لطيف، لوڪ ترجمان
پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري
سنڌ ۾، شروعاتي ۽ ابتدائي، علم و فڪر جي روشني جو بنياد ”لوڪ
ادب“ آهي. ”لوڪ“ مان مراد ”عام ماڻهو“ آهي. حقيقت
۾ لوڪ ئي، زندگيءَ جو هڪڙو سمنڊ آهي، جنهن ۾ ماضي،
حال، مستقبل، مطلب ته سڀڪجهه سمايل آهي. لوڪ جي
حالتن جي ترجماني، ڪيترن ئي نمونن سان ٿي سگهي ٿي
۽ ”لوڪ ادب“ جو دامن، نهايت وسيع آهي. جنهن ۾ لوڪ
گيت، مَداحون ۽ مناجاتون، مناقبا، مولود، مناظرا،
ڪافيون، ڏوهيڙا، ڳجهارتون، ڏور، بيت، سينگار جا
بيت، واقعاتي بيت وغيره شامل اهن. انهيءَ کان
علاوه، سنڌيءَ جي ديني ادب جو ابتدائي دور، جنهن ۾
ابوالحسن جي سنڌي، نورنامون ۽ ٻيا الف اشباع جي
قافيي وارا شعر پڻ، سنڌ جي ديني لوڪ ادب جو اهم
حصو آهن. ان ڪري، سنڌ ۾ لوڪ ادب، ديني، معاشرتي،
سماجي، اخلاقي ۽ اصلاحي نڪتئه نظر کان اهم حيثيت
رکي ٿو ته وري ساڳئي وقت سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين، سنڌ
جي روايتن ريتن رسمن ۽ سنڌ سان مختلف دورن ۾ ٿيندڙ
هاڃيڪار حملن جي نشان دهي لوڪ ادب ئي ڪري ٿو.
اِهوئي سبب آهي جو سنڌ جي لوڪ ادب ۾، هتي جي ماڻهن
مداحن ۽ مناجاتن کي اوّليت ڏيئي، خدا تعاليٰ، حضور
عليہ الصلواة والسّلام ۽ سندس اهل بيت اطهار،
اَصحاب ڪرام، بادشاهه پير، ۽ اولياء ڪرام کي
ٻاڏايو آهي. ايترو سارو، علمي ۽ عاجزانه ذخيرو،
هتي جي ماڻهن سان، ناانصافين، بي مروتين ۽ بيجا
روش جي ترجماني ڪري ٿو. جنوبي ايشيا جي معياري ادب
۾. چاهي عربي، فارسي يا اردو هجي، اهڙي قسم جو
مواد ناپيد ۽ اڻ لڀ آهي. مثال طور ميان سرفراز
ڪلهوڙي، قيد جي حالت ۾ (1774ع) نهايت درد انگريز
حالت ۾ مَدح چئي:
بِسم الله، لڳ الله، محمد شاهه، ڪر پَناههِ پرين تون،
مَنجهه درگاهه، ڪيم آهه، مٿي راهه، رسين مون،
ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون.
سومرن ۽ سمن جي دور تي نگاهه وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ جي
شاعرن، جتي جي سورهيه ۽ سخي مردن کي اوّليت ڏني
آهي ۽ صرف اُنهن جي بهادري ۽ سخاوت کي ڳايو آهي.
هن ۾ ڌڻي تعاليٰ جي محبت، حضور اڪرم جن سان سچي
عقيدت، امامن، اصحابن، ولين ۽ ٻين نيڪ ۽ ڀلارن جي
شان جي ساراهه ڪئي آهي؛ جن ۾ سنڌ جا ڀٽ، ڀان ۽
چارڻ شامل آهن.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي تي غور ڪبو ته اهو معلوم
ٿيندو ته، سنڌ جي لوڪ ادب ۾ ”شاهه جو رسالو“
بنيادي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿو؛ جنهن جي شروعات خدا
تعاليٰ جي تعريف سان ٿئي ٿي:
اوّل الله، عَليم، اعليٰ عالَمَ جو ڌني؛
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحد، وحده، رازق، ربّ، رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙَؤن جوڙَ جَهان جِي.
ان کان پوءِ مَدحِ نبي ڪريم ﷺ جن جي شروعات ڪندي شاهه صاحب
فرمائي ٿو:
وحده لا شريڪ لَہ، جڏهن چيو جَنّ،
تَن مَڃيو محمّد ڪارڻي، هيجان ساڻ هِينينّ،
تڏهن منجهان تَنّ، اَوَتَڙ ڪونه اوليو.
شاهه لطيف رحمة الله عليہ، سنڌ جي ”عام ماڻهو“ جي ڳالهه ڪئي آهي
۽ اهوئي ”لوڪ ادب“ آهي. شاهه صاحب، پنهنجي رسالي ۾
جيڪي به لوڪ داستان بيان ڪيا آهن، سي مقامي آهن ۽
اُنهن جو تعلق سر زمين سنڌ سان آهي ۽ شاهه صاحب کي
اهو به معلوم هو ته سنڌ جا ماڻهو، انهن قصن ۽
داستان کان بخوبي واقف آهن؛ ان ڪري؛ پنهنجي رسالي
۾ پورا قصا ۽ داستان بيان نه ڪيا؛ بلڪ صرف سُرن جو
انتخاب ڪيو؛ جيئن ته سُر سسئي، سُر مارئي، سُر
سهڻي، سُر مومل راڻو، سُر ليلا چنيسر وغيره.
