محمد مٺل جهتيال
پيٽ ۾ عضون جو مناظرو
اول تعريف الله جي جنهن جوڙيو جڳ جبار
ٻيو مڪائين مير محمد جو آ اڙين جو آڌار
ڏڪر ويو ڏيهه مان ۽ ٿيو مينگهه ملهار
ڪُلي هن ڪائنات کي پيو پالي پالڻهار
آدم صورت عشق الاهي جن بشر جنسار
قصو ٻُڌو ڪن ڏيئي پيو عجب ڪيان اظهار
ڪُلني عضون ڪاوڙجي ڪئي پيٽ مٿان پوڪار
ته پيٽ کائين پنهنجي لاءِ تون ڪيون اسان ڪم ڪار
سيءُ سٽي سج ساڙي پنائين پينار
هٿن چيو هر هلايون ڏاتي ڪوڏر ڪار
ڪُلهن چيو ويتر ڪيان تنهنجي لاءِ تڪرار
جو هر شئي کي هيڪاندي مان چٻاڙي ڏيان مار
ڏندن چيو ڏيهن ۾ ٿي ڏاٺن جو ڏهڪار
ڄڀ چيو ڄاڙي سان گڏ هيلا ڪيم هزار
ڳلي چيو ڳيت ڏئي پيو گلو ڪيان غار
سو ته تُرت مُنجان توڏي روز پيو روزگار
اکيون ٻانهون پُٺي مٿو نظر نگهدار
چار ئي پاسا چٽي طرح تنهنجا چوڪيدار
پيرن چيو پنڌ ڪندي ڄائي ويو ته ڄمار
گرهه توکي گهٽ ملي، ته کائين وڏي خار
پيٽ پل پاڻ کي تون ويهي ڪر ويچار
ته ڏوهه ڪهڙي ڏهاڙي ٿا لُڇي ٿيون لاچار
پيٽ چيو پِٽڪو ڇڏيو ڳالهه ٻڌو هيڪار
مون کي ناهي ڪاڻ ڪنهنجي اوهان؛ ڪمايو ڪمدار
جي ڪمائيندؤ ته کائيندؤ نه ته بنهه ٿيندؤ بيڪار
ڪمائي مان قوت اوهان کي ملي ٿي قنڌار
پر ڪلني عضون ڪاوڙ ۾ اڄ اهو ڪيو اقرار
ته هاڻي ڪين ڪمائبو ڌرتيءَ تي دلدار
مِڙني کڻي ماٺ ڪئي ڪي گذريا ڏينهن ٻه چار
ته سنڌن کان سڀ ساڻا ٿي پيا اچي ٿين آزار
بک سندن بيحال ڪيو ۽ هيڻا ٿيا هر وار
پوءِ صلاح ڪئي سڀني ته آ پيٽ سچو پڳدار
نٿو کائي ته خوش ناهيون قوت منجهه ڪردار
پوءِ پيش اچي پيا پيٽ جي ۽ ترت ڪيائون تار
ته مڙئي عضوا موچارا آهيون تو آڌار
ڀلي ڪمايون اسان، کاءُ تون اهو توکي آ اختيار
ٿي تنهنجي کائي طاقت ملي اسان کي اِن پار
هيءُ ته قدرت آهي قادر جي جو غالب آ غفار
جنهن اهڙي ريت عضون جو واهه ڪيو وهنوار
پر اها مام ”مٺل“ چئي ووڙي ڪو وينجهار
ته ڏينهن مِڙوئي ڏون مليا ٿي حياتي هڪوار
حاصل ڪر حلال جي ڪي هيرا لال جنهوار
اڄ آهين سُڀان ويندين دنيا کان ٿي ڌار
ڇڏي خيال خديءَ جا رک پنجن ساڻ پيار
پوءِ سوڙهي ۾ سرڪار ڏيندئي جَسُ ”جهتيال“ چئي.
