سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :19

سنڌ ـــ راڻي

 ممتاز مرزا

 

اُڍيجن جو سردار، پنهنجي سرداريءَ واريءَ صندليءَ تي نهايت شان ۽ مانَ سان ويٺو هو. سندس ڏيا واري چهري تي گَهري غور ۽ فڪر جا اهڃاڻ هئا. سڄيءَ سَٿ تي سناٽو ڇانيل هو. انهيءَ غير معمولي خاموشيءَ جو عالم، ڪنهن وڏي طوفان جو اطلاع ڏيئي رهيو هو. ڪنهن ڪنهن وقت معمولي کنگهڪار، ماٺ واري ماحول ۾ زندگيءَ جو احساس ٿي ڏياريو. سردار جي سامهون واريءَ صندليءَ تي هڪ ٻيو شخص ويٺو هو، جنهن جي چهري تي بيچينيءَ ۽ اٻهرائيءَ جا گڏيل تاثرات نظر پئي آيا. سندس چپ، ڪنهن ڳالهه چوڻ لاءِ آتا هئا. هن آخري ڀيرو سموري سَٿ تي نظر وڌي ۽ شهپرن کي وٽڻ لڳو:

”سردار! اسين پنهنجا سمورا ويڇا وساري، تو وٽ آيا آهيون. مون کي اميد آهي ته تون اسان جي ڳالهه کي مانُ ڏيندين... منهنجي پٽ جي سونهن، سورهيائي ۽ فرمانبرداري ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي. شهزادي سونيتيءَ سان زندگي گڏ گذارڻ ۽ اوهان جي غلاميءَ ۾ قبول پوڻ جو هو هر طرح لائق آهي!“

اُڍيجن جي سردار جي پيشانيءَ تي گَهرا گهنج اُڀري آيا- ائين پئي لڳو، ڄڻ ته هو پنهنجي اندر سان جنگ ڪري رهيو آهين اچانڪ گونجدار آواز ۾ هن چيو:

”وڌيڪ هڪ لفظ به نه چئج! تو پنهنجي حيثيت کان تمام وڏي ڳالهه ڪئي آهي. آءٌ توکي فقط انهيءَ ڪري معاف ڪريان ٿو، جو تون مون وٽ آيل مهمان آهين! قوم جي غدارن ۽ گيدين لاءِ سونيتيءَ جو نالو زبان تي آڻڻ جي سزا فقط موت آهي!.... آءٌ توکي پنهنجي شهزاديءَ جو سنڱ ڏيئي، پنهنجي غيور قوم کي ٽِڪو نه لائيندس!“

ائين چئي سردار اُٿيو. نوڪر سندس ڪلهن تي لونگي رکي، ۽ پوءِ هُو ڪنهن به جواب سوال ٻڌڻ ۽ سَٿ تي نظر وجهڻ کان سواءِ ڪچهريءَ مان هليو ويو.

سونيتيءَ جي عمر ان وقت فقط اٺ سال هئي، پر سندس سونهن جي سرهاڻ گهڻن کي مست ڪري ڇڏيو هو. پري پري جا سردار، سندس سڱ گهرڻ جي سعيي ۾ هئا. سونيتيءَ جي سونهن تي حورون به حيران هيون. سندس نزاڪت جي به حد هئي. پاڻيءَ ۾ گلاب جا ورق وجهي ڍُڪ ڀريندي هئي ته اهي نڙيءَ مان پيا نظر ايندا هئا. سندس چنڊ جهرو چهرو ۽ ڪونج جهڙي ڳچي، جيڪو ڏسندو هو، سو حيرانيءَ ۾ بُت بنجي ويندو هو.

