سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :4

 

مقالا

 

 

 

”لوڪ ادب“ تاريخ جي ضخيم ڪتابن مان نه ملندو، ڇاڪاڻ ته ان جو، جنم اتي نه ٿو ٿئي، پر ان جو سرچشمو ”عوام“ آهي، جنهن جا سپنا انهن املهه ۽ اڻ لڀ خزانن جا ”امين“ آهن. عوام جي زندگي سادي، تنهن ڪري سندن ٻول به سادا، عوام جو ماحول سادو، تنهن ڪري سندن خيال به سادا، پر انهن سادن ٻولن ۽ خيالن ۾ جا بلندي رهي ٿي، سا سندن ٻَڌ جو قوي دليل آهي. جيڪو به ٻول ٻوليندا، سوچَٻي ڇٿي، وِهڃائي ويچاري، ڳَڻي پَهي ۽ ٽلي سلي، جنهن ۾ سندن روشن خيالي ۽ قوت مشاهده عالي پئي للڪاريندي. اهي پٺن اگهاڙا، پيرين پيادا، کُڙيءَ کهه لڳل، ليڙن لپيٽيل، سادي قوت وارا، جڏهن به صدري ۽ خزاني وارا موتي هاريندا، تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا ته سادي سيني مان، ڪهڙا نه مُلهه مهانگا موتي ملن ٿا. هر ملڪ جي ادب جو سينگار، اهي ئي ”لوڪ ادب“ جا ماڻڪ موتي لعل آهن.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

(لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو)

 

 

ڪافي ۽ اُن جو فن

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

ڪافيءَ جي ساراهه:

”انسان ۾ هڪ روح آهي، جنهن جو واسطو دل سان آهي؛ ۽ ٻيو نفس آهي، جنهن جو تعلق جسماني ۽ دماغي لذتن سان آهي. روح کي حقيقت وڻندي آهي ته دل کي فرحت بخشي ٿو. نفس کي مبالغو ۽ ڪوڙ وڻي ٿو، جنهن مان جسم ۽ دماغ کي آرام رسي ٿو.“

ڪافيءَ ۾ حقيقت، واقعيت ۽ حال بيان ٿيندو آهي. غزل ۾ اڪثر مصنوعيت، اجنبيت ۽ مبالغو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪافي ڳائڻ وقت سڪوت پيدا ٿيندو آهي ۽ ماٺ طاري ٿي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي، جو روحاني فعل آهي، ۽ غزل ٻڌڻ وقت ”واه واه“ جا نعرا بلند ٿيندا آهن، اهو دماغي ڪم آهي. هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته غزل ۾ به حقيقت ۽ واقعيت بيان ٿيندي آهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن، ۽ اهڙا شاعر بلڪل ٿورا هوندا آهن، جن جي غزل ۾ اهي شيون هجن. ”ديوان عطا“ جي ديباچي ۾ غزل بابت هڪ هنڌ لکيل آهي ته:

”غزل حسين ڇوڪرن سان عشق ڪرڻ جي مضمونن، وصل ۽ ميلاپ بابت، بوس و ڪنار جي اگهاڙن جذبن واري کليل بيانن جي ڪري بدنام ٿيل آهي. ايتريقدر جو فارسي زبان جا پڪا ۽ مڃيل شاعر به انهيءَ اگهاڙپ کان پاڻ بچائي نه سگهيا آهن.“(1)

نفس جي پاڪائيءَ لاءِ ٽن قسمن جي پاڪائي ضروري آهي: هڪ جذبات جي پاڪائي، ٻي عمل جي پاڪائي، ٽين فڪر جي پاڪائي، جذبات جو تعلق دل سان آهي، فڪر جو تعلق دماغ سان ۽ عمل جو تعلق دل ۽ دماغ ٻنهي سان آهي. ڪافيءَ ۾ اهي ٽيئي پاڪايون موجود هونديون آهن. پر هيءَ ڳالهه لازمي آهي ته شاعر، شاعر هجي!

”نفس جي علم هي ثابت ڪيو آهي ته انسان جي دماغ ۾ اهڙا پردا آهن، جن تي آواز قائم ٿي ويندو آهي. عمر جي لحاظ سان انسان کڻي هڪ ڏينهن جو ڇو نه هجي!“ اهوئي سبب آهي جو ڪافيءَ جا پاڪ مضمون ننڍڙي هوندي کان ئي ٻڌندي، اسان جا سنڌي شاعر پاڪ دل، نيڪ نيت ۽ سهڻي فڪر وارا ٿيا. هونءَ به اڳئين زماني ۾ هرهنڌ ٻارن ۽ ڇوڪرن، توڙي ڇوڪرين جي آڏو سندن مائٽ ۽ ٻيا ماڻهو گٿا لفظ ۽ واهيات ڳالهيون ڪونه ڪندا هئا.

نه فقط ايترو پر، سنڱن بندن جون ڳالهيون به ايتريقدر ته مخفي ڪندا هئا، جو آخري فيصلي کان پوءِ ئي ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي سندن شادي ٿيڻ جي حقيقت معلوم ٿيندي هئي. اهو ئي سبب هو جو اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ بالغ ٿيل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي رانديون ڪندا هئا، تڏهن به منجهن نفساني جذبا پيدا نه ٿيندا هئا، وغيره وغيره. مگر هن زماني ۾ ٻارن جا ماءُ ۽ پيءُ سندن منهن تي ئي آل جال پيار ۽ هڪٻئي سان گستاخيون ڪن ٿا. اهو انهن گستاخين جو ئي نتيجو آهي، جو موجوده دؤر ۾ جرم ۽ سياه ڪاريون حد کان گهڻو وڌي ويل آهن. اهڙيءَ حالت ۾ شاعري به اهوئي ته رنگ وٺندي! اڄڪلهه جي اسڪولن ۽ مدرسن ۾ ڇا ڇا ٿي رهيو آهي، اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. اخلاق جو رڳو نالو آهي، ظاهر ۾ هڪ رسمي پابندي آهي، مگر باطن ۾ ان جي برخلاف ٿي رهيو آهي! ڇا انهن حالتن جو اثر ادب تي ڪونه پوندو؟ اسان جي درويشن، فقيرن ۽ الله وارن اخلاقي سماع جون محفلون رچائي، انهن ۾ انهيءَ رنگ ڍنگ جو ڪلام ڳارائي، ننڍن توڙي وڏن کي الله جي طرف موڙيو.

 

ڪافيءَ جي ڀڃ – گهڙ:

4- نومبر، 1944ع ميرپورخاص ۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي طرفان هڪ ادبي محفل ٿي هئي، جنهن جي صدارت سيد ميران محمد شاهه ڪئي. پاڻ صدارتي تقرير ۾ چيائين ته:

”اسان هتي  هن لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته ڪافي، ڪي چئون، ڪي ٻڌون. مگر خاص انهيءَ خيال سان ته ان ڪافيءَ کي، سنڌي زبان جي ان ذخيري کي، ائين ڪرڻ سان زنده رکون“(2) انهيءَ محفل ۾ مسٽر غلام حسين سومري چيو ته:

”اسان مسلمانن وٽ دعاي ڪاف آهي، جنهن ۾ ڪاف جا لفظ تمام گهڻا ڪم آندل آهن.

ڪافي شايد اتان ورتل هجي.“

تنهن تي پروفيسر سدارنگاڻيءَ چيو ته

”عام طرح چوڻ ۾ ايندو آهي ته هيءَ ڳالهه ڪافي، يعني قناعت پذير آهي، اوائل ۾ ممڪن آهي ته قناعت جو مدنظر ”ڪافي لفظ استعمال ٿيو هجي.“

ڪجهه وقت گذرڻ بعد، سيد عطا حسين شاهه موسويءَ پنهنجي ڪتاب ”ڪچ ڪوڏيون“ ۾ ”ڪافي“ جي عنوان سان لکيو ته

”هر ڪنهن ملڪ جي زبان ۽ تمدن تي فاتح ملڪن ۽ حڪمران قومن جو گهرو اثر پوي ٿو. عربن جي اچڻ ڪري عربي رسم الخط جاري ٿيو، عربي لفظ گهڻي قدر جاري ٿيا. عربيءَ ۾ ”ڪفة“ جي معنيٰ آهي دڦ جي ڪاٺي، جنهن ۾ گهنگهرو پيل هجن. ”استڪفوا“(3) جي معنيٰ آهي خيرات وٺڻ يا خيرات گهرڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ، ۽ فقير جو هٿ جي تريءَ تي پئسا وٺڻ.“ آخون رب ڏنو، مجاور درگاهه شريف حضرت غوث الحق مخدوم نوح، ان ”ڪافي“ جي لفظ بابت لغت جو هي رايو ڏنو ته:

”لفظ ”ڪافي“، ”ڪفِي“ مان نڪتل آهي، جنهن جون ٻه معنائون آهن: هڪ ته ساهميءَ جي ٻنهي پُڙن جو برابر هئڻ، ۽ ٻيو ته شعر جي قافين ۾ ڪونه ڪو اختلاف هجڻ. اهو اختلاف لفظي هجي يا معنوي، عرفي هجي يا اصطلاحي يا اعرابي. اختلاف جي برخلاف اتحاد هجي ته ان حالت ۾ قافيو نه بلڪ ان کي رديف چئبو. امڪان آهي ته شعر جي ٻنهي مصرعن جي هموزن ۽ توري تڪي تُڪُن ٺاهڻ کي ”ڪفي“ مان ”ڪافي“ ٿي ويو هجي.

