سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :7

 

ڳجهارت: لوڪ ادب جو فن

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي

 

ڀارت جو ڪڇ وارو علائقو سنڌي لوڪ اَدب جو خزانو آهي. خاص ڪري ڪڇ جو ٻني علائقو ۽ ان جي آس پاس وارا ڳوٺڙا جن ۾ ڪيتريون ئي جاتيون رهن ٿيون. اُنهن سنڌي لوڪ ادب کي ساهه سان سانڍيو آهي، سنڌي سگهڙن کي لک شاباسون هجن جن ڳجهارتن جهڙي شاندار لوڪ اَدب کي اَدبي فن کي اؤج تي پهچايو آهي. شاباس ڪڇ جي سنڌي ڳالهائيندڙن کي به هجي جن نه فقط هن اَدبي فن جو لطف ورتو آهي، پر هنن ڳجهارت جهڙي اوچ اَدبي فن کي زندهه رکڻ ۾ واهر پڻ ڪئي آهي. اَڄ جي يگ ۾ جڏهن ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٽرانزسٽر پهچي ويو آهي. ايتري قدر جو ٻنيءَ جي چراگاهه ۾ مينهون چاريندڙ جت به اَڄ مينهن جي سڱ ۾ ٽرانزسٽر ٽنگي ريڊيو تان پرسارت ٿيندڙ پروگرام ٻڌندو آهي. يا وري ٽيپ رڪارڊر پليئر ۽ ڪئسيٽون به گهر گهر ۾ پهچي وييون آهن اهڙي يگ ۾ به سنڌي ڳوٺاڻا ڳجهارت کي زندهه رکي ويٺا آهن. اهڙي اؤکي دؤر ۾ ڳجهارت جو جيئرو رهڻ ڏيکاري ٿو ته ڳجهارت ۾ ڪا ته اهڙي خوبي آهي جا کيس جيئرو رکي ويٺي آهي، اِن ۾ ڪا ته اهڙي ڪشش آهي جو سنڌي ڳوٺاڻو اِن کي ساهه سان سانڍي ويٺو آهي. مون کي اَڄ ڀريا ڏهه سال ٿيا آهن جو مان ڪڇ جي ٻني علائقي ۽ اُن جي آس پاس جي ڳوٺڙن جو دورؤ پيو ڪيان ۽ سنڌي لوڪ ادب جو پيو لطف وٺان. اِن ۾ به ڏٺو اٿم ته ڳجهارت ٻين لوڪ اَدب جي پهلن کان گهڻو گهڻو مٿي اِسٿان ٿي رکي. اِن هڪ ڏهاڪي ۾ سوين نه پر هزارين ڳجهارتون ٻڌيون اَٿم ۽ گهڻين ڳجهارتن ۾ پاڻ به حصو ورتو اٿم. شروع شروع ۾ اڻڄاڻ شهريءَ وانگر اُبتا ڌڪ هڻندو هوس پر هاڻي ته سنڌائتا ڌڪ به هڻي ويندو آهيان ڪڏهن ڪڏهن. ڪڏهن ڪڏهن اِن ڪري جو ڳجهارت اهو اَدبي فن آهي جنهن کي سگهڙ پرائو ڌن چوندا آهن يا هنر چوندا آهن. ڇو ته سگهڙ پنهنجين ڳجهارتن ۾ اهڙا اهڙا ڳجهه لڪائيندا آهن جو ڳجهارت ڀڃڻ ۾ وڏن وڏن سگهڙن کي هار مڃڻي پوندي آهي. ڳجهارت اهڙو سدا بهار ۽ سدا جوان فن آهي جو هزارين ڳجهارتون ٻڌڻ کان پوءِ به ڪڏهن ڪو ڪڪ نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو آهي. هر دفعي جڏهن به ڪچهريءَ ۾ ڪو سگهڙ ڳجهارت ڏيندو هي ته سڀ ان کي سوکڙي سمجهي اُن جو باادب سواگت ڪندا آهن. ٿيندو به سچ پچ ائين آهي ته ڳجهارت جڏهن به ڪچهريءَ ۾ پيش ٿيندي آهي تڏهن هوءَ نئين ڪنوار وانگر پنهنجي نئين رنگ روپ ۾ ۽ نئين پوشاڪ ۾ ئي هوندي آهي. يعني هر سگهڙ نئين ڳجهارت ئي پيش ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪو سگهڙ ٻڌل ڳجهارت ڏيندو آهي ته ان جي ڪوبه واهه واهه ڪونه ڪندو. ڳجهارت جي اِن خوبيءَ جي ڪري يعني اِن جي گيتيشيل (Dynamic) روپ ڪري ئي ڳجهارت اڄ به اؤج تي آهي. هوءَ پويتر نديءَ جي اوجل جل جي وهڪري وانگر آهي جنهن جو جل پيئندڙ پاڻ کي ڀاڳ وارو سمجهندو آهي ۽ نه ڪنهن بيٺل پاڻيءَ جي دٻي وانگر جنهن جو پاڻي بي سواد هجي.

