حال احوال
ڪجهه لوڪ ادب متعلق
ٽماهي مهراڻ جو لوڪ ادب نمبر اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي. هن پرچي
کي پايهء تڪميل تائين پهچائڻ ۾ آئون قبله حضرت
مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ سائين، چيئرمين
سنڌي ادبي بورڊ، جن جو نهايت شڪر گذار آهيان، جو
پاڻ ڪثرت، مشاغل جي باوجود وقتاً فوقتاً رسالي جي
سٽاءَ متعلق پنهنجي مفيد مشورن سان نوازيندا رهيا.
”ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي، ڳڻيان ڪيترا!“
هر ٻولي جو روح لوڪ ادب آهي سونهاري سنڌ به اهڙي ادب سان مالا
مال آهي. سنڌ جو لوڪ ادب دنيا جي سڌريل ٻولين جي
لوڪ ادب سان مشابهت رکي سگهي ٿو. اها به حقيقت آهي
ته هيستائين اسان جو لوڪ ادب (چاليهن جلدن ۾، جن ۾
مداحون، مناجاتون، مناقبا، معجزا، مولود، ٽيهه
اکريون، هفتا، راتيون، مهينا، جگناما، واقعاتي
بيت، مناظرا، سنڌي سينگار شاعري، پروليون، ڏٺون،
معنائون، ٻول، ڳجهارتون، ڏور، ڳيچ، لوڪ گيت، لوڪ
ڪهاڻيون، نڙ بيت، بيت، ڪافيون ۽ هنر شاعري شامل
آهن) جيترو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ اوترو ئي
اڃا تائين المارين جي زينت بڻيل آهي، ۽ هڪ بي ڪنار
بحر وانگر پکڙيل آهي.
علم الانسان جي ماهرن وٽ لوڪ ادب جي قديم ذخيري جي وڏي اهميت
آهي، ڇاڪاڻ جو ان جي گهري مطالعي بعد انساني
نفسيات ۽ ذهني ارتقا جي تاريخ جو پورو پورو پتو
پوي ٿو. لوڪ ادب ڪڏهن ٺهيو؟ ڪنهن ٺاهيو ۽ ڪٿي
ٺهيو؟ تنهن جي ڪنهن کي به خبر نه آهي. البت صرف
ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهو انساني تاريخ واري دور
۾ ئي اسريو، وڌيو ۽ ويجهيو. عوام آهستي آهستي انهن
جي سٽاءَ ۽ جوڙ جڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ، پرکڻ، پڙهڻ ۽ ڇاپڻ ۾ سنڌي ادبي بورڊ
هڪ وڏو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي، جنهن 1955ع ۾
پنهنجي اسڪيم مطابق چاليهن جلدن ۾ سنڌ جي لوڪ ورثي
۽ لوڪ ادب جي اشاعت جو منصوبو ٺاهيو، ۽ 1956ع ۾ ان
منصوبي کي بحال ڪيو. ان بعد 1957ع ۾ مذڪور ڪم
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي حوالي ڪيو،
جنهن صاحب ”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس قائم ڪري
باقائده ڪم شروع ڪري ڏنو. اهو منصوبو الله تعاليٰ
جي فضل و ڪرم سان 36 سالن جي قليل عرصي ۾ 1992ع ۾
چاليهن جلدن ۾ مڪمل ٿي چڪو، قبله محترم مخدوم محمد
زمان طالب المولى جن جي حڪم مطابق انهن چاليهن
ڪتابن جي فهرست به تيار ڪري شايع ڪرائي وئي. بلڪه
هنن چاليهن جلدن جي ڏسڻي
(Index)
جي شايع ڪرائڻ ۾ به دلچسپي رکن ٿا ته جيئن لوڪ ادب
جا پڙهندڙ انهن معلوماتي ڪتابن مان فيض حاصل ڪري
سگهن. اهوئي سبب آهي جو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ صاحب، قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن
جي خدمتن کي ملحوظ خاطر رکندي لوڪ ادب واري سلسلي
جي (13- 15- 18، 28 30، 37 ۽ 38 ڪتابن جي مهاڳن ۾
رقمطراز آهي ته:
”مخدوم صاحب پنهنجي ذاتي دلچسپي جو اظهار ڪري، وقت بوقت مختلف
قسم جي رنڊڪن کي دور ڪندو رهيو، جيڪر سندس ذاتي
دلچسپي شامل حال نه رهي ها ته لوڪ ادب تجويز هن
مرحلي تي نامڪمل رهجي وڃي ها.“
لوڪ ادب سنڌي قوم جي قديم تاريخ جو سرچشمو آهي، سنڌ جي قديم
تهذيب ۽ تمدن، رسم و رواج، زندگي جا لاها چارها،
ماڻهن جي دلين جون امنگون، جذبا، سندن خواهشون ۽
اميدون ۽ سندن روزمره جي معاشي ڪشمڪش ۽ سماجي
جدوجهد جا اڀاريندڙ داستان سڀ لوڪ ادب ۾ موجود
آهن. انهن ڳالهين سبب، لوڪ ادب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب
جي عمارت جي بنه پيڙهائتي پٿر مثل آهي. خود ٻوليءَ
جي حسن بيان ۽ ذاتي تاثر جو تقريباً سمورو
دارومدار لوڪ ادب تي آهي.
ٽماهي مهراڻ جي لوڪ ادب نمبر ۾ لوڪ شاعري، مقالا، لوڪ ڪهاڻيون ۽
تبصرا پيش ڪري رهيا آهيون. اميد ته اسان جي
پڙهندڙن کي اهي لکڻيون پسند اينديون. بلڪه اسان کي
پنهنجي لکڻين سان نوازيندا رهندا.
آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين عاليجناب
مخدوم جميل الزمان صاحب، معزز ميمبرن محترم
عبدالله ورياهه صاحب، محترم ميرزا عباس علي بيگ
صاحب ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ محترم محبوب سروري
صاحب جن جو انتهائي مشڪور آهيان، جيڪي صاحب پنهنجي
خصوصي توجہ ۽ تعاون سان بيحد ممنون ڪندا رهيا.
پنهنجي عزيز ساٿي ۽ آفسيٽ پريس مئنيجر محترم رستم علي سولنگيءَ
۽ سندن اسٽاف جو شڪريو ادا ڪرڻ به لازم آهي جو پاڻ
مهراڻ جي سهڻي ڇپائي لاءِ جيڪي هدايتون جاري ڪيون.