”لفظ ”ڪافيءَ“ جي مادي جو اشتقاق آهي ”ڪُفُو“، جنهن جي معنيٰ به ٿيندي ساهميءَ جا ٻئي پُڙ برابر. تنهنڪري اصطلاح ۾ انهيءَ معنيٰ جي لحاظ سان ڪنهن خاص نظم جو نالو ”ڪافي“ رکيو ويو آهي، ڇو ته هرهڪ مصرع جون حرڪات، سڪنات ۽ وزن هڪجيترا ۽ هم وزن آهن. انهيءَ ڪري اصطلاح ۾ لفظ ”ڪافي“ بابت لکي ٿو:

”ڪاف ڪلمن مان ”ڪاف“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي چمڙو سبڻ، چمڙو وڍڻ، ڪنهن شئي کي ڪناري تي ڪرڻ. ”قاف“ فرشت سان ”قاف“ لفظ جي معنيٰ ڳولا ڪرڻ، تلاش ڪرڻ. مجازاً بعض صوفي بزرگ پنهنجي لاءِ جاءِ ڪنهن جبل جي چُر ۾ رياضت يا مراقبي لاءِ اختيار ڪندا هئا، تنهن کي ”ڪافي يعني تلاش حق لاءِ گوشه نشينيءَ جي جاءِ سڏيندا هئا. انهيءَ معنيٰ ۾ اسان جي سنڌي ”ڪافي“، لفطن جي اهڙي چُر يا گفا آهي، جنهن جي ٻاهرين شاعرانه بيهڪ ۾ اندروني تلاش حق جي ڪٺن پروڙ به سمايل آهي.“

مولانا فضل احمد غزنوي بي. اي. اديب فاضل، منشي فاضل ۽ قرآن جو سٺو مفسر آهي، ۽ عربيءَ جي تمام گهڻي ڄاڻ رکي ٿو. ”ڪافي“ بابت سندس رايو آهي ته:

”ڪافي عربيءَ جو لفظ آهي. ان جو مادو ”ڪفي“ ۽ مصدر ”ڪفايَة“ آهي، ۽ ان جو اسم فاعل ”ڪافي“ آهي. ڪافيءَ جي اصل معنيٰ آهي ”خالي ٿيل جاءِ ڀرڻ“ ۽ ان جو عام استعمال، ”مراد حاصل ڪرڻ“ ۾ ٿئي ٿو.

”سنڌيءَ ۾ ”بس، هي ڪافي آهي“ چئبو؛ يعني ان کان وڌيڪ ضرورت نه آهي. مصدر ان ريت ايندو: ”ڪافي هجڻ، ”حاجت جيترو پورو هجڻ“، وغيرها.

ڪافيءِ جا قرآن پاڪ ۾ استعمال هيٺين ريت آهن:

”کفي الله المومنين القتال“ (جهاد ۾ مومنن پاران بس الله ئي ڪافي آهي). يعني جهاد کٽي ڏيڻ سان مراد پوري ڪندڙ آهي.

”اليس الله بکاف (ڪافي) عبده“ (ڇا الله ئي پنهنجي ٻانهي- محمد پاڪ جي مدد لاءِ ڪافي نه آهي؟)

(از مفردات راغب اصفهاني، لسان العرب، تاج العروس، القاموس، صراح وغيرها).

 ”منهنجي تحقيق هيءَ آهي ته سنڌيءَ ۾ هي جيڪو ”ڪافي“ جو استعمال ٿئي ٿو، سو بنهه غلط آهي؛ ڇو ته ان لفظ مان بيت يا شعر وغيرها جي معنيٰ اصل ڪانه ٿي نڪري. دراصل هي لفظ ”قافيه“ آهي، جنهن مان ”قافي“ لفظ بمعنيٰ الڪلام المقفيٰ آهي. يعني قافيي سان ٺاهيل ڪلام، بيت، شعر وغيره.

”جڏهن سنڌي ادب مان عالم لڏي ويا ۽ رڳا انگريزدان ۽ سنڌيدان حضرات رهجي ويا، خاص ڪري وچ ۾ سنڌي ادب واڻين جي هٿن ۾ هليو ويو، ته انهن ”ق“ جي بدران ”ڪ“ ڪتب آڻڻ شروع ڪيو، جو هاڻي ”ڪافي“ بنجي ويو آهي، اهڙين بگڙيل لفظن جا اُچار شاهه جي رسالي ۾ الاهي ملندا. مثلاً ”آگا“، جو اصل لفظ ”آغا“ آهي، ۽ ”بگڙ“، جو اصل ۾ ”بغير آهي.“

لفظ ”ڪافي“ بابت مٿيان بحث ڪيتريقدر صحيح يا غلط آهن، انهن جو فيصلو عالم ۽ اديب ڪندا. مگر مطلب هو ته ڪنهن حد تائين ”ڪافي“ لفظ جي ساراهه ٿئي.

سنڌي شاعري ۽ ادب جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو هر دؤر ۾ ادبي محفلون، مشاعرا، ڪچهريون ۽ رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. انهن محفلن ۽ رهاڻين ۾ نه رڳو عربي، فارسي، اردو ۽ هندي زبانن ۾ لکيل ڪلام ڳايو ويندو هوندو، بلڪ سنڌي زبان جو ڪلام به لازمي طرح پيش ٿيندو هوندو، ڇا سنڌين کي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ واري زبان سان پيار نه هوندو؟ جي ها ته پوءِ رڳو سنڌي دوها ئي ڳارايا ويندا هوندا ڇا؟ نه نه، يقيناً سنڌي زبان جي شاعريءَ جي ڪا ٻي صنف، دوهن کان سواءِ به ڳائي ويندي هوندي، جيڪا ڪافي ئي ٿي سگهي ٿي. شيخ لاڏ جيئي کان پوءِ ڪافيءَ تي سرڪاري بندش ٿورو ئي پئجي ويئي هوندي، جو پوءِ ٻارهين- تيرهين صديءَ جي هجريءَ جي شاعرن اچي لهرائي هوندي! ايتري شڪر گذاري به جرمن جي قوم جي هڪ پادريءَ ٽرمپ صاحب جي مڃڻ گهرجي، جنهن شاهه جو ڪلام ڇاپائي، سنڌين جو ڪُر مٿي ڪيو.

 

ڪافيءَ جا گهاڙيٽا:

جهڙيءَ طرح موزون شاعريءَ ۾ ڪيترائي وزن آهن، جن ۾ غزل، مسدس ۽ قطعا يا رباعيون وغيره لکجن ٿيون، تهڙيءَ طرح غير موزون شاعريءَ ۾ ڪافي جا به گهڻائي وزن آهن، جن کي آءُ ”گهاڙيٽا“ سڏيان ٿو. جيڪڏهن ڌيان ڏجي ۽ ڪوشش ڪجي ته بيت ۽ ڪافيءَ جا ڪيئي وزن ۽ بحر مقرر ڪري سگهجن ٿا. پر ڪافي، جا محدود چيز آهي، ان کي محدود ڪري ڇڏڻ يا هروڀرو ڪنهن بکيڙي ۾ وجهي ڇڏڻ ڪنهن به طرح مناسب نٿو لڳي. ڪافي جذبات جي حالت ۾ هڪ ڳائڻ جي طرز ۾ ٺهي ويندي آهي. ان لاءِ هڪ سوچ ۽ ويچار ۽ ڀڃ- گهڙ جو قيد، ٺاهڻ اينهين آهي، جيئن مارئي ٻيهر وري عمر جي حوالي ڪرڻ. اگرچ هن زماني ۾ اول ته اهڙا شاعر آهن ئي ڪونه، جيڪي ڪافيءَ جا نوان گهاريٽا بنايائين، پر جي ڪي کڻي هوندا تڏهن به ٻه- ٽي، مگر اهڙا ڪافي لکندڙ شاعر ڪافي آهن، جيڪي اصلي گهاڙيٽن بنائين، پر جي ڪي کڻي هوندا تڏهن به ٻه- ٽي، مگر اهڙا ڪافي لکندڙ شاعر ڪافي آهن، جيڪي اصلي گهاڙيٽن تي ڪافيون لکن ٿا.