(2)

ميان سرفراز خان ڪلهوڙو، سنڌ جي گاديءَ جو مالڪ هو. ڪچهريءَ ۾ امير وزير موجود هئا. ميان صاحب پنهنجي نياءَ واري سوني صندليءَ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو سندس آڏو اُهو اُڍيجو سردار بيٺو هو، جنهن کي سونيتيءَ جي پيءُ کُتو جواب ڏنو هو. ميان سرفراز، سندس ڳالهه نهايت غور سان ٻڌي رهيو هو. هو فريادي بنجي سنڌ جي بادشاهه وٽ آيو هو، ۽ درٻار ۾ پنهنجو عرض پيش ڪري رهيو هو.

”جيئندا قبلا! سونيتيءَ جي سونهن جي ساراهه ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي. اها جيڪر اوهان جي ڪوٽ ۾ سونهي. هن ملڪ ۾، سواءِ اوهان جي، ٻيو ڪوبه سندس لائق وَرُ نٿو ٿي سگهي!“

ميان صاحب ڇرڪ ڀريو، ۽ فرياديءَ کي تيز نگاهن سان ڏٺو ۽ پوءِ هن آهستي آهستي چيو:

”معزز سردار! اسين هن سرزمين جا والي آهيون. اسين اها ڳالهه ڪڏهن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون ته رعيت جي عزت کي بُري اک سان ڏسون. جيڪڏهن سونيتيءَ جي مائٽن جي مرضي ٿي ته پوءِ اسان کي اعتراض ڪونهي. باقي تنهنجي چئي تي اسين ڪنهن تي به حملو نه ڪنداسون!“

ميان جو جواب ٻڌي، اُڍيجو، مڪاريءَ سان مُرڪيو، ۽ ادب جا هٿ ٻڌي، پوئين پيرين ڪچهريءَ مان نڪري هليو ويو!

ميان سرفراز، سردار کي جواب ڏيئي روانو ڪيو، پر سندس دل ۾ هڪ طوفان مچي ويو. رات جو آرام ۽ ڏينهن جو سُک ڦِٽي ويس. هن ڪنهن طرح سان سونيتيءَ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ چاهيو ٿي. آخرڪار، دل هڻي دنگ ڪيائين. اشتياق ۽ تجسس کي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ سفر جي تياري شروع ٿي.

 

(3)

سونيتيءَ پنهنجي جيڏين سرتين سان تلاءِ تي راند پئي ڪئي. سهيلين جي ساڻس ڏاڍي پريت هئي. خوشيءَ جي ٽهڪڙن جو ڄڻ ته هڪ سمنڊ چڙهي آيو هو. ڪا سونيتيءَ کي ڀاڪر پيئي پائي، ته ڪا پاڻ ڏانهن پيئي ڇڪيس.

”مون کي اڃ لڳي آهي!“ فضا ۾ ڄڻ ته سونن روپن گُلن جي ورکا ٿي ويئي. آواز دل جي گهراين ۾ هليو ويو. چؤطرف خوشيءَ جا ساز وڄي ويا. سرتين ۾ ڊڪ ڊوڙ پئجي ويئي. ڪا وٽو پيئي ڳولي ته ڪا گلاب جا پن پيئي ميڙي. پاڻي آيو، ان ۾ گلاب جي گلاب جا پن پيا، سرتيون سهيليون کيس وڪوڙي ويٺيون. سونيتي، مُرڪي کين ڏٺو، ۽ پاڻيءَ جو وٽو وٺي چپن سان لاتائين. سڀ سرتيون حيران ۽ عجب ۾ سونيتيءَ جي ڪونج جهڙي ڳچيءَ کي ڏسنديون رهيون.

تلاءُ کان ڪجهه پري، ميان سرفراز اچي خيما کوڙيا هئا. اهو به انهيءَ تاڻي اڪيلي سر پسار ڪندو اچي تلاءَ وٽ پهتو، سونيتيءَ کي پاڻي پيئندو ڏٺائين. سندس قدم ڄمي ويا، جسم پٿر ٿي ويو. سونيتيءَ جي سونهن سندس دل جي پکيءَ کي تڙپائي ڇڏيو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته سونيتيءَ کي پنهنجي ”راني“ بنائيندس.