سي فراموش نه ٿيون ڪري سگهجن، جنهن لاءِ سندس
ٿورائتو آهيان.
- ميرزا ڪاظم رضا بيگ
(بالخصوص محترم عبدالله ورياهه جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب مواد مهيا
ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي)
سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي نئين تشڪيل
سنڌي ادب جي مشهور ۽ مقبول عام علمي اداري ”سنڌي اديب بورڊ“ جي
سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي طرفان 1992ع ۾ نئين سر
تشڪيل ڪئي وئي آهي.
انهن ميمبرن ۾ سنڌ جي جن عالمن، اديبن، مورخن ۽ محققن کي ،منتخب
ڪيو ويو آهي، سي ڪنهن به تعارف جا محتاج نه آهن،
انهن جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن خدمتن کان سنڌ
جو هر پڙهيل ماڻهو واقف آهي. اميد آهي ته نئين
بورڊ پنهنجي علمي ۽ تاليفي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل
ڪري، سنڌي ادب ۾ اڃا به وڌيڪ مقام حاصل ڪندي ۽
پنهنجي انفرادي حيثيت کي قائم رکندي.
اسماءَ گرامي:
1- جناب قبله مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ صاحب
- چيئرمين
2- جناب مخدوم جميل الزمان جميل صاحب
- چيئرمين اسٽينڊنگ ڪميٽي
3- جناب بشير مورياڻي صاحب (سيڪريٽري تعليم) - ميمبر
4- جناب سيڪريٽري خزانو - ميمبر
5- جناب عبدالله خان ورياهه صاحب - ميمبر
6- جناب ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب - ميمبر
7- جناب ميرزا عباس علي بيگ صاحب - ميمبر
8- جناب ڊاڪٽر يار محمد جهنجهي صاحب - ميمبر
9- جناب ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي صاحب - ميمبر
10- جناب ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ صاحب - ميمبر
ادارهء مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ جي معزز چيئرمين ۽ ميمبر صاحبن کي
مبارڪ باد پيش ڪري ٿو ۽ رب العزت جي بارگاهه ۾
دعاگو آهي ته بورڊ قبله مخدوم محمّد زمان طالب
الموليٰ جي سربراهيءَ ۽ رهنمائي ۾ اڃا به وڌيڪ
ترقي جون منزلون ماڻيندو.
شاعري
منهنجي راءِ آهي ته ”ڪافي“ جي صنف حضرت امير خسرو ايجاد ڪئي،
راڳ ”ڪافي“ به امير خسرو جي ايجاد آهي. جيئن ته
”ڪافي“ اول ڪافي راڳ ۾ ڳائي وئي هوندي تنهن ڪري
شاعري جي انهيءَ صنف تي نالو ”ڪافي“ پئجي ويو
هوندو. امير خسرو جي ولادت 1253ع- 651هه ۾ ٿي ۽
وفات 1325ع- 725هه ۾ واقع ٿي. تقريباً امير خسرو
294 سال اڳ جو شاعر آهي، تنهن ڪري شاهه حسين کي
”ڪافي“ جو موجد سمجهڻ درست نه ٿيندو.
جنهن کي فطرت سريلو آواز ۽ ڪجهه نه ڪجهه موسيقي جو علم ڏنو آهي،
۽ اهو شخص شاعر به آهي ته ان جي ڪلام جو هر هڪ ٻول
موسيقي جي اصولن تارگر موجب هوندو آهي ۽ ڳائڻو
ڳائڻ وقت انهن ٻولن جي اچارڻ ۾ ڪابه ڏکيائي محسوس
نه ڪندو آهي. هن فقير جو ڪلام به انهن خوبين سان
نوازيل آهي.
مخدوم محمّد زمان ”طالب الموليٰ“
(بي پير رکيون)
شاعري
مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ
ڪافي
مست و مست قلندر لال اکيون
ٿيون کيڏن دردَ ڌمال اکيون
زهّاد جو ات نه ٿو زور هلي، عِبّاد جو ات چارو نه چلي
واعظ به اتي نه ڪو جوش جهلي، ڪن ختم فهم في الحال اکيون
”ماني“ جي هلي نه هتي همّت، ”بهزاد“ کي ڪانهي ڪا جرّت
”آذر“ به اتي کائي حيرت، ٻئي پهنجو پاڻ مثال اکيون
ڇا تن جي آڏو قوس و قزح، ات اک نه کڻي ٿئي فيل ”فرح“
ڪن ڪاريون ڪشميري به فتح، ڦٿڪايو ڪن بي حال اکيون
ات وڪرو وري پڻ مدغم، ات آهه ڪتاب ”جبل“ بيڊم
ات ”ڪافيه“ خود درهم برهم، جن جو نه جواب، سوال اکيون
”منصور“ جي حاصل ڪيُون هستي، ۽ ”سرمد“ واري سرمستي
اها آهي ”بو علي“ جي بستي، ڄڻ سيّد سرخ جلال اکيون
ڪعبي ۽ قبلي منجهه رهن، محراب ۽ منبر خود ٿيون هجن
خاموش زبان سان اذان ڏين، ٻئي ڪاريون ڄڻ ته بلال اکيون
اهي ”جوش“ جو رنگ تغّزل ٻئي، ”خيّام“ جو خوب تخيّل ٻئي
”سعدي“ جي غزل جو تبدّل ٻئي، ”حافظ“ جي ڪلام جو فال اکيون
اهي سهڻيون سراپا نور ٿيون ٿيون
اهي جلون سان ڀرپور ٿيون
اهي طالب مولا طور ٿيون
منهنجي عشق جو سڀ احوال اکيون
مخدوم محمد امين ”فهيم“
ڪافي
ٿل: تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،
انهي رمز سان روح ريجهائينديس.
جيڪي چار گهڙيون توسان گهاريون اٿم
ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم
تو ساري ڇڏيون نه وساريون اٿم
مان ته پنهنجي پرت پچائينديس
تنهنجو مرڪي ملڻ منهنجو عرض ڪرڻ
تنهنجي برهه ۾ سر جي بازي ڀرڻ
تنهنجي لاءِ جيئڻ، تنهنجي لاءِ مرڻ
توسان ناتو نيئي نڀائيندس.
