نتيجا
هيءَ ڪتاب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وصال (1165هه) کان فقط
ٽي سال پوءِ لکيو ويو يعني 1168هه ۾.
هن ۾ 1168هه ۽ ان کان اڳ جي ڪن شاعرن جا بيت ڏنل آهن.
هن ڪتاب ذريعي سنڌي اساسي ادب ۾ چڱو واڌارو ٿيندو، ڪي نيون
پڙهڻيون آڏو اينديون اهڙيءَ ريت محققن لاءِ تحقيق
جو نئون ۽ اهم مواد مهيا ٿيندو.
غالباً ڪتاب جي مؤلفن فقط ”حڪايات الصالحين“ تيار ڪيو ۽ حاشييءَ
تي سنڌي بيت ڪاتب لکيا. جنهن مان سندس سنڌي بيتن
سان محبت ۽ بيتن جي ان دور ۾ مقبوليت ۽ اهميت جو
اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
غالباً هيءُ پهريون فارسي مخطوطو آهي جنهن جي حاشيي تي مختلف
شاعرن جا ايترا گهڻا سنڌي بيت لکيل آهن.[1]
هن ڪتاب ۾ ڪي بيت معروف شاعرن جا آهن تي ڪي گمنام شاعرن جا آهن،
جن لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي.[2]
هن مقالي لکڻ ۾ خاص طور بيتن پڙهڻ ۾ يقيناً مون کان ڪي ڪوتاهيون
ٿي ويون هونديون. اميد ته پڙهندڙ غلطين جي نشاندهي
ڪري منهنجي رهنمائي ڪندا.
جنگنامون يا کرڙي جي جنگ جو احوال
ميرزا عباس علي بيگ
رزميه شاعر به لوڪ ادب جو هڪ اهم باب آهي، جنهن کي جنگنامون چوڻ
درست ۽ بجا ٿيندو. ياد رهي ته، رزميه شاعري ۾ ٻن
حريفن يا بهادرن جي معرڪهء آرائي يا انهن جي
بهادري جا ڪرتب ڏيکاريل هجن ۽ پوءِ اُهو منظوم
احوال سنڌي بيتن ۾ شاعر جا چيل هجن، تنهن کي به
جنگنامون چئبو آهي.
شاهه شجاع الملڪ ۽ ٽالپر عهد جي ٻي چؤياري جو پهريون حاڪم مير
نور محمد خان، ڪنهن به تعارف جا محتاج نه آهن. بلڪ
ٻئي حاڪم پنهنجي پنهنجي عهد جا ناميارا حاڪم ٿي
گذريا آهن. کرڙي واري جنگ جا هيرو هڪ طرف خيرپور ۽
حيدرآباد جا مير صاحب هئا ۽ ٻئي طرف اُنهن جو دشمن
افغان شاهه شجاع هو. مذڪور جنگ سکر ۾ موجوده
سينٽرل جيل واري ميدان تي لڳي. انهيءَ ميدان کي اڄ
به کرڙي وارو ميدان سڏيو ويندو آهي.
رسالي مهراڻ جي لوڪ ادب نمبر ۾ مذڪور موضوع جي اهميت کي محسوس
ڪندي اسان پهرين کرڙي جي جنگ جو تاريخي پس منظر
پيش ڪري، ان بعد ”مريد احمد فقير تخلص ماڇي“ جو
تاريخي واقعي (کرڙي جي جنگ) تي چيل بيتن جي صورت ۾
جنگنامون پيش ڪنداسين.
تاريخي پس منظر:
1244هه/ 1828ع ۾ مير ڪرم علي خان وفات ڪئي. ۽ سندس جاءِ تي مير
مراد علي خان سنڌ جي گادي تي مسند نشين ٿيو.
مير مراد علي خان پنهنجي ڀائرن مير فتح علي خان- مير غلام علي
خان ۽ مير ڪرم علي خان سان 50- 51 سال سنڌ تي
حڪومت ڪري چڪو هو ۽ هاڻي مير ڪرم علي خان جي وفات
بعد اڪيلي سر خودمختيار سنڌ جو بادشاهه ٿيو. هي
مير صاحب عميق نگاهه رکڻ وارو، ارادي جو پڪو ۽
دورانديش حاڪم هو. سندس حياتي جي آخري ايامن ۾
افغانستان ۾ ٻن شاهي خاندانن، سدوزين ۽ بارڪزئي جن
جي وچ ۾ خانهء جنگي پنهنجي عروج تي پهتل هئي. جنهن
ڪري مذڪور نزاع جي نتيجي ۾ ڪهڙين ڪهڙين شخصيتن جون
حياتون تلف ٿيون ۽ ڪهڙي ڪهڙي قسم جا ملڪ ۾ نقصان
ٿيا ازنسواءِ ملڪ ۾ بدامني افراتفري طوائف الملوڪي
رونما ٿي، جنهن مان دشمن عناصر ڪيئن پئي فائدو
حاصل ڪيو. بهر نوع اهڙي قسم جي سمورن خطرناڪ واقعن
ٿيڻ کان وقتاً فوقتاً مير مراد علي خان، پئي واقف
ٿيو، سو پنهنجي تجربي آهر کيس پنهنجي ڀائٽي مير
صوبدار خان بابت به نهايت ڳڻتي ٿي. ڇو جو هو اهڙي
قسم جو خرخسو (1244هه/ 1828ع) پنهنجن چاچن (مير
ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان) سان اڳئي ڪري چڪو
هو. ليڪن ڳالهين بعد في الحال جنگ ته ٽري وئي پر
مير ڪرم علي خان جي وفات بعد گاهي گاهي مير صوبدار
خان پيو چوندو هو ته مير مراد علي خان جي وفات کان
پوءِ آءٌ پنهنجو حصو ڌار وٺي حڪومت ڪندس بهرڪيف
اهڙيون ڳالهيون به صوبدار جون مير مراد علي خان
پنهنجي مصاحبن ۽ ملازمن کان پيو ٻڌندو هو.
ليڪن اوچتو جو افغانستان ۾ مذڪور خرخسو پيدا ٿيو سو هڪ طرف اِهي
افغانستان ۾ رونما ٿيندڙ واقعات ۽ ٻئي طرف ساڳي
نوعيت وارا پنهنجا گهرو خرخسا، جن جي نتيجن کي پيو
سوچيندو هو ته جڏهن صوبدار اسان چاچن مان ئي نه
مُڙيو ته پوءِ منهنجي وفات بعد واقعي هو پنهنجي
سؤٽن سان الائي ڪهڙو رستو اختيار ڪندو ۽ ان جي
نتيجي ۾ يقيناً دشمن عناصر به خبر نه آهي ته ڪهڙي
قسم جو فائدو حاصل ڪندا. ازانسواءِ ساڳئي عهد ۾
نواب ولي محمد لغاري به لاڙڪاڻي ۾ اوچتو وفات ڪئي.