(4)

بادشاهه جي منزلگاهه تي، ڳوٺ ۽ راڄن جا چڱا مڙس، ميان صاحب جي سلام ڀرڻ لاءِ اچي حاضر ٿيا هئا. سڀني کي ميان صاحب، حيثيت موجب مانُ ڏنو. جڏهن موڪلايائون، تڏهن ميان صاحب، سونيتيءَ جي پيءُ کي ترسڻ جو اشارو ڪيو.

”معزز سردار! اسين توکي بادشاهي گهراڻي سان رشتي ڳنڍڻ جي دعوت ڏيون ٿا. قدرت شهزاديءَ سونيتيءَ جي قسمت جي عروج ڏسڻ جي خواهشمند آهي!“

اُڍيجي سردار جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. سندس منهن جا رنگ بدلجڻ لڳا. چند گهڙين کان پوءِ هن وراڻيو:

”بادشاهه سلامت! منهنجي خوش قسمتيءَ تي ٻين کي ريس ٿيندي. آءُ پاڻ کي نهايت ڀاڳ وارو ٿو سمجهان. مگر اسين پنهنجي قوم کان ٻاهر ڪنهن کي به سڱ ڪون ڏيون...

مون کي معلوم آهي ته منهنجي هڪ مخالف جي فرياد تي اوهان چڙهائي ڪئي آهي. پر اوهين اسان لاءِ قهر جي پاران رحمت بنجي آيا آهيو. مانَ شان سان سڱ گُهريو اَٿوَ. توهين ملڪ جا بادشاهه آهيو- منهنجي ڇا مجال، جو اوهان جي احسانن کان انڪار ڪري سگهان....

آءُ توهان کي پنهنجي ڌيءَ سونيتيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليان ٿو؛ پر شهزادي اڃا مکڙي آهي، جڏهن وقت آيو، تڏهن هي غلام اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو!“

ميان سرفراز نهايت خوش ٿيو ۽ سردار کي سروپاءِ ڏيئي رخصت ڪيائين. ان ڏينهن کان سرتين جيڏين، سونيتيءَ کي ”سنڌ راڻي“ سڏڻ شروع ڪيو.

(5)

ميان سرفراز خداآباد پهچي، سردار کي نوازڻ شروع ڪيو، ۽ سردار به ميان صاحب جي احسانن جي شڪرئي بجا آڻڻ لاءِ وٽس اچڻ لڳو. سردار هڪ دفعي ميان صاحب جي دعوت تي باقبيلي خدا آباد ويو. کيس شاهي ڪوٽ ۾ عزت سان ويهاريو ويو. بلوچ سردار ان وقت ميان صاحب جي ڪوٽ ۽ ڪچهريءَ جا محافظ هئا. ان وقت مير مرزي خان جو نوجوان پٽ، مير باگو خان، ميان صاحب جي حاضريءَ ۾ خداآباد ۾ موجود هو. سردار جي روانگيءَ وقت اتفاق سان مير باگي خان جي نظر سونيتيءَ تي پيئي. دل بيتاب ٿي ويس. عشق، نوجوان مير باگي خان کي گهائي ڇڏيو، پر ميان صاحب جو ننگ ڄاڻي، پنهنجي پيار کي گُهٽي ڳالهه وساري ڇڏيائين. ٿوري ئي عرصي کان پوءِ، ”سنڌ راڻي“ ۽ ميان سرفراز جو مڱڻو ٿي ويو.