شاهه صاحب جي ڪلام ۾، ”عام ماڻهوءَ“ جي پوري ريت ترجماني ٿيل
آهي. لوڪ ڪهاڻيون، تمثيلي طور، ”سُرن“ جي صورت ۾
بيان ڪيل آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌ جي عام ماڻهو، يا مارو
۽ جهانگيئڙن جي خود داري ۽ خود اعتمادي جي ترجماني
ڪندي، ”سُر مارئي“ ۾ فرمائي ٿو:
ننگا آهيون نِڱئا، اسين مارُو ”لوڪ“،
ٿَرَ کي ڀانيون ٿَوڪَ، جو ڍَڪَ ڍاٽَيڙَن جِي.
”لوڪ ادب“ مان ئي، اُتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي؛ سماجي زندگي،
زيب و زينت جو رجحان؛ ۽ عزت و عظمت جي پروڙ پوي
ٿي. ٿر جي ماروئڙين جي زيورن جي حيثيت، عام سنڌ جي
زيورات کان منفرد آهي. ان متعلق شاهه صاحب فرمائي
ٿو:
ڪَرايُن ڪَروڙ جا، چُوڙا ڪوڙا جَنِّ،
سو مَرڪُ مارُوئڙنِ، جِئان ”لوڪ“ لڄ ٿئي.
”لوڪ ادب“ ۾ سنڌ جي سگهڙن، شاعرن ۽ هنر مندن؛ موضوع جي لحاظ کان
نه دنيا جي بي ثباتي، مڪاري ۽ حرفت واري حال جي
حقيقت کي لوڪ داستانن ۾ بيان ڪيُو آهي. انهيءَ ۾
شاهه صاحب جو عارفانه فڪر به شامل آهي؛ جيئن ته
ليلا جو هار تي هرکي وڃڻ، هن لاءِ ارمان ۽ وڇوڙي
جو سبب بنيو؛ جنهن ڏانهن شاهه صاحب اشارو ڪندي،
فرمائي ٿو:
چَنيسَرُ چؤرنگُ، ٻِرنگو لوڪُ ٻيو،
تنهن سين ڇِنِيو سَنڱُ، وَڇيو هارَ هَٿُ ڇُهين!
لوڪ داستانن جي لحاظ کان، تمثيلي طور تي چنيسر ۽ ليلا جو قصو
آهي، پر حقيقت ۾، شاهه صاحب چتاءُ ٿو ڏئي ته؛ اي
انسان! هن جهان جي ڪشش ۾ ٻه رنگ آهن- يعني هن جهان
۾ مڪاري ۽ فريب آهي، اُن ڪري، انهيءَ تي من کي
موهڻ، ناداني آهي. جيڪڏهن ائين ڪندين ته اڳيان
چنيسر به چئن رنگن سان آراسته آهي. ان جي دانائي ۽
چترڪاريءَ، هن ٻِرَنگي لوڪ کان مٿي آهي. مطلب ته،
ڌڻي تعاليٰ، وڏي طاقت جو مالڪ آهي ۽ انهيءَ سان
ناتو ۽ تعلق ٽوڙي، هن جهان جي رنگينيءَ تي ڀُلجي
پَوڻ، نه صرف دانشمندي نه آهي، بلڪ افسوس ۽ ارمان
جو سبب ٿي سگهي ٿو.
سسئي پنهونءَ جو داستان، سنڌ جي لوڪ داستانن ۾ وڏي اهميت رکي
ٿو. سنڌ جي مڙني ناميارن شاعرن، هن قصي کي ڳايو
آهي. هن قصي جو تعلق سنڌ جي قديم شهرن ڀنڀور ۽ ڪيچ
مڪران سان آهي. شاهه صاحب، سسئيءَ جي سڪ، سندس ڏکن
ڏولان، برپٽ جي اڻانگن پنڌن ۽ پيچرن جي احوال ۾
سڄا سارا پنج ”سُر“ الاپيا آهن، جيئن ته: سسئي
آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني.
ڀنڀور، سنڌ جو قديم شهر آهي. سُر حسيني ۾ شاهه صاحب، ڀنڀور کي،
هن جهان سان نسبت ڏيئي، فرمائي ٿو ته:
ڀينر ڀنڀوران، ڀڄو تا اُيهو،
اڳي ان ماڳان، سرتين سور پرايا
ساڳئي، ڀنڀور شهر متعلق شاهه صاحب فرمائي ٿو ته، ڀنڀور جي
رهواسين؛ يعني دنيا وارن ”هوت“ کي نه سڃاتو.
تمثيلي طور ڀنڀور ۽ ”هوت“ جي حقيقت ڏانهن اشارو
آهي ۽ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
ڀُليو سَڀُ ڀَنڀور، جو پُٺيءَ هوت نه هَليو؛
شَهَر سڃاتو ڪِينَ ڪِي، آرياڻي اَتورُ،
ماڻِيو تنين مورُ، ديکيو جنين دل سين.
حضور اڪرم صلعم جن جي سيرت پاڪ تي، جيڪي به ڪتاب لکيل آهن، تن ۾
لکيل آهن، تن ۾ لکيل آهي ته حضور اڪرم صلعم جن جي
اچڻ کان پهرئين؛ ظلمات ۽ انڌيرو ڇانيل هو.
شاهه صاحب به، ساڳي ريت، هن جهان؛ يعني ڀنڀورُ جي بُرائي،
بدنظمي ۽ بي ترتيبي جو ذڪر ڪندي، چئي ٿو ته هن کي
ٺاهڻ، سنوارڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ حضور عليہ الصّلوة
والسّلام جن جي ذات بابرڪات جو هٿ آهي ۽ هو فرمائي
ٿو:
بُروهو ڀَنڀورُ، جو آرياڻيءَ اُجاريو،
لاٿو سڀ ”لاڪ“ تان هاڙهي ڌڻيءَ هورُ،
ڇُوريون ڇُرڻ سِکيون، پُنهون ڪيائون پورُ،
آيو سو اَتورُ، جنهن ڏُکيون ڏِک وِهارِيُون.