جنهن کي ياد ڪري مير مراد علي خان پيو چوندو هو ته
افسوس، ڪهڙي ته وقت ۾ اسان جي وفادار صلاحڪار وزير
با تدبير نواب صاحب مرحوم وفات ڪري ويو! سو انهن
سمورن حادثن ڪري ويتر ڳڻتين ۾ گويا وڪوڙجي ويو.
آخر الامر پنهنجي حڪومت جي بهتري ان ۾ سمجهي پنهنجن فرزندن ۽
مصاحبن، معتمد ملازمن سان صلاح ڪري کين چيائين ته
توهان ڏسو پيا ته هن وقت ڪابل ۾ يزد شاهي خاندان ۾
ڪيڏي نه زور شور سان خانهء جنگي کان متاثر ٿي
لڌيانه ۾ انگريزن جي پناهه هيٺ وقت گذاري
افغانستان جي حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ پيو تڙڦي، تنهن
ڪري مٿين سمورين حقيقتن کي مد نظر رکندي، اسان کي
مناسب آهي ته وچ ۾ پئي خانهء جنگي کي صلح سانت سان
بند ڪرائي، تيمور شاهه (بارڪزئي) جي خاندان جي
نصرت ڪري کين وري ساڳئي شاهي ڏيارجي. پوءِ جي اسان
جي مدد سان هو منصب تي رسندا ته يقيناً اهو احسان
اسان جو به ڪڏهن نه وساريندا ۽ ان صلاح تي انگريز
به اسان جو طرف وٺندا.
دنيا فاني آهي، جيڪڏهن سڀاڻي اسان جي ٽالپر خاندان ۾ اهڙي قسم
جي خانهء جنگي ٿي ته پوءِ يقيناً هو به اسان جو
احسان ياد ڪري خوشي سان اسان جي اولاد جي مدد
ڪندا. ان بعد اها صلاح، سمورن ارڪان حڪومت کي پسند
آئي ۽ سندن ئي مشوري سان پوءِ مير مراد علي خان
ڪابل جي اميرن کي سڏائي چيئين ته مون هيءَ صلاح
ڪري سوچيو آهي ته سدوزين خاندان کي برطرف ڪري
تيمور (بارڪزئي) خاندان جي مدد ڪري افغانستان جي
شاهي انهن کي وٺي ڏجي. جنهن تي افغاني اميرن چيو
ته مير صاحب توهان جي صلاح بلڪل نيڪ آهي ۽ اسين به
توهان سان شامل ٿي ان ڳالهه جا ذميوار آهيون. پر:
خزاني جي پنهنجي تون پيتي پَٽين
ته بي شائبه پنهنجي مطلب رسين
۽ ان بعد اسين به خاندان سدوزئي کي برطرف ڪري بارڪزئي خاندان کي
شاهي ڏيارينداسون. انهن قولن ۽ اقرارن کان پوءِ
مير صاحب موصوف شاهه شجاع کي به لڌيانه مان يڪدم
طلب ڪيو. شاهه شجاع جي ته خدا ٻڌي ۽ ويٺي ڏٺائين
ته ڪهڙي طرف کان ٿو منهنجي بخت جو ستارو اُڀري، سو
تڪڙو تڪڙو سنڌ ڏانهن روانو ٿيو ۽ دل ۾ چيائين ته
جي ڪابل جي حڪومت ملي ته واه، ورنه سنڌ ۾ رهي،
وقتاً فوقتاً قنڌار جي حالتن کان پيو واقف ٿيندس
پر جي موقعو مليو ته قنڌار تي به حملو ڪندس.
بقول صاحب ”تاريخ (تازه نوائي معارڪه)“، مير مراد علي خان، شاهه
شجاع کي سنڌ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. بهرحال شاهه
1248هه ۾ لڌيانه مان منزل بمنزل ٿيندو، سنڌ ڏانهن
پئي آيو. جنهن ڪري حيدرآباد جا مير صاحب سندس آمد
تي پئي خوش ٿيا، ٻئي طرف خيرپور جا مير صاحب سخت
ناراض ٿيا. مگر مير مراد علي خان جي اتفاق راءِ
کان انڪار جي به جُرات نه ٿي ڪري سگهيا. ان وچ ۾
بهاولپور ۾ شاهه جي پهچڻ کان اڳ، سنڌ جي ميرن سندس
استقبال لاءِ اڳئي پنهنجا عيوضي سبزل ڪوٽ ڏي موڪلي
ڇڏيا. خيرپور جي ميرن طرفان مير رستم خان جو وزير
فتح محمد خان غوري ۽ حيدرآباد مان آغا ڪاظم شاهه
ويو. هي ٻئي ڄڻا شاهه شجاع جي پهچڻ کان اڳ وڃي
سبزل ڪوٽ ۾ مقيم ٿيا، جتان وڏي استقبال سان شاهه
کي شڪارپور ۾ وٺي آيا. جتي اڳئي خيرپور جي ميرن
طرفان ميرزنگي خان ۽ حيدرآباد جي ميرن طرفان جهان
خان ترسيل هئا جن شاهه جي آمد تي سندس مرحبا ڪئي.
بهرنوع شاهه شجاع شڪارپور ۾ اچي منزل انداز ٿيو، جتي هو جنگ جو
اسلحه به گڏ ڪندو رهيو. منشي عطا محمد کان منقول
آهي ته مير صاحبن ۽ شاهه شجاع جي درميان فيصلو ٿيو
ته، مير صاحب، شاهه کي چاليهن ڏينهن جا چاليهه
هزار رپيا ڏيندا ۽ ان بعد هو جتان آيو هو، اوڏانهن
ئي واپس هليو ويندو- مگر شڪارپور ۾ شاهه کي چاليهن
ڏينهن جي بجائي، چاليهه هزار رپيا وٺندي به ٽي
مهينا گذري ويا. ان وچ ۾ مير زنگي خان ۽ مير جهان
اخن جيڪي شاهه شجاع جي خدمت تي مامور هئا، سي شاهه
جا پِرڪار ڏسي نهايت تنگ ٿيا. ان ڪري جو هنن کي ڪا
خبر نه ٿي پئي ته شاهه ڇو آيو آهي ۽ ڪڏهن ٿو
شڪارپور ڇڏي واپس وڃي. ٻئي طرف شاهه شجاع، مير
مراد علي خان کان اُٺن جي خرچ ۽ ريزڪي خرچ جي پڻ
تقاضا ڪندو رهيو. ليڪن شاهه جي طلب تي حيدرآبادي
ميرن ڪوبه ڌيان نه ٿي ڏنو. جنهن ڪري شجاع الملڪ
وقتاً فوقتاً پيو ڪاوڙبو هو. نيٺ تاريخ 6 جمادي
الثاني 1249هه جي مير مراد علي خان ٽي هفتا بيمار
رهي وفات ڪئي، جنهن جي سببان ملڪ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت
پيدا ٿي.