تون اچين به نٿو، مان وڃان به نٿي
تو ڇڏي به ڏنو مان ڇڏيان به نٿي
جيڪا تو آ ڪئي، ڪنهن کان به نٿي
اهو سڀ ڪجهه ڀاڳ کان ڀائينديس
منهنجو تون ئي سڄڻ تولئي ٻيون به گهڻيون
ڇا جا هار سينگار، ڇا تيل ڦڻيون
نٿي توکي وڻان، پر تون ته وڻيون
ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس
وڃي ويهي رهئين مون کان ڏاڍو پري
تنهنجي ويئي سري منهنجي ڪيئن سري
تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري،
ڀلا توکي ڪيئن مان ڀلائينديس.
ٿر جا لوڪ گيت
مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي
1ـ ور سارو
”ورسارو“ جي معنيٰ آهي ”وسڪارو“ يا ”سانوڻ“. ٿر جي پرڳڻي جي
آباديءَ جو دارومدار برسات تي آهي، ۽ ”وٺو ته ٿر،
نه ته بر“ جي پهاڪي موجب برسات جي موسم ۾ ٿر سڄو
گلزار بنجي پوندو آهي: سندس آب و هوا، سندس جهنگلي
ميوا، ۽ خاص ڪري سائي گاهه جو کير، ڌونئرو، مکڻ،
گيهه، وڌيڪ لذيز ٿيندا آهن. ٿر ۾ مکڻ مان گيهه ڪڍڻ
وقت انهيءَ ۾ اَن ضرور وجهندا آهن ۽ انهيءَ رڌل
اَن کي ”وِسناڻ“ سڏيندا آهن، اهو به انهن ڏينهن ۾
وڌيڪ لذيذ ٿيندو آهي. سانوڻ جي موسم ۾ کير گهڻو
ٿيندو آهي، ان ڪري گهر گهر ۾ کير جون وڏيون ماٽيون
ٿينديون آهن، عورتون جڏهن اسر جو اٿي اهو کير
ولوڙينديون آهن ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجا پيار ڀريا
گيت جهونگارينديون آهن، ته اهي سڀ آواز ڏاڍا دل کي
وڻندا آهن.
اهڙيءَ فضا ۾ سڀ چاهيندا آهن ته پرديس ۾ ويل موٽي اچي هنن خوشين
۾ ساڻن شامل ٿين. ”ورسارو“ به انهن گيتن مان هڪ
آهي. جو هيٺ ڏجي ٿو. هن گيت ۾ هڪ ”ماءُ“ جي تمنا
ڏيکاريل آهي ته سندس دور ديس جو مسافر پٽ تمام ترت
پنهنجي ديس واپس اچي.
ٻولي اصلوڪي ٿري يا ”ڍاٽڪي“ آهي، ان ڪري سندس سنڌي ترجمو به ڏجي
ٿو،
واٽَڙيان تان ورسارو،
واٽن تي برسات،
صاحبا!
پيارا!
مانڊيو!
ٿي آهي،
مانهنجا مٺا!
منهنجا مٺا!
تاهجو ڏيسلو وٺو،
تنهنجو ديسڙو وٺو آهي،
تون ڏسڙي ماڻيو،
تون پرديسڙي مان ڪمائي ڪري،
گهران نان نچ آويجو،
نچي گهر ڏي اچ؛
تاهجي تان نالي تان گهوريس،
تنهنجي ته نالي تان صدقي ٿيان،
تون آوو ته
تون اچ ته
ورسارو
سانوڻ
ڀيڙو گهارسان!
گڏجي گذاريون!
سانڍڙي پلاڻي صاحبا!
اُٺ پلاڻي، پيارا!
اورهون موڪليو
هيڏانهن موڪلج-
تاهجي تان ٻَنڙيءَ ٻج گهرايو؛
تنهنجي ٻنيءَ ٻج گهرايو آهي؛
مانهنجي تان من جا ميولا!
منهنجي ته من جا ميوا!
تون آوو ته
تون اچ ته
چوماسو
چوماسو
ڀيڙو گهارسان!
گڏجي گذاريون!
لڪ تان چڙهي،
لڪ ته چڙهي
تاهجي ٻهينلَ جووي واٽڙي سنيان!
تنهنجي ڀينڙي ڏسي واٽڙي (۽ ويندڙن کي چوي ته) سڄڻو!
اِت ڪو هووي مانهنجو موڀِي ويرو،
اتي ڪو منهنجو وڏو ڀاءُ هجي،
ته اورهون ميلهيا!
ته اوري موڪلجوس!
تاهجي تان ڏس تان گهوريس،
تنهنجي ته ”اچڻ واري“ طرف تان صدقي ٿيان،
تون آوو ته...
تون اچ ته...
هجار هٿان رو،
هزار هٿن جو
(آهي يا هجڻ گهرجي)
تاهجي گورل رو گهاگهرو،
تنهنجي ڪنوار جو گهاگهرو،
ڳچيءَ سونهي نو لکو هار؛
۽ سندس ڳچيءَ ۾ نو لکو هار ٿو سونهي؛
مانهنجي ته سهاڳڻ را صاحبا!
منهنجي سهاڳڻ جا پيارا!
تون آوو ته...
تون اچ ته...
تاهجي تان ٻيلڙان نان
تنهنجي ته ساٿين کي
چڙهڻيون ڏيرائجو
سواري ڏيارجي (يا ڏياربي)،
چڙهڻيون، لکي گهوڙلو
سواري لاءِ لِکي گهوڙا
مانهنجا ته ڌسڙيءَ را ڏيولا!
منهنجا ڏس جا ڏيئا!
تون آوو ته...
تون اچ ته...
تاهجي تان ٻيلڙا نان
تنهنجي ته ساٿين کي
اوتارو ڏيرائجو،
اوطاق ڏيارجي،
اوتارو هَريئل باگ ۾؛
اوطاق ساوڪ ڀرئي باغ ۾؛
مانهنجي ته سوڍيءَ را صاحبا!
منهنجي شهزاديءَ جا پيارا!
تون آوو ته...
تون اچ ته
ناهجي تان ٻيلڙان نان
تنهنجي ته ساٿين کي
ڏاتِڻيون ڏيوائجو،
ڏندڻ ڏياريو،
ڏاتِڻيون ڪڻيهر ڪام رو؛
ڏندڻ ڪڻيهر (وڻ) جي ٽاريءَ جون؛
تاهجي تان نالي گهوريس!
تنهنجي ته نالي تان صدقي وڃان!
تون آوو ته...
تون اچ ته...