سنڌ جي ”لوڪ ادب“ ۾ واقعاتي بيت؛ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم حصو
آهن ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران، لوڪ ادب تي جيڪو ڪم
ٿيو آهي؛ اُنهن ۾ ”واقعاتي بيتن“ تي مشتمل پورو
ڪتاب شايع ٿي چڪو آهي. نه صرف ايترو بلڪ ”لوڪ ادب“
جي سلسلي ۾، سنڌي ادبي بورڊ نمايان خدمت انجام ڏني
آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده قيادت جو علم و
ادب؛ شعر و شاعري؛ علم و عرفان ۽ ”لوڪ ادب“ سان ته
خصوصي دلچسپي ۽ توجه پئي رهيو آهي. حضرت مخدوم
محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب، پاڻ جڏهن به سنڌي
ادبي بورڊ جا چيئرمين رهيا آهن ته: ”لوڪ ادب“ جي
سلسلي ۾ زياده ۾ زياده دلچسپي ورتي اٿن؛ خصوصاً
سندن تحقيقي ڪتاب ”ڪافي“؛ جيڪا ”لوڪ ادب“ جي اهم ۽
بنيادي صنف آهي؛ ان تي محنت ۽ جاکوڙ ڪري؛ جيڪو
مواد پيش ڪيو اٿن؛ سو بي مثال آهي. تازو سندن،
”تحقيقات سنڌي لغات“ پڻ لوڪ ادب جي ڪتابن پڙهڻ ۽
سمجهڻ لاءِ هڪ تحقيقي ڪارنامون آهي ۽ اڄ تائين
اسان جي ڪنهن به محقق جو توجه انهيءَ طرف نه ويو.
ليڪن جناب ”طالب الموليٰ“ صاحب ڪيترا سال محنت
ڪري؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ نهايت اهم ”لغت“ جو اضافو ڪيو.
”لوڪ ادب“ جي سلسلي ۾ سنڌ جي محقق ۽ مؤرخ جناب ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جون خدمتون به پنهنجي جاءِ تي منفرد ۽
روشن آهن ۽ خداوند تعاليٰ کان دعا آهي ته؛ هو
صاحب، پنهنجي لاتعداد علمي و ادبي ۽ تحقيقي
صلاحيتن سان سنڌ جي ”لوڪ ادب“ جي اڃا به وڌ ۾ وڌ
خدمت ڪندو رهي.
واقعاتي بيتن جي سلسلي ۾ آخر ۾ هڪ بيت شاهه لطيف رحمة الله عليہ
جو پيش ڪريان ٿو؛ جنهن ۾ شاهه صاحب، سُر سهڻي
ميهار ۾ عاشق جي زباني، سنڌ تي ڌارين جي حملن ۽
ڦُرلٽ جي دانهن ڪري ٿو ۽ اهو تمثيلي طور پيش ڪيل
آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو:
ڪَنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سُهڻي؟ ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياه! توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي.
لوڪ ادب ۽ حمل فقير
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
سونهاري سنڌ جتي جوڌن ۽ جوانن، اوليائن ۽ درويشن، عالمن ۽ اديبن
کي جنم ڏنو، اتي انهيءَ مٽيءَ مان صوفي بزرگن حق
جو هوڪو ڏيندڙ شاعرن کي پنهنجي ڪُک مان پيدا ڪيو،
دنيا جي هر ملڪ پنهنجي قومي، عوامي شاعرن تي فخر
ڪيو آهي. اتي سنڌ کي لطيف، سچل ۽ حمل فقير، سامي ۽
شاهه ڪريم تي ناز آهي ته ان سان گڏ روحل فقير تي
به فخر ڪيو آهي، شاعر، اديب، ۽ پيغمبر وقت جي
ضرورت تحت قدرت جي طرفان پيدا ٿيندا آهن، جيڪي حق
۽ سچ جو سڏ ڏيندا آهن.
حمل فقير به وقت جي پڪار آهي، هي ماحول جو فنڪار آهي. جنهن
حقيقت جو روپ وٺي بي باڪ ٿي نروار ٿيو، حمل فقير
ڳُجهه ڳوه جون ڳالهيون نه ڪيون، مخفي رمزون نه
رکيون، اونها ۽ گهرا مفهوم ۽ مونجهارا ڪونه ڇڏيا-
هن ظاهر ٿي حقيقت جي لفظن کي موتين جي مالها ٺاهي
پيش ڪيو، سنڌ کي عام طور، نوابشاهه ضلعي کي خاص
طور هن سچي شاعر تي ناز آهي.
حمل فقير علم جو ڄاڻو ۽ عالم هو. هن هڪ استاد وانگر مڪتب ۾
پڙهايو، جتي جي پالوٽ ڪئي، پاڻ ديني علم جا ڄاڻو
هئا، ته ظاهري علم جا پارکو. هن پنهنجي شاعري ۾
نئين جدت ۽ نواڻ آندي، الڳ واٽ ٺاهي، اڳين جي
شاعري جو مطالعو ڪيو. ۽ ايندڙ شاعرن جي رهبري ڪئي،
شاعري ۾ لفظن جو سٽاءُ، محاورا، بيشڪ متاثر ڪندڙ
آهن، هن جي شاعري ۾ سڀ صنفون موجود آهن، خاص طور،
ڪافيون، غزل، بيت، معجزا، مداحون، مناقبه، سه
حرفيون ۽ هنر وغيره. حمل فقير پنهنجي زندگي ۾ شهرت
حاصل ڪئي، سنڌ جي وستي، وستي ۾ سندس بيت ڳايا
ويندا آهن. سنڌ جو سيلاني ٿي، ماحول جو اڀياس
ڪيائين، اميرن، نوابن، اوليائين ۽ بزرگن سان محبت
ڪئي، ته سنڌ جي غريب ماروئڙن سان به نيهه جا ناتا
جوڙيائين، کيس حقيقي سڪون ڪکائن جهوپڙين ۾ رهندڙ
ماروئڙن سان ڪچهري ۽ مجلس ڪري ملندو هو، وقت جي
حاڪمن ۽ سردارن سان دوستي جا پيچ ضرور هئس. مگر
ڪڏهن به انهن جي ثنا ۽ ساراهه جا ٻول نه ٻوليائين.