جڏهن شاهه لڌيانه نڪتو، تنهن وقت کان ئي مير مراد علي خان جي
طبيعت آهستي آهستي پئي نجهرندي وئي. وري جڏهن شاهه
کي چاليهن ڏينهن جي گذرڻ بدران مٽي مهينا به گذري
ويا، تڏهن ويتر مير صاحب جي طبيعت اهڙي ته بگڙجي
وئي جو مٿس ڪافي ضعف ۽ نقاهت جو ايتري قدر ته غلبو
طاري ٿيو جو اراڪين سِلطنت ۽ حڪماءِ سمجهي ويا ته
شايد مير صاحب موصوف موجوده بيماري ۾ وفات ڪري
وڃي. تنهن ڪري هنن جو سمورو توجه فقط مير صاحب جي
علاج تي هو.
بلڪ شاهه شجاع جي سنڌ ۾ هجڻ سبب مير صاحب جي بيماري کي پڻ صيغهء
راز ۾ رکيائون. اهو ئي سبب هو جو شاهه جي رپين
واري طلب کي حيدرآبادي ميرن ٻُڌو، اڻ ٻڌو ڪري،
انتي ڌيان نه پئي ڏنائون جنهن کان شاهه پئي ڪاوڙيو
ٻئي طرف مير صاحب به وفات ڪئي.
هاڻي خيرپور ۽ حيدرآباد وارن ميرن لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿيو ته
جلد از جلد پهرين حيدرآباد جي گادي تي وقت جو حاڪم
مقرر ڪري ۽ ٻي چؤياري ٺاهي وڃي. خدا جي قدرت جنهن
ڳالهه (مير صوبدار خان) جي مير مراد علي خان کي،
ڳڻتي هئي، سوئي اهم مسئلو ٿي نئين سر پيدا ٿيو.
بهر نوع: ٻي چؤياري هن ريت ٺهي:
سرڪار عاليمدار مير نور محمد خان
سرڪار فيض آثار مير محمد نصير خان
سرڪار عالي مير مير محمد خان
سرڪار حشمت مدار مير صوبدار خان
ان بعد سمورن بلوچن يڪراءِ ٿي بحال ڪري اهو فيصلو ڪيو ته ٽالپر
بلوچن جو پڳ ڌڻي سردار ۽ وقت جو حاڪم مير مراد علي
خان جو وڏو فرزند مير نور محمد خان ٿي رهندو باقي
دستور مطابق ٽي حاڪم سندس صلاحڪار ٿي رهندا. انهن
فيصلن هوندي به مير صوبدار خان ضد ڪري بيٺو، مگر
هر قبيلي جي بلوچ سردارن کيس مرگهي جي موذي مرض ۾
مبتلا ٿيندو ڏسي مير نور محمد خان کي پنهنجو حاڪم
تسليم ڪيو. پر تڏهن به نه مُڙيو ۽ ٻي چؤياري جي
ٺهڻ وقت پنهنجي ٻين شرطن سان گڏ هي به اهم شرط
تحرير ڪيائين ته:
هو پنهنجي دربار عليحده ڪندو رهندو.
ايران، افغانستان يا انگريزي گماشتن سان هميشہ عليحده ڳالهيون
ڪندو.
عهدنامن تي به پنهنجي مرضي سان صحيحون ڪندو يا نه ڪندو.... الخ
بهر ڪيف اهڙي طرح ٻيا به شرط ڪيائين ليڪن قارئين حضرات کي اهو
معلوم هجي ته انهن سمورين حقيقتن جو ڪارڻ هي ماڻهو
هئا: 1- ديوان آوتراءِ 2- نواب محمد خان ٺوڙهو
ٽالپر 3- جمعدار ڪؤڙو خان ناريجو ۽ ٻيا، جن هروقت
هن بيمار معذور کي پنهنجن سؤٽن جي خلاف چوري بِر
ڪيو، جنهن جو خطرناڪ نتيجو (1843ع) مياڻي جي ميدان
۾ ظاهر ٿيو.
هوڏانهن مير مراد علي خان جي وفات جي خبر ٻڌي شاهه شجاع شڪارپور
جو مالڪ بڻجي ويٺو. جنهن تي مير صاحبن پاڻ ۾ صلاح
ڪري چيائون ته شاهه شجاع کي شڪارپور مان هڪاليو
وڃي. شاهه شجاع انهن خبرن جي ٻڌڻ بعد ڪاوڙجي چيو
ته ڪن ضروري سببن ڪاڻ مان شڪارپور ۾ پنهنجو توقف
ضروري ٿو سمجهان ۽ خراسان ڏي وڃڻ جو ارادو في
الحال ترڪ ڪيو اٿم ۽ پوءِ جيئن ئي حالتن ۾ اصلاح
آئي ته خراسان هليو ويندس. ان بعد شاهه شجاع- ڪاظم
شاهه کي حڪومت کان برطرف ڪري اُن جي جاءِ تي
پنهنجو ماڻهو بهادر خان کوکر رکيائين- ڪاظم شاهه
يڪدم شڪارپور ڇڏي خيرپور ڏانهن وڃي مير رستم خان
سان حقيقت حال ڪيائين. جنهن حيدرآباد جي ميرن کي
سموري حقيقت کان آگاهه ڪيو.
آغا ڪاظم شاهه جي معزولي حيدرآباد جي ميرن ۾ وڏو تاءُ پيدا ڪيو،
جنهن ڪري هاڻي جنگ اڻ ٽر هئي. شاهه شجاع ان کان
بيحد متاثر ٿي ڪاوڙيو. مرڪزي حڪومت جي مخالفت کي
ڏسي، خيرپور جو حاڪم مير رستم خان به شاهه شجاع جي
خلاف ٿيو. جنهن بعد سندن هڪ درباري بلوچ سردار مير
عالم خان مري جيڪو ڪجهه عرصو اڳ خيرپور جي ميرن
طرفان شڪارپور ۾ نمائندو رهي چڪو هو. تنهن جي ۽
شاهه جي نمائندي هدايت الله، گوسڙ ڳوٺ جي حاڪم جي
وچ ۾ جنگي جهڙپون ٿيون جنهن ۾ عالم خان مري ميدان
ڪارزار ۾ قتل ٿيو. هي ظاهر ۾ معمولي مقابلو هو.
جنهن جي ڪا اهميت نه هئي ليڪن در حقيقت ميرن ۽
شاهه جي وچ ۾ جنگ جي ابتدا هئي جيڪا ٿي چڪي. عالم
خان جي قتل ٿيڻ سبب هن جو پٽ جهان خان مري بيتاب
ٿي وڃي هدايت الله تي اوچتو حملو ڪيائين جنهن ۾
هدايت الله قتل ٿيو. شاهه کي پنهنجي نمائندي جي
مرڻ جي جڏهن خبر پئي تڏهن، هن يڪدم سپهه سالار
سمندر خان کي حڪم ڪيو ته پنهنجي سموري فوج کي
تحريڪ ۾ آڻي (هوڏانهن ٻئي طرف ميرن جون فوجون شاهه
شجاع سان وڙهڻ لاءِ سکر ۾ موجوده سينٽرل جيل واري
ميدان ۾ اچي خيمه زن ٿيون، انهيءَ ميدان کي اڄ به
کرڙي وارو ميدان سڏيو ويندو آهي.)