تاهجي ته ٻيلڙان نان
تنهنجي ته ساٿين کي
جهيمڻيون ڏيوائجو،
کانو کارائبو،
(کاني ۾ گيهه مان ٺهيل چلا)
جهيمڻيون گيور لاپِسي؛
۽ لپسي، يا لپئي[1]؛
مانهنجا تان مٺا ماڙهُو!
منهنجا ته مٺا ماڻهو!
تون آوو ته...
تون اچ ته...
ورسارو
سانوڻ
ڀيڙو گهارسان!
گڏجي گذاريون!
2ـ ڏورو
[تازي پرڻجي ويل ڪنوار جو اباڻن جي ياد ۾ ورلاڀ]
پڳِ تان جَهٻَڪي پولڙي،
گوري!
هينئڙي جهٻڪي هار
ڏارو!
ساچي هيم رو!
ماءُ ڀورايو اڱڻيون
گوري!
ٻاٻل ڀورائي ريل،
ڏورو
ساچي هيم رو!
ساهيڙئين ڀورائي سيمِڙي،
گوري!
ويريو ٺيٺا ٺيٽ
ڏورو....
ڏونگر چڙهي ڌيءَ جويَڙو،
گوري
ره گيو اَباڻو ڏور
ڏورو....
اونچي کنوڻ کنوڙي،
گوري!
جهڙ ڦڙ وسن مينهن
ڏورو...
ڀريا رڻ جو ٽوڀيا،
گوري!
ڀريو اباڻي رو ڏيس!
ڏورو....
چوڏس پونم چانڊڻي،
گوري!
رَمَڻ جهڙي رات
ڏورو...
ٻيون ڪُليئي آهين اوڏڙيون،
گوري!
هيڪڙي جيڏل ڏور
ڏورو
ساچي هيم رو!
*****
پيرن ۾ ته پولڙي (پيرن جو ٿري ڇلو چمڪي ٿي،
سهڻي،
۽ سيني تي هار چمڪي ٿو ڌاڳو
سچي سون جو!
ماءُ اماڻيو اڱڻ،
سهڻي
بابي اماڻيو ڏهر ڌاڳو
سچي سون جو!
ساهيڙين اماڻي سِيم (چراگاهه)،
سهڻي،
۽ ڀاءُ توڙ تائين هليو
ڌاڳو
جبل تي چڙهي ڌيءَ ڏٺو،
سهڻي،
ته اباڻو ديس ته پري رهجي ويو
ڌاڳو....
مٿاهين کنوڻ چمڪِي،
سهڻي،
جهڙ ڦڙ مينهن وسن ٿا
ڌاڳو....
رڻ جا ننڍڙا تلاءَ ڀريا،
سهڻي
۽ اباڻن جو ڏيهه به ڀرجي ويو
ڌاڳو....
چوڏهين پندرهينءَ تاريخ جي
چانڊوڪي،
سهڻي،
کيڏڻ جهڙي رات
ڌاڳو....
ٻيون سڀ ويجهيون آهن،
سهڻي،
پر هڪڙي ساهيڙي پري آهي
ڌاڳو
سچي سون جو!
3ـ ڪاڳڙو
[ٿر ۾ ڪانگ کي “ڪاڳ“ چوندا آهن ۽ پيار مان ”ڪاڳڙو“. ناري ۾
پرڻيل ڇوڪري ڪانگ کي لنوندو ڏسي ڳائي ٿي:]
ڪوٺيءَ مٿي ڪاڳڙو، لَنيو ڏي لاتين؛
پڇي پاڙي وارئين، ”مام! ڪاڳ ڪڄاڙو چوءِ؟“
ڙي پڙا ڪاڳڙا!
تون اڏامي وڃ،
آءُ ويٺي وس گهران،
پنهنجي وڳر ته شال وران!
اڇي ميڙي اوجلي، جنهن ۾ لڳي ٿڌو واءُ؛
ڪتيان ويٺي چُونئن ۾، آيم مو ڀِي ڀاءُ؛
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا!.....
مٺي پر ڏيهه سوکڙي، مٺو موڀي ڀاءُ؛
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا...
ماکيءَ مٺي مصري، مٺو ماءُ وياءُ
مٺي پرڏيهه سوکڙي، مٺو موڀي ڀاءُ؛
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا....
اڇو اُبيڇڻ ڇانڀ سين، مڪو منهنجي ماءُ؛
مَرڪي ڪنديس مٿي تي، اُو چٽيئين ڪوڏ منجهاءُ،
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا....
(مام= منهنجي امڙ؛ چونئن= ڪنڊ؛ موڀي= وڏو؛ ابيڇڻ = بوڇڻ؛ ڇانڀ-
ڇاپو، رنڱ)
4ـ وندل
[”وندل“ نالي هڪ ڇوڪريءَ کي ڏائڻ سس ڪُهي ڇڏيو؛ هن جو مڙس پرديس
مان آيو ۽ کيس نه ڏسي پڇا ڪري ٿو- پوءِ جي گفتگو
سڄي هن گيت ۾ چيل آهي؛ هو اول ته ماءُ کي ”امان“
چوي ٿو، ۽ خونڻ ثابت ٿيڻ تي چڙ مان کيس ”خونڻ
ڪُتي“ ٿو سڏي. هي خيالي ورلاپ به سس جي ستايل
ڪنوار پاڻ ئي ڪري ٿي.]
هت جا ڇڏي هيم ننڍڙي، ڙي امان، امان!
ناهي راوَل ڌيءَ
ناهي سوداگر ننهن!
رات جا ويئي جنڊ تي، ڙي ابا، ابا!
سا وري نه موٽي!
شهزادي،
وندل ٻائي!
جنڊ جنڊ ڪري نهاريم، ڙي امان، امان،
ناهي...
رات جا ويئي تڙ تي!...
تڙ تڙ ڪري نهاريم....
رات جي ويئي جيڏئين....
هڪ هڪ ڪري نهاريم....
رات جا ويئي مائٽين....
گهر گهر ڪري نهاريم....
(هاڻ گهر ۾ ڳولا ڪري ٿو)
هت جي ڏٺم نؤرا گنگهرا، ڙي امان، امان!
تنهن نورڙي جَرُ ڇڏيو ناهي....
(ماءُ خوش آهي)
هيءَ جا ڏسان ٿو رت ترائي، ڙي امان، امان!
تنهن رتڙي گهاءُ ڪيو
ناهي....
رات جو آيو ڪاسائيڙو، ڙي ابا، ابا!
تنهن ته ٻڪرو ڪٺو!
شهزادي،
وندل ٻائي!