(6)

”سنڌ راڻي“ جي سونهن هاڻي محلن ۾ بيان ٿيڻ لڳي هئي. هرڪنهن جي زبان تي ”سنڌ راڻي“ جو نالو هو. شاهي گهراڻي جي اڪثر فردن، دزديده نگاهن سان ”سنڌ راڻيءَ، کي ٿي ڏٺو، ۽ دل کي هٿن سان دٻائي، ٿڌا ساهه ٿي ڀريائون. ”سنڌ راڻيءَ“ جي سونهن انهن کي به گهائي ڇڏيو هو. ”سنڌ راڻيءَ“ جي عشق ۾ گرفتار ٿيلن مان ميان سرفراز جو چاچو عبدالنبي به دل کَسائي ويٺو هو. قدرتا، جلدئي ميان سرفراز جو زوال شروع ٿيو. ميان صاحب گرفتار ٿيو، ۽ ميان غلام نبي سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. ميان عبدالنبي، ميان سرفراز کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ دردناڪ واقعي جي خبر جڏهن اُڍيجي سردار کي ملي، تڏهن ڏاڍو ارمان ٿيس. ”سنڌ راڻي“ به روئي روئي اکيون سُڄائي ڇڏيون، چي: ”منهنجو بخت مون کان پٺڀرو ٿيو آهي!“

ٿوري ئي وقت ۾، حڪومت جون واڳون ميان عبدالنبيءَ جي هٿ ۾ اچي ويون. سوڀياوان ”سنڌ راڻيءَ جي صورت سندس دل تي اڳيئي نقش ٿي چڪي هئي، سو گاديءَ تي ويهڻ شرط اُڍيجي سردار ڏي پنهنجا ماڻهو اُماڻيائين.

سردار جي چهري تان هڪ رنگ لٿو ٿي، ٻيو چڙهيو ٿي. ميان عبدالنبيءَ جا ماڻهو وڏيءَ هوڏ سان ويٺا هئا. سردار بيٺو هو ۽ ڪنهن به ويهڻ لاءِ نه چيو. هڪ شخص اُتاولائيءَ سان چيو:

”سردار! سونيتي شاهي سڱ آهي. ٻانهن اسان جي حوالي ڪر!“

سردار جي دل ۾ باهه ڀڙڪي اٿي. هن، ميان جي ماڻهن ڏانهن نهاريندي، نهايت ڏَيا سان چيو:

”ميان کي وڃي چئو ته اهو سڱ وٺڻ جو دستور نه آهي. زور جي ميندي ڪڏهن به نه لڳندي. آءٌ سڱ ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪريان!“

”حياتيءَ تان آهو کنيو اٿئي ڇا؟“

”عزت ۽ مانَ کان مٿي حياتي ڪانهي- منهنجي جيئري، سونيتيءَ جو سڱ ميان کي نه ملندو!“ هو اهڙو کُتو جواب ٻڌي اٿي کڙا ٿيا.

(7)

ميان عبدالنبيءَ کي هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه پئي آيو. هن جي چهري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا تاثرات پوري طرح قبضو ڪري چڪا هئا.

”اُڍيجيءَ کي انهيءَ جو ڪِيتو ڏيڻو پوندو. هن اسان سان انڪار ڪيو آهي. اسان جڏهن به ڪنهن شئي جي حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪئي آهي، سا حاصل ڪئي آهي! پوءِ چاهي ان لاءِ اسان کي رت جون نديون ڇو نه وهاڻيون پون. سونيتي اسان جي ”سنڌ راڻي“ ٿيندي، اهو اسان جو آخري فيصلو آهي!“

”بيشڪ سائين! اوهان سان ڪير مقابلو ڪري سگهندو!“

”اسان جو حڪم آهي ته يڪدم گستاخ اُڍيجي سردار کي هتي حاضر ڪيو وڃي. سندس موت ۽ حياتي، سندس ئي جواب تي منحصر رهندي!“

(8)

ميان عبدالنبي پنهنجي بادشاهي تخت تي ويٺو هو، ڪچهريءَ ۾ ٻيو ڪير به موجود نه هو. سواءِ اُڍيجي سردار جي. ميان جي چهري تي انتقامي خوشيءَ واري مرڪ سبب، سندس واڇون ٽڙيل هيون.