اڄڪلهه اهڙا ڪافي لکندڙ شاعر موجود آهن، جيڪي موسيقيءَ کان اڻ واقف آهن. نه رڳو ايترو پر آواز به سُريلو ڪونه اٿن ۽ نه وري جهڙي تهڙي آواز سان ئي ڪافيءَ جي انڌي منڊي طرز ڳائي سگهن ٿا. اهي صاحب جيڪڏهن ڪافيءَ جو ڪوبه نئون گهاڙيٽو ٺاهيندا ته ان کي ڪابه وقعت ڪانه ملندي. ڇو ته ان گهاڙيٽي جي ڳائڻ جي طرز ته ٺهيل هوندي ئي ڪانه، پوءِ ان مان ڇا ٿيو، جو ڪنهن ڳائڻي کي منت ڪجي ته مهرباني ڪري هن ڪافي جي ڪا طرز ٺاهه. اهوئي نئون گهاڙيٽو قبول ڪيو ويندو جيڪو شاعر پاڻ ڳائڻ جي طرز ۾ سمائي، نه ته اهي نوان گهاڙيٽا انهن گيتن جي حيثيت رکندا، جيڪي ميوزڪ ڊائريڪٽرن جا محتاج ٿيندا آهن. پر ڪيترا اهڙا شاعر به هوندا اهن، جيڪي پاڻ ڳائي ڪونه ڄاڻن ۽ نه سندن آواز ئي ڪو خاص هوندو آهي، پر موسيقيءَ کي سمجهن ٿا ۽ سندن ذهنن ۾ اها ڳالهه موجود آهي. انهن جا نوان گهاڙيٽا مڃيا ويندا. ايترو سو ضرور آهي ته هو ڳائي اها طرز سمجهائي نه سگهندا، تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڳائڻي جي دماغ ۽ ذهن ۾ ان نئين گهاڙيٽي جي طرز ڪنهن حد تائين ويهاري ڇڏيندا ۽ باقي رهيل ڳالهيون هوشيار ڳائڻو پاڻيهي پوريون ڪندو.

جيئن ته ڪافيءَ جا گهاڙيٽا تمام گهڻا آهن ۽ گهڻو ڪري سڀني راڳڻين جي مختلف طرزن ۾ ڪافيون لکيل آهن، تنهنڪري ڪافيءَ جي گهاڙيٽن تي هڪ جدا ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي.

 

ڪافي لکڻ جو طريقو:

سڀڪنهن شئي جي ٺاهڻ جو هڪ طريقو هوندو آهي. هت مقصد آهي ڪافيءَ جي لکڻ جو طريقو ٻڌائڻ، پر اول غزل بابت لکڻ هن ڪري ضروري سمجهيو ويو، ته ٻن شين جي ڀيٽ ڪرڻ سان اصل حقيقت جلد ۽ سولي طرح ذهن ۾ ويهندي. غزل لکڻ لاءِ شاعر تياري ڪندو ته پهرين مختلف خيال، جدا جدا تصور، عجيب عجيب مضمون، نوان نوان لفظ ۽ جملا ۽ نيون نيون بندشون ۽ ترڪيبون وغيره هڪ ئي وقت خيال ۽ ذهن ۾ موجود رکي، ڇو ته مطلع (5) کان وٺي مقطع (6) تائين شعر ۾ نئون رنگ، نئون ڍنگ ۽ نئون مضمون وغيره هوندو آهي. يعني ڪٿي ساقي ۽ مڪيشن جا راز نياز ته ڪٿي رند ۽ ذاهد جا جهڳڙا، ڪٿي ميخاني ۽ مسجد جو ذڪر ته ڪٿي گل ۽ بلبل جا شڪوا شڪايتون، ڪٿي وصل جون ڳالهيون ته ڪٿي جدائيءَ ۽ بيوفائيءَ جا بيان هوندا آهن.

اهڙيءَ حالت ۾ دل، دماغ ۽ ذهن چوطرف ڦرندا رهندا آهن ۽ هڪ قسم جي بيچيني ۽ بي آرامي موجود هوندي آهي. غزل نيٺ تيار ٿيندو، جو دماغي پورهيي جو نتيجو هوندو. اهڙي شاعريءَ ۾ اڪثر فرضي ڳالهيون، سطحي بيان ۽ محبوب تي الزام ڏنل هوندا آهن. پر ان سان گڏ فن جو ڪمال به ضرور هوندو آهي، بلڪ ڪو ڪو شعر سوز ۽ گداز ۽ درد غم وارو به ملندو آهي. اهڙي قسم جي شاعريءَ ۾ اڪثر اهل، مصنوعيت اجنبيت هوندي آهي. اينهين به ضرور آهي ته ڪافيءَ ۾ به انهيءَ قسم جون شيون هونديون آهن. پر انهن شاعرن جي ڪافيءَ ۾، جيڪي سوز گداز ۽ درد غم سان واسطو ئي ڪونه رکن. دارومدار سمورو شاعر تي آهي. يعني شاعر، جيڪڏهن رڳو زبان سان چيو ته پوءِ ڪجهه ڪونه ٿيو، پر جي دل سان چئين، يعني دل ئي هن کان سڀڪجهه چورايو ته پوءِ واه واه!

غزل لکڻ لاءِ فارسي شاعريءَ جو مطالعو ۽ فني ڪتابن جو پڙهڻ ۽ ياد رکڻ نهايت ضروري آهي. جڏهن استادي ۽ شاگرديءَ جو عام دستور هو، تڏهن هر شاعر تي هي فرض رکيو ويندو هو ته معياري شاعرن جو ڪلام گهڻي ۾ گهڻو ياد رکي. مگر ڪافي لکندڙ شاعر کي خاص طرح جن ڳالهين جي ضرورت آهي، اهي آهن صحيح لفظ، صحيح جملا، صحيح پهاڪا، تُڪن جي پورائيءَ جو خيال گهاڙيٽن جي سمجهه ۽ ڳائي ڄاڻن يا گهٽ ۾ گهٽ ڳائڻ کي ڪنهن حد تائين سمجهڻ. ڪافيءَ ۾ پاڻ تي گذريل واقعا ۽ وارداتون بيان ٿينديون آهن. هر معلوم ٿيل ڳالهه ٻڌائي ويندي آهي ۽ قلبي ڪيفيتن جو اظهار هوندو آهي، جنهن جو واسطو نه تڪلف سان آهي نه اهل سان، سڀ کان پهرين درد گهرجي، سا ته آهي خدائي ڏات، جا ذات تي ڪانه ملندي آهي. تنهن هوندي به ڪو ڪافي لکڻ چاهي ته پهرين پاڻ ۾ درد پيدا ڪري.

ڪافي لکڻ وقت، ڪافيءَ جي ڪانه ڪا طرز دماغ ۽ ذهن ۾ موجود  هئڻ گهرجي، ۽ ان کي جهونگاريندو رهڻ گهرجي، ڇو ته ان طرز تي ئي ڪافي لکڻي آهي. جيڪڏهن ڪابه نئين طرز آهي ۽ ان تي ڪافي ٻَڌائِي آهي ته اها طرز جهونگار ۾ هجي ۽ ڌيان ڪافي لکڻ ڏي رهي ته لفظ سر مان ٻڌي نڪرندا. تڪون ‎ٺهنديون وينديون ۽ مصرعون تيار ٿي نيٺ وڃي ڪافيءَ جي صورت وٺنديون. قدرتي طرح ان ڪافيءَ ۾ اهڙا ۽ اهڙيءَ طرح لفظ اچي ويندا، جن جا اُچار به موسيقيءَ جي اصول موجب صحيح بيهندا، جيئن ڳائڻي کي انهن لفظن جي اُچارڻ ۾ ڪابه هَٻَڪ ۽ تڪليف ڪانه ٿيندي، سر سان، ڪافيءَ ۾ جيڪي لفظ اچن ٿا، انهن جو مثال انهيءَ نِيَڇَ (ڪاتي، ڇُري، چاقو وغيره) وانگر آهي، جنهن کي لُهار پاڻي ڏيندو آهي، ۽ هُو وَهڻ ۾ نهايت تيز ٿيندو آهي. جن نيڇن کي پاڻي ڪونه ڏنو ويندو آهي، اهي سٺا نه وَهندا آهن، ۽ آخر مُڏا ٿي ويندا آهن.