جنهن تي هن ٽي هزار فوج ۽ ست توبون ساڻ ڪري، سکر کان پري لال
واه جي نزديڪ اچي خيمه زن ٿي، نهايت چالاڪي سان
پنهنجي فوجي جهنڊي کي، ميرن جي فوج کان ميل کن پري
ڪنهن وڏي وڻ جي چوٽي ۾ هنيائين ته جيئن مير صاحب
ڌوڪو کائي ان جهنڊي تي حملو ڪن، ۽ پاڻ ٻيو طرف
اختيار ڪري وڃي ويٺو بلڪ نهايت خاموشي سان آدم
شاهه جي ٽڪري ڀرسان پهتو ۽ تمام تڪليف ۽ محنت سان
ٻن توبن کي پڻ ٽڪري تي مٿي رسائي اُنهن جا مُنهن
ميرن جي ڇانوڻي ڏي ڪري توبن مان گولا ڇوڙڻ شروع
ڪيائون. ان اوچتي حملي کان ميرن جي لشڪر ۾ هلچل
مچي وئي. ايتري ۾ سيد غلام مرتضيٰ شاهه نهايت
بهادري سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي هليو. آغا
ڪاظم شاهه به کيس ميدان ڪارزار ڏي ويندو ڏسي اُهو
به ساڻس گڏ ٿي ٽڪري ڏي وڌندا ويا. غلام مرتضيٰ
شاهه چند قدم اڳتي هلي دو دستي تلوارن سان دشمن جي
لشڪر سان مقابلو پئي ڪيو ته اوچتو کيس بندوق جي
گولي لڳي ۽ گهوڙي تان ڪرڻ سان وفات ڪيائين.
هاڻي گهمسان جي جنگ هئي. جهان خان مري، بلوچن جي رسم مطابق
پنهنجي لشڪر جا پَلؤ هڪ ٻئي سان ٻڌي اڳتي وڌندا
ڪيترن ئي دشمنن کي ماريندا هليا، بلڪ اهڙي خطرناڪ
ميدان ڪارزار ۾ پنهنجي سَرن تان آسرو لاهي سر ڌڙ
جي بازي لڳائيندا هليا. ليڪن دشمن جو لشڪر ٽڪري تي
مٿان بيٺل هو جن بندوقن جي گولين جا ميرن جي لشڪرن
تي پئي وسڪارا ڪيا جو هو ٽڪري جي هيٺان بيٺل هئا،
جنهن ڪري آساني سان مرندا ويا. نتيجي ۾ عالم خان
مري ۽ سندس لشڪر بهادري جا ڪرتب ۽ جوهر ڏيکاريندي
پنهنجي لشڪر سميت ميدان ڪار زار ۾ پڻ قتل ٿيو.
اهڙي طرح آغا ڪاظم شاهه ۽ ٻيا بهادر به ميدانِ ڪار
زار قتل ٿيندا ويا. ميرن جي فوج عجيب ڪشمڪش واري
حالت ۾ اچي ڦاٿي. هڪ طرف کان سمندر خان جي توبن ۽
بندوقن جو وسڪارو هو ۽ ٻئي طرف درياء هو. جنهن ڪري
ڪيترائي ميرن جي فوج جا سپاهي پڻ درياء ۾ ٻڏي ويا.
بهر نوع ان حالت ۾ يقيني ميرن کي شڪست اچڻي هئي.
ان دوران نواب احمد خان لغاري، فتح محمد خان غوري
۽ محبت خان مري، جنگ هارائي ٻيڙين ۾ چڙهي درياء
پار ٿي وڃي خير سان بکر کان نڪتا.
مذڪور شڪست کان پوءِ مير صاحب پنهنجي لشڪر سميت وري اچي لاڙڪاڻي
۾ گڏ ٿيا، شاهه شجاع به ميرن جي فوج جي چرپر تي
نظر رکندو آيو. ليڪن طرفين مقابلي ۽ خونريزي کي
صلح تي ترجيح ڏئي سرهندي پيرن، پير فدائي محي
الدين. ۽ پير نظام الدين جن کي وچ ۾ آندو. فيصلي
مطابق جنگ جي تاوان ۾ ميرن چار لک رپيا نقد ۽ پنج
سئو اُٺ شاهه شجاع کي ڀري ڏنا. ان کان پوءِ هڪ لک
رپيا شاهه جي فوجي سردارن کي به ڏنائون. ان بعد
شاهه شجاع قنڌار ڏي روانو ٿيو. ميرن جي طرفان سندن
فوجي سردار بهادر خان کوکر به قنڌار تائين شاهه
سان گڏ ويو.
بيان جنگ کرڙي[3]
سن ٻارهن سؤ اڻونجاهه هو مهينو شعبان
شروع ڪيڙم شعر کي ٻڌي بحر بيان
ملڪ سجاول خان هو سدُوزئي سلطان
پر تنهنجو تيمور شاهه هو نامزده نيشان
باري هو عظيم تنهن جي اڳيئون هو طومان
تنهن کي پيو خلل خصومت پاڻ ۾ ڪيئون هڪ ٻئي کي حيران
تڏهن سجاول سمجهي ڏٺو ته هن بي حدبي فرمان
*
سو مڻڪو ساڻ ملوڪ هو تنهن ۾ عجب ڪا حڪمت
سو کسي ورتو وير کان هندستان حشمت
اهڙيون مشڪلون ملوڪن کي پون فلڪ واقع وقت
۽ بها (سو ورهيو) تنهنجي ڪير ڪري قيمت
هئي ڀل گهڻي بي دين جي تنهن مٿي تهمت
تڏهن فرنگي جي فرمان لکي خاصا خاصا خط
ته مسافر ملوڪ کي ڇو قيد ڪيو ڪم بخت
سي ملحد مڃيا ڪين ڪي وري شوم شدت
تڏهن فرنگي فهم ويڙهايو مڙي ڪئي مصلحت
هڻي سرنگهه زمين مئون ڪيائون قزاقي ڪسرت
جا ڪڍي ڪل اندرئين تنهن کي فرنگي سان فرحت
ڪڍيائون سجاول سپاهه سان ڪيائون راتو راهه رخصت
ڏينهن رات اچن، ڊوڙندا هٺ پنهنجي هيبت
سو صاحب سلامت آندئون سجاول شڪارپور ۾
*
سو سجاول شڪارپور ۾ هو سنڌ ۾ ٻه ٽي سال
هن ڪيو ڪرڙو ظلم زمين تي ڪنبايائين ڪنگال
تنهن جي قادر قبوليا ڪين ڪي باري بد افعال
توڙي لکي مڪائين مير ڏي هي حقيقت حال
لنگهيائين لهريون بهريون سختيون جيڪي ڪاٽيائين ڪشال
تنهن کي دلاسا دانهه ڏنا رستم لک پال
جنهن کي ڏياري سنڌ سچي ڌڻي شهباز قلندر لعل