حمل فقير جي وقت ۾ ٽي ٻوليون عام هيون، فارسي جيڪا سرڪاري ٻولي
هئي، سنڌي جيڪا عوامي ٻولي هئي ۽ سرائڪي جيڪا هن
جي مادري زبان هئي. هن ٽنهي ٻولين ۾ شاعري ڪئي.
سندس شاعري جو بياض اڌ سنڌي ۽ اڌ سرائڪي ۾ آهي،
شاعري قدرتي ڏات آهي، جيڪا وقت جي پڪار سان گڏ
نروار ٿيندي آهي. جيڪا شاعري عام مروج ماحول ۾
ڳائي ۽ پسند ڪئي وڃي ٿي. سا حقيقي ۽ عوامي شاعري
آهي، حمل فقير پنهنجي شاعري ۾ مذهبي رنگ، جنهن ۾
مالڪ سان گڏ حضور جن، سندن ياران من، ۽ مرشد جي
شان ۾ عقيدت جي اظهار، خلوص ۽ سچائي سان ڪيو آهي.
پاڻ شاعري ۾ سسئي، سهڻي، مارئي، مومل، هير کي به
ڳايو اٿس، جيڪي هر ڪنهن شاعري جا اَڻ مِٽ عنوان
آهن، ساڳي وقت حمل فقير سماجي ماحول کي به چٽيو
آهي ته عشق مجازي کي به ظاهر ظهور ڪري بيهاريو
آهي. پنهنجي محبوب جي حسن جي ساراهه ۾ حد ڪري ڇڏي
آهي، جنهن جون چند سٽون عرض آهن:
منهن مسجد، محراب ڀرون وچ، نين ڏوئي وُن ٻلدي
سهي ڪيوُسي سجدا تنهن وچ، اصلؤن روز ازل دي
محبت ڏينهن ميثاق لڳي، هنئون عاشق نه اڄ ڪلهه دي
”حمل“ هر هڪ دم جو ساڏا، قاصد هِن پَل پَل دي
حمل فقير محبوب جي سونهن جي ساراهه هرهڪ نقش جي ڪئي آهي، محبوب
جون اکيون، نڪ، ڀرون، وار، ڏند، هلڻ کلڻ، بيهڻ،
سمهڻ وغيره، جيئن هڪ فنڪار چٽسالي ڪري پنهنجي
ٺاهيل شي کي خوبصورت ڪندو آهي، اهڙو حال حمل فقير
جو آهي، حمل فقير زندگي جو، جوڀن به ڏٺو، مستي جو
خمار به ڏٺو، جڏهن پيري طرف قدم وڌيا ته پنهنجي
جواني ڏي نهاري، پيريءَ بابت سچ ۽ حقيقت هن طرح
چوي ٿو:
هائي وي جوڀن جاڙ ڪتوئي، ڇورا ڪر تِين ڇوڙ ڳيون،
ڄاتم ڄلسين توڙ تاڻي، پريار! ياراني ٽور ڳيون،
لوه ڪنون لڱ ڏاڍي، سي ڪر هيڻي هڏ اکوڙ ڳيون،
آخري بند آهي ته:
ڪهند نال وفا نه ڪيتئي، ڪُل ڪون نيٺ نهوڙ ڳيون
حمل داوَل حال نه پڇيئي، مهر مٺا منهن موڙڳيون
زندگي جو حقيقي نَقشو، ان جي شروعات ۽ پڄاڻي، ڪهڙي نه سهڻي
نموني سان ڪئي آهي. مان ٽيون درجو پرائمري پڙهندو
هوس 1953ع جي ڳالهه آهي. هڪ پوڙهو بيت ٻڌائيندو هو
جنهن کي لکي مون ياد ڪيو ۽ اڄ به ياد اٿم مگر هي
بيت حمل جي رسالي ۾ نه آهي.
ميلي جي ملاکڙي ۾ ملهه جو نقشو هي آهي:
هٽ ويو لوڪو، ميلا لڳدي ٿيندي ملهه وڙهائي.
وٽ وٽ چادر چيلهه ڏيندا، ڪردا پيٽ ٻڌائي.
ٻڌ لنگوٽا، لاهن لٽا، وڍن جان سڙائي.
سينا ڏيندن سيني نال، تي ڪجهه وچ ٻانهن لنگهائي.
هٿ نه پوندي سندلي ڪون، وچ ٻنهن هٿ گهتائي.
گوڏا اکوڙ ته لوڏا اڏي، پير انڊي نال اڙائي.
ڇڪن تاڙن خوف ڪنون، لڳدي وس نه ڪائي.
دل اپني وچ منت باس، مسين ڄنگهه ڇڙائي.
بُلان کاون ڪڪڙان وانگو، مسين جان بچائي.
مارين ڍاڪ ته ڏُتسين، لوڏا- قدرت هڪ ڪرائي.
هڪ ٽپا کاوَل پيسا مگدي- ٻئي ڪون مار مجهائي
جلد قدما پاڻي آڻو، ڏند پيا سيڪڙائي.
لٿا سج نه چٽا ميلا، قدرت سِرَ بچائي.
واه وي دلبر ملهه ڪيتي، تون سڄي خلق کلائي.