”ڇا ٿو چوين.... مون کي سونيتيءَ جو سڱ ڏين ٿو يا نه؟

”نه... هرگز نه...!“

”تنهنجي حياتي منهنجي هٿ- وس آهي.... آءٌ چاهيان ته هڪ گهڙيءَ ۾ توکي ختم ڪرائي سگهان ٿو!“

”آءٌ ڄاڻان ٿو، پر مون کي حياتيءَ جي پرواهه ڪانهي. هن دنيا ۾ عزت لاءِ جيئڻ مردن جو شان آهي.... بيعزتيءَ واري حياتيءَ کان موت بهتر آهي!“

ميان عبدالنبي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. ٽپ ڏيئي اُٿيو. تلوار ڪڍي، اُڍيجي سردار تي وار ڪيائين. سردار جي سسي پري وڃي پئي، ۽ جنهن بادشاهي ڪچهريءَ ۾ انصاف پلئه پوندو هو، اتي هڪ بيگناهه جي خون جي سرخي پکڙجي ويئي. پوءِ سونيتيءَ جي ڀاءُ ”سائينڏني“ کي مجبور ڪري، زوريءَ سونيتيءَ سان مڱڻو ڪيائين، ۽ کيس پنهنجي ”سنڌ راڻي“ بنائڻ جو اعلان ڪيائين.

(9)

اُڍيجي سردار جي بيگناهه موت ۽ سونيتيءَ سان زوري مڱڻي واري واقعي، ميرباگي خان جي دل ۾ سُتل نينهن وري جاڳائي وڌو، هن، ميان عبدالنبيءَ جي ظلم کان بچائڻ لاءِ، مظلوم سونيتي ۽ سائين ڏني کي، مير فتح علي خان جي سام ۾ اچي ڏنو. مير فتح علي خان، ٻنهي کي دلداري ڏئي پنهنجي ڪوٽ ۾ رهايو. انهيءَ عرصي ۾ ميان عبدالنبي، مير بجار خان، ۽ ٻين ٽالپرن کي شهيد ڪرايو. آخرڪار، مير فتح علي خان ۽ ميان عبدالنبيءَ جي جنگ لڳي، جنهن ۾ مير صاحبن کي فتح نصيب ٿي. ميان عبدالنبي شڪست کائي، گجرات ڏانهن ڀڄي ويو، ۽ سنڌ جي حڪومت ٽالپر اميرن جي هٿ ۾ آئي.

سونيتي ۽ سائين ڏنو، ان وقت ميرن جي پناهه ۾ هئا. فتح کان پوءِ سائين ڏنو خوش ٿيو ۽ پنهنجي ڀيڻ کي چيائين: ”هاڻي هلي پنهنجا اباڻا پَٽ وسايون!“ پر سونيتي، جنهن هيتري خون ريزي ڏٺي هئي ۽ پاڻ کي بدبخت تصور ڪرڻ لڳي هئي، تنهن خيال ڪيو ته موٽي هلڻ سان وري الائي ڪهڙو ٻارڻ ٻري، تنهنڪري ڀاءُ کي چيائين ته ”ادا! مون لاءِ هن ڪوٽ مان ٻاهر نڪرڻ نٿو جڳائي. منهنجو سڱ، مير صاحبن جي حوالي ڪر، پوءِ جيئن منهنجو بخت هوندو، تيئن ٿيندو!“

ڀيڻ جي ڳالهه، سائين ڏني کي دل سان لڳي آئي. سڄي حقيقت اچي مير فتح علي خان سان ڪيائين. ميرباگو خان اڳيئي سونيتيءَ کي مفتون هو، تنهن ڪوشش ڪئي ته ”سنڌ راڻي“ کيس ملي. ڪن جو خيال هو ته مير فتح علي خان سنڌ جو فاتح آهي، ”سنڌ راڻيءَ“ جو سڱ ان کي ئي سونهي، بلوچن سردارن ڏٺو ته هاڻي ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿيندو، وري ٿو سونيتيءَ تان ڦيٽاڙو پوي، سو ڪچهري ڪوٺايائون.