محمد خان مجيدي
مورڙا
بانڪا بهادر مورڙا ٿورا نه تنهنجا ٿورڙا
مانگر جي مارڻ لئي ٻَڌا ڏاهپ ڌڻي تو ڏورڙا
مانگر به لاٿا زورڙا پر زور تنهن جا زورڙا
زوري ۾ توکان زور ناهن زورڙا، شهزورڙا
مانگر هٿان ويا مارجي ڀائر بينا سڀ ڀورڙا
مانگر ڪلاچي ڪُنّ جا ڇوڪر بنايا ڇورڙا
تنهنجي مقابل گهاٽ تي گهاتو نه گهيڙا گهورڙا
مانگر کي ماري ۽ وڍي ٻهڳڻ ڀريا تو ٻورڙا
هن ڪاميابي سان لٿا هيڻن جا هُرکا هورڙا
هت ڳائبا پيا قوم ۾ نت قرب تنهنجا ڪورڙا
تنهنجي ڪلاچي ڪنّ جا گُر پير ٿي ويا گورڙا
مهراڻ ۽ منڇر سُڪا ڍنڍون سڪي ٿيون ڍورڙا
ناهن مهاڻا مياڻ ۾ چارن تي چاري چورڙا
هي وارڙا ڪاڏي وَڃن ويڙهي تَڏا ۽ تورڙا
تو ئي پري وارا بنايا اوڏڙا ۽ اورڙا
تو ئي جَهروڪن ۾ وِڌا جهانڪا ۽ جهرڻا جهورڙا
مانگر مَري ويو ڪالهه اڄ مَرندا هي نانگا نورڙا
تنهن جو ملهائن ڏينهن پيا لاڙا لکاڻي لورڙا
تحسين توکي ٿا چون سڀ ڪارڙا ۽ ڳورڙا
هيرن ۾ توکي تورجي ٿورا نه اهڙا ٿورڙا
بانڪا بهادر مورڙا
ٿورا نه تنهن جا ٿورڙا
حبيب الله صديقي پاٽائي
ڪافي
جاڳن سنڌ جا ڀاڳ اَلاڙي!
موسم منهنجي ڳوٺَ جي موسم
ٻيرَ ڦَرِيءَ تي ڪوٺَ جي موسم
سَرهُن جا سي ساڳَ اَلاڙي!
کُليل آڳُرَ هنڌَ کَٽولا
وَرَ وَنِي جا ويسَ پَٽورلا
چانڊوڪين ۾ چاڳَ اَلاڙي!
جاڳيل اکيون پِسيو پون ٿيون
ٻُوٽيل اکيون خَوابَ ڏسن ٿيون
ڏُور ٿِياسي ماڳَ الاڙي!
اَمن ٿئي ۽ عَدِلُ ٿِئي شَل
ماروئڙن تي فَضلُ ٿِئي شل
ڀاڳُ وَرائي واڳَ اَلاڙي!
محمد شريف ڏاهري
سهڻي ميهار
ساراهيان سچو ڌڻي صاحب رب ستار
هي قصو ڪيان ٿو قديمي آهي اڳ گهڻو اظهار
ته لهاڻي جي لڳ هوندو هئو ڀاڳيو هڪ ڀتارُ
سڏيندا هئا ساهڙ ڄام تنهن کي نالي انهي نروارُ
نالي ذات نڱامرو پٽ ڄام گنوهار
مينهون چاريندو هئو مهراڻ جي ڪنڌيءَ ساڻ قطار
ٻيلي ٻن ڪنڌين جي هوندي هيس ڪنڍين جي قطار
گجرون گوشيون ڀلون ڀوليون چوڙڪنڍيون چوڌار
دور ڪنديون هيون درياءُ جا وڃين جَرَ اندر جالار
ڪڻڪي نڪرنديون هيون ڪن منجهان ٿاڌل مٿي ٿڌڪار
جيئن ساز وڄن سرندا تيئن هين چڙن ۾ چونگار
چرنديون هيون ڪانهن ڪنڌين جا ساوا گاهه سڄار
ڪيئن ايندا هئس ڪچهريءَ تي ڳوٺن جا ته گنوار
جت ايندا هئا جوءِ ۾ سي اٺن ساڻ اوٺار
پيا گهمندا هئا پاڙي ۾ سي رڍن ساڻ ريڍار
ڀاڳئي جي ڀاڻ تي هئا دونهن دنڌوڪار
ماڳ جنهن مرد جا هئا ڇنا ڪيئن ڇپار
جهڻيون مکڻ جهارا هئا ٻيا وٽس ڏڌ ڏناڱار
آئيا هئا وٽس اوچتا هڪڙا بخت وڏي بختار
ملي چيائون ميهار کي ته کير اسان کي پيار
هن به وڌا ڍنگ وڇ کي ونگيائين تهين وار
سَڪُرَ مڙي سيگهه ۽ سڱو هي سينڃار
کير پي ويا وش ٿي اتي مرد مڻيا دار
باقي جيڪو بچايائون سو رکيو محفوظ ڪري ميهار
ڏم پرڻيو پرينءَ ڀر مان هڪ ڪوڏ منجهان ڪنوار