”حمل“ آکي سڻو وي لوڪو، ڏيکو رنگ خدائي.
سنڌي لوڪ ادب جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق
هدايت پريم
ادب توڻي لوڪ ادب جو ٻوليءَ سان تعلق اهڙو آهي، جهڙو چولي جو
دامن سان. سنڌي لوڪ ادب پنهنجي معيار ۽ مقدار ۾
بيمثال آهي. ٻوليءَ جي اڀياس جي تاريخ تمام پراڻي
آهي، بلڪ ان جو مثال قبل مسيح ۾ ننڍي کنڊ ۾ ڪيل
پاڻنيءَ جي رچنا ”اشٺ اڌيائي“ سنسڪرت گرامر آهي.
لوڪ ادب جي سرجڻ جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي،
جيتري ٻوليءَ جي تاريخ. پر لوڪ ادب کي سهيڙڻ سموهڻ
۽ قلمبند ڪرڻ ۽ ان جي سائنسي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو چند
صديون اڳ ٿيو آهي. ٻوليءَ جي سائنس يعني لسانيات
جو واسطو صرف نحو، معنيات، صوتيات سان آهي، پر ان
جو واسطو آرڪيالاجي، انٿراپالاجي، فلسفه، نفسيات،
ادب ۽ لوڪ ادب سان به آهي.
لوڪ ادب جو لساني جائزو، لوڪ ادب جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو
واڌارو سڌارو، لغت ۾ اضافو ۽ ٻوليءَ جي رنگينين جو
اڀياس ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. سنڌي لوڪ
ادب جو مطالعو ٻين ڪيترن ئي زاوين کان بخوبي ڪيو
ويو آهي. لسانياتي طور ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي صاحب
”سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج“ مقالي ۾ لوڪ ادب جي
سماجي ڪارج جي حوالي سان، سنڌي ٻوليءَ جي تعلق تي
ڪجهه روشني وڌي آهي، جيڪو هڪ تحسين لائق ڪم آهي.
سنڌي لوڪ ادب جو وڏي ۾ وڏو مبلغ ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي.
لوڪ ادب جو مان مٿاهون ڪرڻ جو سهرو سندس سر تي ٿو
سونهي. ڊاڪٽر بلوچ کان علاوه به ڪن عالمن لوڪ ادب
جي باري ۾ پنهنجا زرين خيال پيش ڪيا آهن. جيرامداس
دولترام، نارائڻ ڀارتيءَ جي ڪتاب ”لوڪ ڪهاڻيون“ جي
مهاڳ ۾ لکي ٿو:
لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ چوڻيون سڀ ڪنهن ٻوليءَ جي ساهت جو
بي بها خزانو آهن. لوڪ ادب جي تخليق به جهجهي ٿي
آهي. اهو ادب اڪثر ريت ڇپيو نه ويو آهي ته به سچو
ساهت آهي. اڃا گهڻو تڻو وات وهيڻو آهي. ڪاغذ ۽ قلم
سندس واهر نه بڻيا آهن پر هاڻي دنيا جي سڀني ملڪن
۾ لوڪ ساهت جو قدر وڌندڙ آهي ۽ لوڪ ساهت جا ڳڻ
ڳاڻاٽي ۾ اچڻ لڳا آهن. هرهنڌ لوڪ ساهت قلمبند
ٿيندو ٿو وڃي ۽ پنهنجي حقي پدوي پائيندو ٿو
وڃي.(1)
لوڪ ادب جو سرچشمو عوام آهي، جنهن جا سينا املهه ۽ الڀ خزانن جا
امين آهن. عوام جي زندگي سادي تنهنڪري ٻول به
سادا، عوام جو ماحول سادو تنهنڪري سندن خيال به
سادا پر انهن سان ٻولي ۽ خيالن ۾ جا بلندي رهي ٿي
سا سندن سياڻپ جو قوي دليل آهي. جيڪي به ٻول
ٻوليندا، سو چٻي چٿي، ويچاري، ڳڻي پهي ۽ ٽلي سلي
جنهن ۾ سندن روشن خيالي ۽ قوت مشاهده عالي ٻئي
للڪاريندي. اهي پٺيءَ اگهاڙا پيرين پيادا، کُڙيءَ
کِهه لڳل، ليڙن ليٽيل سادي قوت قرارا، جڏهن به
صدري خزاني وارا موتي هاريندا تڏهن ٻڌندڙن دنگ
رهجي ويندا ته سادي سيني مان ڪهڙا نه ملهه مهانگا
موتي ملن ٿا. هرهڪ ملڪ جي ادب جو سينگار اهي ئي
لوڪ ادب جا ماڻڪ موتي لعل آهن. (2)
”هو جمالو“ ڪتاب ۾ نرائڻ ڀارتي لکي ٿو ته لوڪ ادب، ادب کان وڌيڪ
آڳاٽو آهي، بلڪ الفابيٽ ٺهڻ کان به اڳ جو آهي.
