طرف. نيٺ
ڪاهيندا ڪشيندا ٿورين گهڻين ڏينهن اچي راءِ ڀنگڙ
راجا جي ملڪ ۾ نڪتا. ملڪ سکيو ستابو نظر آين.
وسڪارو تازو ٿيل هو. مال چَراهو جام هو. اَنُ
سَستو ”ديس جا ماڻهو محبتي“ اتي هنن به کڻي خيمان
کوڙيا. ڪي چار چڱا لنگهي ويا راجا راءِ ڀنگڙ وٽ ۽
اُن سان اندر جو احوال اوريائون. راجا به چڱو
آڌرڀاءُ ڪين. هي به سُک جو سانگ گذارڻ لڳا.
ڳالهيون سِگهيون ٿين. ڏينهن پنهنجي مُداتي گذرن.
وقت گذرندو ويو. ”بسنت بهار جي مند آئي. جهنگلن ۾
جهرمر لڳي وئي، گل ڦل ٽڙي گلزار ٿي پيا“ کيت کڙي
کهنبا ٿي ويا چيئن ۾ چانڊوڻ لڳي وئي هر طرف کان
ساوڪن ۽ خوشبوئن جا هٻڪار لڳي ويا.
مَنگتن مڱڻهارن جو دستور هوندو آهي ته بسنت بَهار جي موسم ۾
ڪينرو (سرندو) ڪلهي ڪري پِتل جي گڏونءَ (لُوٽي) ۾
سَرهه تورئي وغيره جا ساوا سرها سهڻا گل وجهي
بادشاهن ۽ اميرن جي در تي وڃي راڳ ڳائيندا آهن. ۽
موسم بهار جون واڌايون ڏئي، بکيا دانُ گهرندا آهن.
مون کي چٽي يادگيري آهي ته ويچارو جڙيو فقير ميراثي بسنت جي
مُند ۾ سِرهن جي سُرهن گلن جو دستو ٺاهي لوٽي ۾
وجهي سارنگي کڻي پهرين اچي درگاهه جي چونڪي ڏيندو
هو. قبله حضرت بابا سائين جي اڳيان حاضري ڀريندو
هو ۽ خاص ڪري بسنت راڳ ۽ بسنت متعلق بيت ڏوهيڙا ۽
دُعائيه ڪافيون وغيره ڳائيندو هو. قبله بابا سائين
به کيس گهڻوئي دانُ ڏيندا هئا. پوءِ مرحوم پَهري
پوندو هو شهر جي چڱن مڙسن ۽ سيٺن ڏي، سو راجا
انيراءِ سان به هو ڪو منگتو فقير گڏ، تنهن به مُند
ساري ته راڄُ پنيائين، پر پوءِ ڪاهي پيو راءِ ڀنگڙ
جي راڄ ۾. فقير جو روح ڪٿي ٿو پنڻ کان پالهو رهي.