ڪوڙ ٿي ڪرئين ڙي خونڻ ڪُتي!
تو ته ڪٺڙي ڪنوار
ناهي....
ايءَ ڇڏي ٻي آڻ، ڙي ابا، ابا!
جهجها ڏيانس وڳا!
شهزادي،
وندل ٻائي!
جا تو نه سٺي پنهنجي، ڙي خونڻ ڪتي!
سا ڪئن سهندئين پرائي؟
ناهي راول ڌيءَ،
ناهي سوداگر نهن!
شهزادي،
وندل ٻائي!
5ـ ڍاٽيڙو
سياري جي ٿڌيءَ ۽ خاموش رات ۾ ٿر جي ڪنهن به ڏهر مان لنگهبو، ته
هڪ زوردار ۽ مٺڙي تانِ ٻڌڻ ۾ ايندي، جا ميلن تائين
پيئي ٻڌبي آهي. اها تانِ غريب ڌراڙن جو ”ڍاٽيڙو“
هوندو آهي، جنهن جو پس منظر هن خيال آکاڻيءَ تي
ٻڌل آهي، ته ٿر جي ڍٽ واري حصي جو ڪو ڍاٽيڙو (ٿري)
لاباري لاءِ ناري ۾ وڃي ٿو ۽ اتي ڄڻ ته ڪا وڏ-
گهراڻي ڇوڪري مٿس عاشق ٿي ٿئي، ۽ هن جا وارث کيس
ڍڳي جي چوريءَ جي ڪوڙي فرياد ۾ جيل ٿا اماڻين،
پٺيان سندس معشوقه فراق جا آلاپ ٿي ڪري- ”هيلوڪو
وري“ جي معنيٰ آهي“ هڪ وار موٽِي اچي.“
ڪي وري انهيءَ بند بدران ”منج ڪو منجيو“ يعني ”موڪل ڪو سنيهو“
چوندا آهن. اهو گيت اصل ته ايترو آهي، پر پوءِ هر
ڪنهن حصي جا ڌڻار پنهنجي پنهنجي گهرجن ۽ تمنائن
موجب سدائين پيا ان ۾ اضافا ڪندا آهن. جيڪڏهن اهي
سمورا گڏ ڪجن، ته شايد 3-4 سؤ بند ٿي ويندا. ٿري
پاڻ کي ”ٿري“ ۽ ”ڍاٽي“ سڏيندا آهن؛ ۽ ناري ۽ لاڙ
وارن کي ”سنڌي“.
سارو تان سيارو، مون گنديءَ ۾ گذاريو،
رليءَ جي رولاڪي ماريو، ڙي.
ڍاٽيڙا!
هيلوڪو وري!
ٻيون تان پاڻياريون پاڻيءَ ٿيون ڀرين
هڪڙي تان پاڻياري ڳوڙها ٿي ڳاڙي، ڙي....
پٽَ جي پاڻياري، ڍَٽَ جو ڍاٽيڙو،
الستي انگڙو وريو، ڙي....
سايون تان ڪانئچون آءُ سنڌين جون کانيان،
مون کي کتيلو گوڏير وڻيو، ڙي....
ڳاڙهيون تان کٽون آءُ سنڌين جون کانيان،
مون کي واريءَ جو وڇاڻو وڻيو، ڙي....
بگو تان ڍڳو، سو وڏيرن سندو،
موڙي منجهه مرندو ڏسان، ڙي،
ڍاٽيڙا!
هيلوڪو وري!
6ـ منڌيئڙو
[”منڌيئڙو“ يعني کير ولوڙڻ جو ”جهيرڻو“ جو ٿر جي هڪ وڻ جي پاڙ
مان ٺاهيندا آهن ۽ بيحد مضبوط ٿيندو آهي. هيءُ گيت
گهڻو ڪري عورتون وڏي ماٽي ولوڙڻ وقت ڳائينديون
آهن، ۽ اسر ويل اهو نهايت دلڪش معلوم ٿيندو آهي.]
سائينءَ ڪئڙو سُگار، منڌيئڙو گُڙڪي!
لٿو ڏيهه تان ڏڪار، منڌيئڙو گُڙڪي!
جنين رکيو ٻج لاءِ،
مَر وَسي لي ري،
تان جون اسيون پڄاءِ!
منڌيئڙو گُڙڪي!
جنين رکيو لاڀ لاءِ،
مَرِ وسي لي ري،
تن جون تون ڪوٺيون ڊاهه!
منڌيئڙو گُڙڪي!
پکو کوڙيم پٽ تي، سٻر ساري ڀِت....
اسان آسون پنيون، گهر گهر ماٽيءَ ڇاهه....
رزق ڏيئيم رحمتي، ماٽيءَ ميهو کير....
پٽ تي ڏيئم جهنڊلو، جهجهي چوڻي سان....
پُٽين ڀائرين ڀائيٽين، هوئيم جوڙَ سَجوڙ....
اڻ منڱيا منڱيائين
مَر وسي لي ري،
مڱَين موڙَ ٻَڌاءِ!
منڌيئڙو گُڙڪي!
(سگار= سڪار؛ مروسي لي ري = ڀل ته وسي وٺي؛ ڇاهه= جهڻ؛ ميهو=
ماهيو، مينهن جو؛ جهنڊلو= گهاٽن وارن وارو؛ چُوڻو=
رزق، عمر؛ اڻ منڱيا = جن جو مڱڻو ٿيل نه هجي.)
7ـ جهالريو
”جهالَريو“ لفظ جي معنيٰ ڪنن جو هڪ زيور، جنهن کي ”جهالاريو“ به
چوندا آهن. هي سون جو ۽ بيحد خوبصورت ٿيندو آهي،
جو ڪن جي مٿئين حصي ۾ پائبو آهي ته سڄو ڪن ڍڪجي
ويندو آهي، پر ڳرو هجڻ سبب هاڻي شهرن مان ان جو
رواج گهڻو ڪري نڪري ويو آهي. هن بيت جي پهرينءَ تڪ
۾ ڄڻ ته ڀاءُ جي طرفان اهو اظهار ڪيل آهي ته
”منهنجي کيٽ ۾ ٻور ٿيو آهي؛ عنقريب آءٌ تنهنجي
جهالريو ٺهرائي تحفي طور کڻي ايندس“ ۽ پوءِ ور ور
ڏيئي اهو لفظ هن لاءِ اچي ٿو، جو ڀيڻ کي ان تحفي
جي تمنا آهي.“)
کيڙيئي ري کيتر ۾
هون تان تيهڙو گهڙائيسان هيل،
ملڪو، جهالريو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، سِيمڙئين؟
اوتان، سِيم ڪيو سِڻگار!