ساڳي وقت لوڪ ادب جي دنيا شهري چمڪ ڌمڪ کان ڪافي
دور آهي. هميشہ کان لهرائيندڙ کيت، ڪوئل جو راڳ ۽
وسڻ کان اڳ بادلن جو گرجڻ اڄ تائين انسان جي دل من
لاءِ راحت جو باعث آهي.(3)
نارائڻ ڀارتيءَ جي خيال موجب لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ
ٽئي اهم صنفون آهن. هو لکي ٿو:
نرتيه، گيت، ۽ ڪهاڻي، لوڪ جيون جي ٽمورتي آهي. اها ٽمورتي پراڻي
هوندي به نئين آهي. نرتيه، گيت ۽ ڪهاڻي عوامي ادب
جو نه فقط روح آهي پر سندس زبان ۽ دل پڻ آهن. آتما
جا واڪ ۽ من آهن. لوڪ ڪٿائون جدا جدا روپن ۾ لوڪ
جيون جا ڇاپا آهن، نقش آهن. شروع واري زماني کان
وٺي اهي اسان سان گڏ آهن، اسان جي سک دک، پريت،
وير ورورَ انهن سڀني گڏجي لوڪ ڪٿائن جو پس منظر
ٺاهيو آهي. رهڻ ڪرڻ ريت رواج، ڌرمي وشواس ۽ پوڄا
پاٺ، انهن سڀني مان ئي لوڪ ڪٿا جو ٺاٺ ٺهي ٿو. (4)
لوڪ ادب لغت ٺاهڻ، لفظن جي معنائن ڳولهن جو هڪ بهترين ذريعو
آهي. لوڪ ادب جي مختلف صنفن ۾ هرقسم جا لفظ ملي
سگهندا. لفظن جون قديم صورتون، صرفي توڻي نحوي
نباوتن جو پتو بخوبي پوي ٿو. لوڪ ادب جي اهم صنف
ڳجهارت وسيلي سنڌ جي سڀيتا جي سڀني اهڃاڻن جهڙو
ٻولي، اکر ڀنڊار، واقعن، قصن، سورمن، سورمين،
ڌنڌن، ليکن، پوکن، پکين، ڪپڙن، نالن، ماڳن، مڪانن،
گاهن هٿيارن پنهوارن، رڇن، وکرن، لوهن، ڪانن جو سڀ
پاسائون چِٽُ اسان آڏو اجاگر ٿيندو ٿو وڃي. (5)
صرف ڳجهارت ئي نه پر لوڪ ادب جون سموريون صنفون ڏکين لفظن جو
مطلب سمجهائڻ ۾ ڪارگر آهن. ڏور هنر، ڳجهارت، معنيٰ
ئي معنيٰ، لغت آهن. ڏور به معنيٰ ۽ تاريخ، لِڪ ۽
رمز، ڳجهارت به وندر عقل هوش ۽ ڏاهپ، هنر هڪ لفظ
جون گهڻيون معنائون ۽ گهڻين معنائن وارو هڪ لفظ-
هنر ڏور ڳجهارت سڀ ٻوليءَ جي سونهن ۽ ساه جا ساکي
آهن. پر سڄي ڳجهارت آهي ٻولي جو سفر (6)
لغت جي ترتيب ڏيڻ ۾ لوڪ ادب ڪهڙي ريت مددگار ثابت ٿيو آهي. تنهن
تي روشني وجهندي ڊاڪٽر ٻوهئي چيو آهي: اسان جي
سماج جي اندر ۾ درياه شاه وهندي ماڻهوءَ ماڻهوءَ
کي ڍائيندي، آباد ۽ سکيو رکندي اسان جي ٻولي هلندي
ويندي تان جو محبتن ۽ ميلاپن، ڏوراپن ۽ ويڻن، مهڻن
۽ مهميزن، رمزن ۽ رازن، ڏاهپ ۽ عقلن، طعنن ۽ ٽوڪن،
حرفن ۽ حيفن، حقيقتن ۽ حڪمتن جا گفتا ٺهي ٺهي
ٻوليءَ کي اٿاهه ۽ عميق سمنڊ جهڙو ڪري ڇڏيندا آهن.
(7)
لوڪ ادب کي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لغت جي اڻ کٽ کاڻ ڪري چيو
آهي، ڇو ته لوڪ ادب عوام جو بهترين ترجمان آهي
عوام جي ڳڻ ڳوت جو آئينو آهي، جنهن جا نمائندا
عوام جا شاعر آهن. مطلب ته لوڪ ادب ۾ اڳين جي
امانت سمايل آهي، جنهن ۾ اصليت ۽ صداقت آهي. جنهن
کي ٻڌڻ سان دل کي راحت ۽ طبع کي فرحت اچيو وڃي.
(8)
ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو لغوي وسيلو هر حالت ۾ لوڪ ادب ٿئي ٿو. هي
ڳالهه دنيا جي سڀني ٻولين سان واسطو رکي ٿي، جن کي
پنهنجو لوڪ ادب آهي. اسان جو لوڪ ادب ته آهي ئي
تمام شاهوڪار. (9)
لوڪ ادب ذريعي ٻوليءَ جي خزاني کي محفوظ رکي سگهجي ٿو. اهڙي طرح
لوڪ ادب کي ٻوليءَ جي حفاظت جو ضامن قرار ڏئي
سگهجي ٿو. وقت جي وهڪري سان گڏ ٻولين ۾ صوتي،
صوتياتي، حرفياتي، تبديليون واقع ٿين ٿيون. اهي
تبديلون ڪڏهن ڪڏهن تڪڙيون به واقع ٿين ٿيون ۽
ٻولين ۾ بگاڙي جو سبب بڻجن ٿيون. ڪن مشهور ٻولين
جهڙوڪ سنسڪرت، عربي ۽ عبراني وغيره ٻولين جي
اصلوڪي ۽ محفوظ حالت ۾ رهڻ لاءِ جيڪي شعوري ڪوششون
ودوانن، عالمن ۽ اسڪالرن ورتيون آهن تن لسانيات جي
اصولن تي ٻولين جي صوتي، صوتياتي سرشتي کي صحيح
طور بيان ڪري قلمبند ڪيو. اهڙي طرح ويدڪ سنسڪرت
هندستان ۾ پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ پڙهي ۽ سمجهي وڃي
ٿي. ۽ قرانڪ عربي قارين حافظن ۽ ٻين ديني عالمن وٽ
بلڪل درست ۽ پنهنجن اصلوڪن آوازن سان پڙهي وڃي ٿي.