نهري مهينون چوڏهين تواريخ هئا چنڊ سندا چمڪار
سهڻي نالو ڪنوار جو هئي منڌ به مڻيا دار
صحي ذات ساهٽي هئي جرڪت ٻيٽي ٻار
گهوٽ پرڻجي پنهنجي گهر ڏي هاڻي ترت ٿيو تيار
پوئا اڳڙي پرا ٿيا واندا ٿيا تنهن وار
هاڻي لايون لاڀا لاڳ ٿيا خوش ٿيا منگتا مڱـڻهار
گهورون گهوريائون گهوٽ تان ٻيا هيجئون پارايائونس هار
هاڻي وطن ڏي ورڻ جي پاڻ ۾ ڪيائون پچار
ڪي پيادا هليا پنڌ ۾ ڪي سواريءَ مٿي سوار
گهوڙا اٺ گهوٽ سان جي ڪجاون قطار
اچي ڄڃ اتي رسي پتڻ اڪرڻ پار
ترسي پيا انهيءَ تڙ تي ٿين ٻيلي ٻيهار
ڀاڻ ڏسي ڀاڳئي جو ۽ بيحد ٿيا بهار
ستيءَ خاطر کير جي اچي هڪل ڪائون هڪوار
ساهڙ تنهن کي سرڪ ڏئي هئي ساڙهي مان سنگهار
سو چڪو پي چري ٿي وئي وس کان ويتار
هاڻي پٽيهل اڪري پار ٿيا پنهنجي وستين ۾ وڻجهار
ڄڃ پاڳي گهر گهوٽ جي ٿيو هرڪو ڌاروڌار
هاڻي سهڻيءَ جي سر تي اهي بيحد آئيا بار
هڪ گهرو معاملو گهر جو ٻي تن اندر ۾ تار
ميهر سندي من ۾ هيس لون لون منجهه لغار
سا کلي نڪين خوش ٿئي نڪين سهڻا ڪري سينگار
ويڳاڻي وتي ورونهن ۾ ٻيا ڳڻتين سدا ڳار
سا ڪامڻ ويندي هئي ڪڇ منجهان ڀوري وٽان ڀتار
رهي ويندي هئي رات جو ڪندي هئي پنهنجي منهن پسار
باندر بگهڙ ڀولڙا ڪندا هئا آڌيءَ جو الغار
شينهن شهگوشن جا هوندا هئا ٻيلي ۾ ٻهڪار
پر دَهَلِي ڪانه درياءَ کان جي سوين هئا سيسار
ڇٽي پير ڇولين ۾ هيس هدايت ڪئي هِڪَ وار
اتي به مائيءَ تنهن مرشد سان هئي گويا ڪئي گفتار
هاڻي سهڻيءَ جي سَسُ کي اها پئجي وئي پچار
تنهن پوڙهيءَ پنهنجي پر ۾ هئس جام ڪيا جهڻڪار
تڏهين سهڻيءَ چيو سَسُ کي ته مون کي نه ڏي ميار
پيالو پياريو هٿ سان تنهن هئا کير منجهه خمار
سرتين به سهڻيءَ سان اچي ونڊيا اهي ويچار
سا ڪڏهن مڃيندي ڪين ڪين جنهن کي اندر ۾ آزار
سهڻيءَ جي سَسُ کي اچي وڪوڙيو ويچار
تنهن منصوبو ٺاهيو مارڻ جو آندائين ڪچو وٽان ڪنڀار
لڪائي رکيائين تون ۾ تن ٻوڙن ۾ ٻيهار
آئي منڌ اوچتي پنهنجي ٿيل، شڪار
گهڙو کڻي گهڙي جيڪو چٽيل هئو چوڌار
ڪچي يا پڪي جي پيس خبر نڪا چار
هڪ اوڻٽيهين اونداهي ٻيو جروهي جالار
ڀيلو اتي ڀري پيو ڪئي ويرين وارو وار
سهڻيءَ تنهن ساهڙ کي ترتئون ڪئي تنوار
ميهر ملاحن تي هاڻي بيحد رکيا بار
پر مارڻ جئارڻ وس مولا جي آهن آگي کي اختيار
پساهه پورا ٿيس پاڻينءَ ۾ لڙهي ٿي لَهَوار
پنهنجن کان پري ٿي ڌارين کان به ڌار
ماڻهن تنهن منڌ کي آندو ڪپر مٿي ڪنار
پوري موٽيا پوئتي ڪانڌي منجهه قبار
شهدادپور جي شهر ۾ آهن تن جا نظارا نروار
هوندا شال شريف چوي منجهه بهشتن جيءَ بهار
اهڙي ساڻ اظهار ٿيون هلن مقالون ملڪ ۾
برادي ٻگهيو
نصيحت
ساراهيان سچو ڌڻي ساراهيان سبحان
مالڪ خلقي مخلوقات جوڙيو جڳ جهان