ڳجهارت لفظ جي اِشتقاق کي ڏسو ته سولائيءَ سان چئي سگهبو ته هيءَ اها رچنا آهي جنهنجو رچيندڙ هن ۾ ڪو ڳجهه لڪائي ٿو رکي. ڳجهارت نثر ۾ به ٿي سگهي ٿي ته نظم به ٿي سگهي ٿي. ٿلهي ليکي ڏسجي ته ڳجهارت هڪ قسم جي لفظي راند آهي. اُها راند جنهن جي لفظن ۾ معنائن جي لڪ هجي يا جنهن جي لفطن ۾ پنهنجي ورثي جي تواريخي يا لوڪ ادب جي ڪردارن، شهرن يا ٻين ڪيترن ئي قسمن جا ڳجهه لڪل هجن. راند اِن ڪري آهي جو هن ۾ هڪ قسم جو دماغي لطف ۽ دماغي ڪسرت آهي. جڏهن ڪچهريءَ ۾ ويهي سگهڙ ڳجهارتن جي بندن کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهن تڏهن نه فقط ڳجهارت ڀڃڻ واري کي پر اُن ڪچهريءَ ۾ سڀني ويٺلن کي هڪ قسم جو دماغي سڪون ۽ آنند جو احساس ٿيندو آهي. خود ڳجهارت ڏيندڙ سگهڙ به ان لطف ۾ ڀاڱي ڀائي هوندو آهي.

هاڻي اچو ته ڏسون ته اِهي لڪل ڳجهه ڪهڙن قسمن جا آهن. اِهي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا. ڳجهن جي تيڪنيڪي وياکيا: ڀاشا وگيان جو هڪ اهم انگ آهي ارٿ- وگيان يعني معنيٰ جي سائينس جنهن جي تڪنيڪي جي ٻن پهلن يعني هم شڪلپڻو (homonymy) ۽ گهڻ معنائو (polysemy) جو تمام گهڻو اِستعمال ڪيو ويندو آهي ڳجهارت ۾. ان کان سواءِ به هڪ ٻئي پهلوءَ جو جنهن ۾ ڪنهن سان جڙيل اُن سڄي جاتيءَ يا گڻ جي ڳجهه جو به استعمال ڪيو ويندو آهي. هاڻي اچو ته اِنهن ٽنهين جو ٿوري ۾ اڀياس ڪيون:

هم شڪلپڻو: (homonymy) خبر نه آهي ته هم شڪلپڻو لفظ (homonymy) لاءِ ٺيڪ آهي يا نه پر هن جي وياکيا سان ٿورو ٺهڪي ٿو اچي هيءَ لفظ جهڙيءَ طرح هم شڪلپڻي ۾ ڪي به ٻه شخص هجن ۽ اُنهن جي شڪل هڪ جهڙي هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن کين سڃاڻڻ ۾ دوکو ٿي ويندو آهي. پر اِها حقيقت آهي ته هو ٻئي شخص اَلڳ اَلڳ آهن. ڪنهن به حالت ۾ هو ٻئي هڪ شخص نه آهن. ساڳيءَ طرح لفظ به جڏهن هڪ ئي نموني لکيا وڃن ٿا ته اُنهن کي اڪثر هڪ ئي سمجهيو ويندو آهي، پر گهرائيءَ سان ڏسبو ته ٻنهين جي معنيٰ ۽ سندن اِتهاس يا بڻ بڻياد ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي.

هاڻي اَچو ته ڪجهه مثالن سان اِن جي سمجهاڻيءَ جي اوک ڊوک ڪيون. سنڌيءَ ۾ هڪ لفظ آهي ڪوٽ. هاڻي گهرائيءَ سان ڏسبو ته ائين لڳندو ته هيءُ هڪ لفظ آهي جنهن جون معنائون آهن هڪ قلعو ۽ ٻي سياري ۾ گرم ڪپڙي جو سبيل آُهو وستر جنهن کي ڪوٽ چوندا آهن، هيءُ اڪثر اؤني ڪپڙي جو ٿيندو آهي. هاڻي هتي ڪو ڄاڻون ودوان اِهو سوال اُٿاري ٿو سگهي ته اِهي معنائون برابر بلڪل هڪ ٻئي کان پري آهن ۽ معنائن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هيءُ به هم شڪل لفظ آهن، پر دراصل هيءُ آهن ٻه اَلڳ اَلڳ لفظ. پر هت اِها به حجت اٿاري ٿي سگهجي ته جيڪڏهن ٿوري ڇڪتاڻ ڪجي ته لڳندو ته اِهو لفظ معنيٰ ۾ به ساڳيائي ڏيکاري سگهجي ٿي، ته ڪوٽ قلعي واري معنيٰ ۾ دشمن جي حملن کان بچاءُ ڪري ٿو ساڳيءَ طرح گرم ڪپڙي جو سبيل ڪوٽ وري بدن جو سيءُ کان بچاءُ ڪري ٿو. هيءُ دليل لڳي بلڪل (convincing) ٿو. هاڻي جيڪڏهن اهڙو مسئلو آهي ته پوءِ وري هم شڪلپڻي جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ٻيو ثبوت جاچبو آهي اهو آهي ته ٻنهين معنائن ۾ ڪتب ايندڙ لفظن جو اِتهاس جاچبو آهي: هت ڏسبو ته قلعي واري معنيٰ ۾ ڪتب ايندڙ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ آيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ رائج هئو. پر گرم ڪپڙي جو سبيل ڪوٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ڪتب آيو آهي. بلڪل اِئين سنڌيءَ جو ڪافي لفظ به آهي، هڪڙو ڪافي معنيٰ راڳ ڪافي، ٻيو ڪافي معنيٰ جهجهو ۽ ٽيون ڪافي پيڻ جي. اِهي ٽيئي لفظ به اَلڳ اَلڳ ٻولين مان سنڌيءَ ۾ آيل آهن. پهريون شڌ سنڌي لفظ آهي، ٻيون فارسي آهي ۽ ٽيون وري اسان وٽ انگريزيءَ مان يا انگريزيءَ جي رستي (through) آيو آهي. پر آدي ۽ عادي هم شڪل نه آهن. ڇو ته اُهي لکڻ ۾ هڪجهڙا نه آهن اِهي هم آواز آهن.