 

ڪافيءَ جو مضمون:

ڪافي، اسان جي ديسي شاعريءَ جي اعليٰ صنف آهي. هن ۾ اهي مضمون، اهي احوال، اهيبيان ۽ ذڪر اچڻ گهرجن، جيڪياسان جي رسمن ۽ رواجن ۾ آهن. پوءِ سُرُ کڻي سسئي پنهون، هجي يا سهڻي ميهار، ليلا چنيسر هجي يا مومل راڻو يا عمر مارئي وغيره. ڪٿي انهن محبتين جا حال بيان ٿيندا ۽ ڪٿي انهن ئي نالن ۾ پنهنجون حقيقتون ۽ حالتون اينديون. ڪٿي مُڙساڻي زبان ڪم ايندي ته ڪٿي عورتاڻي. مڙساڻي زبان ۾ مضمون جو ڍنگ، طلبون، صدائون ۽ التجائون پنهنجي نموني جون هئڻ گهرجن، ۽ عورتاڻي زبان ۾ مضمون جو رنگ پنهنجي نموني جو هجي. جيڪڏهن ٿوروئي انهن رنگن ۽ ڍنگن ۾ فرق اچي ويو ته ڪافيءَ جي ستياناس ٿي ويندي.

ڪافيءَ ۾ اهڙا حال ۽ اهڙا اهڙا واقعا بيان ڪرڻ گهرجن، جيڪي اول تي پاڻ تي گذريا هجن، پر جي نه، ته به اهي حالتون ۽ حقيقتون آڻڻ کپن، جيڪي اسان جي ديس ۾ ٿينديون رهن ٿيون ۽ ٿينديون رهيون آهن.

ڪافيءَ ۾ لفظ ۽ مثال وغيره اهي ڪم آڻڻ گهرجن، جيڪي روز روز ڪم اچن ٿا. ڇو ته ان طرح جو واقعو، هر بيان ۽ هرڪو حال ۽ حقيقت جلد ۽ آسانيءَ سان سمجهڻ ۾ ايندا.

ڪافيءَ ۾ حمد، نعت ۽ مدح وغيره به اهڙي ته نموني ۾ لکڻ گهرجي، جو اڻپڙهيل به سمجهي ته هيءَ الله جي ثنا آهي، هي محمد ﷺ جي تعريف آهي ۽ هي ٻين الله وارين بزرگن جا احوال آهن. فقط ايترو پر ڇا ڇا چيو ويو آهي ۽ مطلب ڇا آهي، اهو به سمجهڻ ۾ اچي.

ڪافيءَ ۾ جتي به ڪا قرآن شريف جي آيت، ڪا حديث يا ڪو عربيءَ جو قول استعمال ڪجي ٿو ته لفظ اُن مان ٻه ٽي لفظ اشاري طور ڪم آڻجن ٿا. پڙهيل ته آيت، حديث ۽ قول کي سمجهي وڃن ٿا، پر اڻپڙهيل نٿا سمجهن. پر ان عربيءَ جي انهن لفظن جو مطلب به انهيءَ ئي مصرع ۾ اهڙيءَ طرح ته سهڻي ۽ آسان مضمون ۾ ظاهر ڪري وڃڻ گهرجي، جو ٿوري ئي غور ڪرڻ سان سڀڪو ٻڌندڙ سمجهي سگهي.

ڪافي ۾ به وصل مِٺِي ڏيڻ ۽ ڀاڪر پائڻ وغيره جا مضمون ايندا آهن. مگر ايڏي ته پاڪ ۽ صاف سهڻي نموني ۾، جو اهي ڪافيون هرهنڌ بنان حجاب جي ڳائي ۽ ٻڌائي سگهجن ٿيون. مِٺي ڏيڻ جو مقصد گهڻو ڪري فارسيءَ جي لفظن ۾ دست بوسي ۽ پاي بوسي هوندو آهي. اهڙي ئي طرح ٻيا خيال به ادب، پاڪائي ۽ حجت نه هلائڻ جي ئي مطلب ۾ ادا ٿيندا آهن. البت اڄڪلهه جو نون ڪافي لکندڙ شاعرن اهي حدون ڀڄڻ شروع ڪيون آهن. مگر ائين هرگز نه ڪرڻ گهرجي. ان مان شاعر جي تهذيب ۽ اخلاق توڙي نيڪ نيتي جو به پتو پوي ٿو. ڪافي مان تهذيب، اخلاق، بي حجتي ۽ نيڪ نيتي نڪري وئي ته اها ڪافي نه محفل ۾ ڳائڻ جي لائق رهندي ۽ نه ڇاپڻ جي.

ڪافي جو مضمون ٿَل کان وٺي نالي واري مصرع تائين اهڙي طرح ته ڪڙي ڪڙيءَ سان ملايل هجي جو غزل وانگر وچ ۾ ڪو به ٻيو خيال ۽ ٻيو احوال نه اچڻ کپي. نه ته مضمون جو سلسلو ٽٽي پوندو ۽ ڪافيءَ ٻڌڻ مان اهو لطف حاصل ڪري نه سگهبو.

ڪي ڪي شاعر سڳورا مارئيءَ جو ذڪر ڪندي ٻٻرن ۽ ٻيلن جا لفظ استعمال ڪري ويندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح هڪڙو بيان ڪندي ان ۾ ٻيو به آڻي وجهندا آهن، اها عظيم غلطي آهي.

 

ڪافيءَ جي زبان:

ڪافيءَ ۾ اهڙي ڪم آڻڻ گهرجي، جيڪا پڙهيل، اڻپڙهيل، ننڍو، وڏو، پوڙهو ۽ پڪو توڙي عورت به ڳالهائيندي هجي، ڇو ته ڪافي آهي وارداتن، واقعن، سرگذشتن ۽ حقيقتن جي آرسي. بيان ۽ احوال اهڙي ته ڍنگ سان آڻڻ کپن، جو ٻڌندڙ هي محسوس ڪن ته سندن ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ ساڻن ئي اهي حالتون لاڳو آهن. پر افسوس آهي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ تمام گهڻو ۽ تڪڙو ڌاريان لفظ، ڌاريان محاورا، ڌاريان خيال ۽ ڌاريان مثال ۽ مضمون، ڪافي جي پاڪ ۽ صاف زمين ۾ ٽنبيا وڃن ٿا ۽ ڪافيءَ جي مضمونن کي ميرو ۽ گدلو ڪيو پيو وڃي. وڏي ڏک جي ڳالهه ته وري هيءَ آهي، جو انهي قسم جون ڪافيون ريڊيو پاڪستان به نشر ڪري رهيو آهي، ۽ عام ماڻهو ان ڪلام کي سَند ڪري وٺي رهيا آهن.

اڄ به جيڪڏهن هيٺ لکيل ٻه – ٽي سِٽون ڪنهن محفل ۾ کڻي پڙهبيون ته في الحال گهڻا ٻڌندڙ ته هَڪا ٻَڪا ٿي ويندا ۽ لغت ياد ڪرڻ لڳندا.

”اها پَڻِي جنهن ڀون جي هئي، تنهن تي وڃي هن تڪيو ڪيو، تون گريي ۽ بُڪا سان پاڻ نه کاڻِ، آواٽ ۽ اوايوم ٿي، نه ته ڀڻو مارڳ کان پري پيو رمندين.“

هن زماني ۾ شهري ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائيندي، تقرير ڪندي يا شعر لکندي ٻين ٻولين جا لفظ وغيره. عام جام پيا استعمال ڪندا آهن، جن جي ضرورت ئي ڪانه هوندي آهي، انهن صاحبن جي انهي عمل جو مطلب هوندو آهي، پنهنجي علميت ڏيکارڻ، پر حقيقت ۾ اها ئي ته بيعلمي آهي: اسان جي زبان اڄ کان سوين سال اڳ به اهڙي ئي فصيح، مٺڙي ۽ من موهيندڙ هئي، جهڙي اڄڪلهه ٿا ڀانيون. پوءِ ڇو نه اهائي زبان ڳالهايون ۽ لکون؟ هي جو چيو يا سمجهيو وڃي ٿو ته اسان جي شاه ڀٽائيءَ اسان جي زبان کي سڌاريو ۽ سينگاريو، اهو صرف خيال آهي.

شاه کان اڳ جي شاعرن جي زبان به تو ڏسو! مگر هيترو ضرور آهي ته شاه صاحب به پنهنجي ڪلام سان سنڌي ٻوليءَ کي اجاري ڇڏيو آهي. سون اڳ ۾ ئي هئي ۽ مٿان ميِنُ هن سڳوري چاڙهي هميشه لاءِ جيئرو ڪري ڇڏيس. نه فقط ايترو پر سڄي دنيا ۾ اسان جي سنڌي ٻولي جو ڪر مٿي ڪري ڇڏيائين. هن کانپوءِ هڪ – ٻه مثال، شاه کان اڳ واري ٻوليءَ جا ڏئي، ٻئي موضوع ڏي لڙنداسين.