نيٺ ساڳيو سرندو ساڻ ڪري هڪ ڏينهن وڃي راءِ ڀنگڙ
جي در تي سين هنيائين. ننڍڙا ٻار سازُ جي مٺڙي
آواز تي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن ننڍڙي وَهي هر ڪنهن
کان وئي آهي، سبحان الله! عجيب زمانو اهي اهو به
نه سُک جي سڪ نه ڏُک جو ڏَؤ نه ڍؤ جي ڳڻتي نه بُک
جو ڀؤ. نه دشمن جو ڊپ نه سڄڻ جو سور. اُڀري ته ڇا،
جي لَهي ته ڇا؟ سڄو ڏينهن هڪ جيڏين سان راند روند
ڊُڪ ڊوڙ هِتي هُتي. هڪ بيت ياد آيو اٿم جو نورچشم
نبي بخش کي هڪ ڏينهن ٿڦڙ هينم. ته روئڻ لڳو. شفقت
ڀري وري ريجهايومانس ته جهٽ پٽ کلڻ لڳو. مون في
البديهه ۾ هي شعر چيو ته:
عجب آهي طبيعت ٻارڙي جي
جو جهٽ روئي وري جهٽ ۾ کِلي ٿو
رهي ٿو دوست ۽ دشمن سان يڪسان
پرائي پنهنجي سان مُرڪي ملي ٿو
مطلب ته سُرندي جي سُريلي ۽ ٻاجهاري ٻولي تي راجا جا ٻارڙا به
ٻاهر نڪري آيا. راءِ ڀنگڙ جي ڌيءَ مارُل نهايت
سهڻي هئي. اها جڏهن منگتي فقير ڏٺي ته اڳيون اڳي
وِيس ته پويون پوءِ. معصوم مارُل جي ملوڪ مهانڊي ۽
موهڻي مورت، مڱڻهار فقير کي موهي ڇڏيو ۽ انيراءِ
کي اچي چيائين ته مارُل ڍول مارو جو مهامرڪ ۽ کيس
ئي سُهائي ٿي جهڙو آهي ڇوڪرو ڇٽيهه لَکڻو تهڙي آهي
نازڪ ناري به نو لکي. انيراءِ وراڻيو ته فقير پاڻ
آهيون پرديسي ۽ راءِ ڀنگڙ آهي هتي جو راجا پوءِ ڪم
ڪيئن ٺهندو جو راجا کي چئي سگهون؟
فقير چيو ته چوندس آئون پاڻهي، باقي مون کي صرف سون جو ننڍڙو
هَرُ پنجاري ۽ چانديءَ جو جوڙ ٺهرائي ڏي.
هتي به ڌَنُ ته گهڻو ئي هو حڪم جي دير هئي ڪم تيار ٿي ويو.
منگتي ڇا ڪيو جو هَرُ پنجاري جوڙي سوڌو بَگري ۾
وجهي سرندو کڻي اچي راءِ ڀنگڙ جي ڪچهري ۾ ڪڙڪيو.،
رَسُ رهاڻين سان راجا کي ريجهائي هري هري ڪري هَرُ
پنجاري ڪڍي کڻي راجا جي اڳيان رکيائين. راجا راز
مندي جي ڳجهارت ورتي. گار ملڻي هئي سا ملي وئي.
وزير سان صلاح مصلحت ڪرڻ بعد راجا مائٽي منظور
ڪئي.
منگتي کي واڌائي ملي. سارنگيءَ سرهائي مان اچي پنهنجي راجا کي
خوشيءَ جون کيرون ڏنيون.
هاڻ راءِ ڀنگڙ ۽ انيراءِ مان ويڇو نڪري ويو ۽ گهڻو گهائل مائل
ٿي ويا ۽ ڇوڪرو ڇوڪري به گڏ پڙهڻ لڳا. هڪ دفعه
جڏهن پنڊت وٽان پڙهي ٻار واپس وريا ته ڳوٺ ڀر ان
ڍول مارو گند ۾ ويهي کيڏڻ لڳو جنهن تان مارُل چابڪ
هڻي ڪڍيس ته ايترو انديشه ڪونه اٿئي جو گند ۾ پيو
پليد ٿين؟
اوچتي ڌڪ لڳڻ تي ڍول مارو کان رڙ نڪري وئي پٽ جي رڙ تي پيءُ ڀڄي
آيو ۽ پڇيائين ته
ڪنهن ته توکي آ ماريو- ڪنهن ويڻ چيا توکي وير
سِسي لڻايانس سيگهه مان- اڪاري سمنڊ جي سير
(آسروندي ڍول مارو، لڄ وندي ڍول مارو، ڍول ڙي ڏي- سنيهو ڍوليا)
تنهن وقت ڍول مارو به سنڀالي ويو ۽ ويچارو وَهمَ ۾ پئجي ويو ته
پنهنجي پريڻيءَ جو ڪيئن نالو وٺان، پوءِ سوچي هي
جواب ڏنو ته:
بيت:
ڪنهن نه مون کي آ ماريو بابا ڪنهن ويڻ نه چيا مون کي وير
ساڻيهه پنهنجو ساريم تڏهن نيڻين وهايم نير
آسروندي واري اُٿلاڻي ڳالهه کڻندڙ وڏي بلند مٺي آواز سان هرهڪ
بيت جي پٺيان ڏيندو ايندو آهي.