ڳجهارتن ۾ هڪ شڪل وارن لفظن جو گهڻو ئي استعمال ڪيو ويو آهي.

اَرٿ وگيان جي ٻئي هڪ پهلوءَ جو به گهڻو استعمال ڳجهارتن ۾ ڪيو ويو آهي سو آهي هڪ ئي لفظ جون گهڻيون ئي معنائون، جيئن ته سنڌيءَ ۾ هڪ لفظ ٻيڙو. ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ڪوٽن کي سٽ جا بٽڻ ٺهيل هوندا هئا جن کي ٻيڙو چيو ويندو هئو پر وقت جي دؤران ۾ جڏهن سپ جا پوءِ پلئسٽڪ جا بٽڻ مارڪيٽ ۾ آيا تڏهن به اُنهن لاءِ ٻيڙو ئي لفظ ڪم آندو ويندو آهي. پر وقت جي وهڪري ۾ ٻيڙو لفظ گم ٿي ويو پر ان جي جاءِ تي بٽڻ لفظ ڪم آيو. بٽڻ لفظ وري اڳتي هلي بجليءَ کي بند ڪرڻ ۽ ٻارڻ لاءِ به ڪم اچڻ لڳو يعني خميص جو بٽڻ ۽ بجليءَ جو بٽڻ، هتي ڏسبو ته بٽڻ لفط هڪ آهي پر خميص جي بٽڻ جي مشابهت ڪري سنڌيءَ ۾ بجليءَ جي (switch) کي بٽڻ چئبو آهي. اِن قسم جا گهڻائي مثال ڏسي سگهجن ٿا. آڪاشواڻي ڪنهن زماني ۾ ڀوشيه واڻيءَ کي چيو ويندو هئو ۽ ائين سمجهيو ويندو هئو ته اُها آڪاش مان آئي. پر جڏهن آل انڊيا ريڊيو کي آڪاشواڻي چيو ويو تڏهن فقط اِن مشابهت (analogy) ڪري. ڇو ته آل انڊيا ريڊيو مان آواز آڪاش رستي ريڊيو تي ٿو پهچي. اِن مشابهت (analogy) ڪري. ڇو ته آل انڊيا ريڊيو مان آواز آڪاش رستي ريڊيو تي ٿو پهچي. اِن سبب آڪاشواڻي هڪ ئي لفظ آهي ۽ نه ٻه.

ٽئين قسم جو ڳجهه جنهن جو استعمال به دل کولي ڪيو ويو آهي سو آهي اِسم ذات جو. هن سان مطلب آهي مثال ڪنهن ڳجهارت ۾ پکي لفظ ڪم آيو ته پوءِ پکي معنيٰ ڪوبه پکي يا ڪٿي مرون ڪم آيو ته معنيٰ ڪوبه جانور يا نرنان لفظ ڪم آڻيندا ته نرنان معنيٰ ڪوبه مرد جو نالو. نرنان لفظ کي ڀڃبو ته ٿيندو نرنانءُ يعني جو نالو معنيٰ جنس مذڪر جو نالو. ساڳيءَ طرح نارنان معنيٰ ڪنهن به نار جو نالو معنيٰ ڪنهن به جنس مونث جو نالو. مطلب ته نرنان ۾ ايشور جي سڄي ڪائنات ۾ ڪوبه مرد جو نالو اچي ويو ۽ نارنان “ سڄي ڪائنات ۾ ڪنهن به جنس مونث جو نالو اچي ويو. اِن کان سواءِ ڪاٺ جو، ڪاٺ جي، لوهه جو، لوهه جي معنيٰ اُها ڪابه شيءِ جيڪا لوهه جي ٺهيل اهي. اهو اِن ۾ اچي ويو يا وري ڪابه ڪاٺ جي آهي ته اها وري ڪاٺ جي ۾ اچي ويئي. هاڻي اچو ته اِن جا ڪجهه مثال ڏسون:

مرون: سهو، گدڙ، گهوڙو، گڏهه، ڪتو، ٻلو، نوريئرو، هاٿي، مرگهه، ڀولڙو، باندر، رڇ، روجهه، گينڊو، واڳو.

پکي: طوطو، ڪڪڙ، ڪونجهه، تاڙو، جهرڪي، باز، بدڪ، ڪٻر، ڪبوتر، سرڻ، ٻگهه، هنج، ڳجهه، هرلو، پاٻوهيو، پرو، ڀوري، ٻوڙي، ڪانگڙ، ٻگهلو، تلور، هاڙي، لاکي، ڍولير، ڪاٺ ڪٽيو، ليلي، هڙيو....

نرنان: هيرو، خيرو، جاڳڻ، جيئند، تماچي، پنهون، ابڙو، ڄام، دودو، چنيسر، راڻو، همير، سومرو، عمر، رانجهو، ڏونگر، پونگ، طالب، سرهو، سردار، مجنو، پليو، عمر، هوت، بلوچ، ڪيچي، اُميدو، آچار، جوڳي، وغيره.

نارنان: حليمان، هوا، حاجران، حڪيمان، حرمت، رحمت، بوبنان، سسئي، مومل، مارئي، سيتان، سهڻي، دائي، زليخان، چڱي، ڏاهي، رڪمڻي، راڌان، سورٺ، ليلان، گلان، ملوڪان، جنت، مريم، نوري، مارئي، ڀوري، ادي، ڏاهي، امان....

ڪاٺ جو: ٿنڀو، هر، بورڊ، تختو، پاٽيو، منجو، ڌڪو، ٽانگو، کٽولو، وغيره.