سج چنڊ تارا تنهن ۾ زمين ۽ آسمان
آدم به آندائين اتي هڪ موتي مرجان
پيغمبر منجهاس پيدا ڪيائين ڪو نبي ڪو نومان
پر نوريءَ پيدا ڪيو نور مان جنهن جو شاهي ڪيائين شان
ڪلمون پڙهائي تنهن ڪريم تي ڪيائين مرسل جو مان
جن ملائڪ جانب تي حورون ٿيون حيران
پکي پکڻ تنهن پريت ۾ هاٿي سڀ حيوان
هڪ گفتي ۾ گسي ويو شرڪ ڪري شيطان
تڙجي ويو تيهر سو ٿي ورهن کي ويران
برادي چئي آيو آهين بندگي لاءِ تون ڪو عجيب ٿي انسان
قرب رک ڪريم سان پڙهي ڏس قرآن
ته ڪل پوَئي قيامت جي ڇا ثمر کڻندي سامان
اهو مينهن وسندئي موت جو ايندئي گوڙ ڪري گمسان
ٻيو به هڪ سفر اٿئي سر تي ٿيندي مومل جو مهمان
حقيقت پڇندئي هتي اهو وٺندئي امتحان
ته مڃئي ٿي مالڪ کي ڪين بندا هئين بي ايمان
جي سهي پڙهين صلوات روحئون چئي رحمان
ته قبر ڪشادي ڪندئي ماڳ وڏو ميدان
جي مڙي ويندي مير کان ۽ دولت ڏسندي دان
ته سامي سوڙ هي ڪندئي ڪشي هڻندئي ڪان
سو ساڙيندو ويندئي سيني مان ويو فرمائي فرقان
هوش ڪري هل ادا توتي آگو ڪندو احسان
جيڪو پيروي ڪندو پنجن جي سو جنت ماڻيندو جوان
نه ته هتي به راو رئندا ويا سڃا سڪندر ۽ سلطان
الله ڏيئي ايمان ڪندو ٻاجهه ٻگهيو چوي
محمد مٺل ”منظور“ ڪنڀر
ڪافي
ٿل: وڌ چوڏهين کان چانڊاڻ آهين
پرين پنهنجو مٽ تون پاڻ آهين
هي مشڪ مٺا عنبير ۽ عطر
ڏني خوشبو ۽ هنن کي تنهنجي پگهر
محبوب مٺا دل جا دلبر
سنسار جي تون سرهاڻ آهين
تنهنجي چهري تي چمڪار آهي
تنهنجي هرهنڌ تي هٻڪار آهي
تنهنجو مٺڙا مطيع سنسار آهي
تون حسن سندو مهراڻ آهين
اچ تار مان مون کي تار سڄڻ
اچ سير مان مون کي اڪار سڄڻ
محبوب مٺا دلدار سڄڻ
آيو هيڻن حامي هاڻ آهين
تون دنيا جوئي راز آهين
تون حسنِ جهان ممتاز آهين
تون ناز وارن جو ناز آهين
”منظور“ چئي موتين کاڻ آهين
محمد سومر ڀنگر
صداقت (ڪنڊرن واري پوڙهي
ڪهڙي ڪامل جي حال ڪري هندياڻي،
جتان آيو پئي جانب اتان سائين کي سڃاڻي،
پئي گند ڇڏيم گس تي ٻي ڪنڊن جي ڪهاڻي،
سج لهي سانجهي ٿي اک ٻوٽي رات وهاڻي،
ستي اچي سورن ورتو ٻيا هڙ چڙهي ويم هاڻي،
نڪي دوا نڪي دارون نڪي ان وڻي ٿو پاڻي
بري جو بدلو برو ڇا بيوس ڪري بندياڻي
سارو ڏينهن سومر چئي هيس وارث بنا ويڳاڻي،
ٻئي ڏينهن ٻلهران اچي ساجن ٿيو ٿم ساڻي،
جنهن سان پرت هيم پراڻي سو پرين آيو اٿم پڇڻ لاءِ
پرين آيو اٿم پڇڻ لاءِ اَٿو صفا ڳالهه سچي،
جنهن لاءِ ڪالهه ڇڏيم ڪنڊا سو اڄ عجيب ويو آ اچي،
لک ٿورا لعلڻ جا هيس ڪامل اڳيان ڪچي،
ڪِري پيس قدمن ۾ آن پتنگ جان پچي،
آئي بهاري بدن ۾ ويس برهن مان بچي،
ديد ملي ديد سان تنهن سان نيهن لايم نچي،
پڙهيم ڪلمون ڪريم تي ويس رهبر وٽان رچي،
هاڻ ميلو ويو آ مچي، ڀول سان ”ڀنگر“ چئي.