(10)

مير فتح علي خان، بادشاهي تخت تي ويٺل هو. ٻيا امير به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويٺا هئا. هڪڙي مير اُٿي چيو.

”ڀائرو! ”سنڌ راڻيءَ“ جو قدم ڳرو آهي. هن کان اڳ جنهن جي نالي به هيءَ سڱ ٿيو، سو سلامت نه رهيو: سرفراز مارجي ويو، ڪلهوڙن کان اميري ويئي، هاڻي اسان ۾ ٿو ڏڦيڙ پوي؛ انهيءَ ڪري اسين هڪڙو شرط ٿا وجهون. جيڪو اهو قبوليندو، ”سنڌ راڻي“ ماڻيندو!“

”ڪهڙو شرط؟“

”جيڪو ”سنڌ راڻي“ پرڻيو، اهو ملڪ ۽ ملڪيت تان هٿ کڻندو!“

سڀئي ٽالپر امير ويچار ۾ پئجي ويا. ٻيا ڪُڇن، تنهن کان اڳي مير باگو خان اٿي بيٺو ۽ چيائين: ”مون کي شرط قبول آهي!“ سڀني اميرن يڪمشت ٿي چيو: ”بس، فيصلو ٿي چڪو، پر جڏهين ته ميان عبدالنبي ”سنڌ راڻيءَ جو پيءُ مارائي ڇڏيو هو، ۽ مير فتح علي خان سڀني ۾ وڏو اهي، تنهنڪري اُهو پيءُ ٿي، ”سنڌ راڻي“ مير باگي خان کي پرڻائي ڏئي!“

(11)

سنڌ جو فاتح، مير فتح علي خان، سخت پريشان نظر پئي آيو. سندس من ۾ آنڌ- مانڌ متل هئي. فيصلو ڪرڻو به کيس هو، پر فيصلو ڪري نه پئي سگهيو. ”سنڌ راڻيءَ“ جي سونهن جو تجلو هڪ ڀيرو ڏسي چڪو هو. سندس دلي تمنا هئي ته ”سنڌ راڻيءَ“، سندس ئي پَٽ- راڻي بنجي، پر راڄ وارن ۽ مير باگي خان سندس دل جو سڪون کسي ورتو هو. اوچتو سندس دل ۾ ڪو خيال آيو. اميد جي روشني نظر آيس... ”ٿي سگهي ٿو ته ”سنڌ راڻي“، ميرباگي خان کي قبول نه ڪري- آءٌ کانئس پڇي ته ڏسان! اهو خيال ڪري، مير صاحب ڪوٽ ۾ ويو. ”پوش پوش“ جا آواز بلند ٿيا. پردي جي پٺيان ”سنڌ راڻي“ ويٺي هئي. مير صاحب چيو:

”سنڌ راڻي! توکي خبر آهي ته ڪچهريءَ ۾ مير باگي خان، ملڪ ۽ ملڪيت ڇڏي، توسان شادي ڪرڻ قبول ڪئي آهي... جيڪڏهن تون اهو قبول ڪرين ته...“

مير صاحب وڌيڪ ڪُڇي نه سگهيو. ڪجهه وقت ماٺ رهي. مير صاحب، ”سنڌ راڻيءَ“ جي جواب جي انتظار ۾، پردي جي پٺيان گهورڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اوچتو فضا ۾ روپن ۽ سونن گلن جي ورکا ٿيڻ لڳي. چوطرف چانديءَ جون تارون وڄڻ لڳيون. مير صاحب ششدر، اهو آواز ٻڌندو رهيو، جيڪو پردي جي پٺيان جادو پکيڙي رهيو هو:

”بادشاهه سلامت! جيڪڏهن باگي جو نالو مون تي پئجي چڪو آهي ته مون کي انڪار ڪونهي. پر آءٌ راڄن توڙي حاڪمن تي ڄڻ بدبختيءَ جي علامت آهيان. پنهنجن ۾ وير وڌم. ميان سرفراز خان بيگناهه شهيد ٿي ويو. پنهنجي پيءُ جي موت جو ڪارڻ بڻيس. ميان عبدالنبي پنهنجي صاحبي وڃائي. اوهان ۾ به منهنجي سڱ تان نفاق پوي ها، پر اوهان دورانديشي ڪري فيصلو ڪيو آهي. هاڻي جيڪو مون سان پرڻيو، سو مفلسيءَ جي زندگي گذاريندو. اهڙي جيئڻ کان مرڻ سٺو آهي. هاڻي بهتر آهي ته پنهنجي خنجر سان منهنجي حياتي کي ختم ڪري ڇڏيو... منهنجو خون، هن دنيا ۾ توڙي قيامت ۾، توهان کي بخش آهي!....“

مير صاحب اونهي ويچار ۾ پئجي ويو. دل جي هوَس، پدري محبت ۾ بدلجي ويئي. هن شفقت سان چيو ته....

”سنڌ راڻي! منهنجو خيال هو ته توکي پنهنجي نڪاح ۾ آڻيان، پر هاڻي آءٌ خود تنهنجو پيءُ آهيان. تنهنجي ٻانهن، باگي کي سکڻين هٿين ڪونه ڏيندس.“

جلدئي، ”سنڌ راڻي“ ۽ مير باگي جي خان شادي ٿي. مير فتح علي خان، فرمان جاري ڪيو ته ”مير باگو خان، گونيءَ مان هڪڙو واهه کڻائي. ان جي پاڻيءَ تي جيڪا زمين آباد ٿي سگهي، سا سندس جاگير طور قبول ڪئي ويندي!“

مير باگي خان، پوءِ لاڙ ۾ اچي پنهنجو ڪوٽ ٻڌو. ”سنڌ راڻيءَ“ سندس حياتي بنجي ويئي. هو سندس محبت ۾ اهڙو ته مست ٿي ويو، جو شاديءَ کان پوءِ ٻارهن مهينن تائين ڪوٽ مان ٻاهر نه نڪتو. آخرڪار، هڪ سال کان پوءِ، شاهي واهه کوٽايائين، جنهن تي هزارين ايڪڙ آباد ٿيا، ۽ اهو واهه سندس نالي سان ”باگو واهه“ سڏجڻ لڳو. ڪيترا غريب غربا لَڏي اچي سندس ڪوٽ وٽ ويٺا. ڪوٽ بنجي ڳوٺ ٿيو، جيڪو اڄ ”ٽنڊي باگي“ جي نالي سان مشهور آهي.

اڃا اُهي خوشيءَ مون محفلون متل ئي هيون ته ”سنڌ راڻيءَ“ جو ڀاءُ ڪنهن حادثي ۾ شڪار ٿي ويو. پنهنجي اڪيلي ڀاءُ جي اوچتي موت تي، ”سنڌ راڻي“ کي سخت صدمو رسيو. ۽ هوءُ بيمار ٿي پيئي. ان وقت سندس عمر فقط چوويهه سالن هئي. ”سنڌ راڻيءَ“ جي بيماريءَ، مير باگي خان کي سڀڪجهه وسارائي ڇڏيو. گهڻيئي حيلا ڪيائين، پر هوءَ ڏينهون ڏينهن بيمار ٿيندي ويئي. آخرڪار، مير باگي خان جي محبت ۽ تاريخ جي هن عجيب ڪردار، 5- رمضان 1104هه تي زندگيءَ جا پساهه پورا ڪيا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com