ڪاٺ جي: ڪرسي، ٽپائي، اُکري، مهري، ميز، پيتي، دري، ڏوئي، رَڍي، ٽڪي، ٿوڻي، ٿنڀي، وغيره.

وڻ: نم، کٻڙ، پپر، ٻير، ڪرڙ، جهل، لاڻو، بڙ، شيشم... وغيره.

وکر: ڳڙ، کنڊ، ٿوم، ڦوٽا... وغيره.

اَکر: الف، بي، ري، لکيو، پڙهيو، زير، زبر،...

شهر: ڪڍڻ، لکپت، دهلي، جهوناڳڙهه... وغيره.

ذات: کٽي، بلوچ، جت براهمڻ، لنڊ، سوڍا... وغيره.

جرجو: ريلو، وهيو، تلاءُ، کوهه، درياهه، نار، هرلو...

جرجي: نئين، ندي، نيون، ڀري، سڪي، تري، ڦاٽي، وهي، نالي... وغيره.

رڇ جو: (رڇ چئبو آهي برتڻ کي) دلو، گهڙو، ماٽي، گهگهي، گهاگهر، لوٽي، گلاس، وٽو، وٽي، ٿالهي، دانگي، تئو، پاٽ، حقو، ديگ، ديڳڙو... وغيره.

عضوا: ڪاپار، مٿو، نراڙ، سر، نڪ، ڪن، اکيون، وات... وغيره.

مال جو: وڪيو، گس، وٿاڻ، ڏنڀ، داغ، کير، مانس، توڏو، ليڙو، ٿڻ... وغيره.

مال جي: ٻڪري، گابي، وڇ، رڍ، مينهن.... وغيره.

مطلب ته اَٿو مٿو ئي ڪونهي. ڪوبه لفظ سگهڙ کڻي سگهي ٿو. اِهي جيڪي ڳجها اِشارا يا ڳجهه لڪل آهن ڳجهارت ۾ اُن کي پاوا چوندا آهن.

پيش ڪش ۽ سلڻ: ڪچهريءَ ۾ ڳجهارت پيش ڪرڻ ۽ سلڻ به هڪ وڏو فن آهي. ڪڇ جي سنڌي ڳوٺن ۾ اڪثر رات جو ڪچهري ٿيندي آهي. هرڪو سڄي ڏينهن جي ڪم کان پوءِ ٿڪو ٽٽو ايندو آهي ۽ مانيءَ ٽڪر کائي اچي وڏيري يا ڪنهن جي اوطاق تي ڪٺا ٿيندا آهن. وري جي ڳوٺ ۾ ڪنهن وٽ مهمان آيل هوندو آهي ته پوءِ اُتي ئي ڪچهري يا رهاڻ ٿيندي آهي. يا وري ڪا شادي وغيره هوندي آهي ته پوءِ اُن وقت پرولين، ڏور، بيتن، مناظرن يا ڳجهارتن وغيره جا دور هلندا آهن. اهڙي موقعي تي ڏينهن جو به رهاڻ ٿيندي آهي. باقي ٻيءَ طرح عام رواجي ڏينهن تي اونهاري جي مند ۾ اڪثر رات جو ٻاهر کلئي اڱڻ ۾ رهاڻ ٿيندي آهي، پر جي سياري جي موسم هوندي آهي ته ڪنبائيندڙ ٿڌ ٻڙي ڊگريءَ کان به گهٽ هوندي آهي ته پوءِ وري ڀونگي جي وچ ۾ بنڊن جي باهه چوڌاري ويهي رهاڻ لڳندي آهي.

ڳجهارت جي پيش ٿيڻ تي اڪثر سگهڙ چوندو آهي ”اچي ٿي“. اِن تي ٻيا اڪثر چوندا آهن ”ڀلي اچي“ ”سدا اچي.“ پوءِ سگهڙ پيش ڪندو:

نرنان تنهنجي شهر ۾ مال جي هياس،

گاهه ۽ ڪپڙ ۾ اچي وڻ ٿي وياس.

هاڻي جڏهن مٿين ڳجهارت ڪچهريءَ ۾ پيش ٿي ته پوءِ اُتي حاضر ٻار ٻچا بزرگ يا ڪروڍ ڪير به اُن ۾ ڀاڳ وٺي سگهي ٿو. ڪوبه عمر جو، رنگ جو، پڙهيل اڻ پڙهيل جو يا عهدي ۽ پيسي جي آڌار تي ڪابه اڳرائي (Priorities) ٺهيل ڪونه آهن. اِئين به نه آهي ته ڪو مکي، چوڌري يا وڏيرو پهرين ڳجهارت کي ڀڃندو پوءِ ئي ڪو ٻيو اڳيان وڌندو. ڪچهريءَ ۾ ويٺل ڪوبه حاضرين ڳجهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ شروعات ڪري سگهي ٿو ۽ پوءِ اڳتي به اِهو سلسلو اِئين ئي بنا ڪنهن ڀيد ڀاوَ جي چالو رهي سگهي ٿو.

هاڻي مثال ڳجهارت ۾ پهريون پائو آهي نرنان. پوءِ ڪٿان ڪو چوندو پنهون، ته ٻيو چوندو ميهار، ته ٽيون چوندو عمر... بس اِئين ڌڪ هڻندا ويندا. جيڪڏهن ڪنهن جو ڌڪ وڃي ٺيڪ لڳو ته پوءِ چئبو ته ڳجهارت جهري پيئي. اِن حالت ۾ ڳجهارت ڏيندڙ سگهڙ سڄي ڳجهارت جي لفظن ۾ رکيل ڳجهه ٻڌائيندو ۽ پوءِ سڄي ڳجهارت جي سمجهاڻي يا ڀڃڻي ٻڌائيندو.

