سَنهي سير وچ وهي، ٻنهين پارين ٻار
..................... تنهن جيءُ مار؟
سُور تنهنجو سپرين، قاري منجهه قلوب
معذورن محبوب ............................
سڌ سيئي ڪرين، پريان جي پريتڻي
سڄڻ تينن سا مهم جي جيءُ جُهومي ڏين
ڪتڻ تنين ڏوهه، سڄڻ جنين سامهون
............................ ڪنديون ڪوهه
ڀڃ چرکو لت ڏيئي، مُنا ٻيئي ٻار
جنين محبت من ۾، ڪتڻ وٽن نه ڪار
اکڙيون پرين ري، هُو جي پَرُ پسن
منهن ۾ مُور نه چڱيون، ڪڍي ٻن ڏجن
توڙي رت رُون، آيل اُن نه وِسهان
سلا ڪري ڪيئن، سُور پنهنجو ساهه کي
(محبتؤن مذڪور) جي محبن ٿيا پري
بندي سڀ قرار، سان لوچڻ لوهَه ڙي
مٿي تن ترار، سدا سپيرين جي
ڄاڻي ڀلو ٿوڪُ، گهڻو وڃ تن ڏي
سي ٿورو ٿوڪ، لٿي ته گهور ٿي
تنهن ڪنهن ڪماناءُ، پريان هنيؤ پاڻ ڙي
لڳو لُو لڪ ٿي، ڌڙ ۾ ڪري ڌڪاءُ
ايهو سڄڻ ساءُ، آکي سدا عام کي
دارون ويڄ مَ ڏين، الا چڱي م ٿيان
ڪر لاهُوتي ڪڏهين، سڄڻَ مانَ اچين
جُرا جت جيئي، اُبهيو آن اسونهون
هرو آٿت ئي، ڪڻڪيو ڪنجهيو رُجهه جان
ڳر ڳجهو ئي ڳجهه، پڌر پومَ ڀرسان
عالم............ آهي جنهنجي آسري
جيڪا ڪري نينهن، آيل ٻاروچن سين
سا مون جيئن ڇپرين، ٽرمائيندي نينهن
پوءِ پڌر سيڻان، لڪج لڪندئين ڪيترو
ٻنڌان جاءُ سندان، ڪو ڏنئن ساميهڙا
ڪرو لاڙي وس، راههُ پڇ تون روهه جو
جان لنؤ لڳئه تن ۾، تان تان ڪيم ترس
ڏونگر منجهان ڏس، پوندءِ هوت پنهونءَ جو
پاري پريان لوءِ، ساري ڏيج سنيهڙو
ڳُجهڙي ڳرهيج، تو جيئن ٻيو نه رُئي ڪوءِ
ٻيا پڻ لڳي لوءِ، برسي ساءِ نه سڄڻا
سڪ تنهنجي سپرين، اندر ۾ آهي
لوڪان لڪائي، مون کي ڏنؤ سڄڻان
ڪڍي ڪا ڄوراءِ، جنين ٻج نه پوکيو
راهيو رُوح رچنديون، تنين کي گهراءِ؟
ساٿي ساٿي پاڻ، ڪجي پيش پرين کي
ساهُه نه ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
مون کي مون پرين، ٻنڌي وڌو کُوهه ۾
مٿون ٿا چَون، متان پاندُ پسايئين
کري هڻي قلوب، ڪر آرسيان اُجرو
ته توکي ئي محبوب، معلوم منهنجي ئي ٿئي
زنجيرن جُهار، پريان لاءِ پيوم جو
لوهه ڪي ڪات، ڪي پَسي مان پنهوار
هت اسان ههڙو حال، هُت مارو (ڏيم مهڻا)
نه مُورئيون ناهه، ڪين کنيائون ڪڏهين
لهرون پر تنهنجو سي ساوڻ...............؟
در تنهنجا دائما، ڀريا ئي آهين
پلؤ جي پائين، سي تون خالي نه ڪرين
آءُ ڀر پيريان ڪئين، نيو نياپو ساٿيو
ڪئين آتڻ ڪيئن جيڏيون، ڪئين سي... ڏينهن
جي پرايم پاڻ، سانڀاران سڌ ڪري
نيئي ان ندان، جڪر ٻاهري ٿيا؟
وندر جن وڻن ۾، واڪا ڪيو ووڙي
جڳائي جر جوٽيان، تن کي ته سوڙي؟
لڌائين لوڙي، سڄڻ سچي سڪ سين
جي مارڳ ميڙيام، ته کاڻي ان کورهئا
سهسين ڀتين سڏڙا، ڪارون سر ڪيام
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
لوڪ ٻيو
توهي تتي هيڪڙي، سڀئي پنيو مون
سو لڱا ساعت ۾، جي اشهد چون
هُو جي جهاڳ نه جهليا، سي ڪئين جڳ اڙن
آءُ گهڻو ئي گهوريان، سندي ٻاجهه ٻين
اصل
.....................................
مٿن