جنهن وقت انيراءِ اها ڳالهه ٻڌي تڏهن چيائين ته مار... اسين وڏا
ته پنهنجو وطن وساريو ويٺا آهيون پر هن ٻالڪ کان
اڃا ساڻيهه جي سڪ نه وئي آهي؟
چوندا آهن ته (سانگي ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ کي وسرندو) هاڻ هنن
به ڪئي واپس ورڻ واري... ۽ يارن سنگتين کان
موڪلائي توڪلائي سهي سنبري نڪتا ۽ ٿورين گهڻي
ڏينهن ڪهندا اچي پنهنجي ڀُون ڀيڙا ٿيا.
ڍول مارو ۽ مال اڄ ننڍا سڀاڻ وڏا (ڳالهيون جهٽ ٿين پنهنجي مُدا
تي گذرن) نيٺ اچي اُوڌا ساماڻ ۽ جوان ٿيا.
سندن مائٽن خيال ڪيو ته پري جون مائٽيون ڪير سنڀاليوندو ۽
سنڍوريندو ۽ ڪير پيو ڏيهه ڏوريندو ٻار ننڍا هئا
ڳالهه وسريوئي هوندين؟ سو ٻنهي کي وري سيهي سَٺي
سان مڱاِ ڇڏيائون ۽ شادين جون تياريون به ڪرڻ لڳا.
ڍول ماروءَ، کي ڪنهن ڳوٺاڻي عورت طعنه هنيو ته (طعنه عورت جي
فطرت ۾ شامل آهي) تون راءِ ڀنگڙ راجا جي ڌيءَ
مارُل سان منڱيل آهين، اُها ڇڏي وري هت ٿو منڱجي،
ٻني ۽ وَني ڀاڙئي جي ڀيلبي آهي، مڙس مڱ لاءِ مري
به مٿو ڏيندا آهن. اهو طعنه ٻڌي ڍول جو سُک ڦٽي
آيو ۽ پيءُ کي چيائين ته بابا آءُ پنهنجي مَڱَ
ڳولي لهندس اڳيان مرد به مَرمَ وارا هوندا هئا.
طعنه لڳڻ تي سِرَ جي سَٽ به ڏيندا هئا ۽ هونءَ به (طعنو سوهي کي
لڳي ڀاڙيو ته طعنو تان) هاڻ هتان ڍول مارو به سهي
سنڀري لشڪر سپاهه وٺي مارُل جو ملڪ پڇايندو ڪهندو
ڪهندو اچي ان ملڪ ۾ پهتو. جنهن ملڪ جي راجا سان
سندس مَڱَ مارُل مڱائي ڇڏي هئائون. شادي جا ڏينهن
مقرر هئا ۽ راجا هليو هو راڻي ماڻڻ.
اُن راجا جي ڀيڻ ڦُند پکيڙي پاڻ کي ملڪ ۾ مارُل مشهور ڪرايو هو
۽ ماڻهو پکيڙي ڇڏيا هئائين ته ڍول مارو مليو ته ان
کي منهنجي نالي ٻڌائجو ته مارُل اها آهي. نيٺ ڍول
مارو به هنن جي ڦنڌي ۾ ڦاسي ويو ۽ ان ڌوتيءَ کي
مارُل سمجهي شرابن ڪبابن راڳن رنگن ۾ محو ٿي ويو.
هوڏانهن مارُل به هڪ رات خواب لڌو ته منهنجو اصلي منڱيندو
ولائتان ڪهي آيو آهي. اسين پاڻ ۾ مليا آهيون. صبح
جو پيءُ ڏي پيغام مڪائين ته مون پنهنجو سچو پچو
مڙس رات سپني ۾ ڏٺو آهي ۽ آءُ پنهنجو وَرُ ووڙي
لهندس ۽ هي جيڪو اوهين ٿا ڪانڌ ڪامڻ کي ڏيو اهو
منهنجو مڙس ناهي ۽ آئون اِهو وَرُ نه ڪنديس.