هت هڪ ٻي ڳالهه پڻ ڌيان لهڻو. ائين نه آهي ته ڪچهريءَ ۾ ويٺلن ۾ پهرين نمبر وار پاون کي ئي ڌڪ هڻندا يعني پهرين نرنان، پوءِ شهر، پوءِ مال، پوءِ گاهه ۽ پوءِ ڪپر ۽ پوءِ وڻ. هت ڪوبه سلسلو ڪونه آهي، مٿئين پاون مان ڪنهن به پائي سان شروعات ڪري سگهجي ٿي ۽ وچ ۾ ڪنهن به پائي کي ڪو ڌڪ هڻي سگهي ٿو. هڪڙو حاضرين هڪڙي کي ته ٻيو ٻئي کي ته ٽيون ٽئين کي به. مطلب ته ويٺلن ۾ ڪوبه ڪنهن پائي جو ڳجهه کولي سگهي ٿو. پر هڪ به ڳجهه کلڻ سان ڳجهارت جُهريل مڃبي.

 

لفظي اِشارا:

هاڻي مٿين ڳجهارت ۾ جيڪي لفظ آهي يعني نرنان، شهر، مال جي، گاهه، ڪپر ۽ وڻ اِنهن لفظن ۾ ڪن جون هڪ کان وڌيڪ معنائون آهن يا ڪي هم شڪل آهن.

نرنان جو اشقاق آهي نر جو ناءُ يعني نر جو نالو: دراصل نرنانءُ مان وقت جي دوران ۾ اِهو لفظ ڦري ٿيو آهي نرنان. (ڪن ڳجهارتن ۾ نرنام به ملي ٿو) هاڻي نرنان لفظ ۾ ڳجهه رکيل آهي ڪنهن به جنس مذڪر جو نالو پوءِ اُهو نالو ڪوبه ۽ ڪنهن جو به ٿي سگهي ٿو. ڪو به تواريخي ڪردار، لوڪ ادب جي لوڪ ڪهاڻين جو ڪردار يا ٻيو ڪوبه نالو. بلڪل ساڳيءَ طرح شهر ۾ ڪوبه شهر ٿي ٿو سگهي. ساڳيءَ طرح مال جي، ڪپڙ، گاهه ۽ وڻ لفظ آهن. مٿين ڳجهارت ۾ هيٺيان لفظي اشارا آهن:

نرنان- ڍلو، شهر- ڍٽ، مال جي- متاري، گاهه جو- ڪوٺو (ڪڇ ۾ يا ٿر ۾ سوڍا گاهه جي ڍڳ کي چون ڪوٺو. اڪثر فصل لڻڻ کان پوءِ جيڪو جوئر جا ڪانا وغيره. اُنهن کي سنڀالي رکن وقت پئي ۽ ضرورت وقت هو مال کي اِهو گاهه کارائي سگهن. اِن طرح سنڀالي رکيل گاهه جي ڍڳ کي چون ڪوٺو. هت ان ڪوٺي جي معنيٰ کي وري اَڃان به اڳي ڇڪي ڪوٺي جي معنيٰ ڪمرو ڪيائون ڇو ته سنڌيءَ ۾ ڪمري کي ڪوٺي به چئبو آهي). ڪپڙ- ڪوٽ (سگهڙن پهرين ڪپڙ جي معنيٰ ڪئي پائڻ جو ڪوٽ، پوءِ وري اُن کي معنيٰ کي اڳتي ڇڪي ڪيائون ڪوٽ معنيٰ قلعو)، وڻ- ڪنڊي.

هاڻي لفظن جي ڳجهن اِشارن کان پوءِ سڄي ڳجهارت جي ڀڃڻي وڃي بهندي:

ڍولا تنهنجي ڍٽ تي آنءُ متاري هياس،

پر ڪوٺيءَ ۾ ڪنڊا ٿي ويس.

هن قسم جي ڳجهارت ۾ گهڻو ڪري پهرين سر ٻڌائين، يعني هت ٻڌائيندا سر مارئي، پوءِ ڳجهارت جي ڀڃڻي ٿيندي:

مارئي عمر کي ٿي چوي ته اي عمر سومرا! تنهنجي ڍٽ تي آنءُ متاري هيس يعني تندرست هئس، پر هت ڪوٽ جي ڪوٺيءَ ۾ اچي ڪنڊا ٿي ويس يعني ڪمزور ٿي ويس.

جيڪڏهن ڳجهارت نه ڀڳي ته پوءِ ڪڇ ۾ سگهڙ چون ”جيئي پيئي“، اڃان پيئي جيئي“ يا لالجي سوٽهڙ وري اڪثر چوندو آهي ”پنهنجو پيئي کائي“. سراڙي ڳوٺ (ٻنيءَ ۾ هڪ جتن جو ڳوٺ) جو ابراهيم جت وري اڪثر ڀڃڻ جا لفظ دهرائي اُنهن لفظن جي اڳيان ”جهڙو يا جهڙي“ لفظ ڳنڍيندو آهي. مثال نرنان لفظ جو لفظي اِشارو ڳولهڻو آهي ۽ ڪو حاضرين چوندو ”راڻو“ ته اِبراهيم چوندو ”جهڙو راڻو“ اِئين هر دفعي جيڪڏهن اِشارو ٺيڪ نه هوندو ته مذڪر لفظ اڳيان ”جهڙو“ ۽ مونث جي اڳيان ”جهڙي“ جوڙيندو.