ملوڪ، جهالريو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، ريل ۾؟
اوتان، کوهه ڀريا کنڊ کير!
ملوڪ، جهالريو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، کوهه تي؟
اوتان لاج مري پاڻيهارا!
ملوڪ، جهالريو!
ڪاهي ري پاڻيهاري، تون لاج مري؟
هون تان وِچِلي ٻانهياري رو وير!
ملوڪ، جهالريو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، جهانپئي؟
او تان رِڻڪي ڀُوري مينس! رڻڪين؟
ملوڪ، جهالريو!
ڪاهي ري ڀُوري مينس! رڻڪين؟
هُون تان (فلاڻي) ڏوجهارڻ رو ويرا!
ملوڪ، جهالڙيو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، آڱڻي؟
اوتان ڇنڊيا عطر گلاب!
ملوڪ، جهالريو!
چاراڻي رو ڏيس گهوڙلو،
وتان ڏيسي گهڻا رنگ پاٺ!
ملوڪ، جهالريو!
*******
”کيڙيئي“ جي کيٽ ۾ ٻور ٿيو آهي
هن سال آءٌ تنهنجو گهڙائيندس
سٺو- جهالريو!
هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي، ڀيڻ،
سيم (چراگاهه) ۾؟
جو سيم ئي کڻي سينگار ڪيو آهي!
سٺو جهالريو!
هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي ڀيڻ، ڏهر ۾؟
جو کوهه ئي کير سان ڀرجي ويا آهن!
سٺو جهالريو!
هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي ڀيڻ، کوهه تي؟
جو پاڻياريون شرم ۾ ٻڏي وڃن ٿيون؟
سٺو، جهالريو!
پاڻيهاري! تون لڄ ڇو ٿي مري؟
آءٌ ته هن وچ ۾ بيٺل ٻانهياريءَ جو ڀاءُ آهيان!
(ڪو ڌاريون نه آهيان)
سٺو، جهالريو!
هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي، ڀيڻ، گهر ۾؟
جو ڀُوري مينهن ٿي رڙي!
سٺو، جهالريو!
”اڙي ڀُوري مينهن! تون ڇو ٿي رڙين؟
آءُ فلاڻيءَ (نالو ڀيڻ جو) کير ڏوهندڙ جو ڀاءُ آهيان!
(ڪو ڌاريو نه آهيان)
سٺو، جهالريو!
هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي، ڀيڻ، اڱڻ تي؟
جو ڄڻ ته عطر گلاب ڇنڊيا ويا آهن!
سٺو، جهالريو!
هو سيڻن کي تحفي ۾ گهوڙو ڏيندو،
۽ ٻيا به گهڻيئي سٺا سامان ڏيندو-!
سٺو، جهالريو!
فقير منٺار مارانوي
ڪافي
ٿل: سي ڪل ڪشالا ڪوڙا ٿيا
جي پيروي پيغمبر جيءَ کان پري
رب ريجهائڻ جي رَمز ساري
ويو محب مدني پڌري ڪري
قُل اِن ڪُنتمُ تُحِبّونَ الله فَاتّبِعُونِي
[2]
منهن موڙي جي منڪر ٿيا
خود خدا قرآن ۾ چيو
تهدل ويا سي دوزخ تري
مَن ضَيَعَ سُنتِّي حَرُم عليہ شفاعتي
[3]
جن ڪيو طريقي ترڪ نبيءَ جي کي
احمد ائين چيو
ٿيو پرور تنين کان پري
منٺار چئي منهنجا ڌڻي
ڏي توفيق تون طاعت سندي
منجهه متابعت محبوب جي
مسڪين هي شال مري
آچر ماڇي (مرحوم)
هُنر پنج تني
اڌ رات گذري ڏوهه ٿيو هليا ناموز تي
اڌ ۾ ڪريم ڏٺو رڙهندي اتي ڀلو ڏيهه راهه اشرف ميزان جو
تون ٿو رهين هتي مهري اٺ جهنگ ۾ ويا ٿيا شاهد اتي
مهتا منجهي ناحق ڪيو وئي عدالت اتي
نرمل چيو ننگر کي آهي تنهنجو آب اتي
چئه چئه چوان اهلي درِ اتي
مام تنهنجا مسڪين سدائين بحر تي
آچر چئي اتي، پوءِ جيئرو پَرُ ٿيو.
چيرَ
عيدا رات گذري ڏينهن ٿيو هليا نماز تي
آدمي ڪريم رڙندي اتي
ڀلو ڏينهن رمضان شريف جو تون ٿو روئين هتي
مري مائٽ جنگ ۾ ويا ٿيا شهيد اتي
ماءُ ته منهنجي نئون حق ڪيو منهنجي وئي دولت اتي
نرمل چيو نينگر کي آهيان تنهنجو ابو اتي
چاچو چوان تنهنجو علي حيدر هتي
امام تنهنجا مسڪين سدائين ڀائر اتي
آچر چئي اتي پوڄارو ئي پُرُ ٿيو.
پير مختيار علي مختار
ڪافي
مون ساڻ محبت تون دلدار ڪري ڏسجان
هڪ ڀيرو وفا دلبر اي يار ڪري ڏسجان.
ضد زور نه توسان آ پر توسان حجت آهي،
هي آهي خطا ليڪن هڪ وار ڪري ڏسجان
ڏاڍو ته ستمگر آ، هي وقت سدا ٿيندو
ٻيهر هي وري موٽي ظالم نه ڪڏهه ايندو.
ڪجهه پيار پيارن سان سرڪار ڪري ڏسجان.
دل ماندي آ تنهنجي لئي هن ساڻ رکو ياري
مشڪل سان ڪٿي ملندي آهي ته وفاداري.
هڪ ڀيرو مٺا دلبر ويچار ڪري ڏسجان.
ايڏو نه پري ره تون پنهنجي ته ديواني کان
ڪو ڏوهه نه منهنجو آ سمجهو هي زماني کان
ساٿي تون صنم پنهنجو ”مختار“ ڪري ڏسجان.
