ڪجهه گذارشون
”مهراڻ“ جو هيءُ پرچو آڪٽوبر- ڊسمبر 1991ع جو آهي ۽ هينئر 1992ع
جو به اڌ گذري چڪو آهي. پرچو ايترو ليٽ ڇو ٿيو؟ ته
ڪنهن به تفصيل ۾ وڃڻ کان سواءِ، ان ڏس ۾ اسين رڳو
افسوس جو اظهار ئي ڪري سگهون ٿا! پر جيئن ته هيءُ
پرچو بلڪل تيار ٿيو پيو هو، ان ڪري انهيءَ کي رليز
ڪرڻ کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو چارو به نه هو! پرچي
۾ ڪهڙا گُڻ ۽ اوگڻ آهن؟ ان جي صحيح پرک اسان جا
مانائتا پڙهندڙ ئي ڪري سگهن ٿا.
پڙهندڙن کي اها به گذارش آهي، ته هن پرچي ۾ هيٺين درستين کي
پنهنجي آڏو رکن:
صفحي 121 وارو فُٽ نوٽ صفحي 119 جو فُٽ نوٽ سمجهيو وڃي.
صفحي 122 وارو فُٽ نوٽ صفحي 121 جو فُٽ نوٽ سمجهيو وڃي.
صفحي 127 ۽ 128 وارا فُٽ نوٽ رد سمجهيا وڃن.
صفحي 129 تي بيت نمبر 3 جي پهرين سٽ هيئن پڙهڻ گهرجي:
تيها چاليها نه چاليهه، جيهو دم دوست جو
صفحي 130 وارا فُٽ نوٽ رد سمجهيا وڃن.
اسين پنهنجي مانائتن پڙهندڙن مان اها اميد ٿا رکون، ته اُهي
اسان جون هيءُ گذارشون کُليل ذهن ۽ وڏيءَ دل سان
قبول ڪندا؛ ساڳئي وقت اسين پنهنجي مانائتن پڙهندڙن
۽ لکندڙن مان اها اميد ٿا رکون، ته اُهي سنڌي
ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ جي ڏس ۾
پنهنجو فرض ادا ڪندا ۽ ”مهراڻ“ کي اڳوڻي اوج تي
رسائڻ لاءِ اسان سان ڀرپور سهڪار ڪندا ۽ دستوري
پرچي لاءِ پنهنجو مواد ڏياري موڪليندا.
ڄام شورو- سنڌ
19-5-1992ع
سيّد امداد حسيني
سيڪريٽري
سنڌي
ادبي بورڊ |