امام ڏنو مهراڻي
صدقي سنڌ جي مِٽيءَ تان
جهڙا آهن سنڌي سهڻا تهڙي سهڻي سنڌ آ
صدقي سنڌ جي مٽيءَ تان منهنجي جان ۽ جند آ
سرتيا سگهڙ گويا گوهر، ڳالهه جا آهن ڳاڻو
جهڙي سنڌ جي ڌرتي سهڻي تهڙا سهڻا ماڻهو
سنڌ جي ريتي سون برابر چندن چاندي چند آ
صدقي سنڌ جي مٽيءَ تان منهنجي جان ۽ جند آ
سنڌو ندي ۾ ماڻڪ موتي هيرا واهه وهن ٿا
زمرد ياقوت جوهر جاني لوچي لال لهن ٿا
سنڌ جو پٿر پارس ڀانيان تار تکيري تند آ
صدقي سنڌ جي مٽيءَ تان منهنجي جان ۽ جند آ
سنڌوندي تي سبزي ساوڪ گل ڦل ڪئي گلزاري
انب انجير ميوا مٺڙا، کجور خوشبو واري
سنڌ جو پاڻي جام جنت جو پيئڻ ساڻ پسند آ
صدقي سنڌ جي مٽيءَ تان منهنجي جان ۽ جند آ
ديس به سهڻو ويس به سهڻو سهڻي سنڌ آبادي
ننڍڙا وڏڙا ٻڍڙا ڀائن عربيءَ جي امدادي
سنڌڙي آهي ديس اسان جو ديس دلي دلبند آ
صدقي سنڌ جي مٽيءَ تان منهنجي جان ۽ جند آ
جهڙا آهن سنڌي سهڻا سهڻي سندن ٻولي
چئي ”مهراڻي“ قيامت تاڻي تن لاءِ آهيان گولي
سنڌ جي ڌوڙ جولائي لڱن کي سو ئي غيرتمند آ
صدقي سنڌ جي مٽيءَ تان منهنجي جان ۽ جند آ
قائم الدين سهتو مدئجي
ست سرو هنر
عمر مارئي ڪندس پئي دانهون
مومل راڻي سان ڪيڏي ڪيائون
هير رانجهو ڏئي نه ڄاڻي ڄاتائون
ور سورٺ جو چارڻ نيائون
ليلان پنهنجي ڪانڌ کي ٻڌندس ٻانهون
سهڻي ميهارملڪ ۾ ڪيئن اتي رهان آئون
سسئي مٿائون تن ڪندس قربان قائم چئي
چير- سُرُ سَسُئي ۾
عُمِرِ مان روئي ڪندس پئي دانهون
مون ملهه راڻيءَ سان ڪيڏي ڪيائون
هي رنج ڏئي نه ڄاڻي ڄاتائون
ورسو رُٺئي، چائي رڻ نيائون
ليلائي پنهنجي ڪانڌ کي ٻڌندس ٻانهون
سڻي ميار ملڪ ۾ ڪيئن اتي رهان آئون
سِسِي مٿائون تن ڪندس قربان قائم چئي.
محمد ملوڪ عباسي
هنر: (شهرن جي نالن ۾)
ڪوٽڙي رهن سي جي ڪوٽيا ميل هجن
ڄام شورو نڪريو حيدرآباد ٿين
پيٽارو نه ڪيئي، انڙپور، تنياڻيون کاڻوٺ ڪجن
سن آمري وڃان ها ته سيوهڻ سيوهڻ ڪن.