شمس العلماء علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي مرحوم، ”نئين زندگي“ جي جنوري 1951ع واري پرچي ۾ ”شاه کان اڳ جا شاعر“ جي عنوان سان لکيو آهي!

”عام طرح خيال ڪيو ويندو هو ته شاه صاحب کان اڳ شاعريءَ جو ميدان سُڃو هو ۽ پڙهندڙ شاه جي ڪلام جو حسن ڏسي ائين ڀائيندا هئا ته اهو جمال لازوال هنهنئين حاصل ٿيو، ۽ ان جي خط ۽ خال سينگارڻ ۾ ڪنهن ٻئي مشاطه جو هٿ نه هو. پر اينهين ناهي، شاه صاحب کان اڳ ڪيترائي باڪمال شاعر ٿي گذريا آهن، جن انهيءَ بحر حلال جو سرو پيتو ۽ انهي ميخاني جي مَند مان گهڻائي پريت جا پهيڙا پياريائون.“

اڳتي هلي، قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جي ذڪر ڪرڻ بعد، علامه صاحب، لطف الله قادري جو ذڪر ڪري سندس بيت لکيا آهن. لکي ٿو ته:

”لطف الله قادري جو اهو ڪتاب (منهاج المعرفت) 1078هه ڌاري، يعني شاه صاحب جي ولادت باسعادت کان 34 سال اڳ جو لکيل آهي..... نموني طور هي ٻه – ٽي بيت اوهان جي نزهت خاطر ڏجن ٿا.“

هڪ بيت نموني خاطر هيٺ ڏجي ٿو، ان مان زبان، مضمون ۽ خيال وغيره جو پَرو پوي ٿو ته ان زماني ۾ به سنڌي زبان ۽ سنڌي شاعري اوج تي هئي.

جنهن پنڌ نهايت ناهه ڪا، نڪو انت نه ڇيهه،

سو ڪوڙين ڏسي ڪنبئا، ڏوران ڏاڍو ڏيهه،

ات هلڻ حيرت ۾ ٿيو، چيتا ٿو چيلُهه،

اوري ڪرمَ آسرو، وادِيءَءِ وچ مَ ويههُ،

ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيههُ،

ته سو پَسين ڏيههُ، جنهن کي سِڪي سڀڪو.

 

لفظ ۽ انهن جو اُچار:

اڳيان شاعر پاڻ به ڪجهه نه ڪجهه ڳائي ڄاڻندا هئا، نه ته راڳ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ مڙئي هوندي هين. وٽن به راڳ جون محفلون ٿينديون هيون ۽ پاڻ به ٻين راڳ جي محفلن ۾ ويندا هئا، تنهن ڪري ڪافي ۾ آزاد اچارڻ وارا لفظ ڪم آڻيندا هئا، جن جي اچارڻ ڪري ڳائڻي کي به ڳائڻ ۾ آوازن ۾ لائڻ وقت آزادي ۽ آساني ٿيندي هئي ۽ ٻڌڻ وارا به ٻڌي لطف وٺندا هئا. مگر هاڻوڪي زماني ۾ ڪيترائي اهڙا شاعر آهن، جن جو راڳ سان ته ڪو واسطو ئي ناهي. نه فقط ايترو صرف راڳ ٻڌي به ڪو نه ڄاڻن، فقط لفظ جوڙي انهن کي ”ڪافي“ يا ”وائي“ نالو ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙي ڪافي جڏهن ڳائي ويندي آهي، تڏهن پتو پوندو آهي ته راڳداري جي لحاظ سان هت ڪهڙا لفظ اچڻ کپندا هئا، انهي حقيقت کي راڳ جا ڄاڻو ئي سمجهي سگهندا. موزون شاعري ۾ به انهي ڳالهه جو ڌيان رکڻ گهرجي. اهي حالتون وڏن وڏن ۽ ڪهنه مشق شاعرن جي ڪلام ۾ به موجود هونديون آهن. اچارڻ جي حساب موجب ڪهڙا لفظ شعر ۾ هئڻ گهرجن، ان جا ٻه – ٽي مثال ڏجن ٿا.

ڪيئن ڇڏيندس، دلربا، دلدار مان تنهنجي پچار،

مهلقا، محبوب! ماڻينداس پيو پلپل پيار. (نامعلوم)

اهو شعر ڳائبو يا رڳو زباني پڙهبو ته ”پچار“ ۽ ”پيار“ جي ”ر“ کي ٿورو زور سان ظاهر ڪرڻو پوندو.اها ڪوشش ڳائيندڙ، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي ڏکي لڳندي، هو جيڪڏهن سخن فهم نه هوندا ته به کين غير شعري طور هڪ ڏکيائي محسوس ٿيندي، پر جيڪڏهن هي هيٺ لکيل شعر ڳائبو يا پڙهبو ته ڏکيائي ته ٺهيو بلڪ هڪ خوبصورتي معلوم ٿيندي ۽ لطف ايندو:

اي سڄڻ سهڻا! ڪيل واعدا ڪجئين آخر وفا،

مون قبوليا سر تي آهن روز شب جور و جفا. (نامعلوم)

اهڙا لفظ به تُڪن جي پڇاڙيءَ ۾، ۽ رديف واري لفظ جي آخر ۾ ڪم آڻڻ نه گهرجن، جن جي اُچارڻ ۾ هَٻَڪ ۽ رنڊڪ ٿئي. مثلا ”ڻ“، ”ڱ“، ”ڄ“ وغيره.

هر ڪافي ڪنهن نه ڪنهن ڳائڻ جي طرز تي لکبي آهي. ان طرز جي لحاظ سان به تڪون ننڍيون يا وڏيون نه هئڻ گهرجن، نه ته طرز اڻپوري ئي رهندي. اگرچ هوشيار ڳائڻو پنهنجي ڪوشش سان ان عيب کي ڍڪڻ جي ڪندو آهي، تڏهن به سمجهڻ وارا سمجهي ويندا. هڪ ڀيروين جي طرز آهي، جنهن ۾ هيءَ ڪافي ڳائبي آهي:

هليا جنگ جوڳي ٿي نروار نانگا،

لتاڙي لنگهيا لَڪ لڪيون ۽ لانگها.

هيءَ ڪافي ڪن ٻين راڳڻين ۾ به ڳائي سگهجي ٿي، ان جو بحر ”متقارب مثمن سالم“ آهي، يعني فعولن فعولن فعولن فعولن. پر جي ساڳئيءَ طرز ۾ هي ٻول، جنهن جو ٿل آهي:

ڪڇڻ ۾ ڪڙائي، مِٺي آهي ماٺ،

سراپا سجائي، مِٺي آهي ماٺ.

ڳائبا، جن جو بحر ”متقارب مثمن مقصور“ ٿيندو ۽ وزن فعولن فعولن فعولن فعول، ته طرز ۾ کوٽ ٿي پوندي ۽ مٿي ٻڌايل عيب ظاهر ٿي پوندو. ڳوائڻو ۽ ٻڌندڙ به صحيح لذت حاصل ڪري نه سگهندو. مٿي موزون ڪافين جا مثال هن ڪري ڏنا ويا آهن، ته سمجهڻ ۾ دير نه لڳي، ڇو ته اڄڪلهه موزون شاعري جو چرچو گهڻو آهي؛ پر غير موزون شاعريءَ ۾ لکيل ڪافين جو به ساڳيو ئي مثال آهي.

 

ڪافي ۽ گيت:

”ڪافي ۽ گيت“ اهڙيءَ طرح ٻه جدا شيون آهن، جيئن چوندا آهن ته ”هرڻ پنهنجي ذات، ڦاڙهو پنهنجي ذات.“ موسيقيءَ سان ٻنهي جو واسطو آهي، پر ٻنهي ۾ وڏو فرق به آهي.