پر جيڪڏهن حاضرين ۾ ڪنهن به ٺيڪ اِشارو ڏنو ته پوءِ چون ”مري ويئي“، سوڍا اڪثر چون ”جهري پيئي“. بس پوءِ ته ڪچهريءَ ۾ واهه ٿي ويندي آهي. ڳجهارت ڀڃڻ کان پوءِ سگهڙ پنهنجي ڳجهارت کي کولي ٻڌائيندو آهي. پهرين هڪ هڪ لفظ جي معنيٰ ٻڌائيندو آهي ۽ پوءِ سڄي ڳجهارت جي معنيٰ کي کولي سمجهائيندو آهي.

هاڻي اچو ته ڪجهه ڳجهارتون ڏسون، چڱو ڀلا اچي ٿي:

نرنان وڻ جي هنئين جرجي ۾ جرجا ڪندي ويئي.

 

لفظي اِشارا:

نرنان- سوڍو، وڻ جي- سوپاري، جرجو- ڪائو، جرجا- ڪڙڪا.

ڀڃڻي: سوڍل سوپاري هنئين جا ڪائي تان ڪڙڪا ڪندي ويئي.

راڻو جڏهن ڪاڪ محل ۾ ٿو وڃي ۽ هٿراڌو پاڻي ٿو ڏسي.

نڪو کاڌم ڪاٺ (جو)

نڪو کاڌم ڪاٺي،

ڪاٺي ڏير ڪري ويا.

لفظي اِشارا: ڪاٺ (جو) ٽويو، ڪاٺي- پاٽي، ڪاٺي- چوٿائي، ڪاٺي- ڦٽي.

ڀڃڻي: نڪو کاڌم ٽويو، نڪو کاڌم پاٽي، اڌ چوٿائيءَ ڪارڻ ڦٽي ڏير ڪري ويا.

مارئي رات جو ٿوروئي کائي سمهي هئي پر تڏهن به ننڊ گهري اچي ويئي هئس.

پکي پاڻ خدا، ڪونهي ڏوهه رڇن جو.

لفظي اشارا: پکي- ٻوڙي (ٻوڙي پکيءَ جو نالو آهي) رڇ- ڪنو.

ڀڃڻي: ٻوڙي پکيءَ جو نالو آهي پر ڳجهارت جي ڀڃڻيءَ ۾ ٻوڙي معنيٰ درياهه ۾ ٻوڙيائين. ڪنو مان ڪن ٿيو. مطلب آهي ته خدا سهڻيءَ کي ٻوڙيو باقي درياهه جي ڪنن جو ڏوهه ڪين آهي.

ڳهه چار مٺيون ڙي ڳهه چار مٺيون.

لفظي اِشارو: ڳهه- هار.

ڀڃڻي: ليلا هار مٺي، سهڻي ميهار مٺي، سورٺ مڱڻهار مٺي، بوبنا جرار- مٺي.

پنهنجا پنهنجن تي هو مال جا ڙي سسئي.

لفظي اِشارا: پنهنجا- لڙڪ، پنهنجا- ڳل مال جا- مهار (اُٺ جي مهار).

ڀڃڻي: لڙڪ ڳلن تان مَ هار سسئي.

مٿين ڳجهارت جي خوبي آهي سا اِها ته مهار لفظ کي ڀڃي ٻه لفظ ڪيائون م معنيٰ نه هار معنيٰ ڪيراءِ.

حقي جي جيڏيون، نرنان پاڻيءَ جئن ويندياس.

لفظي اشارا: حقي جي- کڙهي، نرنان- جبل، پاڻيءَ جي جهاڳ

ڀڃڻي: اٿو ڙي جيڏيون، جبل جهاڳي ويندياس

نرنان تنهنجي ملڪ، آنءُ پاڻي جئن ويندياس.

لفظي اِشارا: نرنان- ڍولو، ملڪ- ڍاٽ، پاڻيءَ- ڪڙ (هت ڪر).

ڀڃڻي: ڍولا تنهنجي ڍٽ تي ڪر کڻي ويندياس.

نرنان جي نالي ٿي، ذات ڪپڙ جي سسئي.

لفظي اِشارا: نرنان- عارب، نالو- آڏو، ذات جا- ڪراڙ (ڳجهارت ۾ ڪراڙ جا ٻڪرار ٿي سگهي ٿو)، ڪپڙ جي- جهلي (اڳي سنڌ ۾ گرميءَ ۾ پکا ڪونه هئا ۽ جهليون هلائيندا هئا).

ڀڃڻي: آرب اوڏو ٿيءُ ٻڪرار جهلي سسئي.

ڀري رڇ وَکر جا رات به ٻاريا مون الله هن اُڀ وارن تي منهنجو نرنان آڻين تون.

لفظي اِشارا: رڇ- وٽو، وکر جو- تيل، اُڀ جي- کٽ (هڪ قسم جي تارن جي ميڙ کي کٽ چون)، نرنان- راڻو.

ڀڃڻي: ڀري وٽا تيل جا، رات به ٻاريا مون، الله هن کٽ تي راڻو آڻين تون.

جيئڏ لڳوڙي جيڏيون، ڪاٺ به منهنجي کي،

ٻڪ کڻون ڙي جيڏيون، نرنان شهر کي.

لفظي اِشارا: جيئڏ- ڏنگ (جيئڏ معنيٰ جيت) ڪاٺ جو- من، ٻڪ کڻڻ- دعا گهرڻ، نرنان- راڻو، شهر- ڪاڪ.