بوبڪ ڀان ڪر، خدا آباد ڪري دادو شال جيئن
ڦلجي نه چوان، ابراهيم ڪڇي کان پيارو گهاٽ پسن
رحماني نگر کان جي ٿا راڌڻ لڳ ڏين
باڊهه ڪري ويا سومرا، اهي ڏوڪري ڪيئن ڏسن
جيڪي لاڙڪاڻي وڃن، تن کي ويجهو آ موئن جو دڙو ملوڪ چئي.
چير
ڪوٽَ ڙي رهن سي جي ڪوٽن ميل هجن
ڄام! شورو نه ڪر ته هي در آباد ٿين
پوءِ ٽارو نه ڪيئي اونه ڙي پوري ٿيندئي ته
نياڻيون کڻي اٺ تي قابو ڪجن
سڻ آئون مري وڃان ها ته ڀائر سو وڙ سو وڙ ڪن
بيهي بڪ ڀاءُ نه ڪر ته خدا آباد ڪرئي
پوءِ دادا شال جئين.
ڦل جيءَ آئون به چوان، بي رحم ڪچي نه ڪر
ڇڏ ته وڃي پيارو گهوٽ پسان
رحمان ننگ رکئي جي راءِ ڌڻيءَ لڳ ڏين
باهه ئي ڍري ڪري ويا سومرا اهي ڏڪر ڪيئن ڏسن
جيڪي لاڙ کي ڪاڻو ڪري وڃن، تن کي وجهبي
آهي منهن ۾ ڌوڙ ملوڪ چئي.
محمد هاشم ڪنڀر
نصيحت
وڃين وينجهارن وٽ ويهي وٺ ڪو واس
مٺو ڳالهائڻ مڻ تن جو آهي خوش بوءِ ڀريو خاص
تون بيحودن جي ڀر ڇڏ نيتي نهڙ ڪندءِ ناس
هو اٿئي صاحب ولايت جا ڌڻي ري انهن جي اداس
انهيءَ ميراڻ جو من مان لاهيندءِ لباس
ٻيو به جام جو جونجهار پياريندءِ گوهر ڀري گلاس
پيئڻ سان پر ٿيندي پنهنجي لهندين پياس
ادا عقل لکندي انهن کان چڱين ملندين چاس
اهي پڙهائيندءِ پٽي پرت واري روح ڪندءِ راس
ٻيو به سنجيدگيءَ جو سبق ملندءِ پوءِ ٿيندي پاس
وٺ هدايت هاشم جي ته ترت لهندين تاس
ري ٻيائيءَ ئي ٻئي پاس ته ڏکيو نه ٿيندي ڏيهه ۾
محمد صادق ٿهيم
هنر: لفظي تجنيسي
ٿورا ڪر ٿر وارن تي وري اَداسي وار
ڏاڍا ڪرين ٿو ڏوٿين تي وري اَداسي وار
پاڻي ڀَرين پنهواريون وري اَداسي وار
سمجهن ڪين سرتين بناوري اَداسي وار
مارو مِلندم ملير ۾ وري اَداسي وار
وينديس ساڻيهه سامهين وري اَداسي وار
وري اَداسي وار[1]،
اٿم صادق سِڪ سانگين جي
فقير خان محمد ڪيريو
سينگار
وڃان پيو واٽ وٺيو هڪ عجيب ڏٺم اسرار يار
محبوب منهنجي منهن چڙهيو ڪيم دلبر جو ديدار يار
وارن وڪڙ ۽ وڻ گهڻا هئا خشڪ خوشبوءِ دار يار
نور ڀريل نراڙ ۾ هئا حسن جا هٻڪار يار
اکيون گولا گلشن سندا چٽا ڏين چمڪار يار
ڳل ڳارها گَهَرا گلابي گلن جيئن گلزار يار
نڪ سهڻو ۽ سنهڙو هو نرمل نوڪدار يار
چپ سنهان ڏند ننڍڙا جئن موتي مڻيادار يار
زبان زيب ڀريل سان ڪيا ڳالهين جا ڳٽڪار يار
سينو سٺو چيلهه سنهڙي هيءَ لڪڻ جيئن لڪدار يار
پرين پير پدمڙا کڻن قدم قربدار يار
خان محمد خداءِ جا اتي شڪر پڙهيا ته هزار يار
هي بدن هو بيمار يار سهڻو ڏسي سرهو ٿيو
هڪ لفظ ”وار“ جون ڌار معنائون
1-
وار- موٽاءِ 2- وارَ- حملا 3- وار- واري سان
4- وارَ- وارَ 5- وارَ- ڏينهن 6- وار- صدقو 7-
سو وارَ- سو دفعا.
|