ٻنهي جا گهاڙيٽا جدا، مضمون جدا، لفظ ۽ محاورا جدا ۽ ڳائڻ جون طرزون به جدا. گيت (7) پرايو آهي ۽ ڪافي پنهنجي، تنهنڪري ڪافيءَ کي سندس اصلي رنگ ۾ لکڻ گهرجي. افسوس آهي جو اڄڪلهه اسان جا شاعر، جيڪي نئين مان گيت ۽ ڪافي لکڻ لڳا آهن يا نئينءَ مان شاعريءَ جي دنيا ۾ پير پاتو اٿن، انهن گيت ۽ ڪافيءَ جا مضمون، محاورا، لفظ، جملا ۽ اشارا وغيره هڪ ڪري ڇڏيا آهن. وري اسان جا نوان ڳائڻا، انهنگيت ته گيت جي ماڳ پر ڪافيءَ کي به گيتن جي طرزن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو آهي. هو ويچارا سمجهن ٿا ته هنن ڪافين کي نين طرزن ۾ آڻي ڪو ڪمال ڪيو آهي، مگر حقيقت ۾ هو ڪافين جي اصلي رنگ کي ميساري وڏي غلطي ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اها ڳالهه وڌي وئي ته ڪافيءَ جون صحيح ۽ اصلي طرزون، جيڪي نهايت سٻاجهڙيون ۽ نماڻيون اهن، سي ڪجهه عرصي کان پوءِ گم ٿي وينديون. صنعتي نمائش ۾ ڏسبو ته نين شين سان گڏ پراڻيون شيون به رکيل هونديون آهن، جيڪي وڏي ڪوشش ۽ محنت سان آنديون ويون هونديون اهن. قدردان ۽ سمجهو ماڻهو انهن ئي پراڻين شين کي پسند ڪندا آهن. عقل ۽ روح به انهن جي ڏسڻ مان خوش ٿيندا آهن. اهي پراڻيون شيون ئي ته آهن جن جي وسيلي ۽ جن جي مطالعي ڪرڻ بعد ئي ملڪن ۽ قومن جون تهذيبون ۽ تاريخون لکيون وينديون آهن. ڪتبخانو به اهوئي بهترين هوندو آهي، جنهن ۾ زياده کان زياده پراڻا ڪتاب ۽ دستاويز وغيره هوندا آهن. اڳين زماني جي اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، چوڙڻ ماڻڻ ۽ کائڻ پيئڻ وغيره جي دستور ۽ ڍنگ کي سمجهڻ لاءِ پراڻن ماڻهن کي ئي ڏسبو آهي، انهن سان ڳالهائبو آهي ۽ انهن وٽ وڃي مهمان ٿي رهبو آهي، بلڪه انهن سان ريجهون ۽ رهاڻيون ڪري سڀ ڪجهه معلوم ڪبو آهي. مطلب هي آهي ته ڪافيءَ جون پراڻيون طرزون هرگز هٿان نه وڃائڻ کپن. اڄ کان اڌ صدي اڳ واريون ڪيتريون ئي طرزون اسان کان ويون هليون. ڇو ته انهن طرزن جا ٺاهيندڙ ۽ ڳائيندڙ به هليا ويا. نه ان وقت گراموفون رڪارڊ هئا ۽ نه ٽيپ رڪارڊ. نه ته اهي طرزون محفوظ هجن ها ۽ ٻڌڻ کان پوءِ پتو پوي ها ته انهن طرزن ۾ ڪيڏو نه لطف آهي. نه رڳو ايترو پر هيءَ به خبر پوي ها ته انهن طرزن ۾ موسيقيت ڪيتري نه آهي! پراڻن شاعرن جون ڪيتريون اهڙيون ڪافيون موجود آهن، جن جي ڳائڻ جون طرزون معلوم ئي ڪونه آهن، تنهنڪري اهي ڪافيون ڳائجن ئي ڪونه ٿيون. جيڪڏهن ڪو ڳائڻو، انهن ڪافين جي ڪا طرز کڻي ٺاهي به ٿو، تڏهن به اڻپوري ٿئي ٿي ۽ گيت جي طرز سان ملايو ڇڏي. مگر هيءَ وڏي ڏک جي ڳالهه آهي جو اڄڪلهه اهڙا ڳائڻا بلڪل ٿورا لڀندا، جن جي ذهن ۾ گيت ۽ ڪافيءَ جون جدا جدا طرزون هجن.

اڄڪلهه جي گهڻن ڳائڻن ۾ هيءَ وچندڙ بيماري پيدا ٿي پئي آهي (خاص ڪري گويا) ته ڪافيءَ کي ”خيال“ جي انداز ۾ ڳائين ٿا. يعني ڪافي ڳائيندي تالون، مُرڪون ۽ پلٽا ۽ سرگرم وغيره وغيره استعمال ڪن ٿا. نه رڳو ايترو پر ڪافيءَ جا لفظ، جملا، ان جي طرز ۽ هر چيز، ڀڃي ڀروڙي ۽ مروڙي سروڙي، سندس صورت ۽ شڪل ڦٽائي، وڃائي ۽ بگيڙي کڻيو رکن، اهڙيءَ طرح جو لذت جي بدران نفرت پيدا ٿيو پوي. هنن جي خيال آهي ته ڪمال ٿا ڪن، پر حقيقت ۾ آهي زوال. آخر ويچاريءَ ڪافيءَ ڏوهه ڪهڙو ڪيو، جنهنجي کيس هيءَ سزا ٿي ڏني وڃي؟ فن جي مظاهري لاءِ ”خيال“ ئي بس آهي. هيترو به ضروري آهي ته ڪافي ڳائيندي به ننڍڙيون مرڪون ۽ مينڍيون يا آلاپون هئڻ گهرجن. پر ان هوندي لفظ به سمجهڻ ۾ اچن ۽ مضمون جي وچ ۾ به گهڻي وٿي هرگز نه پوڻ گهرجي. گويّن وانگر ٻن لفظن يا هڪ- ٻن تڪن کي ڏهه ڀيرا ورجائڻ نه گهرجي. استاد ان ڳائڻي کي چئبو جو شاعريءِ جي هرهڪ صنف کي سندس نموني تي جدا جدا رنگ ڍنگ سان ڳائي. گويّا ظلم نه رڳو ڪافيءَ سان ڪن ٿا، پر گيت ۽ غزل وغيره سان به سندن اهوئي برتاءُ هوندو آهي.

عام ماڻهن کي اهڙن ڳائڻن جي روبرو ٻُڌڻ جو موقعو اڪثر گهٽ ملندو آهي. تنهنڪري هو ريڊيو تي گويّن جون ڪافيون ڳائيندي ٻڌندا ته سڀڪجهه معلوم ڪري سگهندا، ۽ ڏسندا ته ڏهن منٽن ۾ فقط ٿَل ۽ هڪ مصرع پرزا پرزا ڪري ڳائيندا ۽ باقي وقت پنهنجي فن ڏيکارڻ ۾ ئي پورو ڪري ڇڏيندا آهن. ڏهن منٽن ۾ ڪافيءَ جون چار مصراعون ۽ هڪ ٻه ڏوهيڙو آساني ۽ مزي سان نٿا ڳائي سگهن. اهڙا ڳائڻا به ريڊيو تان ڳائين ٿا، جن ۾ ڪافيءَ ڳائڻ جون سڀ خوبيون نه، ته به ڪافي چڱايون هونديون آهن، ۽ ٻڌندڙ به انهن کان ئي ڪافيون ٻڌي دل کي خوش ڪن ٿا ۽ داد ڏين ٿا.

 

ڪافيءَ جي ڳائڻ جو طريقو:

هرهڪ ڪافيءَ جي طرز، ان جي مضمون ۽ مفهوم جي لحاظ تي ئي ٻڌل هوندي آهي. هر طرح جا آلاپ ۽ ورلاپ، آواز ۽ انداز ، لاهيون ۽ چاڙهيون جدا جدا هونديون آهن. ڪنهن ڪافيءَ ۾ حمد ۽ نعت هوندا آهن ته ڪنهن ۾ مدح ۽ ثنا، ڪنهن ۾ توحيد ۽ تصوف(8) هوندا آهن ته ڪنهن ۾ حسن ۽ عشق جو بيان. ڪنهن ۾ سوز ۽ گداز جو مضمون هوندو آهي ته ڪنهن ۾ سُورن ۽ دردن جو ذڪر. ڪنهن ڪافيءَ ۾ صدائون ۽ التجائون هونديون آهن ته ڪنهن ۾ ڏک ۽ ڏوراپا. ڪنهن ۾ جوش ۽ خروش هوندا آهن ته ڪنهن ۾ عبديت ۽ الوهيت وغيره وغيره. انهن حالتن ۾ ڪافيءَ جي ڳائڻ جي طرز مضمونن جي مناسبت سان نه هوندي ته ٻڌندڙن تي اهو اثر نه ٿيندو، جيڪو ٿيڻ گهرجي. ڪٿي شوخ ۽ بلند آواز لائبا ته ڪٿي نرم ۽ هيٺيان، ڪٿي لئي تيز رکبي ته ڪٿي آهستي روش اختيار ڪبي، ڪٿي جذبات وارن آوازن کان ڪم وٺبو ته ڪٿي سوز ۽ گداز وارن ورلاپن کان. مقصد ته هر مضمون جي معنيٰ ۽ مطلب سان لفظن جي اچارڻ کي استعمال ڪبو، نه ته ڳائڻي جي محنت ئي برباد. جنهن ڪافيءَ ۾ محبوب سان صدائن ۽ التجائن جي رنگ ۾ ڳالهائجي ٿو، ان جي آوازن ۾ ليلائڻ ۽ ريجهائڻ جو انداز هئڻ گهرجي؛ جنهن ڪافيءَ ۾ حمد ۽ نعت هجي ته ان جي ڳائڻ وقت ادب ۽ رعب ۾ رهڻ کپي. اهڙيءَ طرح هرهڪ مضمون جي لحاظ سان ڳائڻي جي طبيعت ۾ هڪ اثر پيدا ٿيڻ گهرجي. يعني ڳائڻي تي فرض آهي ته هو پاڻ ۾ اهي سڀ ڪيفيتون صحيح نموني ۾ پيدا ڪري. ڪلام ۽ راڳ مان اول پاڻ لطف ۽ لذت حاصل ڪري ته ٻڌندڙ تي پاڻيهي اثر پوندو.