جنهن جا سدائين سيوهڻ ۾ ٿا وڄن گهنڊ گهڙيال
نوبت دولهه لعل جي ٿي دائم وڄي ڌمال
پر اها ڪهاوت قنڌار ۾ وڃي پئي قيل مقال
آيو سجاول شڪارپور ۾ ڇڏيو دوست سک دجال
تڏهن لشڪر ميل عظيم ڪيو هو هر ڌائي هر تال
چڙهيا اُڙد عميق عظيم سان ماڪڙ جئن مثال
پلٿي باز پٺاڻ پسگ پشوري ارڻ جا ابدال
سي روهيلا راڪاس چڙهيا چوپاسي مغل مٽيا متوال
اچي ويڙهه عظيم ڪئي ڪر پردو ذوالجلال
تڏهن هت مير لشڪر ميل ڪيو پر ساڻ وڏي اقبال
آيو لاڙئون مير مراد علي جنهن سان اڙد اجهاڳ اٽال
پر اسين کنيا عظيم جا رهبر ڪئي رسال
ته ويندو سجاول سنڌ مئون نه ٿيندي جنگ جدال
تڏهن ڪئي مصلحت ميرن پاڻ ۾ خلوت ساڻ خيال
راجا رستم خان چيو خاصي خوب خيال
ته سام سجاول ملڪ اَٿَو تنهن جي لهو سردار سنڀال
پڇو عظيم پٺاڻ کئون ڪهڙو ڪيائون وڏو ڪمال
ڪري تلف ترار سين بڇيوس بم تبال
اتي آخر ڪرڻ عظيم جو جڙي ساڻ جمال
شاهه سجاول ملڪ جي ٿي زور زمين زوال
هيڙس ڪسرت قهار جي ايها سڀ اهمال
هليو درماندو دلگير ٿي ڇڏي مڏيون مال
آيو دانهه درازن ۾ جتي خاصا خير دلال
آئي درويشاڻي درٻار ۾ ڪيائين منجهئون سوز سوال
ٻهڳڻ ٻه ٽي ڏينهن هو منجهه اوراڻي احوال
ڪامن ميان قبول محمّد وٽ اهل ڇڏيائين اطفال
اٺئي پهر الله کئون پيو ڊڄ بندا تون بيحال
سوجر هاريندو جال ويورت جا ڳوڙها روئيندو
*
تڏهن ميان سائين موج مئون ڪيس دعا سخي درياهه
ڏنا سونهان تنهن صاحب کي هر ويلي همراه
سو هليو مشرف ملڪ ڏي وٺي رستو راهه
ايت فلق فراق جي اچي نهوڙيس ناگاهه
هئي سڌ تنهن جي ساهه کي ٻي آگي کي آگاهه
پر سونهن ساڻ صلاح نئي ڇڏيو جبل مير جوان کي
*
اتي فراقن فقير ڪيو ڦري بيوس فلڪ
ڪيائين منهن ملير وڃي فريادي ٿيو فرنگي کي
*
سو فريادي فرنگي وٽ سو ويٺو ويچارو
ته دانهين کي در تي گذريو ورهن ويهارو
تنهن کي پرڻايو بادشاهه وري بخت ڏنو وارو
غم گوندر وسري ويا ٿيو سولو ستارو
پر ڀي پاسارو اچي اڳين جان اسباب ٿيا
*
تڏهن سنڀاليائين ساڻيهه کي ڪيائين واڳ وطن
پهه پچايو بادشاهه سان ويهي وزيرن
سوين هزارين حاضر ٿيا منجهان امير امرائن
پر وِهه نه وڃي واسينگ کئون توڙي گذري ورهه وڃن
سو چڙهيو فوجونڪري فرنگي مئون ساڻ نوبت نشانن
لشڪر جي ڌم ڌام سا ٿي ڌوڌو دمامن
تڏهن مير مبارڪ مراد علي لکيون خبرون منجهه خطن
ڪي ڪڍي ڳالهيون ڳجهه جون لکيون لاغرضن
اها وائي هُو هوا ٿي منجهه مشهوري ملڪن
تنهن جي خاصي خبر خدائي کي ٻي ميرن جي هئي من
هئي وائي جن کي ڪن سو اچي تر ڏهون اظهار ٿيو
*
هت سالڪ پٽ سهراب جو هو راجا رستم خان
تنهن پري جهليو بادشاهه کي جنهن جو شاهه وڌايو شان
تڏهن مڪائين ميرن ڏي بيحد لکي بيان
ته اٿم ڪاهه قنڌار تي ڇڏيم جاٿي تخت سندو طولان
پنجاهه ڏينهن پورو آهيان ميرن سندو مهمان
جي ڪري عدل احسان ته ڀيليان ڪوٽ قنڌار جو
*
پوءِ انهيءَ شرط شڪارپور ۾ آيو بار کڻي بادشاهه
تنهن جُون ميرن مهمانيون ڏنيون لڌي سردارن سنباهه
آيو مير زنگي مهراڻ مئون جنهن سان سهسين رنگ سپاهه
جئن سرها ساوڻ سان جئن بادل سرخ سفيد سياهه
ته مڪو مراد علي سمندر ساڻ سپاهه
تنهن کي پٽ پهريو بادشاهه ڪيو اوج منجهان امراهه
ڏئي لشڪر مير مراد علي مڪو سمندڙ ساڻ سپاهه
ٻيو اڳي اڪيچار هو وٽس اڙد اپر آڙاهه
تنهن کي اٺ ڏهه مهينا گذريا اڃا پورو ٿيو نه پنجاهه
پر دعوا منجهه درياهه ڪيائين ڪوٽ بکر جي
*
تڏهن خبران گونانون اچي رسيون رستم خان کي
ته وهندو هٿ وڪيل جي مير لکيو مضمون
ست پيڙهيو سلطان آهين ملڪ ڌڻي مشهون
ته تون زور آور ظل الله آن ساڻ عنايت عون
آخر پنهنجي عهد کي ٿو ظاهر ڪرين زبون
آخر پنهنجي عهد کي ٿو ظاهر ڪرين زبون
هاڻي خوش ٿي چڙهو خير سان ته ملڪ ٿئي مامون
جيڪا اٿئي دانهه دل ۾ ته ظاهر ڪر ظنون
هت حڪم هلندو ڪون ڪو ڪرين نه قانون
باورگير بلوچ اٿئي متان خلل مچائن خون
تون زور آوز زبون ڪي پر جهي ڏس بادشاهه
*
جڏهن شاهه سجاول ملڪ کي هي رسي اخبار
بيحد ڪيڙي بادشاهه ڀل مٿن ڀلڪار
تڏهن هلايائين حڪم سان ماڻهو منصبدار
تنهن پڙها گهمايا پانهنجا دهه دهه ڌارو ڌار
تنهن دڙڪن سان دٻايا ڪارا وار ڪمدار
تن پير نه کوڙيو پرئين ڀر ۽ دهڪايا دهڪار