فقير هدايت علي رڏ
صفاتي بيت
جهان اندر سامان ڪيتا رحمان دلي دلدار ڪنون
چار اناسر تيار ڪيتا سرڪار سجن سرڪار ڪنون
موءِ عجب خوشبوءِ کلي گي سوءِ والي گلزار ڪنون
هل حسن دا کُل پيا ڳيا ڀلي عطر عطار ڪنون
آفتاب اُتي مهتاب ڪون مليا تاب زلف دي تار ڪنون
برسات حسن برڪات والي جسمات ملي مهدار ڪنون
تجلي عين ڪجلي اعليٰ بجلي دي چمڪار ڪنون
غير آباد هوون آباد شاد شجر وسڪار ڪنون
اعليٰ ڳلي جهولي جهلي چاهدايت علي مل وسڻي
فيض سرڪار ڪنون.
ساجن ڪوريجو (مرحوم)
هنر جو بيت
آڇ نه اجڙوال کي عمر سو ٽڪن
جهوپا منهن جي جهانگيئڙن جا عمر سو ٽڪن
ڪاهيو وڃن قرب مان عمر سو ٽڪن
وڃيو اتي ۾ عمر ۾ سوٽڪن
آڻين ويل اجهو رجي عمر سو ٽڪن
مسڪين منهن جا مارو هڻن عمر سو ٽڪن
ڪي ڪي وري قرب مان هڻن عمر سو ٽڪن
ماري آهيان ميان سومرا تنهنجي عمر سو ٽڪن
عمر سو ٽڪن هتي شادين ۾ ساجن چئي
هنر جي چير
ادا عمر آڇ نه سو ٽڪن
جهوپا جهانگيئڙن جا عمر سو ٽيڪن
مال جون ڪاهيو وڃن عمر سو ٽڪن
وڃو اَتي ويڙهه ۾ عمر سا ٽاڪن
اجهو رجي محل سو ٽڪن ڪاهيو اچن سو ٽڪن
مسڪين مارو ڪپڙي کي هڻن سو ٽاڪان
ڪي ڪي وري هڻن عمر سو ٽِڪنُ
ماري آهيان تنهن جي عمر سو ٽوڪن
ادا عمر سوٽ هڪ ڪن هُتي شادين ۾ ساجن چئي.
نبي بخش ڏيٿو
مسجد ۾ لڳل سِرَ ۽ سگهڙ نبن ڏيٿي
جو مناظرو
ڏيٿو: سارهايان سچو ڌڻي، ساراهه ڪريان سرور
سک ڏسي سِرَ جا، ڳالهايانماس ادب ساڻ اکر
مان تنهنجو مٿي، ڪٿان پئي ڪسر
ماڳ تنهنجو مسجد ۾، دين سندي در
اچو ٻانها الله جا، رکن سجدي ۾ سر
پنج ئي وقت پاڻهي، تو وٽ وريو ڪن ور
تون سرتين جي سُنگ ۾، ويٺي آهين وچ وڳر
هڪ جاءِ تنهنجي جنت ۾، ٻيو مٿان ڀلن جا اٿئي ڀر
پئي رحمت وسئي رب جي، مالڪ جي اٿئي مهر
جتان کٽئي سا خبر، ڏس مون کي ڏيٿو چوي.
*
سِرَ: ڏَسڻ جي ڏاڍي ڪئي اٿئي، ڳالهه ڳري
هوند نبن نماز پڙهي، وڃين پنهنجي ڪار ڪرين
مڙي وڃ ماٺ ڪري، چوري ڪين چَري
نه ته ٻڌي مذڪور، منهنجي مصيبت جو پوندئي ڏيل ڏري
هن وقت وڃ وري، واپس اچج وچينءَ جو.
ڏيٿو: واپس چيو هئي وچين جو، آئون آهيان آيو
ڪر ڪهاني قريب جي، اٿئي ڪٿان ڪمايو
ڀلا عبادت ڪئي اهڙي يا اٿئي روئي رب ريجهايو
منهنجي روح سندو رايو، پورو ڪر ته پوءِ وڃان.
سِرَ: پورو ڪريان ته پوءِ وڃين ته ٿي کوليان ڪجهه خبر
هڪڙو ڪوڏر کڻي آيو ڪلهي تي تکي تيز تبر
دشمن جيان ڌڪ هنيائين زابر زور آور
ماءُ منهنجي مسڪين جا سدائين رهي صبر
ماس ڪبي منهنجو وري ڇڏيائين پاڻيءَ ڇَرَ
ويهي وري اچي ورتائين وڌا کڻي وَرَ
سئي ڪٽي سختيءَ سان ويو پوئتي انهيءَ پهر
جيڪي ڪيائين مونسان قهرسي سڻائبا توکي صبح جو
ڏيٿو: سڻائڻ جو چيو هئي صبح جو آئون پهتو آهيان پرڀات
اون انهيءَ ۾ نه آهيان ستو ساري رات
ڪر حقيقت حال جي ويهي پنهنجي وات
جتان ڏاتر ڏنئي ڏات اُها آکاڻي ٻڌاءِ اڳتي
سِرَ: آکاڻي ٻڌائين اڳتي ته موٽي آيو مون وٽ ڦري ويل فجر
کڻي مون کي کڏ مان ڪڍي ڪيائين ڪَپرَ
سامان اُهو سولو ڪري وري هٿ ڳنڍيائين هيڪر
ڇني مون کي ڇوهه مان هنيائين ڪا رب ڪاريگر
مٿان مون کي مار ڏئي رکيائين ڀيڻي اُنهيءَ ڀَرَ
جڏهن پڙ اُهو پري ٿيو ته نشان ٿيو نمبر
مٽي نالو منهنجو ويو سڀڪو سڏي سِرَ
هيس پئي منجهه پڌر رات اُتي رڻ ۾
ڏيٿو: ڏينهن جو ڏس، اچي ڪهڙو ڪيائين آچار
ڪو رحم پيس روح ۾ يا ڪاوڙي ٿيو قهار
ويتر وڌ ڪو باري ڏنائين بار
جي اوکو ڪيائين آر ته مثال ٻڌاءِ مصيبت جو
سِرَ: سِري آيو شام جو ڪيائين پلٽي پاسي ڀر
ٻيون مٿان چاڙهيائين منهنجي ۽ پنهنجي ڪيائين پَرِ
گهوڙيون هڻي گڏ ڪيائين سڀئي سراسر
سڏي شاهوڪار کي ظاهر ورتائين زَرِ
وڃين لڳو هو پنهنجي گام گذر هٿ ڏئي ويو هن جي