جڏهن ته ٻيون ڪيتريون ٻوليون پنهنجي اصليت قائم
رکي نه سگهيون. ايتري حد تائين جو ڪن حالتن ۾ ڪنهن
ڌاري لساني قومن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ۽ اثرات قبول
ڪندي ڪا ٻولي مڪمل طور ٻي ٻولي بڻجي وئي آهي. اهڙو
مثال آفريڪان ٻوليءَ جو آهي جيڪا ڊچ اصل نسل جي
آهي (10)
لوڪ ادب جي صدري روايتن يعني سينه به سينه، لوڪ ڪهاڻيون،
ڪٿائون، داستان نثري توڙي نظمي هڪ نسل کان ٻي نسل
تائين ڪنهن حد تائين بوبهو منتقل ٿيندا آيا. اهڙي
طرح سنڌي لوڪ ادب جي ڪري هزارها ورهين جي تاريخ ۾
سنڌي ٻولي لساني تبديلين جو موتمام شڪار نه ٿي
آهي، پر ان ۾ تبديلين جر رفتار بيحد سست رهي آهي.
ان جو سبب لوڪ ادب اڪثر صنفن ۾ دهر يعني
Repetition
به آهي. دهر جي ان عمل جي باري ۾ ”لوڪ ادب جي
ارتقائي تاريخ،“ ڪتاب ۾ الهه بخش نظاماڻيءَ لکيو
آهي:
لوڪ شاعريءَ جي ڪيترين صنفن ۾ ”دهر“ يعني دهرائڻ تمام گهڻو
هوندو آهي، مثلاً لوڪ ڳيچ، مورو، ڇلو، هو جمالو
وغيره. گيتن ۾ چند ماترائن تي مشتمل هڪ مصرع هوندي
آهي، هر مصرع بعد وراڻي چئي ويندي آهي. انهيءَ
لاءِ ته سندس نغمگي قائم رهي ۽ سنگيت جي سرن تي
پوري اچي ۽ منجهس سر ۽ لئي جا سڀ تار سمائي سگهجن.
دهر ۾ هن ڳالهه جو خيال رکيو ٿو وڃي ته جيئن
انهيءَ جي ورجائڻ سان ٻڌندڙ هروڀرو بيزار يا ڪڪ نه
ٿين. لوڪ گيتن ۾ دهر ان ڪري ٿو ملي جو لوڪ گيت
گهڻو ڪري فقط زباني روايتن ڪري زنده آهي. وري وري
دهرائڻ وارو عنصر اهڙي خوبي آهي جنهن جي بدولت
انهي لوڪ گيت کي ياد ڪرڻ ۾ نهايت ئي آساني ٿئي
ٿي.(11)
ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي ته ائين به چئي ڏنو آهي ته سنڌي لوڪ ادب
سنڌي ٻولي جي ئي نه، پر اسان جي ڪلچر جي حفاظت جو
ڪم ڪيو آهي. اسان جي قومي، وطني، سماجي حيثيت کي
برقرار رکڻ جو ڪم ڪيو آهي. (12)
لوڪ ادب ٻوليءَ جي قدامت ۽ تاريخ تي ڀرپور روشني وجهي ٿو. سنڌي
ٻوليءَ جي قدامت ۽ اصليت جي باري ۾ مختلف عالمن جي
راين ۾ ڪجهه اختلاف آهن. سنڌو ماٿر جي سڀيتا وارن
کنڊرن مان مليل مهرون ۽ ان تي اڪريل اکر سنڌ جي
قديم ترين لکيت آهي. سنڌ و لکيت کي پڙهڻ وارين
ڪوشش جو به ڪو خاطر خواه نتيجو سامهون نه آيو آهي.
تنهنڪري آثار قديمه جون شاهديون سنڌي ٻوليءَ جي
قدامت ۽ اصليت ڳولهي لهڻ ۾ ناڪافي سمجهيون وڃن
ٿيون. تنهن ڪري به لوڪ ادب مان ملندڙ سنڌي ٻوليءَ
جا آڳاٽا نمونا هن ڏس ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ٻوليءَ
جي تاريخ اصل ۾ ٻوليءَ ۾ آيل مختلف دورن ۾ مختلف
لساني تبديلين جو اڀياس آهي. ٻوليءَ جي مختلف
ارتقائي مرحلن جو اڀياس به ٻوليءَ جي تاريخ نويس
جو فرض آهي. ٻوليءَ جي تاريخ لکڻ لاءِ سنڌي لوڪ
ادب ڏانهن ئي واجهائڻو پوندو. ان سلسلي ۾ ٻه
ڳالهيون بيحد اهم آهن. پهرين ماڻهن ۽ ماڳن مڪانن
جي نالن جو لساني جائزو وٺڻ ۽ ٻي ڳجهارتن، پهاڪن،
پرولين ۾ ڪم آيل سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٻين
ٻولين سان تعلق جو اڀياس ڪرڻ.
نالن جي ٻوليائي اهميت تي روشني وجهندي ڊاڪٽر ٻوهئي جو چوڻ آهي
ته نالا شين جي بنيادي تصور سان تعلق رکن ٿا. ان
ڪري انهن جي بقا ۽ جٽاءَ جو تعلق به شين جي وجود ۽
جٽاءَ سان آهي. ماڻهن جا نالا هڪ اهڙي روايت سان
تعلق رکن ٿا جنهن مطابق اڳين جا نانءَ پوين تي
رکيا ويندا آهن. هيءَ روايت سنڌي سماج ۾ بنيادي
روايتن مان هڪ آهي. ان ڪري ان جي بقا لازمي آهي.