ڳائڻي جو فرض آهي ته ڳائڻ وقت هو پنهنجي حرڪات ۽ سڪنات جي وسيلي اهي سڀ ڳالهيون ادا ڪري، جيڪي ڪافيءَ ۽ ڏوهيڙن جي مضمون ۾ هجن.(9) ڳائڻي لاءِ هيءَ ڳالهه به لازمي آهي ته اڳ ۾ ئي ڪچهريءَ ۾ ويٺل ماڻهن جي طبيعتن کي سمجهڻ ۽ سڃاڻن جي ڪوشش ڪري ۽ انهيءَ ئي خيال سان مختلف مضمونن واريون ڪافيون ۽ راڳڻيون ڳائي، جيئن هر شخص ٻڌي خوش ٿئي. هر شخص جي طبيعت ۽ وڻت پنهنجي پنهنجي هوندي آهي. جيڪڏهن ڳائڻي پنهنجي سمجهه کان ڪم نه ورتو ته هو ناڪامياب رهندو.

 

ڪافي، راڳ ۽ راڳيندڙ:

ڪافي آهي ئي ڳائڻ لاءِ، نه لکي رکڻ لاءِ. ڪافيءَ ۽ موسيقي، ٻئي شيون لازم ۽ ملزوم آهن، جيترو سنڌي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان تعلق آهي، اوترو ڪنهن ٻئي ملڪ جي شاعري جو موسيقيءَ سان واسطو ڪونه آهي. ٻين ملڪن ۾ صرف شعر لکيا ويندا آهن ۽ پوءِ موسيقار انهن کي ڳائڻ جي طرزن ۾ وجهندا آهن. هيءُ نڪتو غور طلب آهي ته اها ڪافي ئي آهي جا نه رڳو ڳائيندي لکي وڃي ٿي، مگر لکت ۾ اچڻ کان پوءِ به ان جي مٿان ”ڪافي“، راڳڻي ۽ تار لکڻ هميشہ کان ضروري سمجهيو ويو آهي. البت اڄوڪي زماني ۾ اڪثر اهو ڪونه ٿو لکيو وڃي ڇا جي ڪري جو انڌ ڌنڌ جو دؤر آهي. مگر ڪافين جي سڀني پراڻن قلمي ڪتابن ۾ اينهين لکيل آهي. ٻين سڀني زبانن ۾ نظم، عنوانن سان سا هونءَ ئي لکيا ويندا آهن، ليڪن ڪافيءَ جو اکر اکر، لفظ لفظ، جملو جملو ۽ هرهڪ اُچار موسيقيءَ جي اصول موجب، آواز جي لاهين- چاڙهين جي حساب سان لکيل هوندو آهي. پر افسوس جي ڳالهه آهي جو موجوده دؤر ۾ ڪافي موسيقيءَ کان بلڪل جدا رکي ويئي آهي. ڪنهن ڳائڻي کي غزل يا ڪو نظم وغيره ڏبو ته هو بنا دير جي وٺي ياد ڪري هڪ نه ٻيءَ طرز ۾ ڳائيندو رهندو. پر ڪا نئين گهاڙيٽي واري ڪافي کيس ڏبي ته هو هڪدم پڇندو ته ڪهڙي طرز، ڪهڙي راڳڻي ۽ ڪهڙي تار ۾ ڳائبي!

 

موسيقي:

”موسيقي“ سرياني زباني جو لفظ آهي، ان جي معنيٰ آهي راڳ.

”موسيقي“ يعني ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو علم.

حضرت سليمان جي شاگرد، حڪيم فيثا غورث، موسيقيءَ جي ابتدا ڪئي.

ڪن جو چوڻ آهي ته حضرت دائود کان موسيقي شروع ٿي.

حقيقت ۾ موسيقي به ان وقت وجود ۾ آئي، جڏهن انسان سان گڏ آواز پيدا ٿيو،

باقي موسيقيءَ جا قانون ۽ اصول ڪڏهن ٺهيا ۽ ڪنهن ٺاهيا، ان جا مختلف زمانا ۽ جدا جدا استاد آهن. ان موضوع تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو.

خواجه نظام الدين محبوب الاهيءَ لکيو آهي ته.

”مارا در روزِ ميثاق نداي ”الست بر بّکم“ در آهنگ ”پوربي“ بگوش رسيده بود، و آن صورت بنوعي مشاهده ميشود که گويا ديروز بوده، بلکه آن روز را، هنموز شب نيامده است“(10).

 

 

موسيقار:

”موسيقار“ جو ٻيو نالو ”ققنس“ به چيو وڃي ٿو. ان جي معنيٰ فارسي زبان جي لفطن ۾ ”مرغ آتش زن“ لکيل آهي، يعني باهه لڳائيندڙ پکي ڪتابن ۾ ان پکيءَ جو قصو تفصيل سان ڏنل آهي. هن زماني ۾ ڳائڻي کي ”موسيقار“ چون ٿا.

 

ڪافي ۽ ساز:

اڄ کان چاليهه سال کن اڳ ۾ ڪافي فقط يڪتاري، دِلي (گهاگهر)  ڍولڪ تي ڳائي ويندي هئي. پر جيئن هن ملڪ ۾ انگريزن هارمونيم آندو ته اهو به آهستي آهستي ڪافي ڳائيندڙن ڪم آڻڻ شروع ڪيو، ۽ اڄڪلهه اهو ساز ڳائڻا عام طرح استعمال ڪن ٿا ۽ مقبول عام ۽ وڄائڻ ۾ به آسان آهي؛ پر برصغيره جي تقسيم کان اڳ ۾ ئي ريڊيو تي هارمونيم استعمال ڪرڻ بند ڪيو ويو، ۽ اڄ تائين ٻنهي ملڪن جي ريڊيو تي ڪم ڪونه ٿو آندو وڃي. موسيقيءَ جي ماهرن هن ڪري هارمونيم کي ترڪ ڪيو آهي، جو ان جي بلند ۽ مٺن آوازن ۾ ڳائڻو پنهنجي آواز جون خاميون لڪائي سگهي ٿو. اهو هيئن ته هارمونيم ڳائڻي جي هٿ ۾ رهي ٿو. هو جڏهن پنهنجو ڪو غلط آواز محسوس ڪري ٿو ته هڪدم ماٺ ٿو ڪري ۽ اتي هارمونيم جي پويان ڳائڻ جي عادت ٿيو پوي. جڏهن وٽس اتفاق سان اهو ساز موجود نه هوندو آهي، تڏهن ڳائڻ ۾ اهو رنگ پيدا نه ڪري سگهندو اهي، وغيره وغيره. ان هوندي به هارمونيم ايتري قدر ته مقبول ۽ ضروري ساز سمجهيو وڃي ٿو، جو خود ريڊيو تي ڳائڻ وارا وڏا وڏا گويّا به ٻين محفلن ۾ اڪثر هارمونيم استعمال ڪن ٿا. هي ساز هر وقت تيار هوندو آهي، منجهس ملائڻ ۽ آواز سان پوري بيهارڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. ٻيا ساز، جن ۾ تارون ٿين ٿيون، اهي هر ڳائڻو پنهنجي آواز سان ڳائڻ وقت ملائيندو آهي. تانپوري يا ستار جا سُر ملائڻ معمولي ڳالهه نه آهي. يعني هر تار صحيح صحيح پنهنجي پنهنجي سُر تي ملي اچي، اهو وڏو ڪمال آهي. پر اڄڪلهه گهڻو ڪري گويا ستار يا تانپوري جا سُر هارمونيم تي ملائيندا آهن. اها ڪيڏي نه گهٽتائي آهي!

ڪافي ڳائڻ وقت حقيقت ۾ يڪتارو، دلو يا ڍولڪ ڪافي ساز آهن. گهڻن سازن هوندي گوڙ ٿئي ٿو ۽ دماغ انهيءَ رنگينيءَ ڏي توجهه ڏئي ٿو ۽ دل، سُر ۽ ڪافيءَ جي مضمون مان اهز سُرور- جيڪو ملڻ گهرجي- حاصل ڪري نه سگهندي.