راجا خيال ڪيو ته نينگريءَ کي آر ٿي پئي اهي سو ڀانٻڻ کي
سمجهائي مُڪائين ته تون وڃ ۽ وڃي ٻَٽي ڏينهن ٻاهر
گذاري اچ. چئج ته پتو ڪونه پيو الائي ڪٿي آهي. ته
من مارُل جو غصو ٽري وڃي.... پر مارُل به هئي
سياڻي سمجهدار تنهن چوائي موڪليو ته بابا! ٻاڀڻ
(الڪي) يعني (ڪانءَ) جي ذات آهي سو نه موڪليو ۽
مڱڻهار فقير موڪليو ته منگتو پنندو کائيندو ڏيهه
ڏوريندو ويندو. نَڪو الله جو نانءُ کُٽي ۽ نڪو
منگتو ٿڪي ۽ هي بيت ڪمائين. بيت:
بابل ٻانڀڻ نامُنجو ٻانڀڻ الڪي، ذات
مارل مُنجو منگتو مون کي ڪانڌ جاڳيو رات
هاڻ منگتو آيو جنهن کي مارل، ڍول ڏي نياپو ڏنو جنهن ۾ خواب جي
کري خبر ٻڌايائين ٻيو بيت ٻانڀڻ وارو ڏنائين ۽
ٽيون بيت هي ڏئي موڪليائين ته:
جَوَ جيڏي پرڻيون ڍول مارو تون تِل جيڏي تاڻي
هاڻ اُرهه نه ماپي ڪنجرو توکي الله شل آڻي
يعني تون مون سان تڏهن پرڻيو هئين جڏهن آءُ جَوَ جيڏي ۽ تِرَ
وانگر هيس ۽ هينئر ته اها حالت آهي جو جواني ۽
جوڀن جي جوش ۽ جوت کانءَ سيني جي اُڀار کان
(اُرهه) ۾ ڪنجرو به نٿو ماپي.
تون سگهو اچ ته هن مستاني مند جي سرسبز اڀرندڙ باغ جا مِلي ميوا
کائون ۽ مزا ماڻيون ويتر چوٿين بيت ۾ هي چلڻڪ به
هڻي مڪائين ته:
آڀون ڪانچ به ڪاچڙا کيري منجهه کائجن
ڪَڻُ ڀڄي ٿئي ڪانهلو پوءِ ٿا داکر ڏاند چرن
ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري وغيره پوک جي ڪچڙا (آڀون) ڏاڍا لذيذ ۽
کيرائتا ٿيندا آهن. مارل به پنهنجي ڪنوارپڻ ۽
دوشيزگي جو مثال ڪچڙين (آڀن) جهڙو مزو شڪل پڪل
اَنَ ۾ ڪونه هوندو آهي ۽ اهي ڏاندن چرڻ جي لائق
هوندا آهن. يعني ننڍڙي نازڪ جواني ۽ نوخيز حسن و
شباب جو مزو پوڙهائيءَ ۾ ڪونه ايندو تنهنڪري سگهو
اچ. وري هي هيٺيون بيت آخري سنيهو ڪري مُڪائين ته
(سرءُ) جي موسم اچي وئي آهي (سَرَ) مورجي ويا آهن
۽ ڪانَهنِ نِسري ويا آهن ۽ هت هارين هر سنڀايا
اٿئي ۽ ٻنيءَ کي به ٻج جي ضرورت اهي، جنهن جو مقصد
ته آئون سماڻجي وئي آهيان. جواني جي بهار اچي وئي
آهي. شباب جا (سَرَ) مورجي ويا آهن، ۽ هارين به هر
سنڀايا اٿئي، يعني ٻين راجائن به منهنجي گهر ڪئي
آهي ۽ ٻني به ٻج ٿي گهري. يعني تنهنجي وصال جي سخت
ضرورت آهي نه ته لاچار ٻين حوالي ٿي وينديس تنهن
ڪري جلد اچ. بيت:
سَرؤ لڳي سَرَ موريا ٻيا نِسريا ڪانَهن به نجُ
هِتِ هارين هَرَ سنڀايا ۽ ٻني گهري ٿي ٻِجُ
مارُل اهي نينهن جا نياپا منگتي کي ڏيئي روانو ڪيو، منگتو فقير
به پنندو کائيندو ڪهندو ڪَهندو نيٺ اَچي انهيءَ
ڀُون ڀيڙو ٿيو جتي ڍول مارو جي ڀولي تي مارواڙڻ
سان محبت جي موج مچايو ويٺو هو. سج لهڻ جي مهل هئي
فقير به وڃي سَينَ هنئين. قسمت سان اهو گهر به
ڪنهن ڪَهتيءَ منگتي جو هو. کيئن کيڪار حال احوال
بعد روٽي ٻاٽي کائي ڳوٺاڻا فقير ساز سُرندا کڻي
مارواڙڻ جي محفل ڏي سنبريا ته مارُل واري موڪليل
مسافر منگتي پڇين ته ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ هنن سڄي
حقيقت آيل فقير کي ٻڌائي ۽ چيائون ته مارواڙڻ ۽
ماروءَ کي روز راڳ ٻڌائڻ ويندا آهيون. هينئر به
اوڏانهن ٿا وڃون. فقير مسافر چئين ته بابا مون کي
به وٺي هلو؟ آئون به راڳ ڳائيندو آهيان. نيٺ سڀئي،
گڏجي ڪچهري ۾ آيا. واري سان هرڪو ڳائيندو آيو.
مهمان فقير کي به وارو مليو جنهن به پنهنجو ساز
ساهي سَنڀائي آواز لائي سُر سُر سان ملائي پهريون
بيت (ڪونجن) وارو ڏنو ته بيت:
ڪونجن ٽوليون ٽوليون ڪونجن ٽولي ٽليس
سُتي مون گهٽو سنڀاريو آرس ڀڳڙي اِيسَ
ڍول مارو ته شوق شراب، ۽ ڪباب- راڳ ربابن ۾ محو ۽ مگن مست هو
جنهن کي ڪابه خبر ڪانه هئي. پر مارواڙن ڪَنَ کڙا
ڪيا، ۽ سمجهيائين ته اڄ ڪو وريو آهي وانگي؟
منگتي به صحيح ڪيو ته موچڙا ته اَجهي ڪي اَجهي آيا پر پيغام ته
پهچائڻو آهي. تنهن سَتُ سنڀالي ڪَنَ تي هٿ رکي
ٻيو.
بيت:
جَوَ جيڏي پرڻيون تون ڍول مارو تِر جيڏي تاڻي
هاڻ اُرهه نه ماپي ڪنجرو توکي الله شل آڻي
ڏٺائين ته، مارواڙن جي موچڙن جو منگتي جي مٿان مينهن وسي ويو.
اُتي ڍول مارو به ڇرڪ ڀري اَک پٽي پٽي ته ٻيلي آهي
ته ڪو شايد منهنجو خابرو. پوءِ سربستو تِر به تِر
احوال پُڇيائين ۽ تياري لاءِ تڪڙو وَهِٽُ ووڙَڻ
لڳو.
اتي ڪن ماڻهن چيس ته لَهر نالي ڏاچي روز هڪ سو ڪوهه پنڌ ڪري
چندن جا چري واپس وٿاڻ ورندي هئي جيئن ته راڻو به
عمرڪوٽ مان رات جو روزانو مومل وَٽان ڪاڪ تان ٿي
واپس ايندو هو. اُن (لَهر) ڏاچي جو توڏو توکي اُتي
جَهٽ رسائيندو. نيٺ صبح جو اٺن جا ساز کڻي ڍول
مارو به تڙ تي آيو ۽ (توڏن) ڏي نهاري هي بيت
ڏنائين.