نه ڪو ڦٽيو نه ڪو ماريو اها مٿن آهي ميار
خبران ڏنائون خيرپور ۾ اچي سان اعتبار
رب راضي رستم خان تي ڏنس توڙئون تخت تبار
سچي صاحب سنڌ جي ڏنس جوت جبار
خواجه خضر برابر خان جي آوڏي ڄام ڄمار
گرگ ٻڪرين گڏ گذران ڪئي دلجاءِ ڌنار
اتي منشي مير سڏايا لکيا رقعه ڏنهن لاڙ
تنهن مهري ماڇي چوي هلايا هسوار
ڀڙ سڏايا پنهنجا مانجهي مير متار
مري نظاماڻي نامزد کورکاڻي بوزدار
گٽي رند بلوچ بروهي کوسا شاهي شمار
گرگيجا گوپانگ گڏاڻي گوري آيا حشمت ناڪ هزار
فوجان فوجن تئون اچن چئن ڪنڊن چوڌار
گڏ لشڪر ٿيا مير وٽ ڪٽڪ ڪارونڀار
مڙي آيا مير وٽ صوبا ۽ سردار
تنهن کي فوج ڌڻي فرمايو سالڪ سرت سچار
ته نئي ٿيو خان خبردار بانڪا ڪوٽ بکر تي
پر جوانو جنگ جدال جي ڪجو پرسون ڪان پچار
سوين سروپائون سون جون سئو بخشيون سردار
وڳا ويس ولائتي دشالا دستار
پهرايون پُرسن کي پوشاڪون پڳدار
سِيهو داروُ جنگ جو ڪيو ڪڍي خان خرار
ارڏي ڪڍي ڍير ڪيا هول هٿيار هزار
سي جوانن پهريا جنگ جا جوان جنگي جنسار
جئن سرها وقت صبوح جي ٽڙن گل ڦل منجهه گلزار
تئن ڪيائون گُلڪاريون گهوڙن کي سونهري سينگار
سي ڪونتل چڙهيا ڪُڙهن مئون تن لس لائي للڪار
اتي وڳا ٽالپر جا نوبت گهڻا نَقار
ڌيمن ڌم ڌمال ڪئي ڌنڌ لايو ڌڌڪار
کڙا سر سرور ٿيا چوڌاري چانگار
وڻ ٽڻ لٽيا لتڙ ۾ پيا گڏجي منجهه غبار
نيزن تي نشان سِين جهرمر ڏين جهلڪار
سي اچن ميگهه ملهار ڪيو ڪيون بادل جئن بهار
ڏيندا ڌمولا ڌرتي کي اچن رئو گهوڙا رهوار
لڳو رنگ روهڙي جي ڀرتي وٽ مبارڪ وار
جاٿي منارو معصوم جو اتي ديم هيا دسدار
هيا دانهه لشڪردار تن کوڙيا تنبو واريءَ تڙ تي
*
اتي سؤ فوجان فرمان هنپر لنگهيون لک هزار
تن سان لنگهيو عالم خان امير ٻيا مري ڪات قهار
ڪي جلالاڻي ٽالپر ڪي کوسا لک هزار
ذات بذات بلوچ لنگهيا خان گهڻا خونخوار
ٿيا لنگهي پار درياهه کئون جوان جنگي جبار
پرئيون اڙد پٺاڻ جي ڪئي هاٻاڪا همت دار
سي چهرا چڙهي پٺاڻ ڏين چئو ٻولا چوڌار
هيڏهن هوڏهن اڙد کي ڪن اوڏي سا الغار
اتي چانڊين چنگ مچايو جي هاچاري چوڪيدار
ٿي غالب تقدير جا هڻي توڙ ڏهون تبار
تن سان چڙهيو عالم خان امير ڀي اڳ ۾ الهه تُهار
اڙد تي پِيڙَا اوچتا هين خبر نه ڪاچار
ڪاهي پيا پٺاڻ تي ڪڙڪي سر ڪپار
ترارين بندوقن بابهه ڪئي ٿيا داروُن جا ڌڌڪار
گهوڙن ۽ هسوارن مئون ٿيا تيرريءَ رهوار
تن ڀي توڙي کڻي دهار وڃي ساندهه سيف شروع ڪئي
*
پر هو آخوند زادو اڳ ۾ جنهن مرد مليو ميدان
تنهن جو نالو هدايت الله الهداد چون افغان
هيڏهون جوان جليب ڪئي جو هو وڏو عالم خان
ڪيو واڪا وڙهن ولائتي ذرا ڪن زيان
تن ڪئي شتابي شمشير سان آيو جوان کي جولان
مستي مستن جا هيو هو چوڏس چاڪر خان
بيشڪ هڪ شڪل شمشير سان ويري ڪيا ويران
تن لوڙيا لشڪر ۾ وڌا پيو لهرون ڏئي لقمان
آيو احمد خان اليلان ڪندو ٻيو پانهه باقر خان
پياري خان پواڙا ڪيا پيو مغلن ۾ مستان
جنگو خان جنگاهه پيو ٻيو مغل راوت خان
تن سنڌا اسيفن سان ڪيا پيو مغل هڻي حيران
شاهه سجاول ملڪ جو ماريو تيغن سان طوفان
رضا ٿيڙي رب جي جو ارڏو عالم خان
سو آيا سورهه کني صندوق ۾ جنگي مرد جوان
اهي رنگ ڏسي رحمان آهن عجب ڪم ڪريم جا
*
جڏهن اها خبر ٻڌي شاهه غلام مرتضيٰ غازي انهيءَ گل
هو مانجهي مل محمود جان هو ارڏو منجهه عمل
رستم ۽ بهرام جان هئي دانهه دست اڇل
تنهن سهسين سينگاري وڌا مٿي تازين تل
زين روپي سون جي بناتي بخمل
هَنا هزارن تي پيا موتين ساڻ مڙهيل
سريون نقطا سون جا ڪاٽن سان ڪڙيل
مڱڻهار موڙ سين رنگين لعل رتل
لوند لال لگام جن تي سهڻا سونا ڦل
ٻيا گردان گرد جڙائي ٿيا جوهر مٿي جهل
دنبالن تي دمبچيون چاندي برج چڙهيل
گليمخن گلزار ڪيا گاديون برٿ ڀريل
ڪشي ڪشيائون بالا تنگ نيائون سان طرح وڏي تجمل
ساز سمالح سون جا تن ڪيا مشعل وانگين منڊل
تنهن جي درسن ۽ ديدار اُتي ٿيا ملڪ رجوع مؤڪل
سي تازي طبيلن مان چڙهيا بحري منجهان ڀل
چڙهيو شتابي شاهه سان مانجهي تنهن مهل
جنهن جو ڌاڪو ڌرتيءَ تي منجهه قنڌار ۽ ڪابل
پلڪ نه ترسيو پرس سو جوان نه ڏني جهل
جئن موج منجهه درياهه جي اٿلي پوي اٿل