ڏيٿو: هٿ ڏئي ويو هن جي ڪئي انهيءَ ڪهڙي انصافي
ڪو سلوڪ ڪيائين سٺو يا انهي به مورهون نه ڪئي معافي
جي ڀلا ڪيائين انهي ڪافي ته ڏس کڻي ڏيٿو چوي
سِرَ: سُڪڻ کان پوءِ سنبري آيا ڏٺائون وري ويچاري
کڻي وڌائون کوري ۾ اُتاهائون اُٿاري
وڍي آيا وڻ مزور سي ماري
آڳ ڏنائون انهن کي ٻنڀان سا ٻاري
هو ڀي جليا پنهنجي جوش ۾ وڌائين اسان آزاري
سختي منهنجي ساهه کي ڇڏئين ڏاڍي ڏيکاري
پر ادا مون سان اهڙي ڪيائين وڌائين رت رئاڙي
سورنهن پهر هيس سختي ۾ هيس سائين سهاري
اُتي هيم ياد ٻولي يونس واري ٻي ڇڏيم وائي وساري
پوءِ رنگ رچي ريٽو ٿيو وڌو سولي سينگاري
رب کڻي رحم ڪيو ڇڏائين تار منجهان تاري
لاهي لٽ منهنجي لڱن تان آندائون ٻاهر ٻَهاري
صحيح سنڀاري آڻي ڇڏيائون اُس تي
ڏيٿو: ٻڌي تڪليف تنهنجي مون کي ويچار ٿيو آ وڏو
ڀلا اُتي هئين آرامي يا ڦري ڪيائون ڦڏو
سٽايائون ڪٿي سڃ ۾ لاهي اوهان جو لڏو
جيڪو اڳي ڪيائون آڏو سوَ پڪو ٻڌاءِ پنهنجو
سِرَ: پڪو ٻڌائين پنهنجو ته وري آيو وڪري جو وارو
هڪڙو هلي آيو حُب مان سخي سوڀارو
تنهن مذڪور ڪيو مسجد جو ڏسيائين اهڙو آچارو
مون به عرض ڪيو الله کي ٻڌي نوري نظارو
نبن منهنجي نصيبن ۾ پيو ڍري اُهو ئي ڍارو
خريد ڪيائين خوشي مان ڏئي مُلهه موچارو
چاڙهي وڌائون چوڏول ۾ آيا چلي اهو چارو
ڪري مٿي ڀر مارو ڌڪا ڏئي ويا ڌوڙ ۾
ڏيٿو: ڌڪا ڏئي ويا ڌوڙ ۾ ڪري ويا پنهنجي پڄاڻي
جنهن مٽيءَ مان مٿي ڪئي ڪر تنهنجي ڪهاڻي
جنهن هت رسائي راڻي اُهو مرد ٻڌاءِ تون مون کي
سِرَ: ڏٺم ڏيٿا هڪڙو آيو اڪابر
وقت انهيءَ وهنجاري مستريءَ ڪڍائي مَرُ
پاڻي ويتر پاڪ ڪيو اُجرو ٿيو اندر
هڪڙيون اُڇلايائون اونداهه ۾ تني ورتو تر
ڪيائون قطارون قرب مان ڏئي سيمنٽ ساڻ ثمر
هڪ ٻئي مٿان هنيائين لاکيڻين جو لشڪر
ته مڙني ۾ مٿي کڻي ڪريم ڪيو منهنجو ڪر
ڏکن پٺيان سک ڏي ٿو ڏاتر
هڪ لحظي ۾ لهي ويو جيڪو ڏٺو هوم ڏڪر
هتي اچي هرڪو ادب سان توڙي هجي تونگر
هيءَ جاءِ جهڪڻ جي توڻي سڏائي سڪندر
هاڻ قرآن منهنجي ڪڇ ۾ ڏنائين گهرائي سندو گهر
مون پڙهيو آهي لااِلالله محمد رسول الله ڪونهي هاڻ ڪفر
هتي هنڌ حضور ۾ ڪندو موچارو محشر
اٿن دين کٽيو دلبر نبن، پئي ننڊون ڪريان
انب واڍو مرحوم
هنر سُرُ سسئي
مومل ڏير ڏٺا هئا، آيا ڪيچي ڪري قطار
سهڻي ڇڏيائون ننڊ ۾ رکي عيب اپار
مارئي هلي روهه ڏي، لاهي مُنڌ مڻهيار
ليلان چڙهي لڪن تي، پڇي پنهل جا پار
ڀوري لاءِ ڀتار، ٿي واڍو چئي وڻڪار ۾.
چير
مون ملي ڏير ڏٺا هئا، آيا ڪيچي ڪري قطار
سڻي ڇڏيائون ننڊ ۾ رکي عيب اپار
مان روئي هلي روهه ڏي لاهي منڌ ميار
ليلائي چڙهي لڪن تي پڇي پنهل جا پار
ڀوري لاءِ ڀتار ٿي واڍوڙي وڻڪار ۾
محمد سومر چنو
صفاتي بيت
ڏوهين جهان ڏاهي دي حاڪم ڪيتي حوالي. ملدا ڪون مثالي
حسينان سڀوئي حيران ٿيان سونهن سندس سلالي ملدا ڪون مثالي
هنج هاٿي حيران ٿئي لڳا ڪيهر ڪون به ڪمالي ملدا ڪون مثالي
مور مرگهه مطيع ٿئي چشما چڱي چالي ملدا ڪون مثالي
دشن دانهه ديواني ڪيتي نه موتي ڪون به مجالي ملدا ڪون مثالي
گل گلابي عطر اعليٰ وڌ لبن دي لالي ملدا ڪون مثالي
شوق گهڻا ها شمس ڪون حب رکي حلالِي ملدا ڪون مثالي
هلدا جهن دم هوت هزاري جٽ چئچل دي چالي ملدا ڪون مثالي
در دلبر دي جيڪي آنودي پيئيندي پُر پيالي ملدا ڪون مثالي
مئا جياري عجيب آوي ٿيندا بيشڪ سو بحالي ملدا ڪون مثالي
وُهه سهڻا سائين سڀياندا ننگي به ننگ پالي ملدا ڪون مثالي
هِڻادا هامي ضعيفان دا ضامن لاکِيڻا لڄ پالي ملدا ڪون مثالي
ثنا تنهن دي ثابت ڪيتي جائي رب جلالي ملدا ڪون مثالي
خان انهن دي خدمت وچ سومر دا به سوالي ملدا ڪون مثالي
|