ڪَنهن ڳَلَ ٻڌان گهنگهرو ڪنهن ڳل ٻڌان لڄ
(لَهر) پٽيون جو لٽيو سو پرين ملائيندو اڄ
(لَهر) ڏاچيءَ جي (توڏي) تنوار ڪري اچي ڍول مارو جي ڪلهي ڳاٽ
ڌريو ۽ چيائين ته:
مون ڳل ٻڌج گهنگهرو مون ڳل ٻڌج لَڄ
لَهر پٽيون آئون ليٽيس توکي پرين ملايان کَڄ
ڍول مارو ڏٺو ته هن کان مَيا متارا ته ٻيا آهن، هي متان چٿر ٿو
ڪري تنهنڪري (ڇينڀيائينس) ته:
ايڏن مَين ڪيئن ٻوليو تو ڪيئن ٻوليو توڏ
تنگ ڇڪيندي تون مرين تنهنجون اکيون پٽيندا روڏ
تڏهن توڏو به وڃي چرڻ لڳو ۽ مارواڙڻ به خيال ڪيو ته توڏي کي ڪو
اشارو ڏيان ته ڍول وڃڻ کان وِلهو رهجي وڃي سو اچي
توڏي کي چُونگ ڏنائين ته توڏو به ٽنگ کڻي بيهي
رهيو. اتي ڪي چار سڄڻ ڍول جا به هئا. انهن چيس ته
توڏو اڄ ئي رسائيندو ۽ منڊَ کان ڏنڀُ ٿنڀُ آهي وٺو
ته ڏنڀُ ڏيونس ته چاڪ ٿي ويندو. اتي مارواڙڻ کي به
اُلڪو ٿي پيو ته توڏي ٻنهي کي سمجهاڻي ڏني ته:
مارو اسان جي ملڪ ۾ سَوين ميا ته چرن
پر ڪرهل ٿئي نه ڪوهڙو ٻيا گڏهڙا ڏنڀجن
دستور هوندو آهي ته اٺ جي پاران سندس اڳيان جهونا جَت گڏهه کي
ڏنڀيندا آهن ۽ اُن هراس ۽ سَوڻ جي ڪري اُٺ چاڪ ٿي
ويندو آهي (اهو سَوڻ اڃا تائين ڪندا ايندا آهن)
هاڻ توڏو به تيار ٿيو ۽ ڍول مارو به اچي توڏي کي
پلاڻيو جڏهن تنگ ڇڪيائين ته توڏي تنواريو ته:
ڇڪي ٻڌ تنگ ڍول مارو ڇڪي تون ٻڌج پڳه
ڍريون ڇڏج مهارون توکي پرين ملايان اڄ
نيٺ ڍول مارو سَرهي سنڀري موڪلائي چانگي سَر چڙهي توڏي جون
مهارون تڻڪيون مارُل جي محبت ۾ واءُ سان ڳالهيون
ڪندو اچي شام ڌاري راءِ ڀنگڙ جي ڳوٺ ٻاهران هڪ
ڄارَ هيٺ لٿو. فقير ويو راجا کي خوشخبري رسائڻ.
ڍول کي ڄار جي خُماريل خوشبوءَ موهت بنائي ڇڏيو ۽
ڄار کي چيائين ته (اَڪ پتوڙيا ٻاوري تون ڪيئن
نيالي ڄار؟)
يعني: اي ڄار! تون ته سدائين اڪ جي پتوڙيل هوندي آهين ۽ اهڙي ڌپ
تو مان ايندي آهي. پر اهڙي مست ڪندڙ بوءِ تومان
ڪيئن ٿي اچي؟
تنهن تي ڄار وراڻي ڏنيس ته (مون هيٺ مارُل ويٺِڙي تون جهلي ڪرهل
ٻار).
اتي مڙس ڦوڪجي ڪاوڙجي اُتي سمهي پيو ته مارُل اهڙي ٿي آهي جو
پئي ٻاهر گهمي ڦِري؟ نيٺ فقير آڻي جاڳايس ۽
چيائينس ته سائين خير ته اهي اتي ئي سُمهي پيا
آهيون؟ هَلو محلات ۾!!