ڀڃڻي ڏنگ لڳوڙي سرتيون من منهنجي کي، دعا ڪريو ڙي جيڏيون راڻو ڪاڪ اچي.

نالي آندي نارنان ڪپڙ جن ۾ وهاري،

جڏهن اَچي نرنان ته واري ڏج گاهه جن کي

لفظي اِشارا: نالو: عمر، نارنان- مارئي، ڪپڙ جو- ڪوٽ، نرنان- رازو (راضي ٿي سگهي ٿو)، گاهه- سڻ (سڻ جو ڳجهارت ۾ سيڻ ٿي سگهي ٿو)

ڀڃڻي: عمر آندي مارئي، ڪوٽن ۾ وهاري، جڏهن ٿئي راضي ته واري ڏج سيڻن کي.

شهر برابر شهر آهي،

نرنان ئي ناري آهي،

واهه ڪاريگر ڪپڙ جي آهي.

لفظي اِشارا: شهر هڪڙو سکر ٻيو روهڙي، نرنان- واهه، ناري- موري (هت معنيٰ dam آهي): ڪپڙ جي- جوڙي.

ڀڃڻي: سکر برابر (ڍائڪيءَ ۾ برابر معنيٰ ويجهو يا لڳ) روهڙي آهي، واهه مٿان موري آهي، واهه ڪاريگر جوڙي آهي.

ڳجهارت ۽ پرولي: پروليءَ ۾ لفظن ۾ ڳجهه نه لڪل هوندو آهي. مثال هڪڙي پرولي آهي گهر گهر ۾ ڳاڙهي ڪنوار. هيءَ پرولي اسين ننڍي هوندي ٻار هوندا هئاسين ته اڪثر ڏيندا هئاسين. هاڻي اِن جو جواب آهي. باهه يا چار چنيسر هلن چلن، چار چنيسر مٺي ڪاٺي جواب آهي گانءِ يا مينهن. يعني هلڻ وارا چار چنيسر ٽنگون آهن ۽ مٺي ڪاٺيءَ وارا ٿڻ آهن. يا وري اُٺ ڪاٺ، نائين نوڙي جيڪو نه سلي اُن جي آڪهه ٺوڙهي. جواب ٿيندو کٽ. مٿين مثالن ۾ ڏسبو ته پروليءَ ۾ ڪٿي به ڳجهارت وانگر ڪوبه لفظي لڪ لڪل ڪونه آهي. اِن جي ڀيٽ ۾ ڳجهارت ۾ لفظن ۾ ڳجهه لڪل هوندو آهي.

 

ڪڇ جا ڪجهه ڳجهارتن جا ماهر:

ڪڇ جي سڄي علائقي ۾ سون نه پر هزارن ۾ ڳجهارتن جا ماهر آهن. گهڻن سان روبرو گڏيو آهيان ۽ ساڻن ڪچهريون ڪرڻ جو موقعو به مليو اٿم. پر ڪيترن جو نالو ٻڌو اٿم ۽ ڪيترن وٽان نينڊ ملي اٿم جتي اڃا تائين نه پهچي سگهيو آهيان. پر جن سگهڙن سان ملاقات ٿي اٿم اُنهن ۾ ڪيترن منهنجي دل تي اَمٽ ڇاپ ڇڏي آهي.

 

لالجي همٿو جي سوٽهڙ:

اڄ تائين جيترا به فنڪار مون ڪڇ ۾ ڏٺا آهن اُنهن سڀني ۾ لالجيءَ کي مان ڳجهارتن ڏيڻ ۾ اڳرو مڃيندو آهيان. جيتوڻيڪ لالجيءَ جيترا قابل ٻيا به پيا آهن. پر لالجيءَ جو آواز مٺو ۽ پيش ڪرڻ جو انداز وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آهي. جڏهن به هو ڳجهارت پيش ڪندو آهي تڏهن هن جو هڪ نيم آهي ته هو اُها هڪ دفعو دهرائيندو ضرور آهي. اِن جو جڏهن سبب پڇيومانس ته جواب ڏنو هئائين. ”سائين! پهرئين دفعي متان سڀني پوريءَ طرح نه سمجهيو هجي.“

لالجي سنڌيءَ ۾ فائنل پاس ڪيل آهي ۽ سنڌ ۾ ٿر جي ڳوٺ ويرهاڙ جو رهواسي هئو ۽ 1971 ۾ ڀارت- پاڪ جي جيڪا لڙائي لڳي اُن کان پوءِ هو ڀارت ۾ لڏي آيو آهي. اڄڪلهه ڪڇ جي نکترڻا تعلقي جي نرونا ڳوٺ جي ڀرسان نروڻا ڊئم جي ڪناري تي سوڍن جي اڏيل ڳوٺ ۾ ويرهاڙ ۾ رهندو آهي.

لالجي جتي ڳجهارتن ڏيڻ ۾ ماهر آهي اُتي ڀڃڻ ۾ پڻ قابل آهي. مهمان نوازيءَ ۾ به سندس ڪو ثاني ڪونه آهي.

 

راڻو جي همٿو جي سوٽهڙ:

لالجيءَ جو وڏو ڀاءُ آهي. ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ ڳجهارتن ڀڃڻ ۾ جراهه حڪيم جهڙي جريت رکندو آهي. بدن جو قداور ۽ سگهارو آهي پر سڀاوَ جو وري صفا نرم. سدائين کلمک، خاص ڪري جڏهن ڳجهارت کي جهوريندو آهي ته اُن وقت سندس مرڪ ڏسڻ وٽان هوندي آهي. سندس اوطاق (لالجي ۽ پاڻ گڏ آهن) تي به چار مهمان سدائين هوندا ئي هوندا آهن ۽ رهاڻ لڳي پيئي هوندي آهي. وقت به وقت چانهه ۽ ڇانءِ (لسي) جا دؤر به چالو هوندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جيستائين ڪڇ ۾ راڻو جي ۽ لالجيءَ جهڙا ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ سخي ڏاتار آهن تيستائين سنڌي لوڪ ادب کي ڪوبه لوڏو ڪونه آهي. شال سدائين سندن ڪچهريون قائم رکي.