تئين ڪيائين پيل پٺاڻ تي ارهه ڪئي اهل
گر گڙ گاڏن تي ٽيليندا ٿي توبن کي تل
اچي سهسين دارون جا ڀريا قطاريا ڪرها
نفيلان ۽ نوبتان چوڏس چنگ وڄن چئنچل
جنهن جي جهانئن جهڪور ڪئي جَرس ڪئي جابل
شرنائن سرود ڪيا ڪن ڪرنائن ڪر ڳل
اڏري افلاطون جان هليا جال جبل
شاهه چڙهيو اڄ جنگ تي ٿي هنڌ هنڌ منجهه هڪل
تهان لشڪر اڙد امير چڙهيا ٿيا کڙا بار بادل
نشانن جهنڊن جُهڙ لايا ٿيا هنگاما هُل
جهڳ مڳ جهنجهه جڙيا جوهري جهرمر موتي جهل
سدا خوب دُشالا سرتي گلزار گيڊن تي گل
گردان گرد ڏسي گل گهرا پيا ڀنئور ڀلن بلبل
سونهري سرواهيون روپيون تجلا ڏين تجمل
بڙڇون بس بندوقان ڀالا چوگرد وڄن طبل
گهوڙا رمندا اچن رنگ لايو ٿيا هوائي هل
پٻندا پنجڪلياڻ اچن ٿي ڌرتيءَ تي ٿر ٿل
نيلا نقرا ناز ڪندا اچن نچندا ڏيندا واڳن کي ول
مشڪي بور سمند سونهري ڏين ڪڏا پر ڪؤنتل
گرڙا ڪٽ قيمتي ڪبوتر ڇٽڪيا پون پلپل
ابلق اسپ عراقي سي تان ڏين نه جهل
ٻڌي سواري شاهه جي پيا مشڪل منجهه مغل
سو سورهه کڻي منزل اچي رات لٿو منجهه رائِني
*
اتي وئي وهامي راتڙي سورهه چڙهيو سويل
تن جا اچن اسپ اڏامندا منجهئون اوج اليل
ڌان ڌان ڌَنئوس درياهه جي جئن خواجي جي خيل
تئن ڌيمن ساڻ اليل اچي لٿا واريءَ تڙ تي
*
اتي لشڪر لهي پيو چَوگردان مئون چاهه
اپر اتي انبوهه ٿيا ڪٽڪ مڙيا ڪڙ ڳالهه
شاهه سجاول ملڪ تي اڙد نيا آڙاهه
سکر بکر شڪارپور وئي ڌُٻي ڀر درياهه
آيو مير مبارڪ خان ڀي سنبري ساڻ سپاهه
تنهن ڏاڍي تِک تاهُوت ڪئي ته ڪيون جنگ جنگاهه
تڏهن جوڙي شاهه جواب ڪيو پانهه بي پرواهه
ته عاقل ٿيء نه اٻاهرو رک ارڏا مٿي الله
مر اچي لشڪر لاڙ ڏهون اها سالڪ آهي صلاح
ته ڪريون جوڙي جنگ جوان بي باڪا سان بادشاهه
نه ته ٿي امام جنگ جو ته ڪريون قلعي تي ڪاهه
جيڪا گهر الله جي هوندي ڌُريئون ڏهون درگاهه
ماڻهو مثل ڪپاهه آهي راءِ، رضا رحمان جي
تڏهن مير مبارڪ خان ڪيو ڏاهپ پارئون ڏنگ
اصل ارادت جو ڪو ائين لکيو هو انگ
تنهن طعنا تائي کي هَنيا ڪيو دانهه ڪون درنگ
سو اڙٻن چاڙهي اڙگني شاهه ڪيائين شنگ
تڏهن ڪڍي ڪچهري مئون اٿيو امالڪ اڙٻنگ
پانهه پار درياهه جي لنگهيو نرنسنگ
لنگهيو فتح محمد غوري ڪشي تازي تنگ
محبت خان مري سان لشڪر لايو لنگ
لنگهيو مري جُنگ جلال خان پرئين ڀر پتنگ
گڏ صُوبا ٿيا شاهه وٽ جي هئا جوان ڪرارا جنگ
جنهن جوهر ڏيکاريو پنهنجو پهلوان پتنگ
پَريئون اڙد پٺاڻ جي ڪيو سوگهو گهٽ گهٽنگ
اتي پڙهي فاتح جنگ جي ڪڍيئون ظاهر دل کان زنگ
سرڪردن صوبن کي چوي شاهه للنگ
وڙهنداسون ويرين سين وجهي پيرين ونگ
حق ملهائڻ ميرن جو اچ اٿيو نيمڪ ننگ
نڪتو سمندر سهسين سپاهه سان نعرو ڪري نسنگ
تنهن سان جهلدا آيا جُهولندا رَونشو لايو رنگ
جئن اچي اوهيرا ڪري سانوڻ جو سارنگ
تئن جهنڊن ڪيو جهر جهنگ لٽيا جهڙ جان مرد جوان سين
*
تڏهن هيڏانهن شاهه امام ٿيو نڪتو نر کڻي نيشان
شاهاڻي شعاع ڪيو تجمل سان طولان
شملي ۾ هو شاهه سان جري جلال خان
جهنڊو سپاهي جنگ جو هليو بانڪو براهم خان
مُڙيو ڪين مري سو هو ڪُوپو ڪرم خان
تن مردن ميگهه ملهار ڪيا ملهايا ميدان
هڻن توبون توبچي تن غازين ڪيا نه گمان
ڌنڌجي ڌڌڪار سان ويو رنگ ميٽي آسمان
جئن وڄ چراٽي وڻن کي تئن تيرن ڪيو طوفان
پر جنهن کي آگو ڏئي ايمان سي اچن گهاٽ اجل تي
*
پر مورچا مورچن سان گڏيا ٿيا دارون جا ڌوڌٽ
صد باري سرسي شاهه جي هت سر جي آهه سٽ
آغا ڪاظم شاهه هليو ٻيلهه تهين جي پٽ
صقيلي سان شاهه ڀي ٿي ڪيا ات الهٽ
لٽائين لشڪر کي ڪٽيائين ڪُونهٽ
سورهه هو سلطان شاهه تنهن کي ساندهه سوڙهي گهٽ
چاچي ڀائٽئي گڏجي ٿي لوڙيا ڪيا لٽ
آڻي مغل الله ڏنا پُرسن کي منجهه پٽ
غازي شاهه غلام علي ڏنا جهڙ ترارين جهٽ
عنايت کي نورشاهه وڌا ڳانڃي اندر ڳٽ
خير محمد فيل ڪيا پيتا مردن مئي جا مٽ
فقير فولادي سان کيڏي راند رگهٽ
پابند فولادي کي ڏني مغل سر مهٽ
تن ٻاون گيرن ٻنهي لڳي ڇڏايا گهير تنين جا گهٽ
ٿي والي ڏَهون واهٽ اچي ارڏي کي ايمان جي
*
ڏاڍو جنگ جنگاهه ٿيو ٿيا خنجر خاني کوڙ
شاهن صقيلن مئون پُرسن ڪڍي پٿوڙ
بندوقن بي وس ڪيا رکي، سِيهي دارون لوڙه