نالا ٻوليءَ جي ويا ڪرڻي صورتن ۾ به ڪافي حد تائين
ساڳيا رهن ٿا. نالا ڪلچر جو اهڃاڻ ڏين ٿا ۽ ڪلچر
ٻوليءَ جو سڀ کان پراڻو بنياد آهي. تاريخي اعتبار
کان نالا واقعن کان مختلف آهن ڇو ته واقعو پنهنجي
وجود لاءِ لکڻ واري جي بيان، تحرير جي صلاحيت قوت
۽ سچائيءَ جو محتاج آهي. پر نالو اهڙي ڪنهن به
شيءِ جو محتاج نه آهي. ان ڪري نالا تاريخ جي هٿ
چراند کان محفوظ رهيا آهن. (13)
محاورا، پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح ٻوليءَ جي تاريخ بيان ڪرڻ جي
سگهه رکن ٿا. انهن جي لساني جائزي مان هو پتو
پوندو ته سنڌي ٻوليءَ جو رشتو ناتو، لڳ لاڳاپا
ڪهڙين ڪهڙي ٻولين سان رهيا آهن ۽ ڪهڙن دورن ۾ ڪهڙا
ڪهڙا اثرات مرتب ٿيا آهن. سنڌيءَ جي ڪجهه پهاڪن،
ٻين ٻولين جي ساڳي مطلب وارن پهاڪن جا ڪجهه مثال
پيش ڪجن ٿا.
1- هندي - بڙا ڪهاون، بڙا دک پاون
سنڌي - جيڏا اٺ تيڏا لوڏا
2- سنسڪرت - يٿا ديوا تٿا ڀڪتا
سنڌي - جهڙو راجا تهڙي پرجا
3- انگريزي -
Grapes Sour
سنڌي - گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿو کٽا
4- فارسي - پرا گفده روزي پرا گده دل
سنڌي - بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري.
5- عربي - التعجيل فعل الشيطان
سنڌي تڪڙ ڪم شيطان جو
ڪيترا سنڌي اصطلاح به فارسي اصطلاحن وانگر هڪجهڙا ملن ٿا. مثال
طور:
از ريگ روغن ڪشيدن - ٻٻر کان ٻير گهرڻ
انگشت بدندان - ڏندين آکريون ڏيڻ
انگشت نهادن - آڱريون کڻڻ
داندان نمودن - ڏند ڏيکارڻ
دست پيش داشتن - هٿ ٽنگڻ
دست وپازدن - هٿ پير هڻڻ
دل دادن - دل ڏيڻ
چشم دوچار شدن - اکيون چار ٿيڻ
چشم رسيدن - نظر لڳڻ
ڪمر بستن - سندرو ٻڌڻ
پهاڪا ۽ چوڻيون، هم معنيٰ ۽ هم مفهوم وارا به موجود اهن. ڪي ته
اصل صورت ۾ به آهن:
آهِه غريبان قهر خدائي
مفت راچه بايد گفت
ٻيا هڪجهڙا پهاڪا هي آهن. تاريخي ثبوت موجود ڪونه
آهي ته اُهي فارسيءَ مان ترجمو ٿيا يا سنڌي پهاڪا
نسبتاً پراڻا ۽ فارسيءَ سنڌيءَ کان ورتا آهن. (15)
1- آئينه داري در مجلس ڪوران - رڍن اڳيان رباب
2- آمد براي اخگرچون مطبغ نشست - آئي ٽانڊو کڻڻ ٿي
ويٺي بورچياڻي
3- برزبان تسبيح در دل گائو وخر - اندر ڪارو ڪانُ ٻاهر
ٻولي هنج جي.
4- ديوار هم گوش دارد - ڀتين کي به ڪن
اهن
5- دو برادر سويم حساب - ٻه ڀائر ٽيون
ليکو
سنڌي لوڪ ادب مهراڻ جي موجن جيان صدين کان سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجا
جلوا پسائيندو رهي ٿو. سنڌي ٻار ڄمڻ سان ماءُ جي
مٺي لولي سندن ڪنن ۾ رس ڀري ٿي. حياتيءَ جي هر
ڏاڪي تي لاڏن، ڳيچن، سهرن سان زندگيءَ جا سمورا
رنگ سمايل رهن ٿا. اهي سمورا رنگ لوڪ ادب جي انڊلٺ
مان ڦٽل رنگين ڪرڻن جيان آهن. جيسين سنڌي مائرون
ٻارڙن کي لوليون ڏينديون، شادي مُراديءَ تي سهرا ۽
ڳيچ ڳائبا رهبا، سنڌ جي رهواسين جا سنڌ لوڪ ادب
سان ازل کان جڙيل ناتا اڃا به وڌيڪ تازه توانا ۽
سگهارا ٿيندا رهندا ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي پيار
۽ الفت جو ثبوت ڏيندا رهندا.
حوالا
جيرامداس دولترام- نارائڻ ڀارتيءَ جي ڪتاب ”لوڪ ڪهاڻيون“ جو
مهاڳ
عبدالڪريم سنديلو- لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو ص 1
نارائڻ ڀارتي- هو جمالو ص 17
نارائڻ ڀارتي لوڪ گيت ص 10
سحر امداد مقالو ڳجهارت ڳجهڙي- ڪينجهر 3
الهداد ٻوهيو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص 135
الهداد ٻوهيو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص 136
عبدالڪريم سنديلو- لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو ص 5
الهداد ٻوهيو- سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص 179
علي نواز جتوئي علم لسان ۽ سنڌي زبان ص 162
الهه بخش نظاماڻي- سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ ص 23
الهداد ٻوهيو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص 133
الهداد ٻوهيو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص 103-104
الهه بخش نظاماڻي- سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي شاعريءَ تي فارسي
شاعريءَ جو اثر ص 48 |