 

هارون سومرو:

نروئا ڳوٺ جي ڀرسان اوريڙي ڳوٺ جو رهواسي ويچارو ڌڻار آهي يعني ڳوٺ جو مال چاريندڙ آهي. صفا اڻپڙهيل يعني لکي پڙهي نه ڄاڻي پر علم ۽ عقل ۾ گهڻن پڙهيلن کان سندس مقام مٿي آهي. سڀاوَ جو لڄارو، ڳالهائيندو گهٽ پر جيڪي ڪجهه به ڳالهائيندو اُهو معنيٰ سان ڀريل. هارون سان گهڻي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به ڳجهارتن ٻڌڻ جو موقعو نٿي مليو. آخر هڪ ڏينهن چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب! سڄي رات سهيم ۾ (جهنگل ۾) مينهون ٿو چاريان سو ڪچهريءَ ۾ ڪئن اَچان. هڪ رات ٻيو ڪو منهنجون مينهن چاري ته جيڪر اَچان. سو هڪ رات سوڍي نارائڻ سنگهه پاڻ تي اِها ڊيوٽي کنئين ۽ اسان کي ڪچهريءَ ۾ هارون سومري جو ساٿ نصيب ٿيو. پاڻ چيائين ته کيس اڍائي سو کن ڳجهارتن جا اچن ٿا، پر اسان کي ان رات فقط ويهارو کن ئي نصيب ٿيون.

 

ابراهيم جت:

سراڙو هڪڙو ننڍڙو جتن جو ڳوٺڙو آهي جيڪو ڪڇ جي ٻني علائقي ۾ آهي. مينهون چارڻ پر پنهنجون مينهون. ڳجهارتن جو ماهر. ٻنهين فنن ۾ مهارت حاصل اٿس يعني ڏيڻ ۽ ڳجهارت ڀڃڻ. سدائين پيو کلندو. ڪچهريءَ ۾ هڪ هڪ اکر چٻي چٿي تمام گهڻي ادب سان ڳالهائيندو. ڪچهريءَ هلندي وقت به وقت سندس ڳالهائڻ ۽ لفظي- چونڊ وقت ايئن پئي محسوس ڪيم ته ڪو ڳچ پڙهيل هوندو. پر جڏهن ڪچهريءَ کان پوءِ پڇيومانس تڏهن جواب ڏنائين ته هو لکي پڙهي نه ڄاڻي باقي ڪچهرين ۾ ننڍڙي کان ئي ٻڌي ٻڌي ڳجهارتون ياد ٿي وييون اَٿس ۽ هاڻي ته پاڻ به اڪثر ڳجهارتون جوڙيندو آهي.

 

جينتي جوشي:

هندن جي تيرٿ آسٿان نارائڻ سرور جو رهواسي آهي. ڳجهارتن ڏيڻ ۾ ماهر. ڳجهارتن جو وڏو قابل آهي.

مٿي فقط ڪن ٿورن سگهڙن جا نالا ۽ بيان ڏنا ويا آهن. پر جيڪڏهن ٻنيءَ جا ڳوٺ ڳوٺ ڳولهبا ۽ ڪڇ جي سنڌي ڳوٺن جي کوج ڪبي ته اڃا به جيڪر تمام گهڻا ڄاڻو ظاهر ٿين. وڏي ڳالهه ته ڪيترائي جوان به جيڪر ڄاڻو روشنيءَ ۾ اچن.

پڇاڙيءَ ۾ اِئين چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نٿي ٿئيم ته ڪڇ ۾ اڃا ته ڪي ڏهاڪا سنڌي لوڪ اَدب کي لوڏو ڪونه آهي. خاص ڪري ڪڇ جي ٻني علائقي ۾ جتي گاهه جا وڏا چراگاهه آهن ۽ مال گذار سنڌي جاتيون جت، متوا، سما، سوڍا، سومرا، خاصخيلي وغيره هن فن کي ضرور جيئرو رکندا. منهنجي وشواس جو وڏو سبب اِهو آهي ته مان جتي به ويو آهيان اُتي ڳجهارتن ڏيڻ ۽ پڇڻ وارا رڳو بزرگ پيڙهيءَ وارا ڪونه آهن. خاص ڪري ڳجهارتن ڀڃڻ وارا ته مون هر پيڙهيءَ جا ڏٺا آهن. ٻني علائقي جي لوڻي ڳوٺ ۾ 8-9 سالن جي جتن کي به مون سرگرم بهرو وٺندي ڏٺو آهي. خود سوڍن جي ڳوٺن ۾ به ڏٺو اَٿم ته چڱي ننڍي عمر وارا ڇوڪرا به ڳجهارتن ۾ ڀاڳ وٺندا آهن. جيتري قدر ڳجهارتن گهڙڻ يا جوڙڻ وارن جو سوال آهي، اِن ڏس ۾ به اڪثر هڪ هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ٻه جوان ڏٺا اٿم جي ڳجهارتون نيون جوڙڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن. اِن سبب مون کي وشواس آهي ته ڀارت جي ڪڇ علائقي ۾ سنڌي لوڪ اَدب جو فن زندهه رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com