پيا ڇٽڪي تير تمام سي ظلمي زرهن ٽوڙ
اتي مِينهن وهايون مصريون ڪيا تلوارون ٿي توڙ
تن وڌا مانڌاڻا مغلن تي ويرن سر ولوڙ
ڪيو ٿان ٿان طبل وڄن اچن روهيلا ڊڪ ڊوڙ
تن خونن کهنبا ويس ڪيا ملڪ الموت ٻڌاين موڙ
هي ڀي هاتڪ هوڙ هنن غازين ڪين گهٽائيو
پر نه ڪن سنگ اڙٻنگ منجهه جنگ جي جوان ڪاهيون پون
سر ڌار ڌڙ ڌار انگ انگ تي ٿيا پرزا پرزا پون
لعل دريا ٿيا خون جا خيل خنجر ڪن
*
بڙڇيون تلواريون بانڪن بڇايون
هڻن سرمست سانگ صقيلا جهوردار ڏين جنبايون
شعاع تيغن ڪيا وانگي بجلي ٿيا ڀڀڙ باهيون
ڌڙ ڌڙن تي وجهن منجهه انڌوڪار جي باهيون ٻرن
اتي توبن تاب تُفيل ڪئي گاج پئي گرزن
ڇٽڪيون چڪيون چوڌاري لڳيون باهيون بندوقن
آيا مغل هزار هشام ٿي سفا سان سفتن؟
هيڏهون مري نظاماڻي مورچي ۾ ٿا غازي گهوٽ گجن
ارڻ جي اوطاقن اڳ ۾ ڪاهيو ڪونڌ پون
جلال خان جليب ڪئي بانڪي بزن بزن
بڇ ابراهيم خان ڪئي مهمير مٿي مغلن
تن سرڙي سرواهيون ڪڍيون جولائون جوانن
ڪار غلامن ڪوس ڪيا قهر وڏا قومن
پر ٿيا مست رُوءِ زمين تي روڏانا رومن؟
ڀڙڪايو باهه ۾ اچي پلٽيا پتنگ پون
بڇي ابراهيم خان پيو ناگڻ وچ ويرن؟
ته ڪٺا ڪونڌ قنڌار جا ڪوپا سان ڪلنگن
ڪنهن کي ور نه وارو ڏئي توڙي ويري وارا ڪن
سهسين غازي گهوٽ تئون پيا سوين گهاؤ گسن
جنگباز گشت روهيلا تپايا تيغن
ته هنيون تلواريون توبن ۾ ڪيائين تکا کي تنگن
جئن نباور بازيون ڪري پون منجهه پهرن؟
تئن وِراڌو واسينگ جان ٿي دهشت دورانين
ڪيئون تک ترار سان مٿي ڌڙ ڌڙن
مٿان گولا مينهن جان واڪا ڪيو وسن
ڪون پڙي پُرسن کي جن سان ڪئي واهر ولين
اتي ترارين تڙ ڀيڙ ڪئي بڙڇين ۽ ڀالن
ڦٽ ڦٽ ڪيل ڪي انگ انگ ڪيل منجهه عضون
ڪاهل ڪيو ڪونڌ کي زور اچي زخمن
سو ماڳ جهليو ملڪن پيو پڙ ٿي سر پتال جي
*
تڏهن اتي جهنڊو جهان خان جو آيو نوبت نقارو
جڏهن لڙي سڀ لشڪر ٿيو لمي لهوارو
مري مچايو مامرو هليو ارڏو اوڀارو
تئن اڀري عرش عظيم ۾ صبح جو تارو
تئن پنجاهي سان پهلوان ڪيو اڳتي امارو
چئي محبت خان مري ڪهي وارو ڙي وارو
منهن گندو چپ وات ۾ اتي نر هنيو نعرو
جتي بنا ور بازيون ڪري جو سڀ ڀڙ سوڀارو؟
تنهن روح اتي رت ڇاڻ ڪئي جنهن جو ارڻ استارو
اتي اوتارو عزرائيل اچي ڪيو
پر هوڏنهن افغانن جي اڙد سان سرڪردو سمندر
تنهن سان پلٿي باز پٺاڻ ها سڀ دوراني لشڪر
تن جوانن کي هو جنگ جو ڪو ڏاڍو هٿ هنر
تن ڪيڙي باهه بندوق جي پيو منجهي منجهه مگر؟
هيڏهن غازي شاهه غلام مرتضيٰ هو ارڏوئي اڻ ٽر
جئن اڀ گجي گوڙيون ڪري تئن ويو ڪندو نعرو نر
هڪلان هيبت سان ڪيون ٿي ڏاريائين ڏونگر
توڙي تکا تير بندوق جا ويا ڪري گهوٽ گذر
تڏهن ڀي ويو اڳتي اليلان ڪندو ڪاهيون ڪونڌ ڪڪر
پر آئي جنگ جوان تي ڇلي پيس ڇپر
رضا مڃيائين رب جي، ڏنو سورهه سر
*
اتي ڏاڍي جنگ جٽا ڪئي ويو ڏيڍ پهر گذري
آندل اربع ڏينهن جي ٿي ٽاڻي ٽي پهري
سج لهي سانجهي ٿيو ٿي اوڙڪ انڌاري
سورهه ساري سنڌ ۾ هو محبت خان مري
تنهن کي ٺهي پئي چيلهه تي سهڻي سونهري
اتي نو ويهان ڏهه ڄڻا ماريا مرد مري
ٻين پنهنجن کي ترسايو پر واهر ڪان وري
غوري پيا هيڻا ٿي ڀڳا پوءِ ڦري
مسلم شاهه مٿي کنئين خواري جي کاري
سڪو شاهه سنجر جو ڏنس ڏائڻ ڏيکاري
بي سرگردان صوبا گهڻا پيا فوجن ساڻ ڦري
ڪهڙا انهن جا نالا کڻان جي پيڙا خان کري
جهنڊن سوڌا جر ۾ نڪما پيا گهڙي
ڪو لنگهي ننگهيو ڪو لنگهيو منجهئون تار تري
ڪنهن بخش بندوق ڪئي ڪنهن ڏني زري زري
اتي مال غني ملاح ٿيا ٻيڙن بخت وري
جنگ وئي گذري جو ڪري پلڪ پٺاڻ ويا
*
پر اها جنگ اکين سان ويٺي ڏٺي مبارڪ مير
پير نه کنيائين کٽ تئون توڙي کڙا اڙد امير
اهو مرڪ نه مناسب ۾ ويهڻ کي هو وير
پريون وٽ درياهه جي هئي سوئي لنگهن سير
لنگهي پوڻو پار هو هوند ترت ڪري تدبير
ته هوند ڪيائن بڇ بلوچن کي هارند مري مهمير
ماري مغل ماندا ڪيا هوندا بانڪن ڪري بهير
پر رکيائون پير نه پوئتي مير ڏنن منڌير
تڏهن شڪجي سڀ وزير پيا دانهه ٿيا دلگير
ڪري مغل مذاق ويا دوراني دبير
عرب اصل عقل سان گنوايو گهگير
سر ڏئي سرها ٿيا منڃيائون توڙ سندي تقدير
سچ لنگهائن سير ڪلمي ساڻ سلامتي
*
|