هن زماني ۾ ڪافيءَ جا ڳائڻا ٻن قسمن جا ملندا: هڪڙا اهي، جي راڳداريءَ جا چڱا ڄاڻو آهن. ۽ ٻيا معمولي ڳائيندڙ، اهي هارمونيم تي ڳائيندي پاڻ چڱي لئي پيدا ڪندا آهن، پر جيڪي فقط لَسِي ڪافي ڳائين ٿا ۽ جيڪي ٽئي درجي جا ڳائڻا ليکڪن ٿا، انهن لاءِ يڪتارو، دِلو، کڙتالون ۽ ڍولڪ ڪافي آهن. ڪافي ٻُڌي روحاني لذت حاصل ڪرڻي هجي ته لَسِي ڪافي ڳائڻ وارن کان سادن سازن تي ٻُڌجي. البت هيترو خيال رکجي ته ڳائڻو سريلو هجي. ان باري ۾ هڪڙو مثال پيش ڪبو:

هڪ بند ڪوٺيءَ جي چئني ڪنڊن ۾ هڪ هڪ تانپورو، هڪ ئي سُر تي پورو ملايل رکجي. ڪوٺيءَ جا دروازا بند رکجن ۽ ٻيو ڪوبه آواز ڪوٺيءَ ۾ اندر نه هجي ۽ نه ٻاهران اچي. هرهڪ تانپوري وٽ هڪ ماڻهو ويهاري، هڪ ٻئي تانپوري (پنجين) کي وچ ڪوٺيءَ ۾ رکي ڇيڙجي ته سڀئي تانپورا آواز ڏيڻ لڳندا. پر شرط هي آهي ته اهو پنجون تانپورو به ٻين چئن تانپورن سان پورو پورو. مِلايل هجي. ساڳيءَ طرح ”ڪافي“ ٻُڌڻ وقت به سڀني ويٺلن کي هڪ ڪَنُو ٿي ويهڻ گهرجي، ۽ محفل ۾ نه ٻيو ڳالهاءُ هئڻ کپي، ۽ نه وري ٻاهريون گوڙ ئي اندر اچي، نه وري ڳائڻي سان ڪو گهڻا ۽ گوڙ ڪرڻ وارا ساز ئي هجن. جي کڻي ڪجهه ساز هجن، تڏهن به آهستي وڄارائجن. ڪافيءَ ۾ جذبات، واقعات ۽ حالات وغيره سمايل هوندا آهن، تنهن ڪري يڪسوئيءَ ۽ يڪتائيءَ ۾ ئي انهن جي ٻُڌڻ مان لطف وٺي سگهبو. گهڻن سازن جي گوڙ ۾ دماغ ۽ ذهن تماشي ۾ لڳي ويندا ۽ دل جي دنيا ۾ بيگانگي پيدا ٿي پوندي ۽ سُرور وٺي نه سگهبو. ڇو ته روحاني لذتن سان نفساني تقاضائون ٽڪربيون رهنديون ته غير شعوري طرح هڪ بيچيني ۽ بي آرامي حواسن ۾ وچڙڻ لڳندي.

 

حوالا

غزل کي برو نٿو سمجهيو وڃي، بلڪ غزل ته منهنجي پسند جي هڪ صنف آهي، ۽ موزون شاعريءَ ۾ آءٌ خود غزل لکندڙ آهيان، پر هت مقصد آهي غزل ۾ عام طرح سان فحش ۽ مضمونن بيان ڪرڻ بابت حقيقت ڏيڻ.

رسالو ”مهراڻ“، سن 1944.

هي لفظ ”ڪف“ مان نڪتل آهي، تنهن ڪري ”استڪف“ هئڻ گهرجي. هونءَ به ”استڪفوا“ ۾ ”و“ ۽ ”ا“ ضمير غائب جمع جي نشاني آهي، تنهن ڪري ان جي معنيٰ ٿيندي هنن خيرات ورتو، خيرات گهرڻ لاءِ هٿ ڊگهيڙيو ۽ فقيرن هٿ جي تِريءَ تي پئسا ورتا. المنجد، لسان العرب ابن المنظور.

آخوند صاحب پنهنجي لکت جي سند ۾ ڪتاب ”تسهيل العربيه“ جو نالو ڏنو آهي. هي ڪتاب ”مطبع الله بخش قاديان“ ۾ ڇپيو.

”مطلع“- هي لفظ عربيءَ جي فعل ”اُطلَع“ منجهان نڪتل آهي. ”اُطلَع“ معنيٰ آهي اُڀرڻ جي جاءِ ظاهر ٿيڻ جي جاءِ، ”مطلع“ عام اصطلاح ۾ غزل، قصيدي ۽ نظم جي پهرين ٻنهي مصرعن يا پهرين بند کي چوندا آهن، جن ۾ قافيا ۽ رديف هجن يا فقط قافيائي هجن. مثلاً:

منهنجي آهِ نارسا ۾ جي ذرو اثر هجي ها،

هو رهي ها مون سان گڏجي يا ته دربدر هجي ها.

ڪياسون ورهه وارن جا وري آباد ميخانا،

پياسن کي پياري پِرت جا پُرڪيف پيمانا.

”مَقطَع“- عربيءَ جي فعل ”قطَعَ“ منجهان نڪتل آهي، معنيٰ آهي وڍڻ جي جاءِ ۽ ڪنهن شئي جي پوري ٿيڻ جو هنڌ، عام اصطلاح ۾ غزل قصدي وغيره جي آخري شعر يا بند کي مقطع شاعر جو نالو يا تخلص هجي. غزل جي مقطع ۾ باقاعدي نالو يا تخلص وجهڻ جو دستور خواجه فريدالدين عطار (وفات اندازاً 627هه) قائم ڪيو.

”لٽرري هسٽري آف پرشيا“- جلد 2. اي، جي. برائون

اسان وٽ گيت فقط اهي آهن، جن کي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ٿوري ڦير گهير سان ٻين ٻين نالن ۾ سڏيو ٿو وڃي. مثلاً: گيت، ڳيچ، ڳاچ ۽ ڳيو، اهي گيت عورتون ئي ٺاهينديون آهن؛ جيڪي شادين ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي ڳايا ويندا آهن. مثال طور ٻه گيت هيٺ ڏجن ٿا:

وراڻي: جي مليا مارو لٿو ڀولو- جي مليا سانگي لٿو ڀولو،

وٺا مينهن، لڳيون موڪون، مارن ملڻ لئه منهنجي دل ماندي.

بينسر جوڙائي ڏي تون جڙيا بنرا!

مليا مارو لٿو ڀولو.

جهالر جوڙائي ڏي تون بنيا بنرا!

مليا مارو لٿو ڀولو.

ڪاٿئون آندئي، ڙي ادل! ڪونج ولر واري،

ڪونج ولر واري، ماءُ پيءُ جي پياري.

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻيان،

ڪاٿئون آندئي، ڙي ادل! ڪونج ولر واري.

دهري ادل جي مان لاڙئون آڻيان،

ڪاٿئون آندئي ڙي ادل! ڪونج ولر واري.

ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻيان

ڪاٿئون آندئي، ڙي ادل! ڪونج ولر واري.

تصوف متعلق ڪيئي مختلف رايا آهن، مگر اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته نه اهو لفظ يوناني پيداري آهي ۽ نه وري خود صوفين جي قول موجب ”اهلِ الصفا“ مان نڪتل آهي، پر حقيقت ۾ اهو لفظ عربيءَ جي ”صرف“ يعني ”اُن“ مان نڪتل آهي، ۽ صوفيءَ کي ايراني زبان ۾ ”پشمينه پوش“ به سڏيندا آهن. اُن جا ڪپڙا نبي ڪريم ﷺ جي پيدا ڪيل سادگيءَ جو نتيجو آهن. بعد ۾ جڏهن عيش عشرت وڌندو ويو، تڏهن انهن بزرگن کي ”صوفي“ سڏيو ويو، جن حضور جن جي سنت جي پيروي ڪندي سادا ڪپڙا پاتا. تصوف کي اهو علم چئجي، جنهن ۾ صوفين جي زندگيءَ جي طريقي جي خبرچار هجي.

سنڌ ۾ اهڙي قسم جا ڳائڻا چڱي انداز ۾ ملي سگهندا، جن مان سيد قاسم علي شاهه لاڙائي ۽ عثمان ڪڇي جا نالا خاص طور تي قابل ذڪي آهن.

 يعني اسان ميثاق جي ڏينهن ”الست بربڪم“ جو آواز پوربي راڳ ۾ ٻُڌو، ۽ اهو واقعو اهڙيءَ طرح ته اکين آڏو پيو ڦري، جو ڪڻ ڪالهوڪو ڏينهن آهي، يا اينهين کڻي چئجي ته اڄوڪو واقعو آهي. (هماري موسيقي ص-1)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com