تڏهن ڍول مارو ميراثيءَ کي ڄار واري ڳالهه ڪري ٻڌائي. جنهن تي
فقير چيس ته ڳهلا راجا راءِ ڀنگڙ ٻٽي ڏينهن اچي
هنن مٿانهن پَڊَن تي ٿاڪُ ڪيو هو. مارل ننڍڙي هئي
۽ سندس پينگهه انهيءَ ڄار سان ٻڌل هئي. جنهن جي
سرهي ساهه جي هٻڪار سان ڄار واسجي وئي؟ هميشہ لاءِ
هٻڪارجي وئي. پوءِ ڍول اها ڳالهه ٻڌي اُٿيو ۽ وڏي
ڌامَ ڌومَ سان دربار ۾ آيو. ڀيڙُ تي ڏونڪو لڳو. دل
پليد دشمن ڀڳو. ڏاڍي ٺٺ ٺانگر شان شوڪت سان شادي
خانه آبادي ٿي. ورهن جي ويراڳ بعد نيٺ سهاڳ جي
سدوري ساعت آئي. سوڻن ساٺن- راڳ رقص بعد رات
ڊَريءَ ڍول راجا رنگ محل ۾ آيو ته مارل محبوب ڪونج
ڪنوار اوسيڙي ۽ اُون ۾ ماڙيءَ تي پٽَ جي شال تاڻيو
سُتي پئي آهي. سندس ساهه کڻڻ سان حسن جي قلم جا ٻه
مشهد مينار، بلوري برج جنبش ڪري رهيا آهن. چنڊ جي
نوربين چانڊوڻ جي چمڪاٽ کان تارا ته آسمان جي ڪنڊن
۾ ڇُپي ويا آهن پر مارُل جي هيرن سان مڙهيل شال جي
چانڊوڪي تي اکين کي آسماني ستارن جو ڌوڪو اچي رهيو
آهي. سندس مُشڪين چندن جي سُرهي چوٽِي جي هٻڪار
کان سارو اڱڻ سرهاڻجي ۽ واسجي ويو آهي. ڍول مارو
خيال ڪيو ته سُتل سهاڳڻيءَ کي اوچتو اُٿاريندس ته
متان ڇرڪ پويس، تنهن ڪري پلنگ جي پيرن کان بيهي هي
بيت ڏنائين.
نئين نويلي سيپلي ڏند ٻٽيهه سر وات
اٿي مارل ٿي سجاڳ متان انگ لڳئي مرجات
تڏهن مارُل ڪونج جيان ڪَرَ موڙي منور مهتابي مُنهن تان پاند
هٽائي پنهنجي مشڪندڙ چند جهڙي چمڪندڙ چهري سان
مُرڪي ڍول مارو کي موهي محبت ۽ نياز نوڙت سان هي
جواب ڏنو ته:
پري ويهه نه ڍول مارو هِنيون هنئين لڳ آڻ
مارُل تو ڀل ماڻئين جيئن ڇڪڙي زين ڪماڻ
نيٺ عاشق معشوق سالن جا سڪايل وڏي چَس چاهه ۽ سڪ سوز مان هڪ
ٻئي کي ڏسي خوش ٿيا. مٿان چنڊ مُرڪي هڪ ننڍي
ڪَڪِري جي آڙ اوٽ مان لِڪي ليا پائڻ لڳو. ستارن
سَرورَ جا ساز ڇيڙيا. فضا مسرت جو راڳ جهونگاريو.
سرمست هوا وصال جو تارُ وڃايو. ڪوئل دور فَلَڪَ
بوسُ پهاڙين جي دامن ۾ ڪُو ڪُو ڪئي. تاڙي بادلن جي
بددست بهاريءَ ۾ تُون تُون تنواريو ۽ مور مگن مست
ٿي نينهن جو ناچ نچندي ملهار ڳايو. فضا خاموش ٿي
وئي ۽ ٿڌڙي رات شبنم جي ٿڌاڻ سان مزيد ڪيفِ وَ
سرور طاري ڪيو. اوچتو وصال جي دشمن مُرغِ سَحَرَ
اذان صبح ڏني ٿوري دير بعد سورج ديوتا به اُڀرڻ
شرط مشڪندو آيو.
|