سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :11

ٿوري ۾ ٿارن، لٿو ڏين لک ٿيا

هٿئون حبيبن، ڪڏهن ڪونه ڏکوئيو

جي ڀائين پرين مڙان، ته مَتِ منهنجي ڳُن

اُٿي چَلُ چَرين جان، سَڱ سڀيئي ڇَنُ [1]


جنهين اچي بوءِ، پهريون پُور پرين جو

وايون وڃن وسري، هنيو حاضر نه هوءِ

وهن نيڻ نِڪون ڪري، ڳارهو ڳلين پوءِ

محبتي ارمعاملا، رت سڀڪو روءِ

جيڪو مون کي چوِء، ته ويهه وساري سپرين

اهڙو ڏڄڻ ڏيهه ۾، ٻيو نه ڀايان ڪوءِ

سا مومل مئي، جنهن موهيا پهيڙا

اچي پسو جيڏيون، سُڃي ڪاڪِ ٿئي

نه سا مومل ماڙئين، نه سا ڪاڪ وري

ايندا هئا ٻڌڙي، راڻا جنهن مڙهي

سڀيئي آتڻ واريون، وييون پنڌ ڪري

ويئي سا ولاڙ، ماڙيءَ اُتي جا هئي

ڪري هٿ خُوار.... نه ڪاهيو؟

اسين ٻانها تون ڌڻي، تون پاڻهن ڄان

سندي تُر ميزاڻ،[1] ليکو ڪندين ڪن سين

ڀلو جنئي وير، مٿي آهن روجهڙيون

ماريءَ ڙو تو پير، ڄاريون بنيئي سگهڙيون؟
 


[1] . شاهه جي رسالي ۾ هيءَ بيت ٿوري ڦير ڦار سان ڏنل آهن. جيڪو هن ريت آهي:

اگهئو ڪائو ڪَچُ، ماڻڪن موٽ ٿي

پلئي پايو سَچُ آڇيندي لڄ مران

قاضي موسيٰ واري 1207هه رسالي ۾ اهو بيت هن ريت آيل آهي:

ماڻهن موٽ ٿي، اگهئو ڪائو ڪچ

پلئي پايو سچ، اليندي لڄ مران.

قاضي موسيٰ وارو رسالو اڃا شايع نه ٿيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مهرباني ڪري اهو راقم کي ڏنو آهي. سندن وڏا ٿورا.

[1]  هيءَ بيت شاهه لطيف جي رسالي ۾ ٿوري ڦيرڦار سان آيل اهي. حقيقت ۾ هيءَ قاضي قادن جو بيت آهي. سندس ڪلام ۾ اهو بيت ٿوري ڦيرڦار سان آيل آهي. ڏسو قاضي قادن جو ڪلام، هيرو ٺڪر- ص-7 بيت 13

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com